ڪجهه خراسان بابت
اسانجي ملڪ جا لکين ماڻهو هر سال حج ۽ عمري لاءِ مڪي ۽ مديني وڃن ٿا، زيارت لاءِ مشهد ۽ قم (ايران) ڪربلا ۽ نجف (عراق) ۽ دمشق (شام) وڃن ٿا. اسان جي ماڻهن لاءِ ايران وڃڻ تمام سولو ۽ سستو آهي جو ايران اسان جي ملڪ سان بارڊر ٺاهي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو باءِ روڊ ۽ ٽرين ذريعي گهٽ ڀاڙي ۾ پهچيو وڃن. ڪنهن زماني ۾ ته ترڪي وانگر ايران جي اسان کي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي پر هينئر به ايران جي ويزا حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ايران جا مڪاني ماڻهو زيارت لاءِ آيل ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي نه فقط عزت سان ڏسن ٿا پر هنن جي هر قسم جي مدد ڪن ٿا. ايران هيڏو خوشحال ٿي ويو آهي پر اڄ به هتي جي ماڻهن کي ٽيڙي يا وڏائي ناهي. هو بيحد humble آهن. ان معاملي ۾ ملائيشيا جهڙا ملڪ به وڏ ماڻهپي ۾ اچي ويا آهن ۽ عرب ته (اڄ جي دور جا عرب) ته غربت واري دور ۾ به اسان لاءِ مغرور هئا. پوءِ اهي چاهي سعودي عرب يا ڪويت جا هجن يا دبئي، بحرين، مسقط جا . اها ٻي ڳالهه آهي ته هو انگريزن، آمريڪن ۽ گوري کل وارن يورپين مان بيحد متاثر آهن. ۽ هيڏانهن ايرانين کي مغربي گورن ۽ آمريڪن جي ڪا پرواهه ناهي. هنن وٽ انسانيت جو قدر آهي. ان ڪري اسانجي ملڪ جو غريب کان غريب ماڻهو هتي ايران ۾ رهڻ ۽ سير ڪرڻ ۾ وڌيڪ سڪون محسوس ڪري ٿو. هن کي ايران ۾ نه فقط مذهبي جايون گهمڻ جي اجازت آهي. پر هر شهر ۾ وڃي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ايران ۾ بنيادي ضرورت جي هرشيءَ سستي آهي ان ڪري غريب کان غريب مسافر کي به بکون ڪاٽڻيون نٿيون پون. هتي هر قسم جو نان بيحد سستو ۽ لذيذ آهي. شهر ۾ هلندڙ بسين جو ڀاڙو نه برابر آهي. ان ڪري هرڪو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمندو ڦرندو رهي ٿو. ايران اچڻ کان اڳ آئون هميشه ان ڳالهه تي تعجب کائيندو هوس ته هي اسانجي ڳوٺن جا پوڙها ، اڻ پڙهيل ۽ غريب ماڻهو ڪيئن ٿا ايران ۾ ٿورن پئسن ۾ مهينو مهينو به گذاريو اچن. ايران جي هڪ ٻي پلس پوائنٽ ته هتي امن امان ڏاڍو آهي. خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ هر روز نت نين ٺڳين ۽ لچائين سان واسطو پوي ٿو، اهي هتي اچي حيرت کائين ٿا ته ڪيئن ته رات جو دير دير تائين دڪان ۽ بازاريون کليون پيون آهن ۽ ويندي عورتون اڪيلي سر پيون سون خريد ڪن.
