Sunday, February 06, 2011

ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو - الطاف شيخ

ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو
الطاف شيخ
سامونڊي زندگيءَ يعني جهاز هلائڻ واري نوڪريءَ ۾ جتي تڪليف، سختي ۽ خطرو آهي، اتي مزو، رومانس ۽ Thrill پڻ آهي. شايد ڪيترائي جهازي (Seafarers) هميشه لاءِ جهاز تي ئي رهڻ پسند ڪن، پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ سندن پڙهائي جي ڪري، کين جهاز ڇڏي ڪناري جي نوڪري ڳولڻي پوي ٿي. پوءِ ڪناري جي نوڪري (Shore Job) جتي سامونڊي نوڪريءَ کان سولي ۽ سڪون واري آهي، اتي پگهار پڻ گهٽ ٿئي ٿي. 1971ع ۾ منهنجي شادي ٿي. ڏهه سال کن منهنجي فيملي، مون سان گڏ، مختلف جهازن تي سفر ڪندي رهي. جهاز ڇڏڻ تي، نه منهنجي دل ۽ نه منهنجي زال جي دل ٿي چيو. منهنجي دل، ان ڪري نه پئي چيو جو؛ مختلف جهازن تي رهي رهي، سندن انجڻين کان اهڙي واقفيت/ مانوسيت ٿي وئي هئي، جو انھيءَ نوڪريءَ ۾ مون کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه پئي محسوس ٿي. جهاز هلائڻ واري نوڪريءَ ۾، جتي ڪڏهن ڪڏهن طوفانن ۽ خراب سمنڊن ڪري اوجاڳا ڪرڻا پيا ٿي، اتي بيحد سانت ۽ سڪون جا ڏينهن به مليا ٿي. جهاز جي چيف انجنيئر جي حيثيت سان، ايترو اعتماد ٿي ويو هو جو، جهاز جي انجڻ ۾ کڻي ڇا به خرابي ٿئي، ان کي صحيح ڪري جهاز کي ويجهي بندرگاهه تائين پهچائي سگهڻ جي سگهه ساريم ٿي. سامونڊي نوڪريءَ ۾ آفيس واري کـِـٽِ کـِـٽِ به نٿي ٿئي. هيءَ اها نوڪري آهي، جنهن ۾ توهان جو باس، جهاز جو مالڪ يا شپنگ ڪمپنيءَ جو چيئرمين، توهان کان هزارين ميل پري ويٺل رهي ٿو. جهاز تي سفر ڪندڙ، جهاز هلائيندڙن جون زالون، ان ڪري خوش رهن ٿيون جو جهاز تي کين هر شيءِ ٺهيل ٺڪيل ملي ٿي. جهاز تي کين نه رڌ پچاءُ ڪرڻو پوي ٿو ۽ نه ٻهاري پوچو. هر چوٿين پنجين ڏينهن، دريءَ جو پڙدو هٽائڻ سان، کين نئون بندرگاهه نظر اچي ٿو. ڪڏهن ممبئي، ڪولمبو، سنگاپور ته ڪڏهن هانگ ڪانگ، منيلا، ٽوڪيو. ڪنهن بندر گاهه ۾، جيڪڏھن جهاز جي مرمت هلي ٿي، ته ان ڪم لاءِ به اسان کي ڊوڙڻو پوي ٿو. هو ته صبح شام جهاز تان لهي، شهر گهمي سگهن ٿيون. بهرحال ٻارن جي پڙهائيءَ خاطر، اسان کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. هونءَ به هاڻ گهڻو ئي جهاز هلايوسين!

