قم جون زيارتون
الطاف شيخ
ايران جو شهر قم مدرسن کان مشهور آهي. چوڌاري سوين به نه پر هزارين مدرسا آهن، جتي نه فقط ايران جا پر سڄي دنيا جا شاگرد مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. قم جي ڪيترن ئي رستن تي ايترا ته شيعا عالم ۽ شاگرد روايتي ڊريس چوغي (عبايا) ۽ اڇي يا ڪاري عمامي (پڳ) ۾ نظر اچن ٿا جو ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪورٽ ۾ هجون، جتي رڳو ڪارن ڪوٽن وارا وڪيل نظر اچن يا ڪنهن نيوي جي اداري ۾ هجون جتي رڳو سفيد يونيفارم ۾ نيول آفيسر ۽ سيلرز (Sailors) نظر اچن.
مشهد بعد قم ايران جو ٻئي نمبر تي مقدس شهر چيو وڃي ٿو جو هتي شيعن جي اٺين امام علي رضا جي ڀيڻ بيبي فاطمه معصوما جو آخري آرامگاهه آهي. مشهد جي حرم وانگر هي روضو به عمارت سازي جي هنر، ڪاشي ۽ Fine Arts جي خيال کان هڪ شاهڪار آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا غير مسلمان به اچن ٿا. اندر ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ جي منع ٿيل آهي پر آئون جيئن ته ڪنهن نه ڪنهن عالم سان گڏ هلندو رهان ٿو ان ڪري مون کي ڪٿي به ڪنهن فوٽو ڪڍڻ لاءِ اڃان نه روڪيو آهي. هونءَ مون جهڙن فوٽوگرافي جي شوقينن لاءِ سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪئميرا بدران موبائيل فون کڻي اچن، جنهن ۾ ڪئميرا لڳل ٿئي ٿي ۽ اڄ ڪلهه ڪيترن موبائيل فونن ۾ تمام گهڻيون طاقتور ڪئميرائون فٽ ٿيل آهن. موبائيل وارين ڪئميرائن سان مشهد ۾ امام رضا جي روضي ۽ گوهر شاد مسجد جابه فوٽا ڪڍي سگهجن ٿا.
قم ۾ بيبي فاطمه معصومه جي مقبري ۽ مدرسن کان علاوه ٽي اهم شيءَ جمعڪرن مسجد آهي. تهران کان ۹۷ ميل کن ڏکڻ اولهه ۾ جنهن ندي جي ڪناري تي قم جو شهر آهي ان ندي جو نالو به قم ندي آهي. قم ۾ مدرسن جي ته ڪا ڳڻپ ناهي پر يونيورسٽيون ۽ ڪاليج به کوڙ آهن. جيئن ته مفيد يونيورسٽي، اسلامڪ آزاد يونيورسٽي، قم يونيورسٽي، قم يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز، فاطمه اسڪول آف ميڊيڪل سائنسز وغيره. پر ٽوئر ايجنسيون يا قافلن جا ليڊر هنن يونيورسٽين توڙي مدرسن ڏي نٿا وٺيو وڃن جو هڪ ته وقت جي کوٽ هوندي آهي ۽ ٻيو ته بجيٽ مطابق گهمائين ٿا، ان ڪري هن شهر قم جا مدرسا، يونيورسٽيون ۽ ٻيا پارڪ ۽ جهونيون عمارتون آئون پنهنجي منهن گهمندو رهان ٿو. اسان جي ٽوئر ڪمپني الحرمين وارا اسان کي هيٺين جڳهين تي وٺي هليا ان تي به سڄو ڏينهن لڳي ويو. صبح جو نائين بجي جا نڪتل رات جو ڏهين بجي ڌاري موٽياسين جو ڪجهه زيارتون جهڙوڪ جمعڪران مسجد وغيره شهر کان ڪافي پري آهن، ان کان علاوه هيٺين مقبرن ۽ جاين تي هلياسين جيڪي ڏسڻ لاءِ اهي ماڻهو جيڪي قافلي بنا اڪيلي سر اچن ٿا، هڪ ٽولو ٺاهي ڀاڙي جي بسن ۾ يا ٽئڪسي ۾ گهمي سگهن ٿا.
