Thursday, February 03, 2011

ڪيڏانهن ويا عظيم ساساني .....

ڪيڏانهن ويا عظيم ساساني .....

ايران تي جن ڏينهن ۾ عربن جي حڪومت ٿي ۽ ايران ۾ اسلام آيو انهن ڏينهن ۾ ايران ۾ ساساني گهراڻي جي حڪومت هئي. ساساني گهراڻي لاءِ لکي چڪو آهيان ته انهن جي ايران تي عيسوي سن ۲۲۴ کان ۶۵۱ تائين حڪومت رهي جنهن ۾ هنن جا ٽيهن کان مٿي بادشاهه ٿيا جن مان ڪن ته سال اڌ حڪومت ڪئي ته ڪن ويهن کان سٺ ستر سال به حڪومت ڪئي. ساساني گهراڻي جا بادشاهه آتش پرست يعني باهه جا پوڄاري هئا. هنن جي حڪومت ۾ ايران ڪافي وڌيو ويجهيو، ادب شعر و شاعري، ثقافت ۽ ٻين فنن ۾ ترقي ڪئي. هن درو جا ڪيترائي بادشاهه اڄ به مشهور آهن ۽ هو عدل ، انصاف ۽ رعيت جو خيال رکڻ کان مشهور ٿيا. دنيا جي تاريخ ۾ ساسانين کي وڏي اهميت حاصل آهي. عربن جي جڏهن ايران تي حڪومت ٿي يعني هو ساسانين جا جانشين ٿيا ته مذهب، نسل ۽ زبان جي اختلاف جي باوجود عرب ساسانين جي تمدن کان تمام گهڻو متاثر رهيا. حضرت عمر جي ڏينهن ۾ جڏهن ڪوفي ۽ بصري ۾ ڇانوڻيون قائم ڪيون ويون (جتي پهرين ساسانين جي حڪومت هئي) ته عرب حاڪمن، قبضي هيٺ آيل هنن نون علائقن جو انتظام هلائڻ لاءِ ايراني ماڻهو رکيا. ساساني سلطنت جي ائڊمنسٽريشن ايتري ته بهترين هئي جو چار سئو سالن تائين ارڌ شير جو خاندان ئي هن ملڪ جتي حڪومت ڪندو رهيو. ارڌ شير ساساني گهراڻي جو پهريون حاڪم هو جنهن ايران تي سن ۲۲۴ کان ۲۴۱ تائين سترهن سال حڪومت ڪئي . پاڻ اعليٰ درجي جو جرنيل ۽ منتظم بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. اردشير جو هڪ قول مشرق توڙي مغرب جي دنيا ۾ اڄ به مشهور آهي ته ؛

”قدرت بي لشڪر و لشڪر بي زر و زر بي زراعت و زراعت بي عدالت و حسن سياست نشوو.“

يعني سلطنت جو مدار فوج تي آهي. فوج، بنا ناڻي جي، گڏ ٿي نٿي سگهي. ناڻو بغير زراعت جي حاصل ٿي نٿو سگهي ۽ زراعت امن ۽ انصاف بنا ترقي ڪري نٿي سگهي.

