تاريخ ۽ شاعري سان دلچسپي رکندڙن لاءِ
الطاف شيخ
سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن بابت هن کان اڳ به هڪ مضمون ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ هلڪي ڦلڪي قسم جون ڳالهيون آهن، جيڪي مون جهڙي هڪ ٽوئرسٽ ۽ مئرين انجنيئر کان Expect ڪري سگهجن ٿيون. اونهيون تاريخي حقيقتون ۽ اسڪالري ادبي ڳالهيون ڪيترن ئي ايراني ۽ سنڌي عالمن، ڏاهن، تاريخدانن ۽ محققن فارسي ۽ سنڌي ۾ لکي ڇڏيون آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي مهراڻ جا رڳو پراڻا پرچا ڏسبا ته انهن ۾ ان قسم جو ڪيتروئي مواد ملندو ، ڪجهه مهينا اڳ مهراڻ جي گولڊن جبلي واري پرچي ۾ ان بابت سيد حسام الدين شاهه راشدي به هڪ تحقيقي ۽ تاريخي مضمون لکيو آهي، هتي رڳو ڪجهه لائيٽ قسم جون ڳالهيون ان مضمون ۽ ڪجهه ٻين مان هڪ عام پڙهندڙ جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو، جنهن مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جو نه بنگال سان نه افغانستان ۽ نيپال سان، نه برما سان نه ملايا ۽ سيام سان- ويندي گجرات ۽ عربستان سان به ايترو ويجهو تعلق ۽ واسطو نه هو جيترو ايران سان رهيو آهي. سياسي ثقافتي، ادبي، فني واپاري- ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ايران سان رابطا هر سمي ۾ قائم ۽ مستحڪم پئي رهيا آهن.
سنڌ ۾ اسلام ايران رستي پهتو. ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري آمدرفت ته آڳاٽي هئي. محمد بن قاسم شيراز کان سنڌ پهتو، هن سان گڏ ايراني لشڪر به هو، جن مان ڪيترا نئين سر سنڌ ۾ آباد ٿيا.
ارغون ۽ ترخان ڏهين صديءَ تائين سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا ۽ سال ۱۰۰۰ هجري ڌاري، سنڌ هندي مغلن جي سلطنت جو حصو بڻجي وئي، جن ايندڙ ڏيڍ سئو سالن تائين هتي پنهنجو تسلط قائم رکيو. يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ جيڪو سفير ايراني درٻار ۾ پهتو، سو هڪ سنڌي هو، يعني اڪبر جو مشهور امير، مورخ ۽ شاعر مير معصوم بکري ”نامي“ جيڪو سندس پاران (۱۱-۱۰۱۳ هه) شاهه عباس ڪبير صفويءَ (۹۸۵-۱۰۳۸ هه) جي درٻار ۾ پهتو. هن نه رڳو سفارتي ڪاميابي حاصل ڪئي بلڪه ذاتي طور تي به ايران ۾ پنهنجا مستقل تاريخي ۽ ادبي يادگار ڇڏيا. اصفهان جي ”مسجد علي“ جو ڪتبو، ڪاشان ۽ مورچه خورت جي وچ ۾ ڪاروان سراءِ شاهه عباس جو ڪتبو، يا احمد جام زنده پير جي مزار جو ڪتبو، هي ۽ ٻيا ڪي ڪتبا، جيڪي مير معصوم ايران ۾ هر هنڌ هنيا، سي اڄ به موجود آهن. مير معصوم (وفات ۱۰۱۴ هه) فارسيءَ جو بهترين شاعر، تاريخ سنڌ (۱۰۰۹ هه) جو مؤلف، صاحب ديوان ۽ هڪ خمسهه جو مصنف آهي.