· امامزاده سيد جمال الدين
· امامزاده ابراهيم
· چهار امامزاده
· امامزاده موسيٰ مبروق (فرزند بلا فصل امام جواد)
· عبادتگاهه حضرت فاطمه معصوم
امامزاده موسيٰ مبروق حضرت امام محمد تقي جي اولاد مان آهي، ۽ ۲۵۶ هجري ۾ هتي قم شهر ۾ اچي رهيو هو. هن جون ٻه ڀيڻون به هتي لڏي آيون هيون ۽ سندن هتي ئي وفات ٿي. سندن قبرون بيبي فاطمه معصومه جي ڀرسان آهن.
امامزاده موسيٰ مبروق ۲۹۶ هجري سال ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو نائين صدي جي آرٽ جو شاهڪار چيو وڃي ٿو. آئون اهو چڱي طرح نوٽ ڪري نه سگهيس ته هي مقبرو جنهن علائقي ۾ آهي، ان جو نالو ڇا آهي، پر بهرحال هي ايڏو ته مشهور آهي جو ڪوبه بس وارو يا ٽئڪسي وارو نالو کڻڻ سان هتي پهچائي سگهي ٿو.
قم کان ۲۴ ڪلو ميٽر پري امامزاده شاهه ابراهيم جو مقبرو آهي. سندس اڄ جي عمارت لاءِ گائيڊ ٻڌائي رهيو هو ته اها صفوي دور جي آهي، مقبري جي گنبذ جي اوچائي ۷ ميٽر ٿيندي، جيڪو نيري، فيروزي ۽ آسماني رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن جو ٺهيل آهي.
اسان جي قافلي جو گائيڊ اسان کي هڪ اهڙي به درگاهه نموني جي جاءِ تي وٺي آيو جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته هتي بيبي معصومه ويهي عبادت ڪندي هئي. بيبي معصومه فاطمه شيعن جي ستين امام موسيٰ الڪاظم جي ڌيءَ ۽ اٺين امام علي رضا جي ڀيڻ هئي. پاڻ پهرين ذوالقعد ۱۷۳ هجري ۾ مديني منوره ۾ ڄائي. سندس پورو نالو فاطمه ڪبريٰ هو، جو پاڻ چئن ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏي هئي ۽ باقي ڀيڻن جي نالن ۾ به لفظ فاطمه آيو ٿي. پاڻ بيحد نيڪ عورت هئي ۽ هر وقت عبادت ۾ رهي ٿي. ان ڪري کيس معصومه جو لقب مليو.
اسان جي قافلي جو گائيڊ محمد علي رضوي قم پهچڻ سان اسان کي پهرين بيبي فاطمه معصومه جي مقبري تي وٺي آيو. مقبري تي موجود هڪ عالم هن مقبري تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڪجهه امامن جا قول ٻڌائڻ لڳو. ان جي تصديق لاءِ ته هو اهي ڪٿان quote ڪري رهيو آهي، هو اهو نه ٻڌائي سگهيو پر هن چيو ته امام محمد باقر جن فرمايو آهي ته جيڪو به بيبي معصومه جي زيارت لاءِ قم ايندو ان کي ان جي بدلي ۾ جنت ۾ جايون ملنديون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته امام جعفر صادق جن فرمايو ته جيڪڏهن توهان جنت ۾ مڪان حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته قم جي معصومه جي ضرور زيارت ڪريو ۽ اهوئي ڪجهه هن امام علي رضا جي نالي سان به چيو.
ان وقت به ۽ هينئر به اها ڳالهه ضرور منجهائي رهي آهي ته امام جعفر ته بيبي فاطمه جو ڏاڏو ٿيو ۽ امام محمد باقر پڙ ڏاڏو ٿيو، ويندي بي بي فاطمه معصومه جو والد امام موسيٰ ڪاظم کانئس اڳ جڏهن هوءَ ڏهن سالن جي هئي ته گذاري ويو هو.
