Thursday, February 03, 2011

مي شود و مي توانيم - الطاف شيخ

مي شود و مي توانيم
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن قم شهر ۾ بيبي فاطمہ معصومھ جي مقبري اڳيان خيابان اراڪ (روڊ) تي هتي جي مشهور پل ”پل آهنچي“ وٽ هڪ ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي رهيو هوس ته ڀرواري ٽيبل تي ٽي شيعا عالم اڇي رنگ جي عمامھ (پٽڪي) ۽ هلڪي ناسي رنگ جي عبايا (گائون) ۾ اچي ويٺا. عمر ۾ پنجٽيهه چاليهه سالن جا ٿيندا. هڪڙي جو رنگ صاف ۽ گول چهرو هو باقي ٻن جو پڪو رنگ ۽ سنڌڙي انب وانگر ڪجهه Oval نموني جو هو، جن مان هو ايراني ته نٿي لڳا پر هنن هوٽل جي بئري کي تمام Fluent فارسيءَ ۾ ڪجهه آڻڻ لاءِ چيو. هنن به مون وانگر نيرن ڪرڻ ٿي چاهي. آئون کين، ۽ ٻاهر رستي تي، ڪيترائي هنن جهڙا عالم هتي جي روايتي پٽڪي ۽ جبي (گائون) ۾ لنگهندي ڏسڻ لڳس. ايران جي ٻين شهرن ۾ به هن لباس ۾ شيعا عالم يا ڪنهن مدرسي جا شاگرد نظر اچن ٿا. پر جيترا قم ۾ هن هڪ ئي يونيفارم (اڇي يا ڪاري رنگ جي پڳن) ۾ رستن، بسين، دڪانن، هوٽلن، مسجدن ۽ مقبرن ۾ نظر اچن ٿا، اوترا ته مشهد ۾ به نظر نٿا اچن. تڏهن ته مغرب جا ماڻهو چوندا آهن ته ”قم ملن ۽ مدرسن جو شهر آهي.“ مون پنهنجي ڀر واري ٽيبل تي ويٺل هنن ٽن ڄڻن جو فوٽو ڪڍڻ جو سوچي پوءِ ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. اهوئي سوچي ته مون هتي جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ ايترن ته شيعا عالمن جون تصويرون ڪڍيون آهن جو پنهنجي ملڪ يا ملائيشيا ۽ جاپان پهچي اتي جي دوستن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهن. ۽ مزي جي اها ڳالهه ته جيترو مون کي ڊپ يا وهم هو ته ايران جيڪو سخت ڪٽر قسم جو مذهبي ملڪ سمجهيو ٿو وڃي اتي شايد ئي مون کي فوٽو ڪڍڻ جو موقعو ملي، پر هتي اچي اها به حيرت ٿي ته فوٽو ڪڍائڻ جي معاملي ۾ جيترو ايراني Co Operative آهن اوترو دنيا ۾ شايد ئي ڪا قوم يا ملڪ هجي. نه فقط ملن ۽ مولوين فوٽو ڪڍائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي ٿي پر منهنجي شايد عمر کي ڏسي، عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين به خوشيءَ سان فوٽو ڪڍرايا ٿي. پر فوٽوءَ مهل هنن مٿي تي حجاب (روسري) ۽ چادر اوڍڻ ضروري سمجهي ٿي. منهنجي ڪيترن ايراني دوستن ۽ سڃاڻن جي گهرن ۾ انهن جي جوان ڇوڪرين جا ڪجهه اهڙا به فوٽو اچي ويا آهن جن ۾ هنن کي نه چادر اوڍيل آهي ۽ نه مٿي تي روسري. انهن کان جڏهن بعد ۾ پڇيم ته سندن ان قسم جي تصوير پنهنجي سفر نامي سان گڏ ڪنهن اخبار يا ڪتاب ۾ ڏئي سگهان ٿو؟ مون کي حيرت ٿي جڏهن هنن انڪار نه ڪيو. پر مون کي ان لاءِ اڃا به ٻه دفعا سوچڻو پوندو ته ان قسم جون تصويرون ڇپجن يا نه، ڇو جو ايران ۾ اهو ته ڏسان پيو ته هر عورت پبلڪ ۾ مٿو ڍڪي هلي ٿي. بهرحال ساڳي وقت اهو به ڏسان پيو ته مغرب جي پريس، جيڪو ايران جو دنيا کي اميج ڏئي ٿي، اهو ڪيڏو ته غلط آهي. حقيقت اها آهي ته جيترو آزادي سان ايران جون عورتون شهرن، بازارين، پارڪن ۽ مزارن مقبرن تي گهمندي نظر اچن ٿيون- ۽ ڪيتريون ته اڪيليون ۽ رات جي وقت جو ايترو آزادي سان ته هڪ مرد ماڻهو نيويارڪ جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهن ڏٺي جو نٿو هلي سگهي.