اسان جا ماڻهو جيڪي ايران اچن ٿا اهي مشهد شهر ۾ ضرور اچن ٿا جو اتي هو امام علي رضا جي روضي مبارڪ جي زيارت تي اچن ٿا. ڪيترن ڳوٺاڻن کي ته اها به خبر ناهي ته هن شهر جو نالو ڇا آهي. هنن کان پڇبو ته ايران ۾ ڪيڏانهن ويائو ته هو يڪدم چوندا ته امام رضا جي روضي تي وياسين ۽ ٻيون به زيارتون ڪيونسين. هو جيڪي ٻين زيارتن جي ڳالهه ڪن ٿا انهن مان گهڻي ڀاڱي هتي مشهد ۽ ان جي آس پاس(يعني هن خراسان صوبي) ۾ آهن ۽ ٻيون قم ۽ ٻين شهرن ۾ آهن . هن شهر مشهد بابت گذريل مضمون ۾ احوال ٿي چڪو آهي. هتي هن صوبي خراسان بابت ڪجهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن جو مشهد اهم شهر آهي جنهن کي پاڻ هن صوبي جو گاديءُ وارو شهر چئي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ ايران ۾ اهڙي شهر کي مرڪز (Center) سڏين ٿا. صوبي کي فارسي ۾ اوستان سڏين ۽ صوبي جو انتظام سنڀالڻ واري کي اوستاندار سڏين ٿا جيڪو ملڪ جو وزير داخلا ڪابينا سان صلاح مشورو ڪري مقرر ڪري ٿو. جيئن اسان وٽ هر صوبو ڊويزن ۾ ورهايل آهي (جنهن کي ڪن ملڪن ۾ counties سڏجي ٿو) ۽ هر ڊويزن ضلعن (Districts) ۾ ورهايل آهي تيئن هتي ايران ۾ هر صوبو شهرستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر شهرستان ضلعن يعني بخشن ۾ ورهايل آهي. بخشن (ضلعن) بعد شهر ۽ ٽائون ٿين جن کي ايران ۾ شهر ۽ ديهستان سڏين. ديهستان ۾ وري ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ٿين.
۱۹۵۰ تائين ايران ٻارهن صوبن ۾ ورهايل هو، جهڙوڪ ؛ ڪرمان، بلوچستان (جيڪو اسان واري بلوچستان سان مليل آهي ۽ منجهس گهڻي ڀاڱي بلوچ رهن ٿا ۽ جتي جو مشهور شهر ۽ مرڪز زاهدان اسان جي ڪوئيٽا ۽ چمن کي تمام ويجهو آهي)، فارس، خزستان، لارستان، لورستان، آذربائيجان (ياد رهي ته آذربائيجان ملڪ جو به نالو آهي جيڪو هن صوبي جي ڀر ۾ آهي ۽ ڪجهه سال اڳ تائين روس جو حصو هو. هي ائين اهي جيئن آمريڪا (USA) جي رياست نيو ميڪسيڪو ۽ سينٽرل آمريڪا جو ملڪ ميڪسيڪو هڪ ٻئي جي پاڙي ۾ آهن.) عرق، عجم، مزنداران، گيلان، اردالان ۽ خراسان. وقت سان گڏ بهتر طريقي سان انتظام هلائڻ لاءِ حڪومت صوبن جو تعداد وڌائيندي رهي. آذربائيجان صوبو ٻن حصن ۾ ٿي ويو آهي مشرقي آذربائيجان ۽ مغربي آّذربائيجان. تازو ۲۰۰۴ ۾ خراسان جي صوبي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي ؛ اتر خراسان جهن جي گاديءَ جو هنڌ (مرڪز) بجنورد شهر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻيو ڏکڻ خراسان جنهن جو مرڪزي شهر برجند آهي ۽ ٽيون وچ وارو خراسان جيڪو رضوي خراسان سڏجي ٿو جنهن جو مرڪزي شهر مشهد آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي تاريخي ۽ واپار وڙي کان اهميت رکندڙ شهر نيشاپور، سبزوار، خليل آباد، تربت حيدريا، تربت جام، درگاز، قوچان، گوناباد وغيره خراسان رضوي ۾ اچي وڃن ٿا.