امام علي رضا ۽ بيبي فاطمه معصومه هڪ ئي ماءُ جو اولاد هئا. ۷۹۹ ۾ امام موسيٰ ڪاظم جي بغداد جي جيل ۾ شهادت بعد امام علي رضا اٺين امام ٿيڻ جون جوابداريون سنڀاليون ان وقت جي خليفي هارون رشيد ۽ پوءِ سندس پٽ خليفي مامون رشيد امام علي رضا کي سک جو ساهه پٽڻ نه ڏنو.
خليفي مامون حضرت امام علي رضا کي مدينو ڇڏي خراسان اچڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن جو احوال شروع جي مضمونن ۾ اچي ويو آهي. ڀاءُ جي مديني ڇڏڻ تي بيبي معصومه به پنهنجن باقي پنجن ڀائرن فضل، جعفر، هادي، قاسم ۽ زيد ۽ ڀائٽين ۽ نوڪرن سان گڏ خراسان لاءِ نڪتي. رستي تي چون ٿا ته خليفي جي ماڻهن هن خاندان تي حملو ڪري ۲۳ ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا. هن صدمي بعد بيبي فاطمه سخت بيمار ٿي پئي. قم جي هڪ نيڪ انسان موسيٰ ابن خزراج کي جڏهن اها خبر پئي ته هن پنهنجا ماڻهو موڪلي بيبي فاطمه کي گهرايو جتي جي ماڻهن اهل بيت جي عزت ٿي ڪئي. جڏهن بي بي فاطمه جو قافلو قم شهر اندر گهڙيو ته هن ڏٺو ته هر هڪ ڪاري وڳي ۾ هو. چوڌاري ڪارا جهنڊا هئا. هن ان ڏک جو سبب پڇيو ۽ جڏهن سندس قافلو منزل تي پهتو ته موسيٰ ابن خزراج جيڪو پاڻ هلي آڌر ڀاءُ لاءِ آيو هو، تنهن بيبي فاطمه کي ٻڌايو ته ظالمن سندس ڀاءُ امام علي رضا کي گذريل رات انگورن ۾ زهر وجهي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. بيبي فاطمه کي ان ڳالهه جو اهڙو ته صدمو پهتو جو ان بعد هوءَ فقط ۱۷ ڏينهن کن جيئري رهي سگهي. بيبي فاطمه معصومه کي مشهد ۾ سندس ڀاءُ جي ڀرسان دفن ڪرڻ بدران هتي قم درياهه جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو. ان وقت موسيٰ ابن خزراج بيبي فاطمه جي قبر مٿان هڪ ڪنواس جو ڪپڙو ڇانو ڪرڻ لاءِ لڳرايو، ان کانپوءِ اڳتي هلي بيبي فاطمه معصومه جي ڀاءُ جي پوٽيءَ (امام محمد تقي جي ڌيءَ) زينب هن قبر مٿان مقبرو ٺهرايو. ۴۱۳ هجريءَ هن مقبري کي رنگ روغن ڪرايو ويو. ۵۲۹ هجري ۾ نئون مقبرو ٺاهيو ويو جيڪو ۵۹۲ ۾ وري ٺاهيو ويو. ۱۲۰۳ هجري ۾ مقبري جي چوڌاري زمين کي ٺاهي مقبري سان شامل ڪئي وئي. ۱۲۱۸ ۾ گنبذ کي سون سان سجايو ويو ۽ ۱۲۷۵ هجري ۾ قبر جي چوڌاري چانديءَ جي زري (ڄاري) لڳائي وئي.
بيبي فاطمه معصومه جي وفات جي تاريخ ڏهين ربيع الثاني ۲۰۱ هجري ٻڌائي وڃي ٿي.
