Thursday, February 03, 2011

ايران ۾ ٿيندڙ متعي جون شاديون - الطاف شيخ

ايران ۾ ٿيندڙ متعي جون شاديون
الطاف شيخ
ايران جي ڳالهه نڪرڻ تي ڪيترا اسان جا غير مسلم متعھ جي شادي جي به ڳالهه ڪڍي ويهندا آهن ۽ ان جي حقيقت معلوم ڪرڻ بدران ان کي غلط رنگ ۾ پرکيندا آهن. متعھ جي شادي هڪ عارضي شادي ٿئي ٿي. يعني هڪ مقرر وقت تائين هڪ مرد ڪنهن بيواه عورت سان شادي ڪري سگهي ٿو جنهن دوران مرد کي عورت جي جوابداري کڻڻي پوي ٿي ۽ ٻار ٿيڻ تي ان جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. ان سلسلي ۾ آئون پنهنجي هڪ شيعھ دوست اجتبيٰ حسين جا ويچار ڏيندس ته اسلام ۾ ان قسم جي شادي ”وڏي برائي“ يعني زنا کان بچڻ لاءِ آهي ۽ ان پويان نيت جو مدار آهي. ڪو ان سهوليت جي نالي ۾ زنا کي فروغ ٿو ڏئي ته هو غلط ٿو ڪري. ۽ ائين ناهي ته ڪو ايران ۾ عورتون انتظار ۾ ويٺيون آهن ۽ هر هڪ مڪاني يا ڌاريون ماڻهو متعھ جي شادي ڪندو وتي.
 
هي ائين آهي جيئن اسان مسلمانن تان مغرب جا غير مسلم کلن ٿا ته اسان مسلمان چار چار شاديون ڪيون ٿا. بلڪه ڏٺو وڃي ته اسلام ئي هڪ واحد مذهب آهي، جو هڪ شاديءَ جي تلقين ٿو ڪري. پر ڪو ڪن سببن ڪري مجبور آهي ته هو زنا جهڙي سخت گناه ۾ ڦاسڻ بدران ٻي، ٽي ۽ چوٿين به شادي ڪري سگهي ٿو پر ان لاءِ ڪيڏو سخت قانون آهي ته مرد کي پنهنجي سڀني زالن سان هر ڳالهه ۾ برابر جو انصاف ڪرڻو آهي.
گذريل سال نيويارڪ ۾ هوس ته اسان پاڪستانين جي هڪ فنڪشن ۾ هڪ آمريڪن کلندي چيو ته توهان مسلمانن جي وڏي عياشي آهي، چار چار شاديون ٿا ڪريو. ان تي مون چيومانس رڳو نيويارڪ جي هن ٻيٽ مئن هٽن تي هڪ لک کن پاڪستاني آهن، مون کي ٻڌاءِ انهن ۾ ڪو هڪ به آهي جنهن جون چار ته ڇا ٻه زالون به هجن.
سو اهڙي طرح نه فقط غير مسلم پر ايران کان ٻاهر رهندڙ سني مسلمان به اهو سمجهن ٿا ته ايران ۾ شايد جتي ڪٿي ۽ هر ڪو وتي متعو ڪندو.
ايران جو هڪ اعليٰ پايھ جو اسڪالر سيد مجتبيٰ موسوي لاري پنهنجي ڪتاب Western Civili, zation through Muslim Eyes ۾ لکي ٿو ته اسلام ۾ ڪي شيون مڪروه سڏيون وڃن ٿيون، جيڪي مباح ۽ حرام جي وچ ۾ اچن ٿيون. متعھ به ان ۾ اچي ٿو. اسلام هڪ بالغ مرد ۽ عورت کي شاديءَ جي تلقين ڪري ٿو ۽ شادي هڪ نيڪ ڳالهه سمجهي وڃي ٿي جو اها انسان کي براين (زنا) کان بچائي ٿي. هي صاحب لکي ٿو ته متعھ انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ڌنڌي ڌاڙي جي خيال کان يا ٻين سببن ڪري گهر کان گهڻي عرصي لاءِ پري رهن ٿا.