بهرحال هن وقت منهنجي ڀر ۾ ويٺل شيعا عالمن جو فوٽو ڪڍڻ جو ارادو لاهي، وقت گذاري لاءِ هنن جي ڳالهين مان ڪجهه اهڙا فارسي جا لفظ جهٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس جيڪي اسان جي سنڌي، اردو، يا پنجابي ۾ عام استعمال ۾ اچن ٿا. بلڪه هاڻ ته اسان جي وطني زبانن ۾ فارسي جا ايترا ته لفظ وڌنا وڃن جو هڪ ايراني به اهي سمجهي سگهي ٿو. اهو جملو ته اسان مان هر هڪ PTV تان موسم جي خبرن م ٻڌو هوندو ته.... آج مطلع ابر آلود رهي گا.....! ۽ اهڙا جملا ۽ فارسي جا لفظ اسان جي ديسي ۽ سادين زبانن ۾ ڪاهي پيا آهن.... پر هتي مون جڏهن ڀر واري ٽيبل تي هنن ٽن نوجوان شيعا عالمن کي غور سان ٻڌو ته آئون وائڙو ٿي ويس ته هي ڪهڙي فارسي ڳالهائي رهيا هئا جيڪا مون جهڙي فارسي کان اڻ واقف همراه کي به چڱي طرح سمجهه ۾ پئي اچي!
”آپ پاڪستاني هين؟“ آخر مون هوش سنڀالي کانئن پڇيو.
”جي ها.“ هنن وراڻيو.
“توهان کي پنجابي ۾ ڳالهائيندو ٻڌي مون کي شڪ ٿيو.“ مون چيو مان.
”اسان پنجابي ۾ نه پر سرائڪيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين.“
هنن مان هڪ ٻڌايو، ”اسان ملتان شهر ۽ اوسي پاسي جا آهيون.“
خوش خير عافيت بعد هنن مون کي پنهنجي ٽيبل تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ آئون پنهنجو چانهه جو ڪوپ کڻي هنن سان وڃي ويٺس. هنن ٻڌايو ته هنن کي ايران جي مختلف مدرسن ۾ پڙهندي پنج سال ٿي ويا آهن ۽ هو اڃا شاگرد آهن- جيتوڻيڪ هنن مان هڪ ٻهراڙي جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ به شروع ڪيو آهي. وطن کان ٻاهر رهڻ ڪري هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ جي سڪ ٿي ستائي ۽ پرديس ۾ رهي پنهنجي وطن جي خوشحالي جي خبر ٻڌي خوش ٿو ٿئي، ۽ خراب خبر هن کي ڏک ٿي پهچائي. هي همراه ملڪ ۽ وڌندڙ مهانگائي ۽ ڏوهن ۾ واڌاري جون خبرون هتي جي مڪاني اخبارن ۾ ٽي وي چئنلن تان ٻڌي بيحد غمگين ۽ مايوس لڳي رهيا هئا.