خراسان نه فقط اڄ جي دنيا ۾ پر آڳاٽي زماني کان وڏي اهميت رکي ٿو. خراسان ايران ۾ آهي جتي جا ماڻهو خراساني سڏجن ٿا.پر توهان افغانستان، ترڪمنستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ ويندائو ته اتي به توهان کي خراساني ملندا ۽ انهن ملڪن جو ايران جي ڀر وارو حصو خراسان سڏجي ٿو جتي فارسي زبان ڳالهائي وڃي ٿي. دراصل ڪنهن زماني ۾ خراسان ه تمام وڏو ملڪ هو جيڪو ايرانين جي قبضي هيٺ هو. اڄ به اهو سڄو خراسان گريٽر خراسان (يعني عظيم يا بزرگ خراسان) سڏجي ٿو. هن سڄي خراسان جي هڪ ئي فارسي زبان، تهذيب، ڪلچر ۽ تاريخ رهي. جيئن انگريزن انڊيا تي حڪومت دوران ڪڏهن ڪلڪتي کي گاديءَ جو شهر ٿي بڻايو ته ڪڏهن دهليءَ کي، تيئن ايراني (پرشن) حاڪمن، بادشاهن، شهنشاهن خراسان تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ان جي شهر طوس، بجنورد (هاڻ ايران جا شهر) کي مرڪز (گادي وارو شهر) بڻايو ٿي ته ڪڏهن مرو (Merv) ۽ سانجان (هاڻ ترڪمنستان ۾)، سمر قند ۽ بخارا (هاڻ ازبڪستان ۾) هرات، ڪابل، غزني ۽ بلخ (هاڻ افغانستان ۾) ۽ خوجند ۽ پنجاعيت (هاڻ تاجڪستان ۾)، کي گاديءَ جو شهر بڻايو ٿي. ايران جي ڊگهي تاريخ ۾ خراسان سان ڪيترن ئي فاتحن، سپهه سالارن ۽ سلطنتن جو واسطو رهيو، جيئن ته يوناني، عرب ، سلجوق، ترڪ، سفوي، پشتون، افغاني ۽ ٻيا.
جنهن تاريخي شهر سمر قند ۽ بخارا کي ڏسڻ لاءِ اڄ اسان ازبڪستان وڃون ٿا، اهو صدين تائين ايران جو حصو هو جتان ايرانين حڪومت ڪئي ٿي ۽ خراسان جا اهي شهر ايشيا جي علم و ادب، ايراني ڪلچر ۽ ثقافت جي کاڻ سمجهيا ويا ٿي. فارسي جي هڪ مشهور شاعر روميءَ جو هڪ شعر آهي ته ؛
آن بخارا معدن دانش بود
پس بخارا ايست هجرک آنش بود
(بخارا ڄاڻ جي کاڻ آهي،
اهو بخارا جو ئي ماڻهو آهي ، جنهن کي علم آهي).
تن ڏينهن جي ايراني شهر روداق (جيڪو هاڻ تاجڪستان ۾ اچي ويو آهي) جي نائين صدي جي فارسي شاعر ۽ ڏاهي عبدالله جعفر بن محمد ”روداڪي“ جو بخارا بابت هڪ شعر آهي ته ؛
اي بخارا شاد باش ودير زي
شاهه زي تو ميهمان آيد همي
(او بخارا ! شاد هجين، آباد هجين، خوش هجين، تو وٽ جشن ملهائڻ لاءِ ملڪ جو حاڪم مهمان ٿيو آ.)
آڳاٽي دور ۾ يورپ پاسي ماڊرن شهر روم ۽ استنبول (قسطنطيه) هو ته مشرق پاسي بلخ ۽ بخارا هو. پنهنجي گهر کي ياد ڪرڻ وارا، پنهنجي وطن جا سڪايل، پنهنجي جهوپي جي سک ۽ آرام کي دنيا جي هنن بهترين شهرن سان ڀيٽيندا هئا. چي:
جو سک اپني چوباري ۾
سونهين بلخ بخاري ۾
فارسي ادب ۽ شاعري ۾ ان وقت جي انهن جرڪندڙ شهرن بخارا ۽ سمرقند جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آهي. اڄ ڪلهه جو هڪ انڊين گانو آهي جيڪو اڀيجت ڳايو آهي.
