نادرشاهه کي ماهر نفسيات جي ضرورت هئي
امام رضا جي روضي تان پنهنجي هوٽل ڏي موٽڻ وقت ”صحن جامع رضوي“ مان لنگهي رهيا هئاسين ته ”الحرمين ٽريولرز“ طرفان مقرر ڪيل اسانجي هن سفر جو ليڊر محمد علي رضوي صاحب ٻڌايو ته ايران جو مشهور بادشاهه نادر شاهه جنهن ۱۷۳۸ ۾ انڊيا وڃي ڦر ڪئي، هن شهر مشهد ۾ دفن ٿيل آهي ۽ سامهون اشارو ڪري ڏيکاريائين ته سندس مقبري مٿان ٺهيل گهوڙي سوار جي مورتي جو ڪجهه حصو هتان نظر اچي رهيو آهي.
”محمد علي اهو ڪهڙي هنڌ تي آهي؟“ مون پڇيو. دراصل الحرمين ٽريول طرفان اسانکي ايران جون فقط مذهبي جايون ڏيکارڻ جو بندوبست آهي. پر آئون وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي هيڏانهن هوڏانهن نڪريو وڃان. ڪراچي جي الحرمين طرفان ايران جي زيارتن ڏيکارڻ جو مدو هڪ هفتو پورو ٿيڻ بعد ايران ۾ ٻه ٽي هفتا رهي هڪ ته جهاز تي ڪم ڪندڙ پنهنجن ايراني دوستن سان ملڻ چاهيان ٿو، ۽ ٻيو مشهد ۽ قم کان علاوه ايران جا ٻيا تاريخي شهر شيراز، تبريز، اصفهان، زاهدان وغيره ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ هفتو کن ايران جي مئرين اڪيڊمي، جيڪا ايران بلوچستان يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهي ۽ سامونڊي ڪناري واري شهر ”ڇابهار“ ۾ آهي، اتي جي انجنيئرنگ جي شاگردن کي هفتو کن شپ ڪنسٽرڪشن ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جا ليڪچر ڏيڻ چاهيان ٿو. ايران ۾ اچڻ کان اڳ آئيڊيا نه هئم پر هاڻ هتي پهچي محسوس ڪريان ٿو ته ايران انهن ملڪن مان آهي جتي امن امان جي صورت بهتر آهي ۽ هڪ عورت به اڪيلي سر گهمي ڦري سگهي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته ايران ۾ آيل ڌارئين لاءِ انڊيا، جپان يا سعودي عرب وانگر پابندي لڳل ناهي ته هو فقط ٻن يا ٽن شهرتائين محدود رهي. پر ايران ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ڌاريون مسافر آزاد آهي ته هو لڳاتار ٽي مهينا سڄي ايران ۾ گهمندو وتي . بهرحال اسانجو ايران ۾ پهريون هفتو جيتوڻيڪ فقط مذهبي جايون ڏسڻ لاءِ وقف ٿيل هو پر وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي اوسي پاسي جي مختلف شاعرن، اديبن، بادشاهن جي مقبرن ۽ تواريخي جاين تي پنهنجي منهن هليو وڃان ٿو. انهن ۾ عمر خيام، فريدالدين عطار، ڪمال وملوڪ ۽ نادر شاهه جهڙن جا مقبرا ۽ ٻيون تاريخي جايون آهن، جن ۾ اسانجي گروپ جي باقي ماڻهن جي دلچسپي نه آهي. هنن جو گهڻو وقت امام رضا جي روضي تي عبادت ۾ گذري ٿو، يا وري مشهد جي وڏي بازار- ”بازار رضا“ ۾ شاپنگ ڪندي.
منهنجي پڇڻ تي محمد عليءَ ٻڌايو ته نادرشاهه جو مقبرو هتان ڪو ميل ڏيڊ جي پنڌ تي آهي. اهو هتي مشهد جي شهدا اسٽريٽ تي ان هنڌ آهي جتان آزادي اسٽريٽ شروع ٿئي ٿي.
نادر شاهه جي مقبري جي مرمت ۽ ان مٿان هيءَ موجوده مورتي (Statue) چار پنج ڏهائيون اڳ ۱۹۵۹ ۾ مڪمل ٿي. ڪنڪريٽ جي هڪ وڏي Slab جي هيٺيان زمين دوز حجرو آهي جنهن ۾ نادرشاهه دفن ٿيل آهي ۽ ان سلئب مٿان ٽامي ۽ قلعي (Bronze) جي مورتي آهي جيڪا هڪ گهوڙي سوار جي آهي، جنهن جي مٿي تي پٽڪو ۽ هٿ ۾ ڪهاڙي آهي. ان جي پويان ٻيا پيادا سپاهي آهن يعني هڪ ڪمانڊر (جيڪو نادر شاهه آهي) پنهنجي فوجين سان گڏ ڪنهن جنگي مهم لاءِ وڃي رهيو آهي. اهو پنج ميٽر (يعني ۱۵ کن فٽ) اتاهون مجسمو آهي ۽ ان جو وزن ۱۴ ٽن يعني چارسئو کن مڻ چيو وڃي ٿو. هيءَ مورتي (مجسمو) مشهور ايراني بت تراش (مجسمي ساز) ابوالحسن صادقي (۱۹۹۵-۱۸۹۷) ڊيزائين ڪيو جيڪو پوءِ اٽليءَ ۾ اتي جي Sculptor بروني تيار ڪيو. مرحوم ابوالحسن صادقي ايران جي عظيم چترڪار (Painter) ڪمال وملڪ جو شاگرد هو. ڪمال ملڪ جو واسطو به مشهد سان رهيو ۽ سندس مقبرو ڀر واري شهر نيشاپور ۾ آهي جتي عمر خيام ۽ فريد دين عطار جو پڻ مقبرو آهي. انهن ماڻهن جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين. نادر شاهه انڊيا تي حملي دوران مشهد کي پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو شهر بڻايو ۽ انڊيا ۽ ٻين هنڌان مال جي ڦرلٽ ڪري هتان اچي ٿي نڪتو. نادر شاهه جي هن مقبري وٽ هڪ ننڍڙو ميوزم ۽ لئبريري پڻ آهي. نادرشاهه جون يادگار شيون خاص ڪري جنگي نوعيت جو سامان، جنهن جا ۱۳۰ ننگ ٿيندا، هن ميوزم ۾ رکيل آهن. اهو روزانو ساڍي ستين کان ساڍي ٻارهين ۽ شام جو ٻي کان ساڍي چئين تائين ٽوئرسٽ لاءِ کليل رهي ٿو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن جمعو بند رهي ٿو.
نادرشاهه هڪ عجيب ظالم ۽ چريو بادشاهه ٿي گذريو آهي جنهن هِتان هُتان ڦر ڪري ايران ۾ مال آندو ٿي پر ايراني به هن مان گهڻو خوش نه هئا جو هنن کي به شڪ جي بنياد تي ماريندو رهيو ٿي. لڳاتار جنگين پويان ڦر جو آندل پئسو خرچ ٿي ويو ته وڌيڪ خرچن جي پورائي لاءِ عوام مان اوڳڙ ڪندو وتيو. آخري ڏينهن ۾ ايران جي رهاڪو شيعن کي زوريءَ سني بنائڻ کي ثواب جو ڪم سمجهڻ لڳو باقي کانئس پڙهي نماز به نٿي ٿي. حملن دوران ته تيمور وانگر جتي ڪٿي هزارين ماڻهو ماريائين. هو چوندو هو ته تيمور ۽ چنگيز خان سندس ماڊل آهن. سخت سئڪو قسم جو بادشاهه هو. انهن ڏينهن ۾ هئا رڳو حڪيم ۽ ڦيڻو ڦڪي ڪرڻ وارا. هجي ها ڪو نفسياتي ڊاڪٽر يا سئڪاٽرسٽ ته هن Paranoid جو علاج ڪري ها ۽ پاڻ ۽ عوام بي وقتائتي موت کان بچي وڃن ٿا. بهرحال ۱۷۴۷ ۾ هو ڪردن کي موچڙا هڻڻ لاءِ خراسان وڃي رهيو هو ته رستي تي فتح آباد شهر ۾ سندس گارڊن جي ڪمانڊر صالح بيگ کيس ننڊ مان اٿاري، خنجر جا مٿس وار ڪري ٻي جهان اماڻي ڇڏيس.
نادر شاهه ۱۶۹۸ ۾ ايران جي ”دست گرد “ شهر ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندس قبيلي جو نالو افشار هو ان ڪري پاڻ نادرشاهه افشار به سڏجي ٿو. ان کان علاوه نادر قلي بيگ ۽ تهما شپ قلي خان پڻ سڏجي ٿو. نادر شاهه ننڍو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو ۽ پاڻ ۽ سندس ماءُ ازبڪ يا ترڪومن قبيلي جي ڌاڙيلن ور چڙهي ويا جن هنن کي غلام ڪري وڪڻڻ جي ٿي ڪئي پر نادر هنن جي ور مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نادر شاهه شهر جي نوجوان داداگيرن جي هڪ گئنگ جو ميمبر وڃي ٿيو جنهن جو اڳتي هلي پاڻ سالار ٿيو ۽ پهرين ننڍي ليول تي، ان بعد وڏي پئماني تي جهيڙا ۽ لڙائيون ڪندو هڪ طاقتور ليڊر ٿي پيو ۽ پنهنجي قبيلي جي سردارن جي زور تي ۱۷۳۶ ۾ (۳۸ ورهن جي ڄمار ۾) ايران جو بادشاهه مڃيو ويو. تاجپوشي بعد ۱۷۳۸ ۾ هن قنڌار تي ڪاهه ڪئي ۽ سال بعد ۱۹۳۹ ۾ ڪرنال جي جنگ ۾ هن مغل فوج کي شڪست ڏيئي ان وقت جي مغل بادشاهه محمد شاهه کي گرفتار ڪيو ۽ هڪ فاتح جي حيثيت سان دهليءَ ۾ داخل ٿيو. دهليءَ ۾ ڪافي وڳوڙ مچي ويو جنهن ۾ ايراني فوجن ٽيهه هزار کان مٿي شهري قتل ڪري ڇڏيا. محمد شاهه مغل کي معافيءَ لاءِ ٻاڏائڻو پيو جنهن جي بدلي ۾ هن نادر شاهه حوالي خزاني جون چاٻيون ۽ مورتخت (Peacock Throne) ڪيو. ان بعد هي مور تخت پرشيا (ايران) جي شان شوڪت ۽ طاقت جي نشاني رهيو. ان کان علاوه ٻيا جيڪي هيرا جواهر نادرشاهه انڊيا مان کنيا انهن ۾ ڪوهه نور ۽ درياهه نور (جبل جي روشني ۽ سمنڊ جي روشني) نالي مشهور هيرا پڻ هئا. ان کان علاوه نادرشاهه جي سپاهين هزارين هاٿي، گهوڙا ۽ اٺ کنيا جن تي هو ڦر جو سامان رکي هيڏانهن ايران کان اچي نڪتا. هي مال ايڏو ته گهڻو هو جو نادرشاهه ان بعد ٽن سال لاءِ ايرن وارن لاءِ ٽئڪس معاف ڪري ڇڏيو.
انڊيا کان واپسي تي نادرشاهه جي صحت صحيح رهڻ نه لڳي ان ڪري سخت چڙچڙو ٿي پيو. مشهد پهچڻ کان اڳ ڪنهن خبر هلائي ته نادرشاهه مري ويو آهي. ان تي پٺيان ويٺل سندس پٽ رضا قليءَ پنهنجي پيءُ جي خبر لهڻ بدران تخت تي وهڻ جي تياري ڪئي ۽ ماڳهين ٻين مائٽن کي قتل ڪري ڇڏيو. ويندي پراڻن حاڪمن شاهه تاهما شپ ۽ ان جي نون سالن جي پٽ عباس سوم کي به قتل ڪري ڇڏيو. نادر اهي ڳالهيون ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ پٽينس کي ڇنڊ ڪڍيائين. اڳتي هلي ڪنهن نادر کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويو. پرهن اهوئي سمجهيو ته ان ڪم پٺيان سندس پٽ جو هٿ آهي. سو پنهنجي پٽ رضا قليءَ جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين. جيتوڻيڪ پوءِ سگهوئي معلوم ٿي ويو ته ان معاملي ۾ سندس پٽ معصوم هو. بهرحال نادر جو ڏينهون ڏينهن دماغ توائي ٿيندو رهيو.هن ڪڏهن ڪنهن ڌُر تي شڪ ڪري ان کي مارايو ٿي ته ڪڏهن ڪنهن کي. هن جي ڪهاڻي قتل عام جي ڪهاڻي آهي جيتوڻيڪ هو سٺو سپاهي ۽ ويڙهاڪ به هو. هن هڪ طاقتور نيوي ٺاهي جنهن ذريعي عربن کان بحرين جو ٻيٽ کسي ورتو. ۱۷۴۳ ۾ هن اومان ۽ هن جو اهم شهر مسقط فتح ڪيو. پر ساڳي وقت بيماري ڪري هو ويو وڌيڪ ظالم ٿيندو ۽ پوءِ ماڻهن کان گهڻي کان گهڻو ٽئڪس وٺڻ لڳو. نتيجي ۾ جتي ڪٿي بغاوتون شروع ٿي ويون جن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هن لاش جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ پنهنجي هيرو تيمورلنگ وانگر جيڪو ماڻهن کي قتل ڪري کوپڙين جو اهرام ٺهرائيندو هو، هي پڻ انساني کوپڙين جا ٽاور ٺهرائڻ لڳو. چڱو جو سندس چوڪيدار صالح بيگ کيس ستي مان جاڳائي ماري ڇڏيو- جيئرو رهي ها ته خبر ناهي اڃا ڪيترا قتل ڪري ها. رات جي مانيءَ تي اسان جي قافلي جي ليڊر ۽ گائيڊ پڇيو ته نادر جي مقبري تي آئون پهچي سگهيس يا نه؟
”جي ها پهچي ويس“ ، مون وراڻيو مانس، ” مونکي فوٽو ڪڍڻو هو ان لاءِ هلي ملي ويس، نه ته نادر ڪو اهڙو چڱو مڙس ناهي جنهن جي قبر تي ڪنهن ٻئي کي وڃڻ جي ضرورت پوي.“
No comments:
Post a Comment