”سائين هڪ هي ملڪ ايران آهي.“ هنن مان هڪ چيو، ”امير توڙي غريب سڪون سان آهي. امن امان آهي. زندگي جي هر بنيادي شيءِ تعليم، دوا درمل، پاڻي، بجلي، روزگار غريب کان غريب کي به مليو وڃي. اسان جو ملڪ گهڻن کان اڳڀرو هوندي به وڃي پٺتي پوندو. آخر ڇو؟“
”توهان ٻڌايو ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“ مون جواب ڏيڻ بدران سندن رايو معلوم ڪرڻ چاهيو. ان کان ته ڪنهن کي به انڪار نه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ هر شيءِ کاڌي پيتي، ميوي، ڀاڄيءَ کان گئس، ڪوئلي تائين موجود آهي. ماڻهو به پڙهيل ڳڙهيل ۽ پورهيت آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪم ڪن ٿا.
”سائين اسان جي ملڪ جي تباهيءَ جو سڄو ڪارڻ اسان جا ناڪاره ۽ نڪما سياستدان ۽ ڪرپٽ بيورو ڪريٽ آهن.“
هنن وراڻيو
”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
”سائين ڏسو نٿا ته هنن سڄو ملڪ وڪڻي ڇڏيو آهي. سندن عياشين عوام کي فقير ۽ بکيو بنائي ڇڏيو آهي.“ هنن مان هر هڪ جو ساڳيو رايو هو. هو ملڪ جي مهانگائي، روپئي جي ڪرندڙ ساک ۽ وڌندڙ بدامنيءَ کان سخت پريشان ٿي لڳا، جيڪا ڳالهه پرديس ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ کي حساس بنائي ٿي جو هو پنهنجي وطن جي حالتن کي ان ڌارئي ملڪ سان جنهن ۾ رهي ٿو، Compare ڪري يڪدم ڄاڻ حاصل ڪريو وٺي.
”سائين توهان جي ڪا اي ميل ائڊريس هجي ته مون کي ڏجو“، هنن مولوين مان هڪ چيو، ”اسان توهان کي هتي جي صدر محمود احمدي نزاد جون تصويرون موڪلينداسين ته هو ڪيڏي سادي ماني کائي ٿو ۽ ڪيڏي سادي گهر ۾ رهي ٿو. هڪ اسان جي ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم آهن جن جي ٽوئر ۽ محل جهڙن گهرن پويان ڇا ڇا ته خرچ ٿئي ٿو.“
جنهن Email جي هنن ڳالهه ڪئي ٿي اها آئون به ڏسي چڪو هوس جو مهينو ٻه اڳ اها تمام مشهور اي ميل هئي ۽ هر هڪ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي Forward پئي ڪئي. ان ۾ ڏنل فوٽن ۾ ڏيکاريل هو ته هتي جو صدر محمود ڪيئن غاليچي تي پٽ تي ستو پيو آهي. آفيس ۾ لنچ ٽائيم تي ماني کائڻ لاءِ هو اسڪول جي ٻارن وانگر گهران لنچ باڪس ۾ ماني وجهي کڻي اچي ٿو ۽ انهن تصويرن سان گڏ اسان جي ملڪ جي حاڪمن ۽ انهن جي بي جا خرچن ۽ عياشين جون تصويرون ڏنل هيون. خاص ڪري پنجاب جي چيف منسٽر هائوس جون، جنهن تي ڪروڙها روپيا فقط سالياني Maintenance تي خرچ اچي ٿو.
