امام رضا جي روضي مبارڪ جي تاريخ
هڪ ڏينهن مشهد جي مشهور بازار رضا ۾ پنهنجي ڪئميرا جا فوٽو پرنٽ ڪرائڻ لاءِ دڪان پڇائي رهيو هوس ته مٿي تي ٻڌل اڇي عمامي ۽ ناسي گائون ۾ هڪ مولوي مليو.
”آئون توکي فوٽو گرافر جو دڪان ٿو هلي ڏيکاريان“، هن اڙدو ۾ چيو ، ” مون کي پڻ اتان حج لاءِ فوٽو ڪڍائڻا آهن.“
فوٽو گرافر جو دڪان ڀر واري گهٽيءَ ۾ ئي هو. هن پاسپورٽ سائيز فوٽو ڪڍرايا ۽ مون پنهنجي ڪئمرا تان CD تي فوٽو ٽرانسفر ڪرايا جيئن منهنجي ڪئميرا هڪ دفعو وري خالي رهي سگهي ۽ آئون دل کولي گهڻي کان گهڻا فوٽو ڪڍي سگهان.
جيسين هن جا فوٽا تيار ٿين تيسين مون ساڻس خبر چار شروع ڪئي.
”پاڪستان جا آهيو؟“ مون پڇيو.
”جي ها.“
”ڪٿي جا؟“
”حيدرآباد واڻڪي وسي جا.“
”ڪير آهيو پاڻ؟“ مون پڇيو.
”لغاري آهيان. ڪرم علي حيدري نالو اٿم.“ هن ٻڌايو.
مون کيس ٻڌايو ته آئون به حيدرآباد ڀرسان هالا شهر جو آهيان ۽ پنهنجو نالو ٻڌائڻ تي هن ٻڌايو ته هُن منهنجا ڪيترائي سفرناما پڙهيا آهن ۽ هو هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان مونکي ڪڏهن ڪڏهن اي ميل به ڪندو رهي ٿو. پاڻ ٻڌائين ته سندس e_mail ائڊريس rahmashhadi@hotmail.com آهي. مون کلندي چيو مانس ته تون مونکي پهريون ماڊرن مولوي مليو آهين.
”هتي ايران ۾ هر مدرسي جي شاگرد کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي.“ هن ٻڌايو.
”توهان هتي زيارت لاءِ آيا آهيو يا ڪنهن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ؟“ مون حيدري صاحب کان پڇيو.
”آئون ننڍو هوس ته ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي آيو هوس، “ هن ٻڌايو، ”هينئر سترهن سالن کان هتي جو هڪ مدرسو ”مدرسھ علميھ، حضرت امام العصر، مشهد“ هلايان ٿو.“ هن مونکي پنهنجي نالي جو ڪارڊ ڏنو جنهن تي هن مدرسي جي ائڊريس پڻ هن ريت لکيل هئي ؛
چهار راهه شهداء، آزادي روڊ، ساسان گهٽي، بلاڪ ۲۱ ۽ فون نمبر ۰۰۹۸۵۱۱۲۲۵۷۴۲۷ ۽ ۲۲۲۹۶۴۴ لکيل هئا. ڪرم علي حيدريءَ ٻڌايو ته هن جا ڪيترائي شاگرد مختلف هنڌن تي درس تدريس جو ڪم ڪن ٿا. ٻن ٽن جا نالا پڇڻ تي حيدري صاحب ڪجهه سنڌ جا مولوي ٻڌايا جئين ته حبيب الله شيخ جيڪو هن وٽ تعليم مڪمل ڪري هاڻ ميرپور ماٿيلي ۾ پڙهائي ٿو.
مشتاق حسين ٻرڙو جيڪو لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي ٿو. غلام مرتضيٰ ٻرڙو جيڪو سکر ۾ تبليغ جو ڪم ڪري ٿو. سيد فرخ رضا رضوي جيڪو سکر کان هتي مشهد ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو هاڻ شام ملڪ جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائي ٿو.
ڪرم علي حيدريءَ ٻڌايو ته هو ڏهه حج ڪري چڪو آهي، هن سال هنکي وري حج تي وڃڻ جو ارادو آهي. هو هر سال رمضان جي مهيني ۾ تنزانيا، يوگنڊا، ڪينيا يا آفريڪا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ تبليغ لاءِ ويندو آهي.
