Thursday, February 03, 2011

مشهد ۽ امام رضا جو روضو

مشهد ۽ امام رضا جو روضو

مشهد ۾ جنهن هوٽل ۾ اسانجي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي اها حضرت امام علي رضا عليه السلام جي روضي مبارڪ کان ٻن منٽن جي پنڌ تي آهي. هوٽل مان نڪرڻ سان بازار آهي جنهن ۾ ڊراءِ فروٽ، چادرن، حجابن، تازي ميوي، نانن، بسڪيٽن ٽافين، فوٽوگرافرن، تحفن، سوکڙين، ٿانون ۽ اليڪٽرڪ جي سامان جا دڪان آهن. دڪانن واري هيءَ سڄي گهٽي توڙي اوسي پاسي جون ٻيون ننڍيون وڏيون بازارون هر وقت خريدارن سان ٽٻ رهن ٿيون. ظاهر آهي جتي روزانو هزارين مسافر اچن ته اهو ئي حال رهندو. پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هر طرف صاف سٿرائي ۽ امن امان آهي. هر هنڌ مردن کان وڌيڪ عورتون نظر اچن ٿيون. نوجوان نه برابر نظر اچن ٿا جنهن مان لڳي ٿو ته هرهڪ پڙهائي ۽ نوڪري پويان مشغول آهي. واندن جو تعداد نه برابر آهي. ڌارين مسافرن جي آمد ڪري شين جو اگهه وڌيل ناهي بلڪ هڪ ئي شيءَ جا ڪيترائي دڪان هجڻ ڪري دڪاندارن جي هڪ ٻئي سان Competation هجڻ ڪري هرهڪ گهٽ قيمت آفر ڪري ٿو جنهن بعد به توهان ڪجهه گهٽرائي سگهو ٿا. دڪاندارن جو رويو رکو ۽ شوخ ناهي چاهي خريدار سندن پنهنجو هم زبان ايراني هجي يا اسان جهڙن جي ملڪن جو. دراصل ايراني به گهڻي ڀاڱي امير نه آهن ۽ جي آهن ته به عربن وانگر هٿ ڦاڙ يا شوباز نه آهن. هر هڪ سوچي سمجهي خرچ ٿو ڪري. ڳوٺن جا ته تمام غريب آهن. ان ڪري هتي اهو ماحول ناهي جيڪو مڪي ۽ مديني جي بازارن ۾ عرب دڪاندارن جو آهي. عرب ته ٺهيو پر انهن جا نوڪر ۽ چمچا اسانجا پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگالي به اسان جهڙن غريب ملڪن جي خريدارن کي ڏڙهين ٿا. هو هميشه اهو چاهين ٿا ته اول ته اسانجهڙو ڪو سندن دڪان تي چڙهي سندن قيمتي وقت ضايع نه ڪري، پر جيڪڏهن ڪو چڙهي به ٿو ته ان وقت جي مراڪش، برونائي يا ملائيشيا جو امير خريدار دڪان تي چڙهي اچي ته اسانجو ڪم آهي ته ٽري وڃون.