سنڌ ۽ ايران جي سياسي لاڳاپن کي قائم رکڻ وارو ٻيو سنڌي امير ترخاني گهراڻي جو آخري حاڪم ميرزا غزي ”وقاري“ هو، جڏهن (۱۰۱۷-۱۰۲۱) هو قنڌار ۾ مغلن جو نائب هو، ان وقت سندس ذاتي درٻار ايراني شاعرن سان ڀريل هئي. ڪيترائي ايراني شاعر هندستان پهچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ٽڪيا، مثال طور صائب تبريزي ۽ سندس شاگرد ملڪ تعظيما قمي هندستان پوءِ پهتا، سنڌ ۾ پهرين ترسيا. اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ موجود آهن. سرمد ڪاشي شهيد ( ۱۰۷۰ هه) ايران کان ٺٽي پهتو هو، سو ڪافي وقت هتي ٽڪيو. ٺٽي جي ئي هڪ سنڌي فرزند کيس پاڻ پڻي جي حد کان ٻاهر ڪڍي، معرفت جي دنيا ۾ پهچايو هو. اهو ترڪ نه پر هندو ٻچو ”ابي چند“ هو جنهن لاءِ سرمد چيو هو.
خدائي کيست اي سرمد: درين دير!
نمي دانم ابي چند است، يا غير
ايران ۽ فارسي زبان توڙِ ي ادب جو اثر صدين جي ڳانڍاپي جي ڪري سنڌ ۾ ان حد تائين داخل ٿي ويو جو يارهين صدي جي شاعر رضائي ٺٽويءَ پنهنجي شاعري فارسي ۾ ڪئي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي مادري زبان سنڌي کي بهترين ۽ شيرين سڏي ٿو.
زبان سنده شيرين است شيرين
بجائي خويش رنگين است رنگين
نمي سازم بيان را سندهي آميز!
نيام از زبان سنده پرهيز!
ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ مان مغل تسلط جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪلهوڙن جو مشهور سنڌي نسل گهراڻو حڪومت جي گادي تي ويٺو. جيتوڻيڪ هي خالص سنڌي هئا ۽ سندن دور سنڌي زبان ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو پر جيئن ته فارسي گو مغلن کان تازو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هئائون، ان ڪري فارسي زبان ۽ ادب کي هنن باقاعدي پنهنجي سيني سان سانڍي رکيو. انڪري ان دور ۾ سنڌ ۾ نه صرف فارسي زبان ۾ سڀني علمن تي قابل قدر ڪتاب لکيا ويا، بلڪه ڪيئي صاحب ديوان شاعر اهڙا پيدا ٿيا، جن جو درجو ان دور ۾ هند ۾ رهندڙ شاعرن کان ڪنهن ريت به گهٽ نه هو. ”تحفه الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ وغيره هن دور جون اهم ترين علمي نشانيون آهن.
سنڌ ۾ نادر شاهه جي آمد مستقل علمي ۽ ادبي آثار ڇڏيا. ايران جا ڪيترائي امير، عالم ۽ شاعر سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن مان عاشق صفاهاني، مرزا جعفر شيرازي ۽ ٻيا ڪيئي شاعر آيا، جن جو ذڪر مقالات الشعرا ۽ تحفة الڪرام ۾ موجود آهي. عاشق هتي سنڌ ۾ فوت ٿيو، مڪليءَ جي مقام ۾ سندس قبر اڃان موجود آهي. نادر شاهه ۱۱ محرم ۱۱۵۳ هه تي سنڌ مان ايران لاءِ موٽندي ميان نور محمد کي ”شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنو.
نادر شاهه جيسين جيئرو هو، ايران سان اسان جا سياسي لاڳاپا برابر قائم رهيا. سنڌ جا سفير ۽ خود سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم جا ٻه پٽ مستقل طور نادر شاهه جي قتل ۱۱۶۰ هه تائين ايران ۾ رهيا.