” سائين هڪ ڪم ڪريو،“ ڪرم علي حيدري چيو، ” اڄ ماني اسان وٽ هلي کائو.“
مون کلندي چيو مانس ”ايران جي سرڪاري بيڪرين جا نان مونکي اهڙا وڻن ٿا جو آئون منجهند جي ماني پنهنجي هوٽل جي به ڇڏي ڏيندو آهيان.“
”پوءِ توهان جي ڀلا ڪهڙي خدمت ڪريان؟“ حيدريءَ پڇيو.
”ها بلڪل هڪ ڪم ڪر،“ مون ڪرم علي کي چيو ، ” مونکي امام رضا جي روضي مبارڪ جي تاريخ بابت ٻڌاءِ.“
”آئون به کڻي توهان کي ٻڌايان پر اسانجي هڪ ٻئي عالم سان توکي ملايان ٿو جيڪو تاريخ جو ئي ڄاڻو آهي.“ ڪرم علي چيو ۽ حرم ۾ وٺي آيو جتي صحن انقلاب مان ٿي اسان رضويه اسلامي يونيورسٽي ۾ آياسين. هن يونيورسٽي جي ڪاشي جي ڪم سان، اسلامي عمارتسازي جي نموني جي، هيءَ بلڊنگ ۱۹۸۴ع ۾ ٺهي راس ٿي جيئن هتي علمي ۽ ثقافتي سرگرميون قائم رکيون وڃن. هيءَ يونيورسٽي دراصل ٻن سابق ديني مدرسن ” مدرسه ميرزا جعفر و خيراتخان“ جو مجموعو آهي. هتي گذريل ٽيهن سالن کان باقاعدي مذهب سان گڏ ماڊرن ۽ سائنسي هنر ۽ تعليم پڻ ڏٺي وڃي ٿي. يونيورسٽي ۾ ڏنل تعليم مطابق بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. هن يونيورسٽي جي ٽي روم ۾ اسان جي ملاقات پروفيسر مجتبيٰ رضوي سان ٿي جنهن وٽ امام رضا جي روضي جي تاريخ بابت خبر چار ڪرڻ سان گڏ چانهه پڻ پيتيسين. پروفيسر صاحب طرفان ٻڌايل ڳالهيون جيڪي نوٽ ڪري سگهيس پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڏيان ٿو.
· مشهد شريف ايران جي خراسان جو مرڪز (گاديءَ جو هنڌ) آهي جنهن جي اڄ ڪلهه آدم شماري ۲۵ لک کن ٿيندي ۽ اٽڪل ۲۰۰ ڪلو ميٽر پکيڙ آهي. مشهد ايران جي اتر اولهه ۾ بنالود ۽ هزار جبلن جي قطارن وچ ۾، تهران کان ۹۰۰ کن ڪلوميٽر پري آهي ۽ سامونڊي سطح کان ۹۸۰ ميٽرن (اٽڪل ۳۰۰۰ فٽن) جي بلنديءَ تي آهي. اڄ ڪلهه مشهد ايران جي وڏن شهرن مان ٻئي نمبر تي آهي.
· ٽي صدي هجري ۾ مشهد هڪ ننڍڙو ڳوٺ، سناباد نالي، ان وقت جي مشهور شهر طوس کان ۲۴ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو. ٻي صدي ۾ آخر ۾ هن سناباد ڳوٺ ۾ خراسان جي گورنر حُميد بن قهتبا جو اونهاري جو رهائشي محلات، هن ڳوٺ ۾ هو. ان وقت جو عباسي خليفو هارون رشيد هجري سن ۱۹۳ (عيسوي ۸۰۸) ۾ خراسان جي اوڀر علائقي ڏي ويندي جڏهن طوس ۾ پهتو ته سخت بيمار ٿي پيو ۽ اتي ئي ساهه ڏنائين. هن کي سناباد ۾ حميد بن قهتبا جي محل جي هڪ هال هيٺ دفن ڪيو ويو.
· مشهد جو هي شهر ته ان وقت وجود ۾ آيو جڏهن شيعن جي اٺين امام حضرت علي بن موسيٰ الرضا (ڄم جو سال ۷۶۵ع) کي عباسي خليفي مامون رشيد (هارون رشيد جي پٽ) جي ماڻهن سال ۸۱۸ع ۾ طوس شهر ۾ شهيد ڪيو ۽ کين حميد بن قهتبا واري سمر پئلس (اونهاري واري محل) ۾ پنهنجي پيءُ هارون رشيد جي قبر ڀرسان دفن ڪيو. ان کان پوءِ هي مقبرو شيعن ۽ اهل بيت جي حبدارن لاءِ زيارت گاهه بنجي ويو . نه فقط ايران جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن کان پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان زائرين هتي اچڻ لڳا ۽ سنا آباد جو ننڍڙو ڳوٺ هڪ بارونق ۽ چهل پهل وارو مشهد رضا جو شهر ٿي ويو. مشهد لفظ جي معنيٰ آهي شهيد جي دفن جي جاءِ.