پهرين نوڪري ڪويت ۾ ملي. اتي جي بندرگاهه جي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون کي رکيو ويو. منهنجو ڪم بندرگاهه ۾ هلندڙ لانچن ۽ ٽگ بوٽن (Tug Boats) تي نظر رکڻ هئو. ساڳيو پاڻيءَ جي جهازن جي انجڻين وارو ئي ڪم هو. انهيءَ دوران منهنجي پراڻي ڪمپنيءَ، ڪجهه نوان جهاز ورتا. جهاز هلائڻ وارن جي کوٽ هئي، سو مون کي گهرايو ويو. سال ڏيڍ لاءِ وري جهاز هلائڻو پئجي ويو. ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ هليو آيس، جتي هنن، پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جي تعليم و تربيت ڏيڻ لاءِ، اڪيڊمي کولي هئي. مون کي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. ضرورت موجب مختلف ملڪن جي جهازن جي چيف انجنيئرن جي ليڪچرارن لاءِ چونڊ ڪرڻ پڻ منهنجي بِلي هُئي.
ڪئڊٽن ۽ جهازن جي سينيئر مئرين انجنيئرن کي پڙهائڻ لاءِ، هر وقت ڇهن چيف انجنيئرن جي ضرورت پئي ٿي ۽ ستون آئون پاڻ هوس. مئرين انجنيئرنگ جا مختلف سبجيڪٽ اسان پاڻ ۾ ورهائي کنيا هئا. اٽڪل اٺ سال کن آئون هن اڪيڊمي سان لاڳاپيل رهيس. پڙهائڻ لاءِ اسان وٽ گهڻو ڪري وڏي عمر جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آيا ٿي، جيڪا ڳالهه شاگردن لاءِ به بهتر هئي. ڇو جو وڏي تجربي ھئڻ ڪري هو شاگردن جي پڇيل هر مسئلي جو حل کين ٻڌائي سگهيا ٿي.
پڙهائڻ وارن انهن مختلف پروفيسرن ۾، مختلف قوميتن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئا. هڪ هڪ انڊونيشيا، برما ۽ هانگ ڪانگ جو هو. هڪ انگلينڊ جو به هو. انڊيا ۽ پاڪستان جا به ٻه يا ٽي کن هئا. انهن پروفيسرن ۾ ڪي ته اچڻ وقت خوش هئا ۽ هن پاسي جي رواج موجب ٽن سالن جي نوڪريءَ جو Contract صحيح ڪيائون ٿي. مگر سال اندر هليا ويا ٿي. ڪن جي ملائيشيا ۾ دل نٿي لڳي، ڪن کي ڀر پاسي وارن ملڪن؛ برونائي، سنگاپور، آسٽريليا وغيره، ۾ سٺي نوڪري ملي وئي ٿي ۽ اوڏانھن ڀڄي ويا ٿي. ڪي ملائيشيا جي هيڪاندي مينهوڳي، نانگن، بلائن ۽ ڀولڙن کان بيزار ٿي هليا ويا ٿي. ان صورتحال ۾، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي حيثيت سان، مون کي سندن جاين تي ٻيا ٽيچر ڳولھڻا پيا ٿي. جيسين ڪو ملي، تيسين ڇڏي ويل جو سبجيڪٽ به مون کي پڙهائڻو پيو ٿي. جيتوڻيڪ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان مون کي به ڇڏي وڃڻ کتو ٿي. اها ڳالهه مون سان منهنجا پاڪستاني دوست پڻ ڪندا هئا. جن کي آئون کلي جواب ڏيندو هوس: “يارو! اهي ڏينهن گذري ويا، جڏهن سنڌي (سنڌي مسلمان) ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃڻ سان، پاڻ کي پرديسي سمجهندو هو ۽ ڳوٺ ڇڏڻ جو نالو نه وٺندو هو. اڄ جو سنڌي ڳوٺ موٽڻ جو نالو نٿو وٺي”.