تيرهن صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ٽالپر (۱۱۹۸-۱۲۵۸ هه) حڪمران رهيا. ٽالپرن ايران جي دوستي کي نه فقط پسند ڪيو بلڪه سندن طور طريقا، حڪمراني جا قاعدا ۽ ضابطا رهڻ سهڻ، لباس ۽ کائڻ پيئڻ توڙي عمارتسازي تي ايراني اثر غالب ڏسجي ٿو. قاچاري بادشاهن سان سندن گهرا لاڳاپا هئا. مرزا محمد علي ۽ سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سنڌ کان سفير جي حيثيت ۾ ايران ويا.
ٽالپر حاڪم پاڻ فارسيءَ جا مصنف ۽ صاحب ديوان شاعر هئا. سندن درٻار فارسي شاعرن ۽ خاص طرح ايراني شاعرن سان ڀريل رهندي هئي.
ٽالپرن کان اڳ ڪلهوڙن جي ايامڪاري (۱۷۰۰ کان ۱۷۸۳) ۾ به پارسي نه فقط درٻاري يا سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي هئي پر گهرن ۾ پڻ عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. جيتوڻيڪ ڪيترن ڪلهوڙن جو شجرو عباسي گهراڻي سان مليو ٿي، جنهن حساب سان هنن جو گهڻو واسطو عربي سان هجڻ کتو ٿي پر ڪلهوڙن جي دور ۾ گهڻا ئي شاعر پارسي ۽ سنڌيءَ يعني ٻنهي ٻولين ۾ شعر چوندا هئا. جن مان مشهور آهن، ميان سرفراز خان ڪلهوڙو (قتل ۱۷۷۷) جنهن پارسي (فارسي) غزلن کانسواءِ سنڌي ۾ مدح چئي آهي. سچل سرمست (۱۷۳۹ کان ۱۸۲۸ع) جنهن جو فارسي ۾ ديوان آشڪار شايع ٿيل آهي، ۽ سيد ثابت علي شاهه ( ۱۷۴۰ کا ۱۸۱۰ع) جنهن جو مشهور سنڌي مرثيو ”هئه هئه رڻ ۾ بيبي بانو سر تي خاڪ وسائي ٿي“ گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان. سندن فارسي شعر ۾ ”زوار“ تخلص هو ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ مرثين ۽ قصيدن جو باني ليکبو آهي.
شاهه لطيف جي زندگي وارو زمانو سنڌ اندر فارسي علم، ادب ۽ تصوف جي عروج جو دور هو، علامه مخدوم محمد معين” تسليم“ (وفات ۱۷۴۸ع) محمد محسن ٺٽوي (وفات ۱۷۵۰ع)، مير علي شير قانع (وفات ۱۷۸۹ع)، سيد جان محمد ”مير“ (وفات ۱۷۵۴ع) ۽ صوفي شاهه عنايت الله (شهادت ۱۷۱۸ع) انهيءَ وقت جون ممتاز شخصيتون آهن. اهڙي دور ۾ جڏهن فارسي نه فقط درٻاري ٻولي هئي، پر عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي. ان ۾ مشاعرا به ٿيندا هئا ۽ شعر لکڻ ۾ مردن سان گڏ عورتون پڻ طبع آزمائي ڪنديون هيون. ڪهڙو عجب جي ڪڏهن اسان جي درويش دل شاعر جي انتخاب جي نظر توحيد ۽ تصوف جي بي پايان بحر مولانا جلال الدين رومي (وفات ۶۷۲ هه/۱۲۷۳ع) جي مثنوي معنوي تي پيئي ۽ انهيءَ کي پنهنجي پيغام جو سر چشمو بنايائين. بقول ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻي جي انهيءَ جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ايران جي ٻين نامور صوفي شاعرن جهڙوڪ سنائي (۵۴۵ هه /۱۱۵۰ع)، عطار ( ۶۲۷ هه/۱۲۳۰ع)، سعدي (۶۹۱ هه/۱۲۹۱ع)، شبستري (۷۲۰هه/۱۳۲۰ع) حافظ (۷۹۱ هه /۱۳۸۹ع)، جامي (۷۹۸ هه /۱۴۹۳ع) ۽ هند جي امير خسرو ( ۷۲۵ هه /۱۳۲۴ع)، عرفي (۹۹۹ هه /۱۵۹۲ع) وغيره کان متاثر نه ٿيو، ليڪن اهو مشرق جو اول نمبر صوفي شاعر رومي ئي هو، جنهن جي ڪلام خاص ڪري مثنوي جو گهاٽو اثر رسالي مان نمايان آهي. ان جا ڪجهه مثال هن کان اڳ هڪ هنڌ ڏيئي چڪو آهيان، جيڪي مون کي اسان جي ڳوٺائي شاعر ۽ تعليمدان پروفيسر عبدالحميد متقي (حميد شهيد) ٻڌايا هئا. هتي ڪجهه وڌيڪ مثال ڊاڪٽر هرومل سدار نگاڻي جي مهراڻ ۾ ڇپيل هڪ مضمون مان ڏيئي رهيو آهيان.