ايک چمه تو مجهه کو ادهار ديدي
اور بدلي مين يوپي، بهار ليلي .....
ان جي آئيڊيا شيراز جي چوڏهين صدي جي شاعر خواجا شمس الدين محمد حافظ شيرازي جي شعر تان ورتل آهي جيڪو هن ريت آهي ته ؛
اگر آن ترڪ شيرازي به دست آرد دل مارا
به خال هندويش بخشم سمرقند و بخارا را
(جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ محبوب منهنجي دل جيتي وٺي ته هن جي ڳل جي تر جي بدلي ۾ هيرن جهڙا شهر سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان.)
سو اهي هيرن جهڙا شهر سمرقند ۽ بخارا ان وقت ايران جي صوبي خراسان ۾ هئا جنهن جو هاڻ فقط هڪ حصو ايران ۾ وڃي بچيو آهي ۽ باقي افغانستان، ازبڪستان، ترڪستان ڏي هليو ويو آهي. حافظ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي ٽن وڏن شاعرن مان هڪ آهي. سندس مٿئين شعر تان ياد آيو ته اهو ٻڌي ان وقت جو بادشاهه تيمور لنگ باهه ٿي ويو. هن يڪدم حافظ کي پنهنجي دربار ۾ گهرائي چيو ته ”نڀاڳا ! مون خبر ناهي ڪهڙا جتن ڪري هي شهر پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن ۽ تون آهين جو محبوب جي هڪ تِر جي بدلي ۾ انهن جي سخاوت جو اعلان ڪندو وتين؟“
”هائو سرڪار“ حافظ وراڻيس، ” شاهه خرچين ۽ سخاوتن ڪري اڄ آئون اهڙو کٽل مسڪين آهيان جو وتان ٿو ٻين جو مال قربان ڪندو.“
چون ٿا ته تيمورلنگ اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.
بهرحال هيترين صدين بعد ويهين صدي جي شروعات ۾ ملڪن جون حدبنديون ۽ بائونڊريون پختيون ٿينديون ويون. نئين جوڙجڪ ۾ آمريڪا، روس، انگلينڊ ۽ فرانس جهڙن طاقتور ملڪن پنهنجي مرضِي مطابق سرحدن جي ڦير ڦار ڪئي. ڪڙستان کي ورهائي ان جا حصا ترڪي، عراق ۽ ايران حوالي ڪيا ويا، فلسطين کي ورهائي اسرائيل ۽ اردن کي وڌايو ويو. اصلوڪي خراسان يعني صدين کان هلندڙ گريٽر خراسان جو ڪو ٽڪرو افغانستان سان ڳنڍيو ويو ته ڪو ترڪمنستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان حوالي ڪيو ويو . باقي جيڪو ايران وٽ خراسان بچيو آهي اهو به ڪافي وڏو حصو آهي جنهن جو انتظامي خيال کان ايران جي حڪومت ۲۰۰۴ ۾ ٽي حصا ڪيا آهن. خراسان فارسي جوئي لفظ آهي. خر معنيٰ سج + سان معنيٰ جاءِ يعني سج اڀرڻ جي جاءِ. خراسان ايران جي اوڀر ۾ آهي جتي سج پهرين اڀري پوءِ باقي ايران کي روشن ڪري ٿو.
ايران ۾ اسلام جي آمد کان اڳ، ساسانين جي سلطنت ۾ خراسان ايران جي چئن وڏن علائقن (ستراپين) مان هڪ هو. خراسان اسانجي خيبر پاس وانگر، ايران ۾ ڌارين قومن جي گهڙڻ جو ڄڻ ته دروازو هو. هر ٻاهرين حملو ڪندڙ فوج پهرين خراسان ۾ اچي پوءِ باقي ايران تي قبضو ڪيو ٿي. ڏهين صديءَ ۾ غزنوي (جيڪي ترڪن جي نسل جا هئا) اهي به خراسان ذريعي ايران ۾ آيا. اهڙي طرح يارهين صديءَ ۾ سلجوق ايران ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ تيرهين صديءَ ۾ منگول آيا ۽ چوڏهن ۽ پنڌرهين صديءَ ۾ تيموري ايران ۾ داخل ٿيا. سورهين صديءَ جي شروعات ۾ ازبڪن خراسان تي حملو ڪيو جن کي پوءِ صفوين (Safavids) ڀڄائي ڪڍيو. جيڪو گهراڻو ايراني هو پر ترڪ نسل مان هو. صفوين جي دور حڪومت کان پوءِ خراسان ڪافي عرصو انارڪي جو شڪار رهيو ۽ پوءِ ۱۸ صدي ۾ افشار گهراڻي جي نادرشاهه اچي امن امان جي حالت پيدا ڪئي ۽ مشهد کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ (مرڪز) مقرر ڪيو. قاچارين جي دور حڪومت ۾ خراسان جي اتراهين حصي تي اڄ جي ترڪمنستان وارا رهاڪو جنگيون جوٽيندا ۽ حملا ڪندا رهيا ۽ پوءِ نيٺ ترڪمنستان روس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ روس (USSR) ٺهي ويو جنهن ۾ آذر بائيجان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ وچ ايشيا جا ملڪ جارجيا، آرمينيا وغيره پڻ زوريءَ ملايا ويا.
اڄ جي ايران واري خراسان جي ٽنهي حصن (اتر، ڏکڻ ۽ رضوي) جي آدمشماري ستر اسي لک کن ٿيندي ۽ ايراضي ۳۱۴،۰۰۰ چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا سڄي برطانيه کان به گهڻي ٿي جنهن جي پکيڙ فقط ۲۴۴۰۰۰ چورس ڪلوميٽر آهي. يعني ايران وارو هي خراسان سڄي سنڌ صوبي کان به وڏو ٿيو جنهن جي پکيڙ ۱۴۱۰۰۰ چورس ڪلوميٽرآهي. اسانجو بلوچستان جو صوبو ئي هڪ آهي جيڪو خراسان کان وڏو آهي جو ان جي ايراضي ۳۴۷۲۰۰ چورس ڪلوميٽر آهي. ايران واري خراسان جي اتر ۾ ترڪمنستان آهي ۽ اوڀر ۾ افغانستان. ڏکڻ ۾ ايران جا صوبا ”ڪرمان“ ۽ ”سيستان ۽ بلوچستان“ آهن ۽ اولهه ۾ يزد، سيمنان ۽ مازنداران آهن.
سال ۱۹۶۸ ۽ ۱۹۷۸ ۾ خراسان ۾ تمام وڏا زلزلا آيا هئا جن مان هڪ ۾ ۱۲۰۰۰ ۽ ٻي ۾ ۲۵۰۰۰ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
خراسان جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڌاريون قومون ۽ مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا ايندا رهيا جن مان ڪيترائي هتي رهي پيا . انهن جو اولاد اڄ کڻي فارسي زبان ڳالهائي ٿو پر انهن جي لهجي ۽ زبان ۾ ڪيترائي پنهنجن وڏن جي ٻوليءَ جا لفظ آهن ۽ هو پنهنجون ريتون رسمون اپنائين ٿا ۽ هو پنهنجي وڏن جي نسل ۽ زبان جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا، جيئن ڪراچي ۾ توڙي کڻي سڀيئي اڙدو ڳالهائين ٿا پر ڪي ڪاٺياواڙي، مارواڙي، مدراسي، ٿري ۽ سرائڪي سڏجن ٿا ته ڪي ڪڇي، گجراتي، بنگالي، بلوچي، مڪراني وغيره. تيئن مشهد ۾ ڪيترائي علائقائي نسلي (ethnic) سڃاڻپ رکن ٿا جيئن ته بلوچي، افغاني، تيموري، جمشيدي، هزاروي، جپسي، خراساني عرب، يهودي وغيره.
ايران جي هن صوبي خراسان ۾ جيڪي مشهور نديون وهن ٿيون اهي آهن ؛ اتراف ندي، ڪاشف ندي، رائود ندي ۽ قاراسوئو ندي. اهو ته پهرين به لکي آيو آهيان ته ايران تعليم جي لحاظ کان عربن يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن کان ته اڳتي آهي پر اسان کان به گوءِ کڻي ويو آهي. ٻه ڏهائيون اڳ تائين ايران جا نوجوان مختلف مضمونن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ ايندا هئا. اڄ هنن جي تعليمي ادران جو تعداد ۽ معيار اسان کان مٿي ٿي ويو آهي. تهران کان مشهد هوائي جهاز ۾ ايندي منهنجي ڀر ۾ ويٺل تهران جي طباطابائي يونيورسٽي جي پروفيسر سيد رضا نقيب السادات ٻڌايو ته هن خراسان صوبي ۾ جنهن جي آدمشماري ڪراچي شهر جي ٽئين حصي جيتري مس آهي، ٻه ڊزن يونيورسٽيون آهن انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن ؛
· گناباد يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز.
· اسلامڪ آزاد يونيورسٽي، گناآباد
(گنا آباد مشهد ڀرسان مشهور ضلعو آهي جيئن اسان وٽ نواب شاهه يا دادو وغيره. گناباد قديمي شهر آهن جتي جي گنابادي زعفران ۽ گنابادي درويش مشهور آهن.)
· مشهد يونيورسٽي آف فردوسي
· اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف مشهد
· سبزوار يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
· سبزوار يونيورسٽي آف تربيت معلم
(سبزوار مشهد کان ۲۵۰ ڪلوميٽر پري اولهه ۾ هڪ قديمي شهر آهي جنهن جو پهرين نالو بيهق هو. مشهور تاريخ نويس ابوالفضل بيهقي به هن شهر جو هو ۽ ۹۹۵ ۾ هتي ڄائو هو. ان وقت هن شهر بيهق جو اڃان سبزوار نالو نه پيو هو.)
· اسلامڪ آزاد يونيورسٽي تربت جام
· اسلامڪ آزاد يونيورسٽي سبزاوار
· اسلامڪ آزاد يونيورسٽي نيشاپور
· امام رضا يونيورسٽي
· يونيورسٽي آف برجند
· برجند يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز.
(برجند کي ڪوهستان به سڏين ٿا ۽ ڏکڻ خراسان صوبي جي گادي جو هنڌ يعني مرڪز آهي. سورهين صديءَ جو علم فلڪيات (Astronomy) جو ماهر عبدالعلي ابن محمد البرجندي جو هن شهر برجند سان واسطو هو جتي هن ۱۵۲۸ ۾ وفات ڪئي. هن جا تيرهن کن ڪتاب لکيل آهن. ٻارهين صديءَ جو مشهور فرگ قلعو ” ارگِ فرگ“ هن شهر برجند وٽ آهي.
فارسي ۾ يونيورسٽي کي ”دانشگاهه“ سڏين ٿا جيئن ته ”دانشگاهه آزاد اسلامي واحد، مشهد“، ۽ انسٽيٽيوٽ کي موسسھ سڏين ٿا جيئن ته ”موسسھ آموزش عالي سجاد“ معنيٰ سجاد انسٽيٽيوٽ آف هائير ايڊيوڪيشن.
No comments:
Post a Comment