مشهد جي گوهر شاد مسجد
اسان قرآني عجائب گهر ۾ هئاسين ته اسان جي گروپ ليڊر محمد علي رضويءَ ٻڌايو ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي ۽ جماعت بيهڻ جي تيارين ۾ آهيل. قرآني عجائب گهر هتي جي مرڪزي عجائب گهر (آستان قدوس ميوزم) جي ڀر ۾ آهي. جتي ڪيترائي بي بها تاريخي نوعيت جا قرآني نسخا آهن. جن ۾ گهڻا هٿ جا لکيل آهن ۽ امامن سان منسوب ٿيل آهن. ڪي سونن اکرن ۾ آهن. هي عجائب گهر ۱۳۶۴ ۾ کوليو ويو. هن ۾ سڀ کان پراڻي لکڻي هرڻ جي کل تي ڪوفي رسم الخط ۾ آهي جنهن جو تعلق پهرين هجري صدي سان آهي. هتي رکيل قرآني نسخن ۾ هڪ هندستان جي مغل بادشاهه بابر سان به منسوب آهي. هڪ ٻيو پُراڻو نُسخو ۳۹۳ هجري سال جو آهي جيڪو سلطان محمود غزنوي جي صاحب ديوان وزير محمد ڪثير حرم لاءِ وقف ڪيو هو. هڪ نسخو ايران جي ستين صدي جي مشهور اديب، شاعر ۽ خوشنويس جمال الدين ياقوت جو به هو جنهن جو قبلت الڪتاب لقب هو. اسان صحن امام خميني لتاڙي ٻئي پاسي آياسين ته سڄو اڱڻ غاليچن سان وڇايل نظر آيو جن تي ماڻهو نماز لاءِ صفون ٺاهي رهيا هئا. پاسي کان وڏا هال هئا جن ۾ عورتون صفون ٺاهي رهيون هيون.
”بالا سر مسجد آهي؟“ مون ڀر ۾ بيٺل سلمان رضوي کان پڇيو. بالاسر مسجد امام رضا جي روضي جي سيرانديءَ کان آهي جيڪا چون ٿا ته مشهد شهر ۾ سڀ کان پراڻي مسجد آهي ۽ سلطان محمود غزنوي جي ڏينهن ۾ ٺهي هئي.
”نه. هيءَ هتي جي مشهور مسجد گوهر شاد مسجد آهي.“ سلمان ٻڌايو.
”زبردست.“ منهنجي وات مان نڪري ويو، ”مونکي هن مسجد ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. نماز بعد ڪجهه دير هتي ترسندائو؟“
”ضرور ، ضرور“ سلمان چيو ۽ اسانکي ٻڌائين ته نماز بعد اسان سڀ اتراهين ڪنڊ وٽ گڏ ٿيون. اهو ضروري هو جو عورتن کي نماز لاءِ اندرين ڪمرن ۾ وڃڻو هو. منهنجي خيال ۾ ههڙن مجمعن، ميلن ملاکڙن، درگاهن، راندين جي اسٽئڊيمن، ويندي آچر بازارين ۾ گروپ ۾ ٿي هلندڙن کي کپي ته ڪا اهڙي آساني سان سڃاڻپ واري جاءِ ضرور مقرر ڪن جتي هڪ ٻئي سان ڇڙوڇڙ ٿيڻ تي سڀ اچي گڏ ٿين. نه ته ٻي صورت ۾ هڪ ٻئي کي ڳولڻ ۽ گڏ ڪرڻ ۾ وقت ضايع ٿيو وڃي.