ملائيشيا جي هن نيول اڪيڊميءَ جي شروع وارن ڏينهن ۾، منهنجي خيال ۾ اڃا ڪو سال ڏيڍ مس ٿيو هوندو، ته هڪ پڙهائڻ واري جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار پڙهي، سنگاپور جي جهازران ڪمپنيءَ جو هڪ ملئي چيف انجنيئر زين النورين آيو هو. عمر ۾ اسان سڀني کان تمام گهڻو ننڍو هو. تازو چيف انجنيئر ٿيو هو. چيف انجنيئر جي حيثيت سان، فقط هڪ ننڍڙي، ٻن ٽن مهينن جي، وائيج (سامونڊي سفر) ڪري، سمنڊ کي هميشه لاءِ خدا حافظ چئي، زال سان گڏ اچي ملاڪا کان نڪتو. ڏاڍي حيرت ٿي. بهرحال کيس قانون مطابق Appointment ليٽر ڏنوسين ته سڀاڻي کان ڀلي پڙهائڻ شروع ڪر.
ان ئي ڏينهن شام جو، هتي جي آچر بازار Pasar Malam ۾، سندس زال کي ڀاڄيون خريد ڪندي ڏٺم.
“ڇوڪري هڪ ڳالهه ته ٻڌا ءِ! سامونڊي زندگي شايد توکي پسند ناهي جو تو پنهنجي گهوٽ کي ڇڏرائي آهي؟“
“Bukan Enchik! Saya Suka Sea life.” منهنجي انگريزي ۾ پڇيل سوال جو جواب، ملئي زبان ۾ ڏنائين؛ “نه سر! مون کي ته سامونڊي زندگي بيحد پسند آهي.”
پوءِ ڀلا تنهنجي گهوٽ، ننڍي عمر ۾. سامونڊي نوڪري ڇو ڇڏي ڏني آهي؟”
“Saya Tidak Tahu! Enchik Tanya Dia” ورندي ڏنائين؛ “مون کي پاڻ ڄاڻ ناهي، سائين! پاڻ کان پڇجوس.”
ملئي ماڻهن جو هر ڳالهه ۾ اهو جواب عام هوندو آهي. ڪنهن ٻئي لاءِ ته ٽيڪا ٽپڻي نه ڪندا، پر پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ يا مڙس بابت، ڪنهن ڳالهه جي خبر هوندي به، پڇڻ واري کي ٻڌائڻ بدران، هميشه اها ئي ورندي ڏيندا ته؛ پاڻ پڇجوس.
جهاز هلائڻ ٻي ڳالهه آهي، پڙهائڻ ٻي ڳالهه آهي. اسان جو نئون پروفيسر زين النورين Audio Visual Aids جي مدد سان ٽيچنگ ۾ تڪڙي تڪڙي Improvement ڪرڻ لڳو. پاڻ نيڪ نمازي ۽ بيحد نفيس قسم جو انسان هو. سٺو اسٽوڊنٽ ٿي رهيو هو، ان ڪري کيس سٺي Theoretical ڄاڻ هئي. ننڍي هوندي ڪانوينٽ ٽائيپ اسڪول مان پڙهڻ ڪري، سندس انگريزي به سٺي هئي. مگر جهاز هلائڻ جو گهٽ تجربو هجڻ ڪري، شاگردن جا اهڙا پڇيل سوال، هن لاءِ مونجهارو پيدا ڪندا هئا، جيڪي جهازن جي حادثن ۽ Safety بابت هوندا هئا. منهنجي هن لاءِ اها ئي راءِ هئي ته؛ کيس ننڍي عمر ۾ جهاز ڇڏي، ڪناري جي نوڪري ۾ نه اچڻ کپي ھا. خاص ڪري هن پڙهائڻ واري نوڪري ۾، جنهن ۾ زندگي سست رفتاريءَ سان گذري ٿي. هڪ جوان ۽ صحتمند انسان کي جهاز ۽ سمنڊ جي ڏاکڙن سان جنگ جوٽڻ کپي ۽ جيترو ٿي سگهيس گهڻي کان گهڻو وقت سمنڊ تي رهي، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ تجربو حاصل ڪرڻ کپيس. جيڪڏھن ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري، کيس ڪناري جي نوڪري ڪرڻي هئي ته جهاز جي انجنيئر (Marine Engineer) جي حيثيت سان هتي جي ڪنهن فيڪٽري، شپ يارڊ يا فائيو اسٽار هوٽل ۾ ڪرڻ کتي ٿي، جتي جهاز واريون مشينون به آهن ته پگهار به سٺي ٿي ملي.