قم جو شهر ان ڳالهه کان به اهم سمجهيو وڃي ٿو ته امام خمينيءَ هتان تعيلم حاصل ڪئي، ۽ جون ۱۹۶۳ع ۾ هن شهنشاهه ايران جي حڪومت خلاف پنهنجي تحريڪ جو آغاز هتان شروع ڪيو ۽ وري ۱۹۷۸ع ۾ به انقلاب جي شروعات هن شهر کان ٿي، جنهن سڄي ملڪ کي وڪوڙي ورتو ۽ شهنشاهه ايران جون اهڙيون ته وايون بتال ٿيون جو هن ۲۵۰۰ سال پراڻي تاج ۽ تخت جي پچر ڇڏي ملڪ عوام حوالي ڪري ڀڄي ويو.
هتي ڪجهه سٽون قم جي مشهور مسجد جمعڪران بابت به لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا هتي ايندڙ زائرين ضرورو گهمي ٿو.
هيءَ مسجد قم شهر کان ٿورو ٻاهر ڀري آهي. هتي جي ڪيترن ئي مڪاني ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته ٻارهون امام هتي نماز پڙهڻ بعد دنيا کي عالمي امن ڏي وٺي هلندو. مسجد جي پٺيان هڪ کوهه آهي، جيڪو مرادون پوريون ٿيڻ وارو کوهه سڏجي ٿو. ضرورتمند پنهنجون ضرورتون پني تي لکي هن کوهه ۾ ان اميد تي ڦٽيون ڪن ٿا ته اهي امام مهدي تائين پهچي سگهنديون. بهرحال اهي ڳالهيون ملتان مان آيل هڪ قافلي، جنهن سان گڏ آئون هلي رهيو هوس، ان جي ماڻهن ٻڌايون. بقول هنن جي امام مهدي توڙي کڻي غائب آهي پر هو هن دنيا ۾ ضرورتمند ۽ ستايلن جا ڏک درد دور ڪندو رهي ٿو.
هر اڱاري ڏينهن تي هتي وڏو لنگر هلي ٿو ۽ هزارين ماڻهن کي ماني کارائي وڃي ٿي.
هن مسجد جمعڪران جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿوته محمود احمدي نزاد جڏهن هن ملڪ جو صدر ٿيو ته پهريون سرڪاري ڪم جيڪو هن سرانجام ڏنو اهو مسجد کي چندي ۾ ڏهه ملين برٽش پائونڊ ڏيڻ هو، جيئن هن مسجد کي وڏو ڪرڻ جو ڪم جاري رهي سگهي.
قم دراصل شهر جو نالو آهي ته هن صوبي جو پڻ جيئن پاڻ وٽ خيرپور رياست جو به نالو هو ته ان جي وڏي شهر جو پڻ. هونءَ ته قم جو شهر تهران صوبي(اوستان) ۾ ئي آيو ٿي پر ڪجهه سال ٿيا ته بهتر انتظام ڪارڻ هتي جي حڪومت قم جي شهر سان اوسو پاسو ملائي قم نالي هڪ ننڍڙو صوبو ٺاهي ڇڏيو. هاڻ قم ايران جي ٽيهن صوبن مان هڪ آهي. ننڍڙو ان ڪري آهي جو قم صوبي جي ايراضي سڄي ايران جي ايراضي جي هڪ في سيڪڙو به نه آهي. سڄي ايران جي پکيڙ اٽڪل ساڍا سورهن لک (۱۶۴۸۱۹۵) چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ سڄي قم صوبي جي پکيڙ آهي، ۱۱۲۳۷ چورس ڪلو ميٽر. جيڪڏهن ڪو انهن انگن اکرن کي پاڪستان سان ڀيٽڻ چاهي ته ايراضي ۾ ايران پاڪستان کان ٻيڻو آهي، جو پاڪستان جي ايراضي اٺ لک کن (۸۰۴۰۰۰) چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ قم جو صوبو اسان جي سانگهڙ يا دادو ضلعي جيڏو مس ٿيندو. هي فقط ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسان جي زائرين جو قم ۾ نه فقط اچڻ ٿئي ٿو پر ٻه چار ڏينهن رهائش به ٿئي ٿي ۽ هو قم صوبي جي ڪابه شيءَ بس يا ٽئڪسي ۾ آرام سان ڏسي سگهن ٿا. مثال طور قم صوبي جون ٻه ڍنڍون حوض سلطان ۽ نمڪ (Salt lake) ڍنڍ تمام مشهور ۽ ڏسڻ وٽان آهن جيئن اسان وٽ منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍون آهن. اهي ڍنڍون قم شهر کان ۳۶ ۽ ۸۰ ڪلو ميٽرن تي آهن. روڊ ايڏا سٺا آهن، جو ڪلفٽن کان ڪراچي جي ايئر پورٽ تي پهچڻ ۾ به دير ٿي لڳي پر هتي نه.