”مسجد جو سڄو اڱڻ ”صحن قدس“ جيڪو پنج هزار چورس ميٽر آهي غاليچن سان ڀريل هو جنهن تي تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هئي. وضوءَ لاءِ وچ تي تالاب هو، جتان وضو ڪري نماز لاءِ بيهڻ جي جاءِ ڳوليم. ڀر ۾ بيٺل ٻن نوجوان ايرانين مان هڪ غاليچي تان هيٺ ٿي بيٺو ۽ مونکي غاليچي تي جاءِ ڏنائين. مون به اهو ٿي چاهيو جو ان ڏينهن سخت سيءَ ڪري فرش تي اگهاڙن پيرن سان بيهڻ جي مون ۾ همت نه هئي. ڏٺم ته هر هڪ جي اڳيان سجدي واري جاءِ تي مٽي جي گول ٽڪي رکيل هئي. اهو عجيب لڳي رهيو هو ته آءٌ ان بنا هوس پر پوءِ پٺين صف ۾ نهاريم ته اتي ٻيا به پاڻ جهڙا ڪجهه نظر آيا. يورپ ۾ ٻه سال ايرانين سان رهڻ دوران ايرانين کي ڏسندو هوس ته هو سجدي واري جاءِ تي مٽيءَ جي گول ٽڪي يا پن رکي نماز پڙهندا هئا. بهرحال ڪنهن مسجد ۾ جماعت سان گڏ ايران ۾ منهنجي هيءَ پهرين نماز هئي. ٽي رڪعت ۾ محسوس ڪيم ته ٻيا سڀ هٿ کولي نماز پڙهي رهيا آهن پر آئون هٿ ٻڌي پڙهي رهيو هوس. دل ۾ چيم ته هاڻ منهنجو خير ناهي. پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ بنا ٽوپي جي نماز پڙهندو آهيان ته نماز بعد ڪو نه ڪو مُلون سمجهاڻي ڏئي ويندو آهي، جنهن ۾ سمجهاڻي گهٽ دڙڪا گهڻا هوندا آهن. پر هتي نماز بعد ڪنهن به ڪجهه نه چيو ۽ پوءِ مون ڏٺو ته هر مسجد ۾ ڪيترائي اهڙا غير ايراني لڳا ٿي جن جو تعلق ضرور سني فرقي سان هوندو تڏهن ته هنن مون وانگر نماز پڙهي ٿي. اسان کي ڪنهن به مڪاني شيعا حضرات ان ڳالهه ته نه سمجهايو ٿي ته هي نه هي صحيح آهي ۽ نه ڪنهن ٽوڪيو ٿي ته پتلون پائي ڇو نماز پڙهي رهيا آهيو. هتي هڪ ٻي ڳالهه به مون ڏٺي ته ايران جي ماڻهن کي امام رضا سان ايڏي ته عقيدت، عزت ۽ پيار آهي جو هو سندن روضي مبارڪ ۾ لڳل ڄاريءَ کي به چميون ڏيندا رهيا پر کين ڪنهن به روڪيو نٿي. اسان وٽ به ڳوٺ جا ماڻهو قلندر شهباز، شاهه لطيف يا داتا گنج بخش جي مزارن تي ائين ڪندي نظر اچن ٿا. پر حج دوران مون ڏٺو ته حضور صلي الله عليه وسلم جن جي روضي تي بيٺل خدمتگار انهن ماڻهن کي پيار محبت ۽ سختي سان منع ڪن ٿا، جيڪي ڄاريءَ کي چمن ٿا يا ٻُڪ کڻي قبر مٿان دعا گهرن ٿا. هنن جو اهو چوڻ آهي ته اهو شرڪ جو ڪم آهي. هڪ انسان کي ڪنهن بندي کان نه پر فقط پنهنجي رب پاڪ کان گهرڻ کپي.
نماز بعد مون ڏٺو ته اڌ کان وڌيڪ مرد توڙي عورتون اتي ئي ويهي قرآن پڙهڻ لڳيون. ايران جي مسجدن ۾ نمازين کي جيترو قرآن پڙهندي ڏٺو اٿم ايترو شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجي. هو گهڻو ڪري معني سان ئي قرآن پڙهن ٿا. قم شهر جي هڪ مسجد ۾ آئون قرآن پڙهي رهيو هوس ته اسانجي هڪ پاڪستاني شيعا عالم مونکي اڙدو ۾ اچي سمجهايو ته ڪوشش ڪري معنيٰ سان قرآن پڙهان. بنا معنيٰ جي پڙهڻ فقط ڏيکاءُ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ٺلهي پڙهڻ جو به رب پاڪ ثواب ڏئي ٿو پر اسان کي قرآن معنيٰ سان پڙهي ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ..... مونکي سندس ڳالهيون بيحد پسند آيون، ان ڪري هتي دهرائي رهيو آهيان.
نماز بعد مون اٿي مسجد جو هڪ هڪ دروازو، ڀتيون، ڇت، ونگ، محراب، فرش ۽ انهن تي ٿيل ڪم غور سان ڏٺو. اسان جي گروپ ليڊر ۽ گائيڊ محمد علي رضوي صاحب ٻڌايو ته هيءَ مسجد (گوهر شاد) عهد تيموري جي يادگار ۽ شاندار تاريخي مسجد آهي. تيموري بادشاهه ميرزا شاهه رخ جي راڻي ملڪا گوهر شآد ۸۲۱ هجري سن ۾ هن جو بنياد رکيو. تعمير ۾ نفاست ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي خوبصورتي ۽ ڪاريگري ۾ تيموري دور جو مثال پيش ڪري ٿي. مسجد جي سڀني ڀتين تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ چوڌاري الله جا نالا، قرآني آيتون ۽ حديثون لکيل آهن. مسجد جي هڪ خذمتگار ٻڌايو ته هن مسجد گوهر شاد جي جملي ايراضي نَو هزار چورس ميٽر آهي جڏهن ته اڱڻ وارو حصو ٽي هزار کن چورس ميٽر آهي. عمارت ۾ ڇهه دروازا آهن . مسجد جي ڏاکڻي ايوان جي ايراضي ۵۰۰ چورس ميٽر آهي هي ايوان مقصوره سڏيو وڃي ٿو ۽ مسجد جي سڀني ايوانن ۾ شاندار آهي. هن ايوان تي جيڪو ڪتبو لکيل آهي اهو راڻي گوهر شاد جي پٽ بايسنقر جو لکيل آهي جيڪو خط ثلث جو بهترين ڪاتب هو. سنگمرمر جي هڪڙي وڏي ٽڪري کي تراشي محراب ٺاهيو ويو آهي. مسجد جو اتر وارو ايوان داراسياده سڏجي ٿو.