· ٽي صدي هجري جي آخر ڌاري امام رضا جي قبر مٿان گنبذ ٺهرايو ويو ۽ هن مقبري جي چوڌاري ڪيتريون ئي عمارتون ۽ بازارون ٺهي ويون. هن مقبري جي زيارت لاءِ ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. هجري سن ۳۸۳ (عيسوي ۹۹۳) ۾ غزنوي سلطان سبڪتگين هن شهر مشهد جي وڏي تباهي آندي ۽ زائرين کي امام رضا جي مقبري تي حاضري ڀرڻ کان منع ڪئي. پر پوءِ ۴۰۰ هجري (عيسوي سن ۱۰۰۹ ) ۾ سلطان محمود غزنوي (ڄم جو سال ۹۷۱ ۽ حڪومت ۹۹۸ کان ۱۰۳۰ تائين ڪيائين) نه فقط امام رضا جي مقبري کي وڌايائين ۽سهڻو بنايائين پر مشهد شهر جو به خيال ڪيائين. شهر جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڀتيون ۽ بچاءُ لاءِ قلعا ٺهرائين. مقبري کي ڪيترن ئي قسمن جي اعليٰ پٿرن ۽ هيرن سان سينگاريو ويو ۽ قبر جي مٿان ڄاري پڻ ٺهرائين. ان بعد سندس پٽ مسعود غزنويءَ (ڄم جو سال ۹۹۸ع ۽ حڪومت ۱۰۳۰ کان ۱۰۴۰ تائين ڏهه سال ڪيائين) هن مقبري جي چوڌاري ڀتيون ٺهرايون ۽ وڌيڪ سهڻو بنايو.
· سلطان سنجر (ڄم جو سال ۱۰۸۶ ۽ ۱۰۹۷ کان ۱۱۵۷ تائين ايران تي حڪومت ڪيائين) پٽ جي اوچتي صحتياب ٿيڻ تي امام رضا جي مقبري وٽ ڪيتريون عمارتون ٺهرايون ۽ سهڻو بنائين. هن سلطان جو واسطو سلجوق گهراڻي سان هو. هن جي ڏينهن ۾ گنبذ به ٺهڻ شروع ٿيو. بعد ۾ محمود سلجوقي جي ڌيءَ چترگان زمرد ملڪ پڻ هن مقبري تي ڪافي ڪم ڪرايو. خاص ڪري ڪاشي جو. هن جو نالو ۽ تاريخ انهن ڪاشي جي سرن تي پڻ لکيل آهي.
· سن ۶۱۲ هجري (۱۲۱۵ عيسوي) ۾ ، جيڪو سن ڪيترن ئي ڪاشي جي سرن تي نقش ٿيل آهي، علائودين خوارزم شاه هن مقبري جي مرمت ۽ وڌيڪ ڪم ڪرايو. سن ۶۱۷ هجري (۱۲۲۰ عيسوي) ۾ منگولن ايران تي حملا ڪيا ۽ جيڪا مشهد ۾ تباهي آندي ان ۾ هن مقبري کي به ڪافي نقصان رسيو، اهو پوءِ چوڏهين صدي ۾ ايران جي حاڪم سلطان محمد خدابنده علجائت (سندس ڄم جو سال ۱۲۸۲ع هو ۽ هن ايران تي ۱۳۰۴ کان ۱۳۱۶ع تائين يعني ۷۰۳ هجري کان ۷۱۶ تائين حڪومت ڪئي) صحيح ڪرايو ۽ مقبري ۽ ٻين عمارتن کي وڌيڪ سنواريو ۽ سينگاريو. پاڻ منگول شهزادو هو پر تخت تي وهڻ کان اڳ مسلمان ٿيو ۽ شيعا فرقي سان تعلق رکيو.