ڪجهه ڏينهن بعد، رسيس دوران، ڪئنٽين ۾ جڏهن چيف انجنيئر زين النورين سان مٿين ڳالهه ڪيم ته ٻڌايائين: اهڙين نوڪرين ۾ زيردست عملي سان، وڏي مغز ماري ڪرڻي پوي ٿي. هيٺيون عملو Co-operate ڪرڻ يا ڪم جي ڳالهه ڪرڻ بدران، هر وقت ڦڏيبازيءَ جا ڪم سوچي ٿو. کين ڪڏهن موڪل کپي، ڪڏهن انڪريمينٽ، يا الائونس نه ملڻ جون دانهون، ڪڏهن ڪم جي گهڻائيءَ جون شڪايتون ته ڪڏهن بيماريءَ جا بهانا! ان کان علاوه جهاز جي انجڻ بند ٿي وڃي، فيڪٽري جي مشين ۾ ڪو نقص پيدا ٿي وڃي، فائيو اسٽار هوٽل جو ايئر ڪنڊيشننگ نظام خراب ٿي پوي ته انهن جي صحيح ٿيڻ تائين، جهاز جا مسافر، فيڪٽري جا مالڪ يا هوٽل ۾ رهندڙ مهمان آسمان مٿي تي کنيو ڏين.
اهي ئي سبب هئا جو اسانجو هي ملئي چيف انجنيئر، سڪون ۽ سانت جي زندگيءَ جي ڳولا ۾، هن تعليمي اداري ۾ اچي نڪتو هو. منهنجي خيال ۾ ٻه يا ٽي مهينا به ڪي مس گذريا ته هو هن نوڪريءَ مان به بيزار ٿي پيو. هن جنهن سڪون بابت سوچيو هو، سو کيس ھتي ميسر ٿي نه سگهيو.
“جتي ڪٿي بيچيني پکڙيل آهي.” هڪ ڏينهن هن پنهنجي دل جو حال مون سان اوريو. “جهاز تي خلاصي ۽ بندرگاهه وارن جا مسئلا آهن ته فيڪٽري ۽ ڪارخانن ۾ مزدورن جا ڦڏا. هتي پڙهائڻ ۾، شاگرد مٿي جو سور ٿا پيدا ڪن. وڃجي ته وڃجي ڪيڏانهن!”
“هڪ جاءِ آهي.” مون ڏانھنس گهوريندي چيو.
“Siapa Kerja?” هن حيرت مان پُڇيو: “ڪهڙو جاب آھي؟“
زمينداري بابت ڇا خيال آهي؟” مون کانئس راءِ ورتي. هن جو چمڪندڙ چهرو يڪدم وسامي ويو. هن خبر ناهي ڪهڙي قسم جي نوڪري يا جاب منهنجي واتان ٻڌڻ جي اميد ٿي رکي.
شڪل ٺاهي چوڻ لڳو؛ “سر مون کي ته زمينداريءَ ۾ ڪو به چارم نظر نٿو اچي.... هر روز هارين جا هنگاما، ڪٽائي ۽ چونڊي جا مسئلا، ڪڏهن ڪنهن هاريءَ جي زال بيمار آهي، ان ڪري ڪم تي نه پهتو ته ڪڏهن ڪنهن هاريءَ کي شنوائيءَ لاءِ ڪورٽ پهچڻو آهي...”
زين النورين پنهنجي ڳالهه هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٻڌائيندي کڻي بريڪ هنئي. کيس اوچتو ڪا ڳالهه ياد اچي وئي ۽ خلا ۾ گهوري، مرڪندڙ منهن سان چيائين: “سر زمينداريءَ ۾ فقط ناريلن جي پوک آهي، جنهن ۾ سڪون ئي سڪون آهي!”