هتي ڪجهه دلچسپ پئانٽس هن مسجد گورهر شآد بابت ۽ ڪجهه پئانٽس گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ ۽ سهري تيمورلنگ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪي مون پنهنجي ڊائري تي مختلف وقتن ۾ لکيون آهن.
· هي طاقتور سلطنت جي راڻي، تيمورلنگ جي پُٽ شاهه رخ جي زال، هنر ۽ آرٽ جي سرپرست ۽ پنهنجي حساب سان هڪ طاقتور شخصيت جي مالڪ، گوهر شاد اسلامي تاريخ جي هڪ اهم نمايان عورت ٿي گذري آهي.
· گوهر شاد ۽ سندس مڙس شاهه رخ جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ هرات گاديءَ جو شهر هو (جيڪو هينئر افغانستان ۾ آهي ۽ جتي گوهر شاد جون ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ٺهرايل آهن) پر مشهد ۾ ٺهرايل هيءَ پنهنجي نالي واري مسجد اڄ ڏينهن تائين صحيح بلڪ بهتر حالت ۾ هلندي اچي. هن هيءَ مسجد عيسوي سن ۱۴۱۰ يعني ۸۳۰ هجري ڌاري ٺهرائي. سڄي مسجد ۷۵۰۰ کن چورس ميٽرن تي آهي جنهن کي ٻه چاليهه ميٽر ڊگها منارا آهن، جن جي ٿولهه ۶ ميٽر ٿيندي. ۽ گنبذ ۵۰ ميٽر اتاهون ٿيندو.
· گوهر شاد مسجد ۾ رکيل منبر اخروٽ جي ڪاٺ جو ٺهيل آهي. هن ۾ ڪوبه لوهه جو ڪوڪو يا پٽي استعمال نه ڪئي وئي آهي. برطانيه جي سر پرسي سائيڪس. جيڪو هڪ سولجر، ڊپلومئٽ ۽ مشهور تاريخ نويس ٿي گذريو آهي، هن مسجد لاءِ لکيو آهي ته اها وچ ايشيا جي بهترين مسجد آهي. “The Noblest mosque of Central Asia” ۽ موجوده پوپ جو هن مسجد لاءِ چوڻ آهي ته ؛
Goharshad mosque is the first and the greatest surviving Persian monument of the ۱۵th Century.
· هجري سن۱۳۳۰ ۾ جيڪاروسين بمباري ڪئي ان ۾ هن مسجد جو گنبذ ڀڄي پيو هو . ۱۳۳۹ ۾ هي سڄو گنبذ ڊهرائي ان جي جاءِ تي نئون ۽ موجوده گنبذ ساڳي ۱۵ ميٽر قطر جو ٺهرايو ويو. هن مسجد جي ٻه دفعا وڏي مرمت ٿي آهي. هڪ دفعو صفوي دور ۾ ۽ ٻيو دفعو ڪاچاري (Qajar) دور ۾.
· هن مسجد جو آرڪيٽڪٽ ان وقت جو مشهور ڪاريگر قوم الدين شيرازي هو جنهن مختلف هنڌن تي شاهه رخ لاءِ ٻيون به عمارتون ٺهرايون جن تي شيراز ۽ اصفهان جي ڪاريگرن ۽ مزورن ڪم ڪيو ٿي. هرات (افغانستان) ۾ جيڪو گوهر شاد اسڪول آهي، اهو گوهر شاد جي حڪم تي قوام الدين ٺاهيو.
· هن مسجد کي چئن پاسن کان چار بالڪنيون (terraces) آهن، جن کي هتي ايران ۾ ايوان سڏين ٿا. ڏکڻ ۾ مقصوره نالي ايوان آهي، اوڀر پاسي واري ايوان جو نالو حاجي حسن، اتر اوڀر واري جو نالو دارو سياده ۽ اولهه واري جو آب (پاڻي) نالو آهي.
· مٿي بيان ڪيل پاڻي جي تالاب، جنهن مان مون وضو ڪري جماعت سان ظهر نماز پڙهي، اتي پراڻي زماني ۾ هڪ عمارت هئي جيڪا مسجد پير زان (پوڙهي مائي جي مسجد) سڏبي هئي. بعد ۾ ان جاءِ ڀرسان وقت معلوم ڪرڻ لاءِ Sundial ٺهرايو ويو جنهن ذريعي اڄ به وقت سڃاتو وڃي ٿو ۽ سج جي پاڇي مطابق نماز جي ادائگي ٿئي ٿي. اسان سان گڏ ان وقت موجود الحرمين جي نمائندي عابد جعفريءَ ٻڌايو ته ان Sundial لاءِ چون ٿا ته اهو ان وقت جي مشهور عالم دين شيخ بهائيءَ ڊيزائن ڪيو هو.
No comments:
Post a Comment