ويهه پنجويهه دڪان لنگهڻ بعد هڪ گرائونڊ اچي ٿو جتي ٽئڪسيون ۽ شهر ڏي ويندڙ بسين جو اسٽاپ آهي. کاٻي پاسي هتي جا اهم رستا خيابان امام رضا ۽ خيابان خسروي آهن ۽ سامهون امام علي رضا جو مقبرو آهي جهن کي حرم پاڪ ۽ حرم مطهر حضرت امام رضا سڏيو وڃي ٿو. شهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٽئڪسي واري کي حرم چوڻ سان هتي اچي ڇڏي ٿو ۽ شهر ۾ هلندڙ ڪيتريون ئي بسيون هيڏانهن اچن ٿيون. هنن جو هي آخري اسٽاپ آهي يا هتان لنگهن ٿيون. شهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ هتان ڪنهن به بس ۾ چڙهي ميل ڏيڊ اڳيان ” ميدان شهيد“ نالي چوراهو آهي، اتان ٻي بس ۾ چڙهي نيشاپور، طوس يا ٻين شهرن ڏي وڃي سگهجي ٿو. ان ڪري توهان جي رهائش جي حرم جي ويجهو آهي ته توهان لاءِ ان جو رستو ڳولڻ ڏکيو ناهي. اسان حرم ۾ اندر گهڙون ٿا ته پهرين پهرين صحن جامع رضوي اچي ٿو. ٻاهر نڪرڻ مهل اسان قبلي جو رخ رکي نڪرون ٿا ته اچيو هتي ميدان تي پهچون ۽ پوءِ سامهون پنهنجي هوٽل جي ڇت تي نيان سائين ۾ ”هوٽل رضوان“ نطر اچيو وڃي. ان کان علاوه هتان ڪن بين هوٽلن جا پڻ نالا نظر اچن ٿا؛ هتل طبرستان، هتل مدينه، هتل الغدير، هتل معراج، هتل اپاتمان جده، هتل اپارتمان شهرام، مهمانپذير وريستوران جواد، مهمانپذير گلشن نو ....وغيره وغيره . زائرين جي گهڻائي کي منهن ڏيڻ لاءِ مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ نه فقط هوٽلون آهن پر گهر ۽ پيئنگ گيسٽ هائوس پڻ آهن. گهرن کي مختلف ڪمرن ۽ حصن ۾ ورهائي اپارٽمينٽس ٺاهيا ويا آهن جنهن لاءِ فارسي لفظ اپارتمان ۽ مهمانپذير آهي. پوءِ هر مسافر پنهنجي کيسي آهر رهائش ڳولهي ٿو . حرم کان جيڪي هوٽلون يا مسواڙي گهر پري آهن اهي وڌيڪ سستا آهن. ڪيترا ته ٽي ٽي چار چار ڄڻا گڏجي هڪ ڪمري ۾ رهن. هونءَ به ههڙن هنڌن تي ڪو آرام نه پر عبادت ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچي ٿو جنهن ۾ هن کي چند ڪلاڪ ليٽڻ لاءِ ڪهڙي به ڇت هيٺ جاءِ ملي وڃي ته ڪافي آهي. مشهد مقدس ۾ جيڪي معزز زائرين ۽ مسافر اچن ٿا اهي امام رضا جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ انهن جو وڏو تعداد رات جو به حرم پاڪ ۾ موجود رهي ٿو.

خراسان جو هي شهر مشهد هميشه هڪ مذهبي ۽ تاريخي مرڪز رهيو آهي. امام علي بن موسيٰ الرضا جي مقدس روضي جي ڪري هن شهر بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي آهي. امام رضا عليه السلام ۱۴۸هه بمطابق ۷۶۵ع ۾ مديني پاڪ ۾ ڄائو. پاڻ ۵۵ سال حيات رهيا ۽ عمر جا ۲۰ سال کن امامت جي عهدي تي رهيا ۽ چون ٿا ته عباسي سلطنت جي خليفي مامون رشيد جي هٿان هتي خراسان ۾ شهيد ٿيا ۽ هتي دفن ڪيا ويا. اڄ سندن روضو مبارڪ بي نظير اسلامي فنِ تعمير ۽ هنرمندي جي شاهڪار هجڻ جي خيال کان به هن کي سڄي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هرسال لکين عاشق، زائرين ۽ سياح اچن ٿا. منهنجو جنهن ڳوٺ هالا سان واسطو آهي اهو ڪاشي (سرن جي چٽسالي ۽ ٽائيل ورڪ) کان مشهور آهي. گذريل اڌ صدي کان آئون پنهنجي ڳوٺ ۾ ٺهندڙ ڪاشي جو نت نيو ڊيزائنون توڙي مخدوم نوح جي درگاهه تي لڳل صديون پراڻي ڪاشي (Hand Paited Glazed Tiles) ڏسندو اچان. مون ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ڏٺو آهي پر امام رضا جي هن مقبري جي ٻاهرين ڀت کان اندر تائين جي ڪاشيءَ جو نمونو، رنگ ، چٽ گل، ڊيزائن، چمڪ ۽ سونهن پسي راحت اچيو وڃي. منهنجا هتي ۽ ايران جي ٻين شهرن ۾، جتي جتي ڪاشي جو ڪم نظر آيو اٿم، ڀتين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهوريندي گذريا هوندا ۽ انهن جون ورتل تصويرون پنهنجي مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي دوستن کي موڪليندو (E_mail) ڪندو رهان ٿو.