اهو چئي زين النورين هاڻ مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟” تجسس مان پڇيومانس.
“اهو هينئن جو ڀولا نه پگهار گهرن ٿا، نه دوا درمل جي سهولت! نه يونيفارم لاءِ ضد ڪن ٿا ۽ نه وري اوڌر جي گهر گهر! ... ٻن چئن ڪچن پڪن ڪيلن ۾ هي غريب خوش رهن ٿا!”
”ڇا مطلب؟“ مون کي زين النورين جي ڳالهه ڄڻ ڳجهارت لڳي رهي هئي. ملائيشيا ۾، جيتوڻيڪ آئون ڏهاڪو کن سال جهاز هلائي چڪو هوس ۽ هينئر هڪ هنڌ رهي، ڪناري جي نوڪري ڪندي ٻه ٽي سال به ٿي چڪا هئا. تنھن ھوندي به مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. البت ان ڳالهه کان آئون چڱيءَ طرح واقف هوس ته هن ملڪ ۾ ڏينهن رات ڊگهي پڇ وارا ڀولڙا ۽ نانگ آزاد ڦرندا رهن ٿا ۽ اسان جي کليل گاڏين ۽ گهرن ۾ گهڙي، اسان کي پريشان ڪن ٿا.
مون کي تعجب کائيندو ڏسي زين النورين ٻڌايو: “ان ڪري جو ناريلن جي پوک لاءِ نه هارين جي ضرورت آهي نه ڏهاڙيءَ تي رکيل مزدورن جي. بس فقط هڪ دفعو ناريلن جا ٻوٽا لڳائڻا پون ٿا. هتي ته پاڻي ورائڻ جي به ضرورت ناهي، ٻارهوئي مينهن پيو وسي ۽ ناريلن لاءِ ته سمنڊ جي گهميل هوا ئي ڪافي آهي. چئن پنجن سالن بعد، جڏهن ناريلن جا وڻ مچي مڙس ٿين ۽ ڦل ڏيڻ شروع ڪن ته هڪ يا ٻه باندر انهن لاءِ ڪافي آهن. سڄو ڏينهن انهن کان ناريل پٽرائيندا رهو، آخر ۾ هنن لاءِ ٽي چار ڪچا پڪا ڪيلا به ڪافي آهن. هو غريب انهن ۾ ئي خوش ٿيو وڃن”.
مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته؛ “ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي نظر ايندڙ ناريلن جي ڊگهن وڻن مان ناريل پٽڻ جو ڪم ڀولڙا ٿا ڪن”. سندس ان گفتگوءَ کان پوءِ، مون کي ستت ئي فليٽ مان هڪ اهڙي بنگلي ۾ رهائش ڏني وئي، جنهن جي اڳيان پٺيان ناريلن، رمبوتانن ۽ اسٽار فروٽ جا وڻ هئا. رمبوتان ملائيشيا جو هڪ لوڪل ميوو آهي، جيڪو ٿائيلينڊ جي ليچي ۽ ماتا ڪچنگ جهڙو ٿئي ٿو پر سائيز ۾ ان کان ڪجهه وڏو، رس گلي جيڏو، ٿئي ٿو. سندس ٻاهرين کل جو رنگ ڳاڙهو ٿئي ٿو، جنهن تي سائي ۽ هئڊي رنگ جا وار ٿين ٿا. دراصل انهن وارن جي ڪري، هن ميوي جو نالو رمبوتان يعني “وارن وارو” پيو آهي.