متعي جي شادي (يعني عارضي شادي يا مقرر وقت تائين هلندڙ شادي) ۽ نڪاح (هميشھ جي شادي) ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ساڳيون پڻ سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن ته متعي واري پيرڊ ۾ شادي شده جوڙو زال مڙس سمجهيو وڃي ٿو. مقرر مدو پورو ٿيڻ تي متعي واري شادي پاڻمرادو ختم سمجهي وڃي ٿي ۽ ان ۾ طلاق ڏيڻ جي ضرروت نٿي سمجهي وڃي. همبستري جي حالت ۾ متعي واري شادي ختم ٿيڻ بعد ۽ ٻئي سان شادي ڪرڻ کان اڳ عورت کي عدت وارو عرصو گذارڻ ضروري آهي. شيعا عالمن مطابق متعي جي شادي جو مدو وڌائڻ ۽ نڪاح (هميشھ جي شادي) اختيار ڪرڻ کي مستحب (Recommended) سمجهيو وڃي ٿو. متعي جي شادي ۾ عورت يا مرد هڪ ٻئي جي وراثت ۾ حصي دار ٿي نٿو سگهي. متعي جي شادي ۾ ٻار ٿيڻ تي مرد جي ڊيوٽي آهي ته هن جو خرچ پکو مهيا ڪري. ان لاءِ عورت تي بار نه آهي. مدو پورو ٿيڻ بعد هوءَ جيڪڏهن نوڪري ڪري ٿي يا پئسو ڪمائي ٿي ته اهو هن جو آهي ۽ هوءَ پنهنجي مرضي مطابق خرچي سگهي ٿي.
* متعي جي شاديءَ ۾ عورت ڪنهن وقت به چاهي ته هوءَ مڙس جي مرضي خلاف گهر ڇڏي سگهي ٿي پر ان صورت ۾ مڙس لاءِ ضروري ناهي ته هو خرچ پکو مهيا ڪري.
* متعي جي شادين ۾ چئن زالن جي پابندي ناهي ڇو جو مڙس تي اها پابندي ناهي ته هو زال جو بار کڻي جو هيءَ متعي جي شادي هڪ قسم جي عارضي شادي آهي. پر ان معاملي ۾ ڪيترن شيعا عالمن جي راءِ مختلف آهي ۽ هنن مطابق ڪوبه مرد هڪ ئي وقت چئن کان وڌيڪ متعي جون شاديون نٿو ڪري سگهي.
* اهڙي طرح شادي لاءِ عورت جو پنهنجي ولي (پيءُ يا گارجين) کان اجازت وٺڻ تي به مختلف رايون آهن. علي سيستاني جهڙا شيعھ عالم اهو ضروري ٿا سمجهن ته عورت کي پنهنجي پيءُ کان شادي جي اجازت وٺڻ کپي جيئن هن جي صحيح رهنمائي ٿي سگهي ۽ ڪوبه مرد ڪنهن ناتجربيڪار عورت کي دوکو نه ڏئي سگهي. پر ڪجهه عالم، صادق روحاني، محمد شاهرودي ۽ محمد ابراهيم جناتي جهڙا ان کي ضروري نٿا سمجهن.
بهرحال متعي جي شادي اسلامي دنيا ۾ ڪافي Controversial ٽاپڪ رهيو آهي. اثنا عشري شيعا ان سهوليت کي رب پاڪ طرفان رحمت سمجهن ٿا جنهن سان انسان زنا جهڙي گناه کان بچي ٿو ۽ هن جي (مرد ۽ بيواه عورت) جي روزمره جي زندگي بهتر نموني سان گذري ٿي. ساڳي وقت سني مسلمان ۽ شيعن جا ڪجهه فرقا متعي جي شادي کي غلط قرار ٿا ڏين.
منهنجي ايراني دوست ٻڌايو ته ايران ۾ اڄ ڪٿي ڪٿي متعي جون شاديون ٿين ٿيون جن جي پويان نيڪ نيتي سان ڏٺو وڃي ته انسان جي بهتري آهي ۽ عورت توڙي مرد کي گهڻي برائي ۽ پريشاني کان بچائين ٿيون. Sex انسان لاءِ قدرتي ضرورت آهي. متعي واري شادي هڪ مرد کي عام نڪاح وانگر پابند ٿي ڪري ۽ هن کي زال ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ٻارن جي جوابداري کڻڻي پوي ٿي ۽ هو سڄي معاشري کي خراب ڪرڻ کان گريز ڪري ٿو. ساڳي وقت هڪ بيواه ۽ غريب عورت کي Support ڪرڻ لاءِ هن کي سرپرست مليو وڃي.