امام رضا جي شهادت کان اڳ هن جاءِ تي فقط هڪ باغ هو جيڪو نوغان ۽ سناباد جي وچ ۾ موجود هو ۽ جتي ٻي ڪا شيءَ نه هئي. پر امام جي شهادت کان پوءِ سندن آخري آرامگاهه جي چوڌاري آهستي آهستي ماڻهن جي رهائش وڌندي وئي ۽ هزار ٻه سئو سال گذرڻ کان پوءِ هاڻ هيءِ درگاهه هڪ عظيم علمي، معنوي ۽ ثقافتي مرڪز جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. لکين زائرين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ ايران جي سڀني شهرن مان هن امام معصوم جي زيارت لاءِ اچي حاضر ٿين ٿا. ان کان علاوه روضي جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڏسڻ وٽان شيون آهن جيئن ته مرڪزي ڪتب خانو، مرڪز اسناد آستان قدس، عجائب گهر، رضويه اسلامي يونيورسٽي (جنهن کي فارسي ۾ دانشگاهه علوم اسلامي رضوي سڏجي ٿو)، مرڪز ثقافت، اسلامي تحقيقاتي مرڪز، مدرسه علميه، ادره تبليغات وغيره جن مان محقق، اسڪالر ۽ اهي ماڻهو جن کي مذهبي ۽ تاريخي مسئلن ۾ دلچسپي آهي فائدو حاصل ڪن ٿا. انهن بي مثال جاين مان هڪ مسجد گوهر شاد به آهي جنهن جو بنياد پنڌرهين صدي عيسوي ۾ رکيو ويو ۽ ڇهه سئو سالن کان حرم امام جي ڀر ۾ پنهنجي سونهن، بناوٽ ۽ چٽسالي جي ڪم سان گڏ اسلامي فنون ۽ تمدن جي عڪاسي ڪري رهي آهي.

حرم ويجهو هجڻ ڪري اسانجي گروپ جي ماڻهن بنا گائيڊ جي اوڏانهن پاڻ ئي وڃڻ چاهيو ٿي پر الحرمين ٽريول طرفان مقرر ڪيل گائيڊ محمد علي ۽ سندس ڀاءُ سلمان رضوي چيو ته هو اهو بهتر نٿا سمجهن ۽ سڄو ڏينهن اسان کي هن حرم ۾ موجود جاين بابت ٻڌائيندا رهيا. دراصل هن حرم ۾ امام رضا جي روضي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي ۽ علمي حيثيت رکڻ واريون عمارتون آهن. هڪ نئون ماڻهو پهرين ڏينهن تي منجهيو پوي ته هو ڪيڏانهن وڃِي ڪيڏانهن وڃَي. حرم ۾ اندر امام رضا جي مقبري کان علاوه ڪيترائي ادارا، آفيسون، درس گاهه، اڱڻ، ورانڊا ۽ وڏا هال آهن جن جا نالا پڻ لکيل نظر اچن ٿا جيئن ته صحن ڪوثر، صحن جامع رضوي، صحن رضوان، صحن عدير، صحن هدايت ۽ ٻيا به ڪيترائي صحن آهن. صحن جو لفظ اسان وٽ ورانڊي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر هتي صحن گهڻو ڪري کليل فضا وارو پٽ آهي جتي وڇايل غاليچن تي زائرين نماز به پڙهن ٿا ته ويهي آرام به ڪن ٿا يا قرآن شريف پڙهن ٿا. اهڙي طرح بست آهن جيڪي پڻ کليل فضا وارا هال آهن ۽ صحنن جي ٻاهران يا انهن سان لاڳاپيل آهن. مقبري جي چوڌاري چار بست آهن جن جا نالا اسلام جي چئن جيد ۽ نامور علمائن نالي آهن جيئن ته صحن انقلاب جي کاٻي پاسي بست شيخ طوسي ۽ ساڄي پاسي بست شيخ حرعاملي، مسجد گوهر شاد جي کاٻي پاسي بست شيخ بهائي ۽ چوٿون بست شيخ طبرسي آهي.