هڪ دفعي، آچر واري ڏينهن، آئون پنهنجي گهر ويٺو هوس ته ڊور بيل وڳو. در کولڻ کان اڳ دريءَ مان ليئو پاتم ته هڪ ڀولڙي وارو نظر آيو. ڀولڙي جي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌل هو، جنهن جو ٻيو پوڇڙ هن همراهه جي ساڄي هٿ ۾ هو ۽ کاٻي هٿ ۾ ڍيٻڪي (ڊگڊگي) بدران هڪ ڊگهو ڪات، جنهن کي ملئي ماڻهو پرانگ سڏين ٿا، هو. مون سمجهيو هو ٻارن کي ڀولي جا ڪرتب ڏيکارڻ آيو آهي. در کولڻ تي هن ٻڌايو ته؛ هو پڇڻ آيو آهي ته اسان ناريل کانئس پٽرائڻ چاهينداسين يا ڪنهن ٻئي سان بندوبست ڪيو اٿئون.
ٺهيو! چئبو ته هي گهرن ۾ لڳل ناريلن جي وڻن مان ناريل، هن قسم جا ڀولڙن وارا پٽي ڏين ٿا ۽ سڄي ملائيشيا ۾ ناريل پٽرائڻ جو اجورو ڏهن کان ويهن ناريلن تائين آهي. يعني هڪ سؤ ناريل پٽڻ تي 20 کن ناريل، يا انھن جي قيمت جيترا پيسا، ان ڀولڙي واري جا ٿيا. ان ۾ گهرن وارا به خوش ته هنن کي ڏهه يارنهن وڻن لاءِ ڀولڙو رکڻو نٿو پوي ۽ ڀولڙي وارو به خوش، جو کيس ڏيھاڙي سٺ ستر ناريل مليو وڃن ۽ ڀولڙو به خوش، جنهن کي ٻن ٽن ڪيلن کان علاوه هڪ ٻه ناريل به کائڻ لاءِ مليو وڃي.
منهنجي هائوڪار ڪرڻ تي، باندر واري پنهنجي ڀولڙي کي، جنهن کي ملئي زبان ۾ ڇوڪرو چئي مخاطب پئي ٿيو، وڻ تي چڙهڻ جو اشارو ڪيو. ٻانهن تي لڙڪيل ڊگهي رسو، جنهن جو پوڇڙ سندس هٿ ۾ مضبوط هو، ڍرو ڪيائين. باندر، مالڪ جو حڪم مڃڻ بدران، ڪڇون کنهڻ لڳو. آخر، مالڪ جي رڙ تي، پنهنجي جسم مان ماڪوڙيون ڪڍي کائڻ بدران، ٽپ ڏئي ويجهي وڻ ڏي ڀڳو. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ، ٽيهارو سال پراڻي وڻ تي چڙهي ويو. چوٽيءَ تي پهچي، ڪنهن ماهر جاسوس وانگر، هڪ هڪ ناريل کي غور سان ڏسي، پنهنجي پيرن سان گول ڦيرائڻ لڳو. ناريل کي انب يا صوف وانگر ڇڪي پٽڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڇو جو اهو واڏڻ يا واڻ جهڙي Cord سان وڻ ۾ چهٽيل ٿئي ٿو. ڪنهن تيز ڪات سان ڪپي سگهجيس ٿو يا گول ڦيرائڻ سان ڇني سگهجيس ٿو. باندر جي چئن پنجن ڦيرن ڏيڻ سان، ناريل اچي هيٺ ڦهڪو ٿي ڪيو. ناريل ايترو ته مضبوط ٿئي ٿو جو ايترو مٿانهين تان ڪرڻ تي به نٿو ڀڄي. البته ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي تي لڳڻ سان ماڻهو مرڻ جا واقعا ضرور ٿيا آهن.
Bagus, Bagus” ناريل ڪرڻ تي، مالڪ پنهنجي ڇوڪري کي شاباس ڏيندي چيو؛ “سٺو، تمام سُٺو”. هو ناريلن جي جهڳٽي مان، منهن ڪڍي مالڪ کي ڏسڻ لڳو. سندس ڏند، اس جي ترورن ۾ چمڪي رهيا هئا. شايد، ڪجهه کائڻ جي اميد ٿي رکيائين، جنھنڪري پنهنجو وات واڇن سوڌو کولي، ٽڪ ٻڌي هيٺ مالڪ کي ڏسڻ لڳو.