ساساني دور ۾ ارڌ شير کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناليرا ۽ ناميارا بادشاهه ٿيا. جيئن ته شاهپور اول (۲۷۲-۲۴۱) ايران جا شهر جنڊي شاهپور، شاد شاهپور ۽ فارس ۾ نيشاپور هن بادشاهه آباد ڪيا. هرمز، شاهپور دوم، گور، فيروز، قباد، نوشيروان، بهرام ...وغيره وغيره. انهن ساساني بادشاهن ۾ خسرائو نالي به ٻه بادشاهه مشهور ٿيا. هڪ خسرائو اول سڏبو هو جنهن عيسوي سن ۵۳۱ کان ۵۷۹ تائين ايران تي ۴۸ سال حڪومت ڪئي ٻيو خسرائو دوم جنهن کي پاڻ خسرو پرويز به سڏيون ٿا جنهن سن ۵۹۰ کان وٺي ۶۲۸ ع تائين اٽڪل ۳۸ سال ايرن تي حڪومت ڪئي. هي اهو ايراني بادشاهه هو جنهن ڏي اسانجي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مسلمان ٿيڻ جي دعوت جي سلسلي ۾ خط لکيو. خسرو پرويز جيڪو ڪسريٰ فارس سڏيو ويو ٿي ان اسلام جي دعوت قبول نه ڪئي. بلڪ چڙ ۾ اچي حضور صلي الله عليه وسلم جن جو خط مبارڪ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ خط آڻيندڙ سفير جي بي عزتي به ڪئي. پاڻ صلي الله عليه وسلم جن ٻڌو ته فرمايائون ته الله تعاليٰ به ائين ئي هن جي بادشاهت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ جلد ئي اها اڳڪٿي پوري ٿي وئي ۽ ساسانين جي حڪومت هميشه هميشه لاءِ دنيا مان ختم ٿي وئي. اها طاقتور حڪومت جيڪا ۴۰۰ سالن کان مظبوطيءَ سان هلندي آئي جنهن جو راڄ، ٽن کنڊن جي ڪيترن ئي ملڪن تي پکڙيل هو اها ٽيهن سالن اندر ساسانين کان الڳ ٿي عربن حوالي ٿي وئي. پهرين ايران جا ٻاهريان علائقا ۽ پوءِ اندروني ايران، عربن حوالي ٿي ويو. ايران تي سوڀ حاصل ڪرڻ جو سلسلو حضرت ابو بڪر صديق رضه جي ڏينهن کان ئي شروع ٿي ويو. ۶۵۱ ڌاري ان وقت جو سڄو ايران- شام، عراق، مصر تائين عربن حوالي ٿي ويو، جنهن کي عرب خليفن هلايو ٿي. حضرت علي رضه چوٿين خليفي کان پوءِ امام حسين بدران معاويو خليفو ٿي ويٺو ۽ اميه گهراڻي جو بنياد وڌو. اميه گهراڻي جو ايران تي راڄ ۶۶۱ کان ۷۵۰ تائين، ان بعد عباسي گهراڻي جو ۷۵۰ کان ۸۶۷ تائين، ان بعد ٻين مختلف عرب گهراڻن جو ايران جي مختلف حصن تي ۱۲۵۸ تائين اٽڪل ڇهه سئو سال راڄ رهيو. ايران تي اسلامي سلطنت جو خاتمو چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان ۱۲۵۸ ۾ ڪيو ۽ پنهنجي خان گهراڻي جو بنياد وڌو. هلاڪو خان جي نسل اڳتي هلي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي چين جي منگول قبيلي کان الڳ ٿي ويو.

۱۳۳۵ کانپوءِ منگول سلطنت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ ايران جي ڪنهن حصي تي ڪو گهراڻو راڄ ڪرڻ لڳو ته ڪنهن تي ڪو گهراڻو. تيمور (جيڪو تيمور لنگ يا تيمورلين به سڏجي ٿو) ۽ چنگيز خان جي اولاد مان هو، تنهن ايران تي منگول سلطنت کي وري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهڻو هلي نه سگهي. تيمور پاڻ ايران تي ۱۳۶۹ کان ۱۴۰۵ تائين حڪومت ڪئي ان کان پوءِ اڌ صدي کان سندس پٽ ۽ پوٽا ايران جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندا رهيا جن مان هڪ شاهه رخ وڌيڪ مشهور آهي جنهن ۴۰ سال کن ايران جي اتراهن حصن تي راڄ ڪيو. سندس زال گوهر شاد جي مشهد ۾ ٺهرايل مسجد مشهور آهي جيڪا هن ۱۴۱۸ ۾ ٺهرائي.

هڪ دفعو وري ايران تي سفوي گهراڻي معرفت ايرانين جي حڪومت قائم ٿي وئي. سفوي اصل ترڪ قبلي جا ايران ۾ رهندڙ هئا. هن گهراڻي جو بنياد ۱۵۰۲ ۾ پيو ۽ ڏهاڪو کن حاڪم ٿيا جن ۾ شاهه عباس تمام گهڻو مشهور ٿيو. شاهه عباس به سائرس، داريس ۽ سڪندر وانگر The Greatسڏجڻ ۾ اچي ٿو. يعني” عباس دي گريٽ“. هن حاڪم جون وڏيون خذمتون آهن. هو عمارتن جو عاشق هو. ايران جو مشهور شهر اصفهان پڻ شاهه عباس ٺهرايو جنهن کي هن پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ پهرين جي درٻار جا ماڻهو انگلنڊ کان خاص هلي شاهه عباس جي ٺهيل عمارتن کي ڏسڻ لاءِ ايران جي شهر اصفهان ۾ ايندا هئا. ايتريقدر جو اصفهان لاءِ چوڻي مشهور ٿي ته ” اصفهان – نصف جهان“ يعني اصفهان جو شهر اڌ دنيا آهي.