حرم رضا جي وسيع احاطي ۾ توهان کي بست، صحن ۽ ٻيا رواق نظر ايندا. صحن امام خميني جي بلڪل ڀرسان رواق دارلعباد آهي جنهن جي ڀرسان کفشداري (بوٽن رکڻ جي جاءِ) نمبر ۱۰ آهي. اهڙي طرح روضي مبارڪ جي کاٻي پاسي رواق دار الولايه آهي. جنهن جي ٻئي پاسي صحن جمهوري اسلامي آهي. اهڙي طرح رواق دارالسيات يا رواق دارالحفاظ آهي، جنهن ۾ وڃڻ لاءِ بوٽن کي رکڻ لاءِ ڪفشداري نمبر ۱۱ ۽ ۱۲ آهي. فارسي ۾ رواق مان مراد هال يا وڏو ڪمرو آهي جنهن جو جمع اروقا يا رواقات آهي.

امام علي رضا جي قبر مٿان جيڪا ڌاتو (Metal) جي ڄاري آهي ان کي ضريح سڏجي ٿو. زائرين کي هن ڄاريءَ تائين اچڻ ڏنو وڃي ٿو پر هر وقت ايتري ته ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي جو اوستائين فقط ڪجهه خوش نصيب ئي پهچي سگهن ٿا.

هڪ ٻيو فارسي لفظ جيڪو هتي توهان کي عام طرح ٻڌڻ ۾ ايندو اهو آهي ”زوار“. زوار لفظ جو جمع زائر آهي يعني ڪنهن مقدس ۽ متبرڪ مقام جي زيارت ڪرڻ وارو. اسان وٽ سنڌ ۾ پڻ زوار استعمال ٿئي ٿو. يعني هڪڙو ٽوئرسٽ. اسان وٽ اهي ماڻهو جيڪي ايران، عراق ۽ شام جي مقدس جاين جي زيارت ڪري ايندا آهن اهي زوار سڏائين ٿا جنهن جو جمع زائرين آهي. حرم جي ٻاهران فوٽو گرافي جي اجازت آهي پر اندر ڪئميرا کڻي و ڃڻ کان جهلين ٿا بلڪ مين گيٽ وٽ آفيس ٺهي پئي آهي جتي ٿيلهو، بريف ڪيس يا ٻيو ڪو سامان آهي ته جمع ڪرائڻو پوي ٿو. ويندي ڪو چاهي ته پنهنجو ٻٽون ۽ پئسا به جمع ڪرائي سگهي ٿو جو باوجود قانون جي سختي جي جيب ڪترا ماڻهن جي هجوم ۽ پيهه پيهان جو فائدو وٺي وڃن ٿا. بهرحال جمع ڪرايل هر شيءَ جي رسيد ملي ٿي جيڪا واپسي تي ڏيکاري سامان حاصل ڪري سگهجي ٿو. عورتن کي وڏي چادر ۾ پاڻ کي اوڍي پوءِ اندر اچڻو پوي ٿو. اسان جي گروپ ۾ ٻن عورتن وٽ چادرون نه هيون . اسان سمجهيو ته هنن کي واپس بازار وڃي خريد ڪرڻيون پونديون پر کين آفيس طرفان ٻه ڏنيون ويون جيئن هو پاڻ کي اوڍي ان وقت ئي اسان سان گڏ هلي سگهن.