“Satu lagi, pergi, pergi” مالڪ دٻ پٽيندي چيس؛ “وڃ وڃ! هڪ ٻيو پٽ!”
ڇوڪر، هڪ دفعو ٻيھر جاسوسن وانگر ناريلن کي ڏسڻ لڳو ۽ پڪل ناريل (Kelpa) ڳولھي پٽڻ لڳو. جيڪي ھيٺ سندس مالڪ، هڪ هنڌ ڍير ڪندو ٿي ويو. هڪ وڻ ختم ٿيڻ تي، مالڪ کيس ٻئي وڻ تي وڃڻ جو حڪم ٿي ڏنو. وڻ ويجهو هجڻ سبب، ٽارزن وانگر، هڪ وڻ تان ٻئي وڻ تي ٽپ ٿي ڏنائين. ٻي صورت ۾، مالڪ کيس هيٺ لهي پوءِ ٻئي وڻ تي چڙهڻ جو حڪم ٿي ڏنو.
ٽيهه چاليهه ناريل ٿيڻ تي، باندر واري پنهنجي ڇوڪري کي پاڻ وٽ سڏي شاباس ڏني ۽ سائيڪل تي پٺيان ٻڌل پوتڙي مان ٻه ڪيلا ڪڍي حوالي ڪيائينس. ڀولڙو، ڪيلا حاصل ڪري، ٽارزن ٽائيپ هڪ سنهي ڪيڪ ڪئي ۽ پوءِ مالڪ جي قدمن ۾ اوڪڙون ويهي مزي سان کائڻ لڳو، يعني عيش ڪرڻ لڳو.
”زين النورين سچ چيو هو....“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
ملائيشيا ۾ ناريلن جي وڏي کپت آهي. قدرت جو هي عجيب ميوو آهي، جنهن کي ڀاڄي، گيهه، يا ڪولڊ ڊرنڪ به چئي سگهون ٿا. ملائيشيا ۾ اسين بصر ۽ تيل بدران، ٻوڙ ۾ ناريل جو چورو (Desiccated Coconut) استعمال ٿا ڪريون. ڪچو ناريل، جنهن کي ملئي زبان ۾ Kelapa Muda سڏين، مشروب طور استعمال ٿئي ٿو. ناريل جا کوپا ٻارڻ جي ڪم اچن. سندس کاٻر (بـُـجَ/ وارَ) ڪارن جي سيٽن ڀرڻ ۾ استعمال ٿين. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾، اسان ڪيترا ئي دفعا ملائيشيا مان ناريل جو کاٻر (coconut hair) جرمني کڻي ويا هئاسين. جتي اھو مرسيڊيز ۽ واڪس وئگن ڪارن جي سيٽن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ناريل جي ڦرھن مان ٻهارا ٺهن ٿا. ٿڙ، ڪام طور استعمال ٿئي ٿو. سڪل ناريل مان ڏونگھي ۽ کوپرو (ڏونگھيءَ جو تيل) حاصل ٿئي ٿو. ملائيشيا کي، ناريلن جي پوک مان وڏي ڪمائي آهي. هاڻ ته ٿائيليند به ناريل ۽ سندس By-Product درآمد ڪري، غير ملڪي ناڻو ڪمائي ٿو.