· سلطان محمد خدابنده جي وفات کانپوءِ سگهوئي سن ۷۳۴ هجري (۱۳۳۳ع) ۾ مشهور سياح ابن بطوطا هتي مشهد آيو هو ۽ پنهنجي سفر نامي ۾ امام رضا جي روضي لاءِ لکيو آهي ته اهو ڪاشي جي سرن سان بيحد خوبصورت آهي ۽ چاندي جي ضريح (ڄاري) بابت پڻ لکيو اٿس جنهن لاءِ ڪيترن تاريخدانن جو خيال آهي ته سلطان محمد خدابنده جي ئي ڏينهن جو ڪم آهي.
· ۷۹۱ هجري سال ۾ تيمورلنگ جي پٽ ميران شاه طوس جي شهر تي حملا ڪري صفا برپٽ بنائي ڇڏيو ۽ شهر واسين جو قتل عام ڪيو. طوس جي جيڪا ڪجهه شهرت هئي اها به ختم ٿي وئي. ان جو اهو به نتيجو نڪتو جو مشهد هڪ وڏو شهر ٿي اڀرڻ لڳو.
· مشهد جو اوج وارو دور اهو هو جنهن ۾ تيمورلنگ جي پٽ شاهه رخ جي حڪومت هئي. شاه رخ ميرزا ۱۳۷۷ ۾ ڄائو ۽ ۱۴۰۵ کان وٺي ۱۴۴۷ تائين ايران تي حڪومت ڪيائين. هن جي گهڻين خصلتن واري زال گوهر شاد آغا هن مقبري جي ڀرسان هڪ خوبصورت مسجد پڻ ٺهرائي جيڪا اڄ ڏينهن تائين دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اُها گوهر شاد مسجد سڏجي ٿي. شاهه رخ پنهنجي زال جي چوڻ تي جيتوڻيڪ گادي جو شهر سمرقند مان هرات ڪيو ۽ پاڻ هرات ۾ ئي رهڻ لڳو تڏهن به هر سال امام رضا جي روضي جي زيارت لاءِ مشهد ايندو رهيو.
· امام رضا جي روضي ۽ مشهد شهر جي ترقي جو سڀ کان گهڻو ڪم صفوي گهراڻي جي بادشاهن جي ڏينهن ۾ ٿيو. اهو دور ۱۵۰۲ کان ۱۷۳۶ تائين هليو جنهن ۾ اسماعيل، طهماشپ، محمد، عباس دي گريٽ، صافي، حسين جهڙا بادشاه ٿيا ۽ هنن شيعا اسڪول کي ملڪ جو سرڪاري مذهب ڪيو. چوڏهين صدي تائين آستان قدس رضوي ۾ مقبرو، بالاسر مسجد ۽ مدرسو اچي ويو ٿي جيڪو غزنوي دور جي ابول حسن عراقيءَ ٺاهيو. ان کان پوءِ دارالحفاظ (جيڪو مقبري ۽ مسجد جي وچ ۾ آهي)، دارلسياده ۽ توحد خانا (خزانا) ۽ ٽي مدرسا مدرسھ پريزاد، مدرسھ بالاسار ۽ مدرسھ دودا، جيڪي شاه رخ جي حڪومت ۾ ٺهيا هئا.
· سورهين ۽ سترهين صدي ۾ ازبڪ جنگي سپاهين ڪيترائي دفعا مشهد تي حملا ڪيا جيتوڻيڪ هنن امام رضا جي مقبري جي وڏي عزت ڪئي ٿي. ۱۷۲۲ ۾ افغانين به مشهد تي حملا ڪيا. ارڙهين صدي جي شروعات ۾ جڏهن نادرشاه تخت تي ويٺو (سندس ڄم جو سال ۱۶۸۸ هو ۽ ۱۷۳۶ کان ۱۷۴۷ تائين هن راڄ ڪيو) ته هن امام رضا جي روضي لاءِ اعلان ڪيو ته اهو شيعن جو ايران ۾ ڀلارو مقبرو آهي ۽ هن جو هر طرح سان خيال رکيو وڃي. نادرشاه پاڻ جيتوڻيڪ سني هو پر هن انهن مڙني بزرگن، مقبرن ۽ آرام گاهن جي عزت ڪئي ٿي جيڪي اهلِ تشيع وارن لاءِ باعث عزت ۽ رتبي وارا هئا. نادرشاهه بادشاهه نه فقط مقبري جي حفاظت جا حڪم جاري ڪيا پر هن مشهد شهر کي امن امان جو شهر بنائي ڇڏيو. آخر ۾ پاڻ ساهه به هن شهر ۾ ۱۷۴۷ ۾ ڏنائين ۽ دفن به هتي ئي ٿيل آهي. هي اهوئي نادرشاهه آهي جنهن ۱۷۳۹ ۾ محمد شاهه مغل جي ڏينهن ۾ انڊيا تي حملو ڪيو ۽ مورتخت ۽ ٻيا هيرا جواهر پاڻ سان کڻائي ايران کان اچي نڪتو هو. هن ايڏي ته انڊيا ۾ مار مارا ڪئي ۽ ماڻهن کي ڦريو لٽيو جو هو اڄ ڏينهن تائين هڪ ظالم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. ايران پهچڻ بعد هن جو سگهوئي موت ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين اها چوڻي مشهور آهي نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. بهرحال ڪي ماڻهو ڪن لاءِ سٺا ته ڪي ڪن لاءِ . جيئن تيمورلنگ ايران، عراق لاءِ ڦورو ۽ ظالم هو پر ازبڪستان وارن لاءِ قومي هيرو هو. اهڙي طرح افشريد گهراڻي جو نادر شاهه ننڍي کنڊ لاءِ ته ڌاڙيل ۽ قاتل هو پر ايران وارن لاءِ سٺو ماڻهو هو. هن ايران ۾ هميشه سٺا ڪم ڪيا.