هڪ ٽوئرسٽ لاءِ قم ۾ ڪهڪ ۽ واشنوه نالي جهونيون غارون به آهن. هڪ تمام وڏو عجائب گهر آستان مقدس ميوزيم آهي، جيڪو شهر اندر ئي آهي، لکڻ پڙهڻ جي شوقينن لاءِ هتي جي مراشي نجفي لئبريري ڏسڻ وٽان آهي، جنهن ۾ ڪتابن ۽ ڪاپين جا قلمي نسخا رکيل آهن. جمعڪران مسجد کان علاوه قم جامع مسجد، قم عتيق مسجد، اعظم مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون عمارتسازي ۽ چٽسالي جي ڪمن کان ڏسڻ وٽان آهن. هي اهي جايون آهن جتي توهان کي ٽوئرسٽ ڪمپنيون يا ٽريول ايجنٽ وٺي نه هلندا پر توهان پاڻ ئي بسين ۾ وڃي سگهو ٿا. جي وقت ٿورو هجي ته ٽي ٽي چار ڄڻا گڏ ٿي ٽئڪسي کي ڀاڙي تي رکي سگهو ٿا. انڊيا وانگر هتي به بسون ۽ ٽئڪسيون سستيون آهن ۽ ڊرائيور به فضيلت وارا ۽ قانون جو احترام ڪرڻ وارا آهن. قم ۾ مختلف مدرسن ۽ مسجدن ۾ توهان ڪيترن ئي وڏن عالمن ۽ مذهب سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن سان سولائي سان ملي سگهو ٿا. ان معاملي ۾ هي بيحد Humble ۽ قربائتا آهن، ٽيڙي ۽ وڏائي ته نالي جي به نه اٿن. مدرسه خميني ۾ هڪ بنگالي شيعا عالم سيد سجاد حسين هتي جي هڪ وڏي ۽ مشهور شيعا عالم سان ملايو. هو ان وقت شاگردن کي پنهنجي ڀرسان غاليچي تي ويهاري قرآن ۽ ان جو تفسير سمجهائي رهيو هو. هن مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري خبر چار ڪئي ۽ موڪلائڻ وقت هو مون کان معافي وٺڻ لڳو ته آئون قرآن پڙهائي رهيو آهيان، انڪ ري تو کان موڪلائڻ لاءِ اٿي نٿو سگهان. مون بنگالي عالم (جيڪو ترجمو ڪري مون کي انگريزي ۾ ۽ هن کي فارسي ۾ ٻڌائي رهيو) ذريعي هن کي چيو ته سائين اهڙي ڳالهه نه ڪريو توهان قم جا هيڏا وڏا عالم آهيو ۽ آئون هڪ گناهگار انسان آهيان.“
هن يڪدم چيو ته نه اها ڳالهه ناهي. ”اسان لاءِ مهمان باعث رحمت آهي ۽ مهمان جو درجو تمام اتاهون آهي.“ ايران ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ کي اهڙيون پريشانيون نٿيون ٿين جيڪي اسان جي ٽي دنيا جي ملڪن ۾ عام آهن.
No comments:
Post a Comment