Thursday, February 03, 2011

بني صدر، رفسنجاني ۽ منتظري - الطاف شيخ

بني صدر، رفسنجاني ۽ منتظري
الطاف شيخ
هتي ٻن ٽن ٻين اهم ايراني ماڻهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جن جا نالا ايران ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد ضرور ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. انهن مان هڪ ته ابوالحسن بني صدر آهي.
ابوالحسن بني صدر ۱۹۳۳ ۾ ڄائو ۽ ايراني انقلاب ۽ پهلوي گهراڻي جي بادشاهت ختم ٿيڻ بعد ملڪ جو پهريون صدر چونڊيو ويو. ۱۹۶۰ ۾ جيڪا شاه جي خلاف تحريڪ هلي هئي ان ۾ بني صدر به حصو ورتو هو ۽ ٻه دفعا جيل ۾ به ويو. ان بعد موقعو ملڻ تي هو فرانس ڀڄي ويو جتي آيت الله روح الله خميني جي گروپ سان وڃي شامل ٿيو. ۱۹۷۹ ۾ انقلاب دوران جڏهن خميني ايران موٽيو ته هي به هن سان گڏ آيو. بني صدر فائنانس ۽ ايڪانامڪس جو شاگرد رهيو هو ۽ B A ۽ MBA ڊگريون هئس ان ڪري کيس انقلاب بعد شروع وارو سال ڏيڍ وزير خزانه مقرر ڪيو ويو هو. ۱۹۸۰ وارين صدارتي چونڊن ۾ هو ۸۰ سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري، ملڪ جو پهريون صدر ٿيو.
 