”پر ساڳي وقت اهو به آهي.“ هن ٻڌايو ته ”ڪيترن ماڻهن ان کي غلط رنگ ڏيئي پس پڙدي ۾ گناه جو ڪاروبار به ڪيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حڪومت معلومات هوندي به اکيون پوريو ڇڏي.“
منهنجي خيال ۾ حڪومت جو اهوئي خيال هجي جنهن جو اظهار آئون ملائيشيا جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان. ملائيشيا ۾ ڪيترين بيمارين جو علاج مالش ذريعي هڪ Traditional ڳالهه آهي. ملائيشيا ۾ عياشي جي اڏن تي بندش آهي ۽ سرڪاري طرح ڪٿي به Prostitution ناهي. ان جي جاءِ تي مالش جا ”مساج پالر“ جام آهن جن ۾ ڪيترائي پوڙها ۽ بيمار مختلف سورن ۽ بيمارين جي علاج لاءِ ڇوڪرين کان مالش ڪرائين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته ”مالش“ جي نالي پٺيان اهي مساج گهر چڪلا ٿي هلن ٿا ۽ جيسين ڪا ڇوڪري شڪايت نه ڪري تيسين حڪومت به اکيون ٻوٽي ٿي. مون ان سلسلي ۾ ملائيشيا جي هڪ اعليٰ علمدار کان جڏهن Opinion پڇيو ته هن اهوئي جواب ڏنو ته گهڻي سختي ڪرڻ تي معاشري ۾ بگاڙ اچي ويندو. ”پر اسان جي ملڪ ۾ ته عياشي جي اڏن تي سختي سان بندش آهي.“ مون چيو هيومانس.
جواب ۾ هن ٽوڪ طور مرڪندي چيو ”ڪهڙي بندش ٿي آهي؟ اهو غلط ڪم جيڪو پهرين فقط شهر جي هڪ ڪنڊ پاسي ۾ هلندو هو اهو هاڻ توهان وٽ گهٽي گهٽي ۾ پکڙي ويو آهي.“
ڪٿي ڪٿي ته ماڻهن- يعني نالي جي مسلمانن سندن ذاتي غلط ڪمن ڪري اسلام کي بدنام ڪيو آهي. سنگاپور جو هڪ هندو سنڌي بزنس مئن هرڪشن ٻڌائيندو هو ته انڊيا ۾ ڪيترائي هندو عياشي خاطر مسلمان ٿين ٿا. ”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
”انڊيا ۾ مسلم قانون مطابق هڪ مسلمان ته هڪ کان وڌيڪ شادي ڪري سگهي ٿو پر هندو نه،“ هن ٻڌايو ”پوءِ ڪيترا هندو امير قانون جي چنبي ۾ اچڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ مسلمان ٿين ٿا ۽ ٻيو ڪو اسلامي ڪم ڪن يا نه پر هڪ کان وڌيڪ زالون رکن ٿا.“
مون کي ۽ منهنجي جهازي اهل شيعھ دوست کي ان وقت حيرت ٿي جڏهن مالديپ ۾ جتي جا ماڻهو سني آهن، ۽ هو ٻين ڳالهين ۾ شيعن تي نڪته چيني ڪندا رهن ٿا، اهي عام طور عياشي جا اڏا هلائڻ لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽن سان متعي جي نالي ۾ بزنس ڪن ٿا. هو ان کلي عام زنا کي اهو چئي حڪومت جي ٺهيل قانون کان پاڻ کي بچائي رکن ٿا ته مالديپ اسلامي ملڪ آهي ۽ هي ڪم متعو يعني Contract جي شادي آهي جيڪا ايران ۾ به ته ٿئي پئي. جيتوڻيڪ ايران ۾ جيڪا متعي جي شادي ٿئي ٿي سا ائين نه آهي ۽ نه ان پٺيان اها نيت آهي، جيڪا مالديپ ۾ ٿي رهي آهي.
