Thursday, February 03, 2011

خامنائي ۽ خاتمي - الطاف شيخ

خامنائي ۽ خاتمي
الطاف شيخ
ايران ۾ جيڪو اچي ٿو يا ايران کان جيڪو واقف آهي اهو امام خميني (آيت الله روح الله خميني) کان به ضرور واقف آهي جيڪو ايران جو وڏو عالم هو جنهن ايران جي پهلوي شهنشاه ۽ ان جي غير محب وطن ۽ عوام دشمن حڪومت سان ٽڪر کائي ملڪ ۾ انقلاب آندو ۽ ان ملڪ جو سپريم ليڊر ٿي، جنهن مثالي سادگي واري زندگي ۾ رهيو ان جو اڄ جي دؤر ۾ جواب ناهي. ايران جو موجوده صدر محمود احمدي نزاد به اصولن تي اٽل، سادگي جي زندگي، ايران ۽ ان جي عوام جي خدمت ڪري ايران ۽ اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ آمريڪا جهڙي سپر پاور جي پرواه نه ڪندي هن نيوڪليئر پاور جي معاملي ۾ کتا جواب ۽ يهودي لابي خلاف بي ڊپا بيان ڏيڻ ڪري مغرب ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
 
امام خميني ۽ محمود احمدي نزاد جي زندگي جو احوال هن کان اڳ بيان ڪري چڪو آهيان. ايران جون ڪجهه ٻيون سياسي ۽ مذهبي شخصيتون جن جا ايران جي شهرن ۾ اڪثر پوسٽر (وڏيون تصويرون) نظر اچن ٿيون ۽ ماڻهن واتان انهن جون ڳالهيون ٻڌجن ٿيون انهن مان ٻن ٽن جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، نه ته هتي ايران ۾ ايندڙ ڪيترن کي مونجهارو ٿو رهي ته خميني، خامنائي ۽ خاتمي ساڳيا ماڻهو آهن، ساڳيو لقب آهي يا ڪجهه ٻيو. ملڪ جو وڏو ڪير آهي...... وغيره وغيره.
خامنائي- سڄو نالو آيت الله سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو ۽ موجوده سپريم ليڊر (رهبر معظم ۲۳۷) آهي. پاڻ ۱۹۸۱ کان ۱۹۸۹ تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ”وزيراعظم“ جو به عهدو هو جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون آهن ۽ صدر جيڪو پهرين فقط نالي ماتر رهيو ٿي يعني Figure Head طور ۽ سندس ڪي خاص اختيار نه هئا هاڻ Executive ۽ Head of State آهي. هو ملڪ جو سڀ ۾ وڏو چونڊيل نمائندو آهي.
صدر کان علاوه ملڪ جو ٻيو سربراه ”رهبر معظم ‎“ يعني Supreme Leadev سڏجي ٿو. هو ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اٿارٽي مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريہ ايران جو پهريون سپريم ليڊر هو ۽ ۱۹۸۹ ۾ سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو سپريم ليڊر آهي. سندس تصويرون اڪيلي سر يا امام خميني سان گڏ جتي ڪٿي نظر اينديون. سپريم ليڊر گهڻو ڪري اهو ٿئي ٿو جيڪو عالم دين هجي.
سيد علي حسيني خامنائي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ ۱۹۸۱ کان ۱۹۸۹ تائين ايران جو صدر ٿي رهيو. اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ڇهه صدر ٿي چڪا آهن جيڪي هن ريت آهن:
-ابوالحسن بني صدر
-محمد علي رجائي
-علي خامنائي (سيد علي حسيني خامنائي)
-اڪبر هاشمي رفسنجاني
-محمد ختامي، ۽
-هاڻوڪو صدر: محمود احمدي نزاد
ايران جو ٻيو صدر محمد علي رجائي ڪو ۱۴ ڏينهن صدر مس رهيو ته کيس ڪنهن بم ذريعي قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد هي اڄ وارو سپريم ليڊر علي خامنائي ايران جو صدر ٿيو هو. پاڻ ۱۹۳۹ ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ آذري فئملي ۾ ڄائو. علي خامنائي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار آهي. هن جا ٻه ٻيا ڀائر به هن وانگر ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. سندس ننڍو ڀاءُ هادي خامنائي هتي جي هڪ اخبار جو قابل ايڊيٽر ۽ مولوي آهي.
علي خامنائيءَ اڃا پرائمري تعليم به پوري نه ڪئي ته سندس والدين کيس مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ موڪلڻ شروع ڪيو. مشهد جي هن مدرسي ۾ ايران جون مشهور شخصيتون حاجي شيخ هاشم قاضيويني ۽ آيت الله ميلاني هن جا معلم رهيا. ۱۹۵۷ ۾ هو نجف هليو ويو جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن حسين بورجردي ۽ روح الله خميني جهڙن آيت هن جا ڪلاس اٽينڊ ڪيا. ان بعد ۱۹۶۳ کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شهنشاهه پهلوي جو زمانو هو، جنهن کي اهي ڳالهيون پسند نه هيون ۽ علي خامنائي کي ڪيترا دفعا جيل به وڃڻو پيو.
علي خامنائي ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار رهيو ۽ امام خميني جي ويجهن ساٿين مان هو. تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي ۱۹۷۹ ۾ استيفا ڏيڻ بعد امام خمينيءَ علي خامنائي کي ليڊر بنايو. عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ جي ميدان ۾ به رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي هو شديد زخمي ٿي پيو. هن کي اڄ به ”زنده شهيد“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.
علي خامنائيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فيلڊ ۾ ايران جي نوجوانن کي ڪافي اڳيان آندو آهي. هن جو اهو چوڻ آهي ته زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو ذخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن.
علي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن جن مان ڪجهه انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن. سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نو واليوم تعليمي ادارن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب علي خامنائي عربي مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.
سيد علي حسيني خامنائي کان علاوه سيد محمد خاتمي به ايران جي مشهور سياسي ۽ مذهبي شخصيت آهي جنهن جو نالو ۽ تصويرون پڻ ايران ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ کي نظر اچن ٿيون.
سيد محمد خاتمي اسلامي جمهوريہ ايران جو پنجون صدر هو. پاڻ ايران جو وڏو عالم، اسڪالر ۽ سياستدان آهي. ايران جي صوبي يزد جي شهر ارڌاڪان ۾ ۱۹۴۳ ۾ ڄائو. سندس والد مرحوم آيت الله روح الله خاتمي به ايران جي وڏن عالمن مان هو ۽ ايران جي اسلامي انقلاب جي شروع وارن سالن ۾ يزد شهر جي وڏي مسجد جو خطيب هو. جتي هو جمعي نماز تي خطبو پڙهندو هو.
محمد خاتمي ٻه دفعه صدر چونڊيو ويو. پهريون دفعو ۱۹۹۷ ۾ ۷۰ سيڪڙو ووٽ کڻي اليڪشن کٽيائين. ٻي ٽرم ۾ ۲۰۰۱ ۾ هن کي ان کان به وڌيڪ (۷۸ سيڪڙو) ڪاميابي حاصل ٿي. کيس گهڻي ڀاڱي ووٽ ايراني عورتن ۽ نوجوانن ڏنا جو هن عورتن جو درجو بهتر ڪرڻ ۽ نوجوانن جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو وعدو ڪيو. کانئس پوءِ اڄ وارو صدر محمود احمدي نزاد صدر ٿيو. محمد خاتمي ۱۹۸۰ کان ۱۹۹۰ تائين ايران جو وزير ثقافت به ٿي رهيو. پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۱۹۶۱ تائين قم ۾ رهيو. ان بعد اصفهان يونيورسٽي مان ”ويسٽرن فلاسافي“ ۾ B.A. ڪئي ۽ پوءِ تهران يونيورسٽي مان ”ايڊيوڪيشنل سائنسز“ ۾ M.A ڪئي جنهن بعد رهيل ديني تعليم لاءِ ست سال قم ۾ اچي پڙهيو جتي هن اعليٰ ليول جي تعليم (اجتهاد) جا ڪورس مڪمل ڪيا. ان بعد هو جرمني جي شهر هئمبرگ ۾ آيو جتي جي اسلامڪ سينٽر جو هو ايراني انقلاب تائين چيئرمين ٿي رهيو.