زائرين جي سهوليت لاءِ جتي ڪٿي بوٽن رکڻ جا ڪمرا آهن جن کي ڪفشداري سڏين ٿا. هر ڪفشداري جو نمبر آهي جيئن واپسي تي اتان پنهنجو بوٽ حاصل ڪري سگهجي. هي سسٽم ايران ۾ ٻين به مقدس جاين تي آهي جنهن ڪري مسافر کي ڪا به تڪليف نٿي رسي ۽ هو جمع ڪرايل بوٽ جي رسيد يا ٽوڪن کيسي ۾ وجهي اندر گهمندو رهي ٿو . ٽئاليٽ به جتي ڪٿي ٺهيل آهن جن جي ٻاهر W.C، ليٽرين ۽ فارسي ۾ دست شوئي لکيل رهي ٿو. زائرين جي رهنمائي لاءِ هڪ آفيس آهي جتي ديني مسئلن جا حل ٻڌايا وڃن ٿا. ”صحن جمهوري“ وٽ هڪ ادره روابط بين الملل آهي جتي هن حرم مطابق هر ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي هن جي ٻاهران انگريزي ۾ پڻ لکيل آهي Guidance office for Foreign Pilgrims.

هتي مختلف زبانن جا ڄاڻو وهن ٿا. اڙدو سيڪشن جي انچارج مولانا عبدالله جوهري سان منهنجي نه فقط ان ڏينهن ڪافي خبر چار ٿي پر پوءِ به ڪيترين ڳالهين بابت کائنس سندس ڏنل فون نمبر ۰۹۱۵۳۲۴۲۱۷۱ کي ڊائل ڪري پڇندو رهيس. هن حرم مطابق اسان جي گروپ جي ماڻهن کي ”آستان قدس رضوي“ هال ۾ اڙدو فلم پڻ ڏيکاري وئي.

هن اداري جي طرف کان مقبره شيخ حرعاملي ۾ (جيڪو صحن انقلاب ۾ آهي) ظهر نماز کان پهرين اڙدو سمجهڻ وارن زائرين لاءِ روزانو مجلس جو اهتمام ٿئي ٿو ۽ شرعي سوالن جا جواب پڻ ڏنا وڃن ٿا. جيڪڏهن توهان جي ڪا شيءَ گم ٿي وڃي ته صحن جمهوري وٽ، جتي اداره تعليم علوم قرآن آهي اتي ”گم ٿيل شين جي حفاظت جو دفتر“ پڻ آهي، پڇي سگهو ٿا.

هتي ايندڙ زائرين جي اطلاع لاءِ اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن ته حرم ۾ ڪيترن هنڌن تي عورتن جي گهڙڻ جو دروازو الڳ آهي ته مردن جو الڳ. ان ڪري جيڪڏهن ڪو فئملي سان آهي ته هو اڳهين اهو فيصلو ڪن ته ٻاهر نڪري هنن کي ڪٿي اچي گڏ ٿيڻو آهي. بهرحال ان هوندي به هيڏي رش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍا ٻار مائٽن کان وڇڙيو ٿا وڃن جن لاءِ هڪ الڳ دفتر ٺهيل آهي جيئن اهڙن ٻارن کي اتي پهچايو وڃي ٿو جتي هنن جا مائٽ اچي وٺن.

پاڻي پيئڻ لاءِ به مختلف هنڌن تي بندوبست آهي. صحن انقلاب ۾ ٺهيل سقاخانه نادري وٽ پاڻي پي رهيا هئاسين ته اتي ڪجهه ملتان جي ٻهراڙي جا ماڻهو به اچي پهتا. انهن ۾ هڪ پوڙهي عورت به هئي جنهن جي هٿن ۾ ڪلو کن ٻاجهري جون ٻه ٿيلهيون هيون جيڪي هن ڪبوترن کي کارائڻ لاءِ آنديون هيون. هو هڪ هڪ کي منٿون ڪندي رهي ته هي ڪبوترن کي کارايو. آخر ساڻس گڏ آيل هڪ نوجوان سمجهايس ته هتي اڱڻ ۾ هن وقت ڪير کارائيندو. بهرحال هن سبيل لاءِ رکيل ڪولرن مٿان ٺهيل ڇت تي ، جتي اڳهين ٽي چار ڪبوتر ويٺا هئا، اتي کڻي ٻئي ٿيلهيون اڇلايون. هنن ته سمجهيو ڪو نيڪ ڪم ڪيوسين جو ملتان کان آندل ان ٻاجهري بنا مشهد شهر جا ڪبوتر مري وڃن ها پر پري کان هڪ حرم جي خدام (خذمتگار) کين ڏسي ورتو. تنهن اچي فارسيءَ ۾ کين دڙڪا ڏنا. ڪنهن چيو ته هو شايد چئي رهيو اٿن ته هيترو پري کان آيا آهيو فقط ٻه ڪلو ان آندو اٿانو. توهان ڪهڙا ملسمان آهيو ........ ؟