هتي منهنجي خيال ۾ ايران جي هاڻوڪي هن صدر محمود احمدي نزاد بابت ٻه چار سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو. پاڻ اسلامي جمهوريہ ايران جو ڇهون صدر آهي ۽ ۶ اگسٽ ۲۰۰۵ کان آهي. هو تهران جي ڀرواري هڪ شهر گرمسار ۾ ۲۸ آڪٽوبر ۱۶۵۶۾ هڪ لوهار جي گهر ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو. ۱۹۷۶ ۾ جڏهن يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿيو هو ته چار لک اميدوارن ۾ ۱۳۲ هون نمبر آيو ۽ کيس ايران جي انجنيئرنگ يونيورسٽي IUST (ايران يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي) ۾ سول انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ داخلا ملي وئي. اسلامي انقلاب بعد ۱۹۸۴ ۾ هن کي ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ملي. ۱۹۸۹ ۾ ان ئي يونيورسٽي ۾ هي سائنس فئڪلٽي جو ميمبر ٿيو. ۱۹۹۷ ۾ هن ”سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي“ مان پي ايچ ڊي ڪئي. سندس سبجيڪٽ هو ”ٽرانسپورٽيشن انجنيرنگ.“
ايران جي هن صدر محمود احمدي نزاد جي ان ڳالهه ايران توڙي دنيا جي ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي ته هو هيڏي ملڪ جو صدر ٿيڻ بعد به ان ساڳي ننڍري فليٽ ۾ رهي ٿو جنهن ۾ هو اليڪشن کان اڳ رهندو هو. ۽ هو آفيس ۾ منجهند جي ماني گهران لنچ باڪس ۾ کڻي اچي ٿو.
احمدي نزاد کي ٽي ٻار آهن: ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ. وڏو پٽ ”امير ڪبير يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي“ مان ئي پڙهيو آهي. دنيا جو مشهور فلم ٺاهيندڙ اوليور اسٽون احمدي نزاد تي فلم ٺاهي رهيو آهي جنهن جي هن ويجهڙائيءَ ۾ اجازت ڏني آهي.
احمدي نزاد ۲۰۰۵ ۾ ايران جو صدر ٿيڻ کان اڳ ٻن سالن لاءِ ۲۰۰۳ کان ۲۰۰۵ تائين تهران جو ميئر هو. ۽ هن کان اڳ ۱۹۹۷ کان ۲۰۰۳ تائين تهران ۾ پروفيسر هو. پاڻ چئن سالن لاءِ ۱۹۹۳ کان ۱۹۹۷ تائين ايران جي اتراهين صوبي اردابيل (جيڪو آذر بائيجان سان ملي ٿو) جو گورنر جنرل ۽ هڪ سال لاءِ ثقافت جي وزير جو صلاحڪار به ٿي رهيو. ۲۰۰ ۾ جيڪي دنيا جا ۶۵ بهترين ميئر چونڊيا ويا هئا انهن ۾ ايشيا جا نو (۹) هئا ۽ احمدي نزاد انهن مان هڪ هو. جيئن ذوالفقار ڀٽي جو اليڪشن وقت نعرو ”روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“ هو تيئن محمود احمدي نزاد جو ۲۰۰۵ جي صدارتي اليڪشن ۾ نعرو هو: ”مي شود و مي تو انيم“ معنيٰ اهو ممڪن آهي ۽ اسان ڪري سگهون ٿا. (It is Possible and we can do it).
احمدي نثاد جو هڪ اهو به مقصد رهيو آهي ته ملڪ مان نڪرندڙ پيٽرول جو پئسو ملڪ جي هر ماڻهوءَ جي گهر تائين پهچڻ کپي. يعني عوام جو ڀلو ٿيڻ کپي. احمدي نزاد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جو هيرو ۽ مذهبي رهنما آيت الله محمد تقي مصباح يزدي آهي جيڪو اڄ ڪلهه قم جي وڏن عالمن مان هڪ آهي. تقي مصباح ايران جي حقاني مڪتب فڪر جو پڻ باني آهي. هن ۽ هن جي ماڻهن احمدي نزاد کي صدارتي چونڊ کٽڻ ۾ وڏي محنت ڪئي ۽ Support ڪيو.
محمود احمدي نزاد جي موجوده صدارت جو ٽرم آگسٽ ۲۰۰۹ ۾ ختم ٿيندو پر هو چاهي ته ٻيو دفعو صدر ٿيڻ لاءِ ۲۰۰۹ ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment