گوهر شاد مسجد الغ بيگ جي ياد ڏياري
ايران جي شهنشاهه شاهه رخ ۽ سندس زال گوهر شاد (جنهن جي نالي حرم مشهد ۾ گوهر شاد مسجد آهي) جو احوال لکندي هنن جي وڏي پٽ مرزا محمد طارق (الغ بيگ) تي ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو. الغ بيگ ۱۳۹۴ ۾ ايران ۾ ڄائو ۽ ۱۴۴۹ ۾ وفات ڪيائين. جتي الغ بيگ جو ڏاڏو تيمور لنگ هڪ ظالم بادشاهه مڃيو وڃي ٿو، اتي سندس پيءُ شاهه رخ ۽ ماءُ گوهر شاد آرٽ، عمارتسازي ۽ فن جا متوالا هئا جن ڪيتريون ئي خوبصورت عمارتون ٺهرايون. هنن جو هي وڏو پٽ الغ بيگ (انگريزي ۾ هن جو نالو Ulug Bey, Ulugh Beg ۽ Ulugh Bekلکيو وڃي ٿو) زندگي جا فقط آخري ٻه سال فرارود Transoxiana) ۽ فارس جو بادشاهه ٿي رهيو. هو علم فلڪيات (Astronomy) سان واسطو رکندڙ مئٿس- جئين ته ٽرگناميٽري ۽ Spherical جاميٽري جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ اڃان ننڍو ٻار هو ته پنهنجي ڏاڏي تيمور لنگ سان گڏ عراق، ايران، شام ويندي انڊيا گهمندو رهيو. تيمور ۱۳۳۶ ۾ ڄائو هو ۽ الغ بيگ جڏهن يارهن سالن جو هو ته ۱۴۰۵ ۾ تيمور گذاري ويو. ان بعد هو پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ رهڻ لڳو. ۱۴۰۹ ۾ جڏهن شاهه رخ گاديءَ جو هنڌ هرات ڪيو ته الغ بيگ کي سمرقند جو گورنر بنايو ويو. سمرقند اڄ ڪلهه ازبڪستان ۾ آهي پر ان وقت پرشيا (ايران) جي راڄ ۾ هو. هن نوجوان حاڪم سمرقند کي ذهين ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو مرڪز بنائي ڇڏيو .سمر قند جي ريگستان چوڪ وٽ هن ۱۴۲۰ ۾ ” مدرسھ“ (يونيورسٽي) ٺهرائي جتي هن دنيا جي ڪيترن ماهر فلڪيات ۽ حسابن جي ماهرن(Mathematicians) کي مدعو ڪيو. ڇهه سئو سال پراڻي اها عمارت اڄ به سمرقند ۾ موجود آهي. الغ بيگ جو انگي حسابن ۾ سڀ کان مشهور شاگرد غياث الڪاشي (۱۴۲۹-۱۳۷۰) ٿي گذريو آهي.
۽ هي ٻه چار سٽون منهنجي جهازي دوستن ۽ شاگردن جي دلچسپي لاءِ آهن.
الغ بيگ جو گهڻو شوق Astronomy سان هو ۽ هن ۱۴۲۸ ۾ هڪ تمام وڏي Observatory گورخاني زنج نالي ٺهرائي. ٽيلي اسڪوپن جي اڻ هوند ڪري هن صحيح حساب ڪتاب رکڻ لاءِ پنهنجي ايجاد ڪيل فخريSextant جي ڊيگهه وڌائي ۽ هن اٽڪل ۹۹۴ تارن جو حساب ڪتاب رکيو. هن ڪيترن عرب فلڪيات جي ماهرن جون چڪون صحيح ڪيون. تارن جي ٺاهيل هن جي ڪئٽلاگ ۱۶۶۵ ۾ ٿامس هائيڊ آڪسفورڊ ۾ Edit ڪري ٽائيٽل ڏنو.
“Tabulae longitudinis et latitudinis stellarum fixarum exabervation Ulug Beighi”
الغ بيگ سال Sidereal Year جي ڊيگهه پڻ ڪڍي جيڪا اڄ ڏينهن تائين صحيح سمجهي وڃي ٿي. اڄ ڪلهه جو هر شاگرد ٽرگناميٽري جي Tables کان واقف آهي. الغ بيگ Sine ۽ ٽئنجنٽ جي ڊيسيمل (ڏهائي) کان پوءِ اٺن انگن تائين صحيح وئليو ڪڍي يعني جيڪا ٺهيل ٺڪيل ڳالهه Trignometric Tables اسان کي ڏکيائيءَ سان سمجهه ۾ ٿا اچن سي هن ۶۰۰ سال اڳ ايجاد ڪيا. الغ بيگ جي انهن خذمتن ڪري ۱۹۸۸ ۾ سوويت روس (USSR) الغ بيگ جي ياد ۾ پوسٽ جي ٽڪلي ڪڍي ۽ لئٽيويا جي شهر ريگا ۾ الغ بيگ جي ماڻهوءَ جي قد کان وڏي مورتي آهي، جنهن جي هيٺيان مڪاني زبان ۾ “Mirzo Ulugbek” لکيل آهي .
چنڊ تي جيڪي داغ نظر اچن ٿا اهي تمام وڏا کڏا آهن جن مان ڪي ڪي ته ٻه ٻه ميلن جي گولائي ۾ آهن. الغ بيگ جي سائنسي ڪمن کي Tribute بخشڻ لاءِ جان هائينرچ نالي هڪ جرمن سائنسدان ۱۸۳۰ ۾ چنڊ جي هڪ کڏي (Crater) جو نالو Ulugh Beigh Crater رکيو.
تيمورلنگ جو پوٽو ۽ گوهرشاد ۽ شاه رخ جو هي پٽ الغ بيگ، جيڏو سائنس جي ڪمن Astronomy ۽ حسابن ۾ ذهين هو اهڙو هو حڪومتي انتظام سنڀالڻ ۾ جڏو هو ۽ جنگيون هارائڻ ڪري ملڪ جا ڪيترا حصا دشمنن حوالي ٿي ويا. ڪا ٻه سال به حڪومت مس ڪيائين ته سندس وڏي پٽ عبدالطيف سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. ان وقت الغ بيگ حج لاءِ سفر ۾ هو ۽ سندس لاش اتي ئي رستي تي دفن ڪري ڇڏيو جيڪو پوءِ سندس مائٽ بابر (جيڪو پوءِ هندستان جو بادشاهه ٿيو ۽ مغل گهراڻي جو بنياد وڌو) هن جي بچيل سچيل هڏين کي اتان ڪڍائي سمرقند ۾ سندس ڏاڏي جي مقبري ڀرسان دفن ڪرايو. اڄ امام رضا جي روضي ۾ گهڙندي ڀرسان گوهرشاد مسجد کي ڏسي سندس لائق فائق وڏو پٽ الغ بيگ ياد اچي ويو جنهن جي علم فلڪيات ۽ ٽرگنا ميٽري جي ڪيترين شين جي ايجاد ڪري اڄ اسان کي پاڻي جي جهاز تي Sextant ذريعي سمنڊ تي پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي. اڄ اسان ٽرگناميٽري ذريعي جهاز جو طئي ڪيل فاصلو سج ۽ تارن جي چرپر ذريعي ماپيو وٺون.
No comments:
Post a Comment