ناريل پٽڻ جا ايڪسپرٽ/ ھنرمند باندر، جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. انهن باندرن بابت خبر پئي ته کين، ان ڪم ۾ ماهر ڪرڻ لاءِ سڀ کان بهترين اسڪول، ملائيشيا جي رياست ملاڪا ۾ آهن، جتي اسانجي اڪيڊمي هئي. مون سمجهيو ٿي ته؛ ملاڪا رياست اسان واري نيول اڪيڊمي ڪري مشهور آهي، پر اتي ته تعليم بالغان، انڌن جو اسڪول ۽ باندرن جو اسڪول به هيو. ناريلن جي گهڻي کپت ۽ پوک جي ڪري، ٽرينڊ يا تربيت يافته باندرن جي به ضرورت وڌي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾، هڪ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٿائيلينڊ ويس. خبر پئي ته اتي به، خاص ڪري ڏاکڻن شهرن سونگڪلا، هاديائي ۽ پتاني پاسي، باندرن کي ناريل پٽڻ جي ٽريننگ ڏيڻ جا اسڪول کلي ويا آهن. هونءَ ته جتي ڪٿي سخت بيروزگاريءَ جو عالم آهي، پر ناريلن جي پوک وڌڻ ڪري، تعليم يافته يا تربيت يافتهGraduate باندرن جي سخت ضرورت آهي. ٿائيلينڊ جي وائلڊ لائيف فنڊ جي سيڪريٽري جنرل پستنا پاتالنگ ٻڌايو ته؛ هن وقت ٿائيلينڊ ۾ به هزارين ڀولڙا پنهنجن مالڪن لاءِ روزگار جو ذريعو آھن.
ناريل پٽڻ جي سکيا ڏيڻ لاءِ، ڀولڙن کي ٽن کان ڇهن مهينن تائين، اسڪول ۾ رهڻو پوي ٿو. جتي کين ڪچي ۽ پڪي ناريل جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي ٿي ۽ ٻي اهم شيءِ اها سيکاري وڃي ٿي ته وڻ جي ٽاريءَ کي هٿن سان جهلي پيرن سان ڪيئن گهمائجي، جيئن ناريل جي ڏانڊي ٽٽي پوي ۽ ناريل اچي هيٺ ڦهڪو ڪري. هن ڪم لاءِ اڪثر ٻچن جي ماءُ کي ڦاسائي، سندس ٻچا کنيا وڃن ٿا ۽ کين آزاد ڇڏڻ بدران پڃري ۾ واڙيو وڃي ٿو، جيسين وڏا يا اسڪول وڃڻ لائق ٿين. اڄڪلهه سکيا ورتل يعني گريجوئيٽ ڀولڙي جي قيمت ٻه سؤ کان ڇهه سؤ ڊالر آهي. هڪ سٺو ۽ صحتمند ڀولڙو، ڏيھاڙي 800 کان 1000 ناريل پٽي سگهي ٿو.
ڀولڙو، جڏهن ٻن سالن جو ٿئي ٿو ته کيس اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. اڄڪلهه ڪو به سٺو Monkey School هڪ ڀولڙي کي ناريل پٽڻ جو ماهر ڪرڻ لاءِ، هڪ سؤ ڊالر (يعني 8000 رپيا کن) في وٺي ٿو. ڀولڙي جي عمر 20 کان 25 سال ٿئي ٿي. جنهن مان اڌ عمر يعني ڏھ کان ٻارهن سال، هو پورهيو ڪري سگهي ٿو.
هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته هنن ڀولڙن سان، اٽڪل سان هلڻو پوي ٿو. ٿورو به تنگ ڪرڻ تي، ڇتا ٿيو پون ۽ مالڪ کي به چڪيو وجھن. خاص ڪري Mating يعني لڳ جي موسم ۾، هو ڏاڍا چڙچڙا ٿيو پون.
ناريل پٽڻ جهڙي ڪم لاءِ گهڻو ڪري نر ڀولڙا ئي Trained ڪيا وڃن ٿا. ماديءَ جي ڀيٽ ۾ اھي وڌيڪ چئيوان ٿين ٿا ۽ حڪم جي پوئيواري ڪن ٿا. هنن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو؛ کانئن ڏيھاڙي ڪجهه نه ڪجهه ناريل پٽرائڻ کپن. ڇڏي ڏيڻ تي، ھڪ ته سست ٿين ٿا ۽ ٻيو ته کانئن ناريل پٽڻ جو آرٽ/ ھنر به وسريو وڃي.

No comments:

Post a Comment