انساني عيبن جو ويچار ڪندي نماڻو لطيف ننگيءَ ننگپال کي عرض ٿو ڪري:
م ڪر ڍول! ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين
ڪونهي ڪميڻي جو، بگر توءِ بلو
تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان
ايران جي شاعر روميءَ به ڌڻي در اهائي التجا ڪئي آهي:
اي خدا اين بنده را رسوا مکن
گر بدم هن ستر من پيدا مکن
جز تو پيش ڪه بر آرد بنده دست
هم دعا وهم اجابت از تو هست
(اي خدا بندي کي رسوا نه ڪر
توڻي بڇڙو آهيان، منهنجو ڳجهه ظاهر نه ڪر،
تو بنا بندو ٻئي ڪنهن اڳيان هٿ کڻي ؟
تنهنجي ئي دعا ۽ منظوري درڪار آهي.)
پيار سدائين ٻه طرفو ٿيندو آهي، سر آبريءَ ۾ آيل
”تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تهجي“
وارو لطيفي خيال
اندر جنين اڃ پاڻي اڃئو ان کي
ڏسوته مثنويءَ جي هيٺ ڏنل بيت ڏانهن ڪيئن ٿو رجوع ڪرائي:
تشنگان گر آب جويند از جهان
آب هم جو يد بعالم تشنگان
(جيڪڏهن اڃايل جهان ۾ پاڻي ٿا ڳولين
ته پاڻي پڻ دنيا ۾ اڃايل ٿو ڳولي)
سر سهڻي ۾ درياءَ جي دهشت ۽ ڪنن جي قهر جو هولناڪ مگر جادوءَ ڀريو منظر اکين آڏو آڻيندي شاهه لطيف ٻڌائي ٿو:
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي تختو منجهان تن
بقول ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻي جي ڪير چوندو ته اهي سٽون شيخ سعدي جي ”بوستان“ ۾ آيل هن بيت جي قابل داد ترجماني نٿيون ڪن:
در اين ورطه ڪشتي فرو شد هزار
که پيدا نه شد تخته اشد برڪنار
(هن ڪن ۾ هزارين ٻيڙا هيٺ هليا ويا
جن جو هڪڙو تختو پڻ ڪناري تي پيدا نه ٿيو (نه مليو)
شاهه لطيف جون هيٺيون سٽون:
۱-پڇ پتنگن کان سنديون کامڻ خبرون
۲- لُڇڻ لنوءَ لطيف چي، پڌر هڏم پاءِ
شيخ سعدي شيرازي جي هيٺين سٽن جون سڪون ٿيون لاهين.
اي مرغ سحر! عش ز پروانه بيا موز
ڪان سوخته را جان شد و آواز نيامد
(ترجمو: اي بلبل! عشق ڪرڻ پرواني کان سک جنهن سڙندي ساهه ڏنو پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي)
ساڳي ريت:
”جي وصل ٿيا وصال ۾، سي ذرو ظاهر نه ڪن“
پڻ مٿئين فارسي شاعر سعدي شيرازي جي هيٺين سٽ ڏي ڌيان ڇڪائي ٿو.