ائين به نه آهي ته راوي ايران لاءِ سڀ صحيح ۽ چين لکي ٿو. پنج آڱريون برابر نه آهن. ايران ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هڪ نيڪ ڪم جي پٺيان غلط ڪاروبار ڪن ٿا، جيڪو ايران ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان اڳ شهنشاه پهلوي جي ڏينهن ۾ عروج تي هو. ۽ هي ڏينهن هئا جڏهن پاڪستان جي شهر شهر ۾ چڪلا هئا ۽ ڌارين ملڪن کان آيل گورن ۽ مڪاني اميرن کي عيش مهيا ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ليڊو، تاج هوٽل، يا ملير جي گرانڊ هوٽل ۽ ٻين هنڌن تي اگهاڙا ناچ (Strip Tease) هلندا هئا جن ۾ گهڻي تعداد ۾ اسان جي ملڪ جون مسلمان ڇوڪريون حصو وٺنديون هيون. جن سماجي اوڻاين جو آئينو اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي اديبن امر جليل، نسيم کرل، غلام نبي مغل ۽ ٻين ڪيترن پنهنجن افسانن ۽ ناولن ۾ ڪيو آهي. ”ڪا مليا انتخابي فرد“ نالي هڪ ايراني عورت جيڪا ۱۹۷۳ ۾ تهران ۾ ڄائي ۽ شروع ۾ هن جي دلچسپي مصوري ۽ شاعريءَ سان هئي پر پوءِ ايران جي روزنامھ اخبار ”زن“ جي جرنلسٽ ٿي رهي، ان ۱۹۹۹ ۾ ايران جي شهر قم ۾ جتي تمام گهڻا مدرسا ۽ عالم دين رهن ٿا ۽ جتي دنيا جا زوار زيارت لاءِ اچن ٿا، ريسرچ ڪئي ته ڪجهه عورتون عالمن ۽ زائرن سان متعي جي شادي بهاني پئسو ڪمائي رهيون آهن. انتخابي ان کي پڙدي پٺيان هلندڙ فحاشي (Prostitution) جو نالو ڏنو. سو اهڙي نموني سان ڪيترا ماڻهو هڪ سهولت ۽ معاشري جي ٺاهه جوڙ بدران ملڪ ۽ مذهب جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
بهرحال انتخابي جي هن ليک کي وقت جي حڪومت سٺي ڳالهه نه سمجهي ۽ کيس توحيد جيل ۾ يارهن هفتا قيد جي تڪليف سهڻي پئي. بعد ۾ هن ۲۰۰۱ ۾ ايران ڇڏي آمريڪا وڃي رهائش اختيار ڪئي جتي هوءَ انگريزي رسالي Village Voice ۽ ريوٽر خبر رسان ايجنسي جي رپورٽر آهي. گذريل سان (۲۰۰۷) سندس هڪ ڪتاب به ڇپيو آهي جنهن جو عنوان آهي:
Canelia: Save Yourself by Telling the Truth A Memair of Iran.
ڪي ماڻهو متعي جي شادي کي وقت گذاري جي شادي سمجهن ٿا. شهلا پائري جو متعي جي شادي بابت هڪ مضمون ويجهڙائيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو. شهلا پائري ايران جي هڪ مشهور آيت الله جي پوٽي آهي. عورتن سان ڪيترين ملاقاتن ۽ انٽرويوز دوران ساڻس گڏ آيت الله نجفي رعشي ۽ آيت الله شريعت مداري به ساڻس رهيا ٿي. هتي هن جا متعي بابت Viewsڏيان ٿو جيئن پڙهندڙن کي هڪ هن رخ بابت به Idea ٿي سگهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته متعي جي شاديءَ جو طريقو اسلام کان اڳ کان هلندو اچي جنهن کي اثنا عشري شيعھ فرقي به اختيار ڪري ورتو. متعھ هڪ اهڙو عقد آهي جنهن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ غير شادي شده عورت غير معينھ مدت لاءِ شاديءَ جو معاهدو ڪن ٿا. هن ۾ اهو به طيءِ ڪيو وڃي ٿو ته عارضي زال کي ڪيتري رقم ڏني ويندي. ستين صديءَ ۾ خليفي عمر ابن خطاب متعھ کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏيو هو، پر شيعھ فرقي ان پابندي کي قبول نه ڪيو ۽ ان کي مذهبي طور جاري رکيو. هنن جو بيان آهي ته متعھ تي شروع ۾ ٿوري پابندي لڳائي وئي هئي پر ڪجهه سني فرقن ۾ به ان جو رواج رهيو. خليفي مامون الرشيد نائين صديءَ ۾ متعي کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو هو پر سني عالمن طرفان جڏهن ان جي سخت مخالفت ڪئي وئي ته هن پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.