· اوڻهين صديءَ ۾ پڻ هن شهر مشهد تي تمام گهڻا حملا ٿيا پر ان دور جي قاچاري گهراڻي (Qajar) جي بادشاهن سڀني کي پسپا ڪري ڇڏيو . قاچاري گهراڻي جي هڪ بادشاهه نصير الدين شاهه (جنهن جي حڪومت ۱۴۴۸ کان ۱۸۹۶ تائين رهي)، امام رضا جي مقبري جي چوڌاري Ring Road (گهيري وارو رستو) پڻ ٺهرايو ۽ هن مقبري جي ٺاهه جوڙ تي پڻ وڏو ڌيان ڏنو.
· مارچ ۱۹۱۲ ۾ روس جي زار سلطنت هن مقبري تي بمباري ڪرائي جنهن سان نه فقط عمارتن کي نقصان رسيو پر ڪيترائي ماڻهو شهيد پڻ ٿي ويا. مقبري کي رسيل نقصان، بعد ۾ خراسان جي گورنر حسين مرزا نير صحيح ڪرايو. چيو وڃي ٿو ته روسين جي ان حملي بعد سگهوئي زار حڪومت جو روس مان جنازو نڪتو.
· اڄ جي مقبري سان گڏ ڪيترائي هال آهن جن کي فارسي ۾ صحن سڏين ٿا، سقه خانه، قرآن جي تلاوت جي لاءِ جاءِ (دارلحافظ)، اللهوردي، اسلامي سائنس يونيورسٽي، آستان قدس لائبريري، ڪلنڪ، شفاخانو، مهمان خانو، وضوءَ جون جايون، جوتن رکڻ جون جايون، ايوان، گنبذ، منارا سڀ ملائي اسلامي دنيا جو هي هڪ خوبصورت ڪامپليڪس ٺهي ٿول.
· امام رضا جو مقبرو مشهد شهر جو مرڪز آهي. سڄي شهر جا رستا هن درگاهه ڏي وڃن ٿا جنهن کي هتي جا ماڻهو حرم سڏين ٿا. توهان کي جي پنهنجي هوٽل کان هن حرم تائين رستي جي خبر آهي ته مشهد ۾ توهان گم ٿي نٿا سگهو. شهر جي ڪنهن به ڪنڊ کان حرم ڏي ايندڙ بس ۾ پهچي پنهنجي هوٽل ڳولي سگهو ٿا، جيئن مڪي ۽ مديني ۾ اسين هوٽل جو رستو ڳوليون ٿا. تقريبا هر شيءَ جو دڪان توهان کي هن حرم جي آسپاس ملندو ۽ رهائش لاءِ چوڌاري هر قسم جون هوٽلون آهن. شهر جي هر بس حرم تائين اچي ٿي ۽ امام رضا جو مقبري جو رستو ڪوبه وساري نه ٿو سگهي. پري کان ئي سونو گنبذ ۽ منارا نظر اچن ٿا. بقول عيسائين جي پوپ جي ؛
“Perhaps there is no other group of buildings in the world which give such opulence. A gold dome, two gold minarets, two huge gold ivans, massive silver and gilt doors.”
No comments:
Post a Comment