بني صدر اسلامي عالم نه هو. چون ٿا ته هن جو اڳتي هلي ملڪ جي ملائن سان اختلاف ٿيو ۽ ڏيڍ سال کن صدر رهڻ بعد هن جي Impeachment ٿي وئي. هن وقت هن جي عمر ۷۵ سال کن آهي ۽ گذريل ويهارو سالن کان پئرس جي ڀرسان هڪ ڳوٺ Versailles ۾ رهي ٿو.
ايران جي هڪ ٻي اهم شخصيت ۽ ملڪ جو صدر آيت الله اڪبر هاشمي رفسنجاني آهي. هو ايران جو چوٿون صدر ٿيو ۽ ٻه دفعا ۱۹۸۹ کان ۱۹۹۷ تائين ٿيو. هو ٽيون دفعو صدر ٿيڻ لاءِ ۲۰۰۵ واري اليڪشن ۾ بيٺو پر سندس مخالف محمود احمدي نزاد کٽي ويو. بهرحال اڄ به رفسنجاني ايران جي اهم سياسي شخصيت آهي ۽ گذريل سال ۲۰۰۷ کان ايران جي ”اسيمبلي آف ايڪسپرٽس“ ۽ Expediency Council جو چيئرمين آهي.
اڪبر هاشمي رفسنجاني ڪرمان صوبي جي هڪ شهر رفسنجان ۾ ۱۹۳۴ ۾ هڪ امير فئملي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ پستن جي پوک جو وڏو زميندار هو. اڪبر کان علاوه کيس ٻيا به ست ٻار هئا. ۱۹۴۸ ۾ جڏهن رفسنجاني ۱۴ سالن جو هو ته کيس سندس والدين قم جي شيعا مدرسي ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. هن جي هن مدرسي ۾ امام خمينيءَ سان ملاقات ٿي جنهن وٽ هن اسلامي قانون، اخلاقيات ۽ سائنس پڙهي. ان وقت کان وٺي رفسنجاني امام خميني جو پوئلڳ ۽ معتقد ٿي رهيو. رفسنجاني ان وقت کان خميني جي سوچ سان سهمت رهيو ته هن ملڪ ۾ اسلامي نظام اچڻ کپي ۽ ان ۾ ئي غريب عوام جي ڀلائي آهي. شهنشاه ايران جي حڪومت خلاف هلايل تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي سزا ۾ رفسنجانيءَ کي پنج دفعا جيل جون تڪليفون سهڻيون پيون.
ملڪ جي اهم انقلابي شخصيتن، جواد باهونر، محمد بهشتي، مرتضيٰ موتاهري ۽ عبدالڪريم موسوي ارديبيلي سان گڏ اڪبر هاشمي رفسنجاني به ”ايراني انقلابي ڪائونسل“ جو خاص ميمبر هو ۽ نئين پارليامينٽ (مجلس آف ايران) جو پهريون اسپيڪر ٿيو.
۱۹۵۸ ۾ اڪبر رفسنجاني جي عفت مارآشي سان شادي ٿي جنهن مان کيس پنج ٻار آهن. ٽي پٽ: محسن، مهدي ۽ ياسر ۽ ٻه ڌيئرون: فاطمہ، ۽ فائزه. فقط فاطمہ سياسي زندگي ۾ آئي ۽ مجلس (پارليامينٽ) جي ميمبر به ٿي. اڄ ڪلهه هوءَ عورتن جي فارسي اخبار ”زن“ جي ايڊيٽر آهي. باقي ڀائر ڀينرون بزنيس ۾ آهن. رفسنجاني جي فئملي ايران جي امير ترين فئملي آهي. ڪجهه سال اڳ آمريڪا جي مئگزين Forbes جيڪا دنيا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري ٿي ان ۾ رفسنجاني جو به نالو هو. رفسنجانيءَ ڪجهه ڪتاب به لکيا آهن جن مان سڀ ۾ مشهور ”امير ڪبير“ آهي جنهن جو انگريزيءَ ۾ ٽائٽل هن ريت آهي:
Amirkabir : Hero of Fighting against Imperialism
رفسنجاني پنهنجي يادگيرين جو به ڪتاب لکي رهيو آهي جيڪو ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل آهي. ان ڪتاب جو نالو آهي:
Towards Destiny. ان جا اٺ کن واليوم مڪمل ٿي چڪا آهن.
هتي هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي به ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو جنهن لاءِ جيتوڻيڪ اهو مشهور هو ته امام خميني بعد هن جو جاءِ نشين يعني سپريم ليڊر هي ٿيندو. پر هي نه سپريم ليڊر ٿيو ۽ نه صدر! بهرحال هن جو سياسي اثر رسوخ تمام گهڻو آهي. سندس نالو آهي گرانڊ آيت الله حسين علي منتظري. اڄ ڪلهه هو قم ۾ رهي ٿو.
حسين علي منتظري ۱۹۲۲ ۾ اصفهان صوبي جي هڪ شهر نجف آباد ۾ هڪ ڳوٺاڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو جنهن جو گذر سفر هارپي مان هو. مائٽن هن کي قم موڪليو جتي هن امام خميني سان گڏ مذهبي تعليم حاصل ڪئي ۽ هن اتي خميني جي سڏ تي شاه محمد رضا پهلوي جي خلاف ۱۹۶۳ ۾ انقلابي تحريڪ ۾ حصو ورتو. جڏهن شاه جي حڪم تي امام خميني کي ملڪ بدر ڪيو ويو ته ايران ۾ هن جي اڀاريل تحريڪ کي حسين منتظري سنڀاليو جنهن جي بدلي ۾ کيس ۱۹۷۴ ۾ جيل موڪليو ويو جتان کيس ۱۹۷۸ ۾ آزاد ڪيو ويو. ان بعد هن وري تحريڪ کي اڀاريو ۽ آخر ۾ ايران ۾ انقلاب آيو. منتظري هڪ وڏو عالم دين ۽ مذهبي قانوندان آهي. سندس هڪ ڪتاب دراست في ولايھ الفقھ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ تمام اسڪالري ڪتاب آهي. ايران ۾ انقلاب بعد هو Assembly of Experts (مجلس خوبرگان) جو ميمبر ٿي رهيو ۽ ملڪ جو آئين ٺاهڻ ۾ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو. پاڻ وڏو عرصو قم ۾ جمعي نماز پڙهائيندو رهيو. اڳتي هلي هن امام خميني جي ڪيترين پاليسين سان اختلاف ڪيو ۽ کيس سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment