تهران کان مشهد پهچڻ
تهران کان اسانجو جهاز مشهد جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي (جيڪو ”شاهد هاشمي نجد ايئر پورٽ“ سڏجي ٿو) رات جو ڏهين بجي ڌاري لٿو. ايئر پورٽ جي ٻاهران ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ بسون بيٺل هيون. اسانجي قافلي جي ليڊر محمد علي رضويءَ اسان لاءِ ڇهه ست ٽئڪسيون ڪيون.
”بس ۾ ئي کڻي هلون.“ اسان مان ڪنهن هن کي صلاح ڏني.
”نه بس پري هلي لاهيندي،“ محمد علي ٻڌايو، ” اسان جي هوٽل ، جنهن ۾ توهان لاءِ ڪمرا بڪ ڪرايا ويا آهن، بلڪل حرم جي ويجهو سوڙهين گهٽين مان هڪ ۾ آهي، جتي بسين کي هلڻ جي اجازت ناهي.“
محمد علي جو ڀاءُ سلمان جيڪو ايران ۾ رهي ٿو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اسان کي مشهد، نيشاپور ۽ قم شهر ۾ مختلف جاين تي وٺي هليو، اهو به ان وقت ايئرپورٽ تي پهچي ويو هو ۽ محمد علي کي ٻڌائين ته هو اسان کي ٻڌائي ته ”ٽئڪسي به هوٽل جي در تائين نه هلندي جو اڃا رات جا ڏهه ٿيا آهن ۽ بازار ۾ ماڻهن جي اڃا رش آهي.“ اهو جملو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته ههڙي سرديءَ ۾ رات جو ڏهين وڳي به ايران جي شهرن جي بازارين ۾ خريدارن جي رونق آهي. هوٽل وٽ پهچي معلوم ٿيو ته هيءَ هوٽل حرم جي ويجهڙائي وارين گهٽين مان هڪ ۾ آهي. هي سڀ گهٽيون هوٽلن، دڪانن، روشنين ۽ زائرين سان ڀريل ائين لڳي رهيو ن هيون جيئن بوهري بازار جون گهٽيون آهن، جيڪي ويڪريون هجڻ جي باوجود خريدارن جي بيپناهه رش ڪري ڪابه گاڏي اتان لنگهي نه سگهي. ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۾ به ڪافي عورتون خريداري ڪندي نظر اچن ٿيون پر هتي مشهد جي هنن سوڙهين گهٽين وارين بازارين ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتن کي ڏسي حيرت لڳي. ڪي اڪيليون، ڪي ٻارن سان، ڪي مڙسن سان دڪانن تي چڙهي ۽ لهي رهيون هيون، ڪي مرد دڪاندارن سان اگهه تي بحث ڪري رهيون هيون، ڪي سامان جي هڙن سان هن سوڙهين بازارين مان هلي رهيون هيون. گهڻي رش ڪري ڪيترن عورتن مردن جا ڪلها هڪ ٻئي کي پئي لڳا. هي سڀ عورتون پڙدي ۾ ضرور هيون پر فقط چادر ۾- جيڪا هوا ۾ يا سندن هٿ لڳڻ تي پري ٿيڻ تي هنن مان ڪيتريون جينز ۽ پتلونن ۾ نظر اچي رهيون هيون. سڀني جا منهن کليل هئا. منجهن ڪا به عورت اهڙي برقعي ۾ نظر نه آئي جهڙي مغربي پريس ظاهر ڪندي رهي ٿي ۽ مون به اهو سمجهيو ٿي ته ايران جي عورت سخت پڙدي ۾ ۽ سخت هيسيل هوندي پر هتي مشهد جهڙي مذهبي شهر ۾ به رات جي ڏهين يارهين بجي بازارين ۾ عورتن کي خوش خوش هلندو ۽ شاپنگ ڪندو ڏسي CNN ۽ ٻين مغربي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ٽي قل پڙهڻ تي دل ٿي چوي ته هو ڪيترو ڪوڙ کان ڪم ٿا وٺن. ڪجهه سال اڳ ايران جي عورتن تي هالي وڊ ۾ فلم ٺهي جنهن ۾ ايراني عورت جي منهن کي چمڙي جي ٽڪري سان نڪ وٽان منهن کي ڍڪيل ڏيکاريو اٿن. اهڙي قسم جي پڙدي ۾ ته ڪا به ايراني عورت مونکي نظر نٿي اچي. اهڙي خيالي پڙدي ۾ ملبوس فلم ائڪٽريس جنهن ايران عوت جو فلم ۾ رول ادا ڪيو آهي ان جي تصوير نئشنل جاگرافڪ مئگزن جي ٽائٽل ڪور تي به آئي هئي. پر اڄ ايران پهچي آڌي رات جو کليل بازاريون ۽ انهن ۾ ٻهڪندڙ چهرن سان عورتن کي خريداري ڪندو ڏسي ملڪ جي بهتر امن امان ۽ عورتن جي آزادي جو احساس ٿئي ٿو. هتي ايران ۾ جنهن اعتماد ۽ سڪون سان هتي جون عورتون خوش خوش شاپنگ ڪري رهيون آهن ائين ته اسانجي ملڪ ۾ ڏينهن ڏٺي جو به نظر نٿيون اچن.
هيءَ هوٽل جنهن ۾ اسانجي رهائش جو بندو بست آهي هڪ ڇهه ماڙ بلڊنگ آهي. هي سڀ ڪنهن زماني ۾ گهر هئا پر زائرين جي وڌڻ ڪري حرم پاڪ جي ويجهو وارين گهٽين ۾ هر روز گهر ڊهي هوٽلون ۽ شاپنگ مال ٺهندا پيا وڃن. مونکي رهڻ لاءِ گرائونڊ فلور تي ڪمرو ملي ويو. رسيپشن تان پنهنجي ڪمري جي چاٻي وٺي رسيپشن جو وڏو ۽ اتاهين ڇت وارو هال لتاڙي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس. رسيپشن واري هال يا لائونچ ۾ ٽي وي اڳيان ڪجهه عراقي عربي ڊريس ۾ ويٺا هئا. هن لائونج جي هڪ ڀت تي قرآني آيتن جا فريم هئا ته ٻئي پاسي واري ڀت تي ايران جي آڳاٽي دور جي بادشاهن، ڪوروش (سائرس)، داريس ۽ اسلام جي آمد کا اڳ ساساني سلطنت جي ڪجهه بادشاهن شاهپور، هرمزد ۽ خسرو جون تصويرون هيون. اسان وٽ ائين غير مسلمانن جون مورتيون ٽنگيل هجن ته ماڻهو هوٽل کي باهه ڏيڻ ۾ به دير نه ڪن. لائونج ۾ ويٺل عربن (عراقين) مان هڪ حقو پي رهيو هو. ٽي وي تي اميتاڀ بچن جي ڪا انڊين فلم هلي رهي هئي جيڪا فارسي ۾ ڊب ٿيل هئي. اسان وٽ ڪنهن سئنيما ۾ انڊين فلم هلڻ تي اسلام خطري ۾ اچي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ ان سئنيما کي ساڙيو ويندو آهي. هتي ته سرڪاري ٽي وي چئنلن تان انڊين ۽ انگريزي فلمون پيون هلن، ڪا پرواهه ناهي. هنن پنهنجن ٻارن کي Train ڪري ڇڏيو آهي ته نمبر ون اجائي سجائي ٽي وي ڏسڻي ناهي ۽ نمبر ٽو سوير سمهڻو آهي ۽ سوير اٿڻو آهي. اسان وٽ ابتو حساب آهي: پاڙيسري ملڪ کي سڄو ڏينهن گاريون ڏيئي شام جو ان ملڪ جي فلم جو سي ڊي وٺي رات جو دير تائين پاڻ به ڏسون ۽ ٻارن کي به ڏيکاريون.
ڪمري تي پهچي جائزو ورتم ته ننڍڙي ڪمري ۾ ٽي وي به هئي، فرج به هئي ۽ ننڍڙي ڪچن به هئي، ڪمري کي گرم رکڻ لاءِ هيٽر ضرور هو پر ايئرڪنڊيشنڊ نه هو. معنيٰ هتي سياري ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ پکي جيتري هلڪي گرمي ٿئي ٿي. ظاهر آهي هي شهر هڪ ته ايران جي اتر ۾ آهي. روس جي اڳوڻي رياست ۽ هاڻ آزاد ملڪ ترڪمنستان سان ڳنڍيو پيو آهي ۽ ٻيو ته ڪوئيٽا وانگر سطح سمنڊ کان اٽڪل هڪ هزار ميٽر مٿي آهي، سو هتي جي موسم به ڪوئيٽا وانگر آهي. يعني سياري ۾ چڱو سيءُ ٿئي ٿو ۽ سال جا باقي مهينا موسم بيحد خوشگوار رهي ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور واري گرمي نٿي ٿئي جنهن ۾ هڪ ٽوئرسٽ بيزار ٿيو پوي ۽ شهر گهمڻ بدران هو سڄو ڏينهن هوٽل يا وڻ جي ڇانو هيٺ گذاريو ڇڏي.
آئون چانهه پي ڪجهه دير لاءِ بستر تي ليٽي پيس. چئبو ته هي آهي ايران جو شهر مشهد، جنهن بابت سالن کان ٻڌندو آيس. جنهن کان به پڇندو هوس ته ايران ۾ ڪهڙا شهر گهمڻ وٽان آهن ته هر هڪ پهرين مشهد جو نالو کڻندو هو. ايران اچڻ کان اڳ ٻه ٽي شيعا دوستن جي گهر ويس ته هر هڪ جي گهر وارن اهو ئي چيو ٿي ته امام رضا جي روضي تي وڃين ته اسان لاءِ به دعا گهرجانءَ ۽ هاڻ هي اهو شهر مشهد جو آهي جتي اسلام جي اٺين امام علي ابن موسي الرضا جو مقبرو آهي جنهن تي حاضري ڀرڻ لاءِ روزانو لکين ماڻهو ايران جي مختلف شهرن ۽ دنيا جي ملڪن کان هن شهر مشهد ۾ اچن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن شهر مشهد کي قدرتي سونهن ۽ سٺي موسم مليل آهي پر هن شهر کي دنيا ۾، خاص ڪري مسلم ملڪن ۾ شهرت ۽ اهميت حضور صلي الله عليه وسلم جي ڌيءُ بيبي فاطمه زهرا جي پڙ پوٽي ۽ امام حسين ابن جعفر جي فرزند علي الرضا جي آخري آرام گاهه ڪري آهي. امام علي رضا جو شجرو حضرت علي ابن ابوطالب ۽ بيبي فاطمه الزهره سان هن ريت ملي ٿو.
علي ابن ابو طالب ۶۶۱-۶۰۰ع
حسين ابن علي ۶۸۰-۶۲۶ع
علي ابن حسين (زين العابدين) ۷۱۳-۶۵۸ع
محمد ابن علي (الباقر) ۷۴۳-۶۷۶ع
جعفر ابن محمد (الصادق) ۷۶۵-۷۰۳ع
موسيٰ ابن جعفر (الڪاظم) ۷۹۹-۷۴۵ع
علي ابن موسيٰ (الرضا) ۸۱۸-۷۶۵ع
امام علي رضا بعد سندن فرزند محمد ابن علي (۸۳۵-۸۱۸) امام ٿيو. پاڻ محمد التقي ۽ محمد الجواد به سڏيو وڃي ٿو . جنهن بعد علي ابن محمد (۸۶۸-۸۲۷) امام ٿيو. جيڪو علي الهادي ۽ علي نقوي به سڏيو وڃي ٿو . ان بعد يارهون امام حسن ابن علي (۸۷۴-۸۴۶)ٿيو جيڪو حسن العسڪري سڏيو وڃي ٿو. ان بعد امام محمد ابن حسن(مهدي) امام ٿيو. سندن پيدائش جو سال ۸۶۸آهي.
مٿين امامن ۾ حضرت علي پهريون امام مڃيو وڃي ٿو ان بعد ٻئي نمبر تي سندن وڏو فرزند امام حسن (۶۶۹-۶۲۵) آهي ۽ ان بعد سندن ٻيو فرزند ۽ امام حسن جو ننڍو ڀاءُ امام حُسين آهي. امام علي رضا جي شهادت (۸۱۷ع) کان اڳ هي شهر سن آباد (SANABAD) نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. امام رضا جي مقبري تي هر سال ايندڙ زائرين مان ڪيترائي هتي رهڻ لڳا ۽ هي شهر ويو وڌندو ۽ سندس اصل نالي سن آباد بدران هي شهر مشهد يعني شهيد جي آخري آرامگاهه سڏجڻ لڳو. ڪي ماڻهو هن شهر کي عزت وچان مشهد مقدس به سڏين ٿا يعني ڀلارو مشهد يا مشهد شريف. جيئن اسا وٽ قلندر شهباز يا مخدوم نوح جي ڪري سيوهڻ ۽ هالا جهڙن شهرن کي سيوهڻ شريف يا هالا شريف سڏين ٿا. ايراني هر سال وڏي عقيدت سان مشهد ۾ زيارت لاءِ اچن ٿا. هنن لاءِ مشهد ۾ اچي امام علي رضا جي روضي تي حاضري ڀرڻ ائين آهي جيئن اسان وٽ ڳوٺاڻا ڪنهن پير، فقير، بزرگ يا درويش جي عرس تي هرسال هن جي درگاهه تي پهچن ٿا.