ايران جو صدر ٿيڻ کان اڳ محمد خاتمي ايران جي پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو هو. هو ڪيهان اخبار واري اداري ڪيهان انسٽيٽيوٽ جو سپروائيزر به ٿي رهيو . پاڻ ايران جي قومي لئبرري جو ۱۹۹۲ کان ۱۹۹۷ تائين هيڊ ٿي رهيو ۽ ۱۹۹۲ کان ۱۹۹۷ تائين سپريم قونصل آف ڪلچرل روالوشن، جو ميمبر به ٿي رهيو. کيس ايران جي پهريون Reformist صدر چيو وڃي ٿو ۽ هن جي صدارت وارن ڏينهن ۾ ايران جي خارجي پاليسي Confrontation واري فيز مان نڪري Conciliation ۾ داخل ٿي.
محمد خاتمي هڪ وڏو اسڪالر به آهي. هن جي ريسرچ فيلڊ جو سبجيڪٽ Political Philosophy رهيو آهي. جواد طاباطابائي جهڙا سياسي فلاسفر سندس ٽيچر ٿي رهيا آهن. خاتمي پاڻ به تربيت مدارس يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل فلاسافي پڙهائي ۽ ان سبجيڪٽ تي ۱۹۹۹ ۾ سندس ڪتاب به ڇپيو. پاڻ فارسي کان علاوه عربي، انگريزي ۽ جرمن زبانن جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ سندس مختلف زبانن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن مان انگريزي ڪتاب: Islam, Liberty and Development
۽ عربي ۾: ”مطالعات في الدين والاسلام والعصر.“
۽ ”مدينة السياسة“ مشهور ڪتاب آهن. سندس فارسي جا ڪيترائي ڪتاب ايران جي تعليمي ادارن ۾ به پڙهايا وڃن ٿا جيئن ته:
* بيم موج (لهر جو خوف)
*دنيا از دنيا شهر تا شهر (دنيا جي شهر کان شهر جي دنيا تائين)
*مردم سالاري (ڊيموڪريسي)
*گفتگوي تمدنها Dialogue amoing Civi lizations
* نامھ اي براي فردا (سڀاڻي لاءِ خط)
* زنان و جوانان (عورتون ۽ نوجوان)
وغيره وغيره
محمد خاتمي سان ملڪ جي نوجوانن جي هڪ گڏجاڻي واري واقعي جي ايران توڙي دنيا ۾ ڪافي مشهوري ٿي جنهن جي آرگنائيزر ۽ انائونسر ايران جي هڪ نوجوان ۽ مشهور فلم ائڪٽريس ”پيگاه آهن گراني“ هئي. هي فنڪشن ۲۲ ڊسمبر ۲۰۰۵ ۾، جڏهن محمد خاتمي کي صدارت جي ڪرسي ڇڏي ڪجهه مهينا ٿي ويا هئا، ايران جي ماهوار مئگزين ”چيلچراغ“ ۽ ايران جي نوجوان آرٽسٽن سابق صدر جي مان ۾ هن فنڪشن جو تهران ۾ بندوبست ڪيو هو. هي فنڪشن جيڪو هڪ Concert لڳي رهيو هو جنهن ۾ ختامي هڪ پاپ اسٽار لڳي رهيو هو. IRNA, BBC ۽ ٻين نيوز ايجنسين هن گڏجاڻي جو نالو The Man With the Chocolate Robe (فارسي ۾: مردي باعباي شڪلاتي،) مشهور ڪيو هو. ڪيترن ملڪي ۽ غير ملڪي رسالن ۾ هن فنڪشن جو هڪ فوٽو جنهن ۾ محمد خاتمي جي هڪ پاسي ”پيگاه آهن گراني“ بيٺل آهي ته ٻئي پاسي ”باران ڪوساري“ نظر اچي رهي آهي.
محمد خاتمي جي شادي ۳۱ ورهن جي ڄمار ۾ ۱۹۷۴ ۾ مذهبي قانون جي مشهور پروفيسر جي ڌيءَ ۽ موسيٰ الصدر جي ڀاڻيجي زهرا صادقي سان ٿي. جنهن مان هن کي ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي. وڏي ليلا جيڪا ۱۹۷۵ ۾ ڄائي اڄ ڪلهه مئٿس جي پروفيسر آهي، ٻيو نمبر نرگس (ڄم جو سال ۱۹۸۲) ۽ پٽ عماد (ڄم جو سال ۱۹۸۸) آهي. هنن هڪ ٻار مهدي نالي نپايو پڻ آهي.
ايران جي سياستدانن جي هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي وڃي ته هو مئٽرڪ فيل يا ٺڳ يونيورسٽين جا ڪوڙا گرئجوئيٽ نه آهن. گهڻو اڳ پنهنجي ملڪ جي هڪ سياستدان (جيڪو هينئر مرحوم ٿي چڪو آهي) کان جڏهن پڇيو هوم ته هو ڇا پڙهيل آهي ته هن ٽهڪ ڏيندي چيو هو: ”مئٽرڪ فيل بي اي پاس آهيان.“
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
”اهو هن ريت“ هن وراڻيو ”مئٽرڪ انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪئي هيم. امتحانن ۾ سختي هئي. ڪاپيءَ جو بندوبست نه هو. فيل ٿي پيس. B. A پاڪستان ٿيڻ بعد ڪيم.“
بهرحال ايران جي وزيرن ۽ سياستدانن کي ٿو ڏسان ته هو نه فقط ديني مدرسن مان اعليٰ مذهبي تعليم حاصل ڪيل آهن پر ملڪ جي مٿانهين يونيورسٽين جا گرئجوئيٽ پڻ آهن. نه رڳو پاڻ پر سندن ڀائر ڀينرون ۽ اولاد پڻ. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڪيترن ئي وڏيرا ٽائيپ وزيرن ۽ سياستدانن جا ٻار لوفر ٿيو پيا هلن. يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ داخلا ضرور وٺن ٿا پر نه پاڻ ٿا پڙهن نه ڪنهن غريب کي ٿا پڙهڻ ڏين.ايران جي هن سابق صدر محمد خاتمي کي ئي ڏسو ته هن پنهنجي اڌ عمر قم جي ديني مدرسن ۽ اصفهان ۽ تهران جي يونيورسٽيز مان علم حاصل ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي. سندس هڪ ڀاءُ علي خاتمي جيڪو بزنس مئن آهي، ان بروڪلن (نيويارڪ) جي يونيورسٽي مان انڊسٽريل انجنيرنگ ۾ M. E ڪئي. ٻيو ڀاءُ تهران يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ ڊاڪٽر رضا خاتمي ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر رضا جي شادي ايراني انقلاب جي باني امام خميني جي ڏهٽي زهرا اشراقي سان ٿي آهي. هوءَ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ (Activist) آهي.
صدر محمد خاتمي جي ڀيڻ فاطمہ خاتمي به تهران يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ آهي ۽ هوءَ ارڌاڪان سٽي ڪائونسل جي پهرين عورت نمائنده هئي. هن ۱۹۹۹ واري اليڪشن ۾ کٽيو هو.

No comments:

Post a Comment