پر الحرمين جي مڪاني گائيڊ جعفري، جنهن کي فارسي زبان اچي ٿي تنهن ٻڌايو ته هو چئي رهيو آهي ته توهان پاڪستانين جي هيءَ ڪهڙي فضيلت آهي جو ڪبوترن جو داڻو هتي اچيو اڇلايو ۽ پوءِ ڪبوتر سڄو ڏينهن حرم ۾ ۽ هتي پاڻي پيئندڙن مٿان وٺيون لاهيندا وتن. مشهد سڄو باغن سان ڀريو پيو آهي اتي ڇو نه ٿا وڃيو ڪبوترن کي ان ڏيو. اَن ڏيو. اتي ئي صحن انقلابي ۾ هڪ ٻي وڏي پاڻي جي سبيل ”سنگا آب“ نالي آهي. هيءَ سبيل، سنگمرمر کي ڪٽي ٺاهي وئي آهي. نادرشاهه (جنهن ۱۷۳۶ کان ۱۷۴۷ تائين ايران تي حڪومت ڪئي ) جي حڪم تي هي پٿر هرات (افغانستان) مان مشهد شريف آندو ويو هو . سبيل مٿان اٺن ونگن واري اڏاوت آهي جنهن جي ڇت سون جي ڪم سان جڙيل آهي ۽ ٿنڀا سنگمرمر جا آهن.

امام رضا جي قبر جي چوڌاري لڳل ڄاري – جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته ان کي هتي ايران ۾ فارسي زبان ۾ ضريح سڏين ٿا، ان بابت اسان جي گائيڊ محمدعلي رضوي صاحب ٻڌايو ته سڀ کان پهرين ڄاري(ضريح) ڪاٺ جي هئي جيڪا ڏهين صدي جي ٻئي اڌ ۾ يعني ۹۵۷ هجري ۾ صفوي دور حڪومت ۾ تيار ڪرائي لڳائي وئي هئي. وقت سان گڏ ان جي ڪمزور ٿيڻ ۽ ٽٽڻ تي ٻي ڄاري لوهه جي جنهن تي ڪيترائي قيمتي نگ (هيرا) جڙيل هئا ۽ ” نگين نشان“ جي نالي سان سڏي وئي ٿي، اها ۱۱۶۰ هجري سال ۾ لڳرائي وئي. اها ڄاري نادرشاهه جي پوٽي ۽ رضاقلي جي پٽ شاهرخ ميراز وقف ڪئي هئي. ٽي ڄاري لوهه جي سادي ۱۲۳۸ هجري ۾ قاچاري (Qajar) سلطنت ۾ ٻي واري ڄاريءَ مٿان لڳرائي وئي. ۱۹۵۹ عيسوي ۾ چوٿين ڄاري لڳائڻ تي اها ڪڍرائي ان کي حرم جي ميوزيم ۾ رکرايو ويو آهي. اهڙي طرح چوٿين ڄاري لڳائڻ تي ٻي ڄاري پنهنجي جاءِ تي قائم رهي. هي چوٿين ڄاري ”شيروشڪر“ جي نالي مشهور رهي. وقت گذرڻ تي اها چوٿين ڄاري ڪمزور ۽ پراڻي ٿي وئي ۽ ۱۹۹۳ع ۾ پنجين ڄاري ٺهرائي لڳائي وئي جيڪا اڄ تائين موجود آهي.