ان راکه خبر شد خبري باز نيامد
(ترجمو: جنهن ڄاتو تنهن حال ظاهر نه ڪيو)
يا جيئن ايراني شاعر مولانا رومي فرمايو:
هر که را اسرار حق آ موختند
مهر کردند و دهانش دوختند
(ترجمو: جنهن کي حق جا راز ڏيکاريائون (سيکاريائون)
ان کي مهر ٿا ڪن ۽ ان جو وات سبن )
شاهه جو هڪ شعر آهي:
”اندر آئينو ڪري. پر ۾ سو پسيج
انهم راهه رميج، ته مشاهدو ماڻين“
۽ شيخ سعدي ٿو فرمائي:
سعدي! حجاب نيست تو آئينه پاڪ دار
زنگار خورده چون بنمايد جمال دوست
(ترجمو: اي سعدي! ڪوئي پردو ڪونهي، تون آئينو صاف رک
ڪٽ چڙهيل آئينو يار جو جمال ڪئن پسائيندو .
شاهه لطيف هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌريا
منجهان سڪ سبيل لعنتي لال ٿئو.
ڊاڪٽر سدا رنگاڻي لکي ٿو ته ساوه (قزوين) جو سترهين صديءَ جو ايراني شاعر جعفر، اهائي ڳالهه هڪ رباعيءَ اندر هن ريت قلمبند ڪري ويو آهي.
جعفر سخن از ڪعبه و از دير مڪن
در واديءَ شڪ چو گمرهان سير مڪن
رو، شيوه بندگي ز شيطاني آموز
يڪ قبله گزين و سجده مڪن
(ترجمو: اي جعفر! ڪعبي ۽ مندر جي ڳالهه نه ڪر
ڀٽڪيلن وانگر شڪ جي واديءَ ۾ سئر نه ڪر
وڃ، بندگيءَ جو طريقو شيطان کان سک
هڪڙو قبلو چونڊ ۽ غير اڳيان سجدو نه ڪر)
شاهه جو هي شعر:
”مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اُڀا اينءَ چون، متان پاند پسائين“
جو هم خيال شمس تبريز جو شعر
درميان قعر دريا تخته بندم ڪرده اي
باز ميگوئي ڪه دامن تر مڪن هشيار باش
شروع واري ڪنهن مضمون ۾ لکي چڪو آهيان پر هاڻي ڊاڪٽر سدا رنگاڻي جي مقالي مان خبر پئي اٿم ته ان قسم جو هم معنيٰ شعر حافظ جو به چيل آهي، جيڪو هن ريت آهي.
آشنايان ره عشق درين بحر عميق
غرق گشتند و نگشتند به آب آلوده
(ترجمو: عشق جي راهه کان واقف، هن اونهي سمنڊ ۾ غرق ٿيا ، پر پاڻيءَ ۾ نه پسيا)
بهرحال اهي مٿيون سڀ ڳالهيون ڌيان ۾ جي رکجن ته معلوم ٿ يندو ته اسان جي وطن ۾ فارسي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر ان ۾ شعر و شاعري به ٿيندي هئي ۽ اسان جي لاکيڻي لطيف سان گڏ هر وقت قرآن شريف ۽ رومي جي مثنوي رهندي هئي، ۽ هن ملڪ ايران جو جنهن جي گهٽين ۽ چوراهن تان اڄ ڪلهه آئون هلي رهيو آهيان، ان جو اسان جي وطن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب، ثقافت، وڻج واپار، کاڌي پيتي ۽ رسم و راج تي وڏو اثر هو، هڪ عجيب مسرت ۽ حيرت جو تاثر ڏئي ٿو.
No comments:
Post a Comment