متعي جي شادي ختم ٿيڻ بعد عورت لاءِ عدت ۾ ويهڻ ضروري آهي جيئن هوءَ جيڪڏهن پيٽ سان ٿي پئي آهي ته ٻار جي پيءُ جي ڄاڻ ٿي سگهي. متعي واري شادي ۾ پيدا ٿيل ٻار جائز قرار ڏنا وڃن ٿا، ۽ هنن کي عام نڪاح واري شادي مان پيدا ٿيندڙ ٻارن برابر تصور ڪيو وڃي ٿو. هي ئي اهو اصول آهي جيڪو متعي کي عصمت فروشي کان ڌار ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ٻنهي ۾ ڪافي مشابهت معلوم ٿئي ٿي- پر قانون ماءُ ۽ ٻار جو تحفظ مهيا ڪري ٿو. ”متعھ“ شاديءَ جو هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ مرد عورت جا تعلقات، شادي، جنس، اخلاقيات، مذهبي اصول، دنيوي قانون ۽ ثقافتي رسم و رواج سڀ هڪ هنڌ گڏ رهن ٿا.
هونءَ عام طرح هتي ايران ۾ جڏهن ڪنهن کان عام نڪاح واري شادي ۽ متعي جي شادي ۾ فرق بابت پڇجي ٿو ته هو فقط ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته انهن ٻنهي شادين ۾ فقط ايترو فرق آهي ته هڪ ۾ ٽائيم پيرڊ (مدت) مقرر ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻي ۾ ڪو فڪسڊ ٽائيم نه هوندو آهي.
عصمت فروشي زنا آهي جنهن کي قرآن ۾ حرام قرار ڏنو ويو آهي. عصمت فروشي سخت گناه آهي ۽ غير قانوني جنسي عمل آهي. ان کي معاشري جي عام مزاج ۽ معيار جي خلاف مڃيو وڃي ٿو. ان جي برعڪس متعھ جي باري ۾ شيعھ عالمن جو خيال آهي ته ان ۾ فرد جنسي ضرورت پوري ڪندي معاشري جي پابندين جو احترام ڪري ٿو ۽ ان سان سماجي ڍانچي کي ڪو نقصان نٿو پهچي. جيڪي ماڻهو متعھ ڪن ٿا اهي ڄڻ ته اسلامي اصولن جو احترام ڪندي پنهنجي ضرورت پوري ڪن ٿا. متعي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها شادي نه فقط اخلاقي ۽ قانوني اعتبار کان جائز آهي پر ان سان بي اعتدالي تي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
مشهد ۾ رهندڙ لاهور جي پاڪستاني شيعا عالم ٻڌايو ته متعي جي شادي کي ايران ۾ قانوني حيثيت حاصل آهي، ۽ ان کي حلال مڃيو وڃي ٿو. پر ان هوندي به ان کي ۱۹۷۹ واري اسلامي انقلاب تائين عوامي مقبوليت حاصل نه هئي. مذهبي جماعتن کان ٻاهر هن قسم جي شاديءَ کي سٺو نٿي سمجهيو ويو. اسلامي انقلاب کان پوءِ جي ايراني حڪومت متعي جي کليل حمايت ڪئي ۽ ان کي انسان جي جنسي عمل لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو.