”هيءَ پنجين ڄاري، يعني موجوده ضريح حرم جي متولي ۽ صوبي خراسان ۾ ولي فقيه جي نمائيندي جي حڪم تي ملڪ جي نامور نقاشن ۽ هنر مندن ٺاهي تيار ڪئي آهي،“ الحرمين ٽريولز ڪراچي جي مڪاني نمائيندي سلمان رضويءَ ٻڌايو، ”هن جو وزن ٻارهن ٽن، اوچائي ۴ ميٽر، ڊيگهه پوڻا پنج ميٽر ۽ ويڪر پوڻا چار ميٽر آهي. هن جي ٺهي راس ٿيڻ ۾ ست سال لڳي ويا ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾ چوٿين ڄاري ڪڍي هيءَ لڳائي وئي.“

حرم ۾ باوجود ماڻهن جي پيهه پيهان جي ، هتي جو يونيفارم ۾ عملو ايڏو ته منظم انداز ۾ ماڻهن جي گائيڊ ڪري ٿو جو هن ڄاريءَ تائين پهچڻ ۾ هرهڪ جو وارو اچيو وڃي ٻي صورت ۾ ، جيڪو هر وقت ماڻهن جو تعدد ۽ جوش جذبو رهي ٿو ان ۾ جيڪر ڪيترائي چيڀاٽجي پون. ڄاري (ضريح) جي مٿين حصي تي ٻن سون ۽ چانديءَ جي پٽين تي خطِ ثلث ۾ سوره ”ياسين“ ۽ ”هل اتي“ تحرير ٿيل آهي.

امام رضا جي قبر مٿان لڳل ڪتبي بابت سلمان رضوي صاحب ٻڌايو ته ” هي ٽيون ڪتبو آهي جيڪو ۲۰۰۱ع ۾ نئين ڄاري سان گڏ لڳايو ويو. هن جي لاءِ سائي رنگ جي اعليٰ قسم جو پٿر يزد جي معدني علائقي ”توران پشت“ مان حاصل ڪيو ويو. “

هن پٿر تي امام رضا جا لقب، تاريخ ولادت ۽ شهادت ۽ اهو شعر درج آهي جيڪو امام رضا جي عهد جي معروف شاعر اهلبيت دعبل خزاعي جي قصيدي ۾ پاڻ وڌايو هئائون. پاسن کان قرآن جون آيتون آهن ؛

هذا هوالمرقد الشرف الاما التقي النقي الصدق الشهيد وارث الانبياءَ والمرسلين، ثامن الائمتھ المعصومين من اهل بيت رسو رب العالمين حجتھ الله علي الخلق اجمعين سيدنا ومولانا ابوالحسن الرضا علي بن موسيٰ بن جعفر بن محمد بن علي بن الحسن بن علي بن ابي طالب صلوات الله عليهم اجمعين ولد بالمدينتھ في الحادي عشر من شهر ذي القعده عام ۱۴۸ واستشهد بطوس في آخر صفر ۲۰۳ من سنتھ الهجره النبويتھ وقبر بطوس يا لها من مصيبتھ الحت علي الاحشاء بالز فرات الي الحشر حتي يبعث الله قائما يفرج عنا الهم والڪربات.

مزار قدس تي جيڪو سون جو گنبذ آهي اهو ڇهين صدي هجري کان آهي. صفوي دور کان اڳ ان تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل هو. عهد صفوي ۾ (۹۳۲ هجري ڌاري) ان تي پهريون دفعو سون چڙهايو ويو. گنبذ جي ويجهو هڪ منارو به ٺهرايو ويو جنهن تي پڻ سون چڙهايو ويو. ازبڪن جي لٽ ڦر ۾ گنبذ جو سون به غارت ٿي ويو جنهن کي ۱۰۱۶ هجري ۾ وري تعمير ڪرايو ويو. گنبذ جي چوڌاري گولائي ۾ صفوي زماني جي مشهور خطاط رضا عباسي جو لکيل ڪتبو آهي. هڪ ٻيو چورس شڪل جو ڪتبو خوبصورت نقش ونگار سان شاهه سليمان صفوي جي زماني جو آهي. گنبذ جي اوچاي حرم جي سطح کان گنبذ جي چوٽيءَ تائين ۳۱ ميٽر آهي.

No comments:

Post a Comment