مشهد جو شهر تهران بعد ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ تهران جي اتر اوڀر ۾ آهي. تهران کان مشهد باءِ روڊ پهچڻ لاءِ به رستا آهن هڪ ۸۷۵ ڪلو ميٽر ۽ ٻيو ۹۲۵ ڪلوميٽر آهي جيئن ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي ذريعي به اچي سگهجي ٿو ته نئشنل هاءِ وي ذريعي ٺٽي کان ڦرندو به پهچي سگهجي ٿو. ان کان علاوه مشهد ۽ تهران جي وچ ۾ ريل گاڏي به هلي ٿي. روزانو ٽيهارو کن اڏامون ايران جي مختلف شهرن ۽ دنيا جي ملڪن کان مشهد جي انٽرنيشل ايئرپورٽ” فرودگاهه شاهد هاشمي نجد“ تي لهن ٿيون. هر روز لکين ماڻهو هي شهر گهمڻ ۽ امام رضا جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا. ڌارين ۾ سڀ کان گهڻا پاڪستاني ۽ افغاني نظر اچن ٿا. ان کان علاوه ٻئي نمبر تي ايران جي پاڙيسري ملڪن ترڪمنستان، آذربائيجان، عراق، گلف، يمن ۽ انڊيا جا آهن. انهن ٽوئرسٽن ۾ به نه فقط شيعا فرقي جا مسلمان آهن پر سني پڻ آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا به مشهد ۾ اچن ٿا جن کي فقط امام رضا جي روضي مبارڪ ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اجازت وٺڻ تي، خاص شخصيتن کي ، اتي به اچڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو.
مشهد ايرن جي صوبي خراسان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪي اهڙا به دور رهيا جڏهن مشهد سڄي ايران جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو. مشهد جو شهر ايران جي اتر اوڀر ۾ آهي ۽ ترڪمنستان ۽ افغانستان جي بارڊر تي ائين آهي جئين اتر اولهه ۾ ترڪي جي بارڊر تي تبريز آهي. بارڊرن تي هجڻ ڪري ايران جا هي ٻئي شهر ڌارين ملڪن کان آيل حملي آورن جي عتاب هيٺ رهيا. ٻئي شهر ڪڏهن ٺهندا رهيا ته ڪڏهن ڌارين جي حملي ڪري ڊهندا به رهيا.
مشهد جو شهر ” بنالود“ ۽ ”هزر مسجد“ نالي جبلن جي وچ ۾ ڪشف ندي واري ماٿري ۾ آهي. هيءَ ندي هاري نديءَ مان نڪري ٿي . هي علائقو صدين کان واپار وڙي جو اهم مرڪز رهيو آهي ۽ انڊيا ويندڙ يا اتر کان ڏکڻ، ترڪمنستان کان بحر اومان ويندڙ قافلن جو لنگهه هتان ٿيندو رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻارهن سئو سال اڳ (۸۱۸ع کان اڳ) يعني امام علي رضا جي وفات کان اڳ، هي شهر مشهد جيڪو سن آباد نالي ڳوٺ هو اهو مشهور نه هو پر ان جي ڀرسان طوس نالي شهر جيڪو هينئر ديبل ۽ڀنڀور وانگر فقط تاريخي حيثيت رکي ٿو، هتي جو اهم شهر هو. هن صوبي خراسان جا ماڻهو، مڪي مديني ويندي وقت طوس مان لنگهندا هئا، جيڪو ان وقت ڪوٽڙي ۽ روهڙي ريلوي اسٽيشن وانگر هر طرف کان ايندڙ قافلن لاءِ مشهور جنڪشن هو.
توس فارسي ۾ طوس به لکيو وڃي ٿو ۽ انگريزي ۾ Toos، Tous ۽ Tus اسپيلن سان لکيو وڃي ٿو. هي شهر اسلام جي آمد کان پوءِ ۱۲۲۰ تائين بلي بلي شهر هو جنهن کي چنگيز خان اچي تباهه ڪيو. هن شهر توس (طوس) سان ڪيترين ئي تاريخي شخصيتين جو واسطو رهيو آهي جيئن ته جابر بن حيان (Geber) جيڪو باباءِ ڪيمسٽري سڏيو وڃي ٿو، هن شهر طوس ۾ ۷۲۱ ۾ ڄائو (۽ ۸۱۵ ۾ وفات ڪيائين)، ايران جو مشهور اسدي طوسي (ابو منصور علي ابن احمد اسدي طوسي) سن ۱۰۰۲ ۾ طوس ۾ ڄائو، نظام الملوڪ (ابو علي الحسن الطوسي نظام الملڪ) سلجوق سلطنت جو وزير ۽ عالم ڏاهو طوس ۾ ۱۰۱۸ ۾ ڄائو ۽ ۱۰۹۲ ۾ وفات ڪيائين. الغزائي (ابو حميد محمد الغزالي) اسلامي دنيا جو عالم، منصف ۽ فلاسفر ۱۰۵۸ ۾ طوس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي ۱۱۱۱ ۾ وفات ڪيائين. تفسير، حديث ۽ فقي جو عالم شيخ طوسي (ابو جعفر محمد ابن حسن طوسي) به هن شهرطوس ۾ ۱۰۶۸ ۾ ڄائو. مئٿمئٽڪس، فلاسافي، Astronomy ۽ طِب جو ايراني ماهر نصردين الطوسي به طوس ۱۲۰۱ ۾ ڄائو ۽ ۱۲۷۴ ۾ وفات ڪيائين. ان کان علاوه فارسي جو مشهور شاعر فردوسي جنهن جي شاهنامي کان سڄي دنيا واقف آهي، پڻ هتي طوس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي. خليفو هارون رشيد به هتي ئي دفن ٿيل آهي. دراصل مشهد ايڏو وڌي ويو آهي جو طوس به هن شهر جو حصوئي سمجهڻ کپي جيئن لالو کيت، ملير يا ماريپور اڄ ڪلهه ڪراچي ئي سمجهيا وڃن ٿا.
جيتوڻيڪ خراسان جو سڄو صوبو اسانجي بلوچستان وانگر جابلو علاقو آهي پر ڪٿي ڪٿي سرسبز چراگاهه ۽ پوک سان سايون سڌيون زمينون پڻ نظر اچن ٿيون، جن تي ڪيترائي ميوا، بادام پستا ٿين ٿا. هتي جي نرم ۽ نازڪ صوفن کان ته اسان جا ماڻهو به واقف هوندا جيڪي اسان وٽ ” مشهدي صوف“ سڏجن ٿا. هتي جي زعفران به دنيا ۾ مشهور آهي جنهن بابت شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان. ان کان علاوه هتي جي زرشڪ به مشهور آهي .زرشڪ بر بيريز (Berberries) جو قسم آهي جيڪي خراسان ۾ جام ٿين، جن کي سڪائي پوءِ وڪيو وڃي ٿو. زرشڪ Berriesجون جئمون، چٽڻيون ۽ Juices پڻ ايران ۾ وڪامن ٿيون. زرشڪ جي باغن کي ” زرشڪ آستان“ سڏين. مشهد جي ڳوٺن ۾ مڪاني ماڻهو ناپسنديدگي جو اظهار ڪرڻ لاءِ به هي لفظ زرشڪ استعمال ڪن ٿا، جيئن اسان چوندا آهيون ” آڱوٺو“ يا انگريز چوندا آهن “Blowing raspberry”.
مشهد نه فقط اخروٽن، بادامن، پستن، صوفن، ڏاڙهوئن، سنگتڙن، انگورن ۽ زعفران کان مشهور آهي پر فيروزه (پٿر)، غاليچن، ريشم (Wool)، سڻي (Silk) جي شين ۽ ڪاشي جي ڪم کان به مشهور آهي. خراسان جي ميوزڪ ايران جي قديمي ميوزڪ مان آهي. خاص ڪري توربت جام، توربت حيدريه، بجنورد ۽ قوچان جي خراساني علاقن جي . هن صوبي (خراسان جنهن جو مشهد گادي جو شهر آهي)جا بنيادي ساز آهن ؛ تار، دوتار، دف ۽ دهل (جي ها! دهل سنڌي جو نه پر فارسي جو لفظ آهي) مشهد غزل خاني کان به مشهور آهي ۽ هنن جي صوفي شاعرن جهڙوڪ رومي، عطار ۽ شيخ احمد جامي جا غزل ڳايا وڃن ٿا.
اسان جو مشهد ۾ رات جي وقت اچڻ ٿيو. ڏينهن جي وقت مشهد جي هوائي اڏي تي لهڻ مهل سڄي شهر ۾ ساوڪ ۽ چوڌاري وڻن جون قطارون نظر اچن ٿيون ۽ پوءِ زمين تي لهڻ مهل اسانجهڙو سياح چوڌاري گنبذ ۽ خوبصورت منارا ڏسي وائڙو ٿيو وڃي. ڄڻ ڪنهن الف ليليٰ جي داستان جي ڪنهن ملڪ ۾ اچي ويو هجي ۽ واقعي الف ليليٰ جي اصلي ڪهاڻين جو واسطو ايران سان ئي ته هو. ان ۾ عرب ۽ هند سنڌ جون ڪهاڻيون ته بعد ۾ ڳنڍيون ويون.
No comments:
Post a Comment