بهرحال متعي جي شادي هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي جيڪو ڪنهن ايرانيءَ کان نه پڇجي ته سٺو ڇو جو ڪيترا ماڻهو خاص ڪري غير مسلم جڏهن ان بابت ايرانين کان پڇن ٿا ته نيڪ نيتيءَ سان ڪا معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر، چٿر طور پڇن ٿا. ظاهر آهي ٻئي جي دل آزاري ٿئي ٿي. نوڪري دوران يورپ يا آمريڪا ۾ ڪيترا مون کان جڏهن پڇندا هئا ته توکي گهڻيون زالون آهن ۽ جواب ۾ آئون هڪ چوندو هوس، ته ڪيترا چوندا هئا: ”ڇو ڀلا؟ توهان مسلمان ته چار زالون رکي سگهو ٿا.“ اهو ٻڌي مون کي ڪاوڙ به ايندي هئي ته ڀائي اسلام جي مرد کي چئن شادين جي اجازت ڏني آهي ته ان پويان ڪجهه ڪارڻ به آهن. اهي به ته معلوم ڪريو. ۽ ڪيترا مسلمان آهن جيڪي هڪ کان وڌيڪ شادي ڪن ٿا؟ توهان هڪ ٻن وڏيرن يا عربن کي ٻن زالن سان ڏسي سمجهو ٿا ته هر مسلمان چار چار زالون وٺيو پيو هلي ڇا؟
سنڌ جي هڪ شيعا عالم سان امام خميني جي مزار (بهشت زهرا) تي ملاقات ٿي. مون هن کان به متعي جي شادي بابت خيال پڇيو.
”سائين اها هڪ مجبوريءَ جي شادي سمجهي سگهو ٿا“ هن مون کي چيو ”هڪ عورت جنهن جو مڙس مري وڃي يا هن کي ڇڏي ڏئي. سندس ڪو مائٽ مٽ نه هجي ته پوءِ هوءَ ڪيڏانهن وڃي. ڪيئن گذر سفر ڪري، جڏهن ته معاشري جون نظرون هن تي هر وقت کتل رهن. پبلڪ پراپرٽي بڻجڻ کان ته بهتر آهي هوءَ ڪنهن سان نڪاح ڪري- ڪنهن مقرر مدت لاءِ ئي سهي. ۽ اهو مرد جيڪو جسماني ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ معاشري کي خراب ڪري ان کان بهتر آهي ته هو متعو ڪري جنهن ۾ هو زال ۽ ٻار جي جوابداري کڻي ٿو.“ ۽ پوءِ ڪجهه دير ترسي هن مون کي چيو متعي جي شادي ته ڪو مسئلو ناهي. توهان سنڌ ۾ منهنجي ڳوٺ وڃو ۽ معلوم ڪريو ته ڇا ڇا مسئلا اسان کي درپيش آهن: ڪاروڪاري جو مسئلو، سڱ چٽيءَ جو مسئلو، قرآن سان شادي جو مسئلو- جنهن موجب اسان جو پير، وڏيرو، ڀوتار، سردار پاڻ کي ايڏو اتم اتاهون ٿو سمجهي جو هن کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ گار ٿي لڳي. هو پاڻ گهر جي نوڪرياڻين کي به نٿو ڇڏي، پر ڌيءَ جي لاءِ پابندي ٿو مڙهي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون غير اسلامي آهن. انهن مسئلن مان وري ٻيا جيڪي مسئلا اڀرن ٿا انهن هم جنسي Lesbianism، AIDS، ناانصافي، نفرت وغيره اسان جي معاشري کي تباه ڪري ڇڏيو آهي.... ان ڪري توهان کي کپي ته انهن مسئلن تي لکو.... متعي جي شادي کي اسان جا ماڻهو ايڏي اهميت ڇو ٿا ڏين.... ان کي شڪ جي نگاه سان ڇو ٿا ڏسن....؟“
منهنجي خيال ۾ ته اسان جو هي سنڌي شيعو عالم سچ ڳالهائي رهيو هو. جنهن ۾ حقيقت جو پهلو هو.

1 comment:

  1. شيخ صاحب متعه انهن لاءِ آهي جيڪي گھڻي عرصي لاِ ڪاروبار يا ڪنهن ڪم سان ويل هجي ته اهو زنا کان بچڻ لاءِ متو ڪري ، ڀلا ان جي زال لاءِ ڇا حُڪم آهي جنهن جو مڙس گھني عرصي لاءِ ڪاروبار لاءِ ويو ۽ متعه ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪئي ان جي زال ببه متعه ڪري؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    ReplyDelete