سفوي گهراڻي جو خاتمو افغانين جي حملي آندو. افغانين ايران تي حملا ڪري، اصفهان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. پر افغاني ايران تي وڏو عرصو حڪومت نه ڪري سگهيا. جلدي نادرشاه، هڪ ترڪي قبيلي جي سردار نه فقط افغانين کي ايران مان ڀڄائي ڪڍيو پر پوءِ ڪجهه سالن بعد افغانستان تي ڪاهه ڪيائين. ان دوران هن انڊيا ۾ به ڪافي تباهي مچائي، دهليءَ مان ڪوه نور هيرو ۽ مور تخت سميت هيرا جواهر لٽي ايران کڻي آيو. ۱۷۴۷ ۾ نادر شاهه قتل ٿي ويو. هن يارهن سال حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ اڌ صدي کن ۱۷۹۴ تائين زند حاڪمن جي حڪومت رهي جن ۾ ڪريم خان (۱۷۷۹۱۷۵۰) اڄ به تاريخي عمارتن ڪري، ايران گهمڻ وارن جي ساڻس سڃاڻپ ٿئي ٿي.

زند گهراڻي بعد ايران تي ڪاجاران جي حڪومت ۱۷۹۴ کان ۱۹۲۵ تائين هلي. ڪوجار گهراڻي جا ڪجهه مشهور حاڪم هئا؛ آغا محمد خان ڪوجار، فتح علي شاهه (۱۸۳۴- ۱۷۹۷)، محمد شاهه، نصير دين شاهه وغيره. آخري حاڪم احمد شاهه ڪوجار ۱۹۰۹ ۾ تخت تي ويٺو. هن جي حڪومت ۾ رضا خان نالي هڪ فوجي هو جنهن برطانيا جي حڪومت جي مدد سان ڪوجار گهراڻي جو تختو اونڌو ڪري تاج پنهنجي مٿي تي رکي، پاڻ حاڪم يعني شاهه ٿي ويٺو ۽ پهلوي گهراڻي جي شروعات ڪئي.

رضا خان (يعني هاڻ رضا شاهه پهلوي) ۱۹۳۵ ۾، هن ملڪ جو سرڪاري طرح نالو ايران مقرر ڪيو، جيڪو هيستائين پرشيا سڏبو هو. ۱۹۴۱ ۾ برطانيه ۽ روس ايران تي قبضو ڪري رضا شاهه کي تخت تان لاهي ڏيهه بدر ڪيو ۽ سندس پٽ محمد رضا شاهه کي تخت تي وهاريو. محمد رضا شاهه پهلوي جيڪو پاڻ کي شهنشاهه، يعني شاهن جو شاهه سڏرائڻ لڳو، اهو هن ملڪ جو آخري بادشاهه ثابت ٿيو. ۱۹۹۷ ۾ آيت الله خميني جي انقلاب، ايران جي هن آخري بادشاهه کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. تاريخ و ادب جي شاگردن لاءِ هتي ڪجهه دلچسپ ڳالهيون لکي رهيو آهيان.

ساسانين جو دور علم و ادب ۽ ثقافت جي خيال کان ايران جو سڀ کان اهم ۽ بااثر تواريخي دور سمجهيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو ايران جي تهذيب ۽ تمدن جو ڪيتريون ئي ڳالهيون يورپ جي رومن سلطنت تي به اثر انداز ٿيون. رومن هن کان اڳ ايرانين کي هيٺاهون سمجهندا هئا. ساساني سلطنت ۾ هنن پهريون دفعو ايرانين کي برابري جو درجو ڏنو ۽ رومن حاڪم جڏهن پرشيا (ايران) جي شهنشاهه کي خط لکندو هو ته ”منهنجا ڀاءُ“ لکي مخاطب ٿيندو هو. ايران جي ثقافت، آرٽ ۽ ڪلچر نه فقط يورپ تائين پر آفريڪا، چين ۽ انڊيا تائين اثر انداز ٿيو.

ايران جي ساساني حڪومت تي مسلمانن پهريون حملو ۶۳۴ع ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي وفات بعد يڪدم ڪيو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ ساسانين جي سوڀ ٿي پر عرب ماٺ ڪري ويهي نه رهيا. هنن هڪ دفعو وري، خالد بن وليد جي سربراهيءَ ۾ حملو ڪيو ۽ ڪامياب ٿيا. حضرت عمر جي خلافت (۶۴۴۶۳۴) دوران ۶۳۷ ۾ قدسيه جي ميدان تي جيڪا عربن ۽ ساسانين جي لڙائي ٿي ان ۾ تيسفون شهر (Ctesiphon) جيڪو ساسانين جي گادي جو هنڌ هو، اهو عربن حوالي ٿي ويو. هي شهر دجله ندي جي اوڀر واري ڪناري تي بغداد کان ۳۵ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. هي شهر نه فقط ساسانين جو بلڪ ان کان اڳ جي حڪومت Arscids وارن جي به گادي جو شهر هو ۽ ۸۰۰ سالن تائين ايران جي خوارواران صوبي جو حصو هو. انهن ڏينهن ۾ ساساني گهراڻي جو آخري شهنشاهه يزدگرد تخت تي هو. وڏي رعب تاب ۽ منظم طريقي سان سوا چار سئو کن سالن کان هلندڙ، ساسانين جي حڪومت، آخري پنجن سالن ۾ ٽڙ پکڙ ٿي وئي. ايران جي ڪجهه شهرن ريئي، اصفهان ۽ همدان وغيره ۾ باغي قوتون، ڪجهه مهاڏو اٽڪائينديون رهيون، باقي سڄو ايران ۽ اوسي پاسي جا ملڪ جيڪي ساسانين جي قبضي ۾ هئا اهي عرب خليفن جي حڪومت هيٺ هليا ويا. ايران تي عربن جي حملن دروان ڪيترائي ايران جا شهر تباهه ۽ خالي ٿي ويا، محل ۽ پليون ڊهي ويون ۽ ڪئين خوبصورت باغ ۽ بلڊنگون برپٽ ٿي ويون. ساسانين جو هن ڌرتي تي صدين کان هلندڙ راڄ چند سالن ۾ ائين هٿن مان نڪري ويو جئين ڪو اڻ پاليل پکي پڃري جو در کلڻ تي اڏري وڃي. ساسانين جي زوال بابت منهنجا ايراني جهازي دوست فردوسيءَ جو هڪ شعر Quote ڪندا آهن.

ڪجان آن بزرگان ساسانيان

زبهراميان تا سامانيان

ان ئي شعر جو ڪنهن انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو آهي ؛

“ To where have the great Sassanids gone?

To the bahramids and Samanids what has come upon?

فردوسي (سڄو نالو حڪيم ابوالقاسم ”الفردوسي“ توسي) ايران جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي جيڪو سن ۹۳۵ خراسان جي شهر توس (مشهد ڀرسان) ڄائو ۽ اتي ئي ۱۰۲۰ ۾ وفات ڪيائين. ان ڪري کيس توسي به سڏين ٿا جيئن اسان وٽ دهلوي، لکنوي، ناٿن شاهي، ٻنوي وغيره. فردوسي جو احوال اڳتي هلي سندس شهر مان ڪبو.

ساسانين جي ۶۵۱ ۾ حڪومت ختم ٿيڻ بعد ايران ۽ پسگردائي جي ملڪن تي عربن جي حڪومت رهي. سئو سال کن اميه خاندان جي، ان بعد هڪ سئو سال کن ۷۵۰ کان ۸۶۷ تائين عباسي گهراڻي جي. انهي دوران ايران جي مختلف صوبن ۽ آس پاس جي عرب ملڪن تي ٻين عربن جي به حڪومت رهي. جيئن خراسان صوبي تي جيڪو ان وقت نه فقط اڄ وارو ايراني خراسان هو پر ان ۾ ترڪمنستان ۽ افغانستان جو به ڪجهه حصو اچي ويو ٿي، ان تي طاهري گهراڻي ۸۲۱ کان ۸۷۲ تائين حڪومت ڪئي، اهڙي طرح علوي گهراڻي، زياروي، بوئي، ديالمي ۽ سفري گهراڻن جي به سوين سال حڪومت رهي پر اهي سڀ عرب گهراڻا هئا.

ساسانين بعد ايران تي وري جنهن نج ايراني (پرشن) گهراڻي جي ايران تي حڪومت ٿي ته اهي ساماني (Samanids) آهن جن جي ۸۹۲ کان ۹۹۸ تائين سڄي خراسان تي حڪومت رهي. هن گهراڻي جو باني ”سمن خدا“ هو جنهن ۸۹۲ کان ۹۰۷ تائين حڪومت ڪئي. اڳتي هلي خراسان واري علائقي کان علاوه ٽرانسو خيانا وارو سڄو علائقو جنهن ۾ سمرقند ۽ بخارا به اچي وڃي ٿو ۽ جنهن کي عرب ” ما ورائڻ نهر“ ۽ فارسي ڳالهائيندڙ فرارود سڏين ٿا، ان جو ڪنٽرول سمانين جي هٿن ۾ اچي ويو. جن بابت ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ شاعر فردوسيءَ مٿين شعر ۾ ذڪر ڪيو آهي. ان Transoxiana (فرارود / ما وراءُ النهر) واري علائقي ۾ اڄ جو سڄو ازبڪستان، تاجڪستان ۽ قراقستان جو ڏکڻ اولهه وارو حصو اچي ويو ٿي. فردوسيءَ پنهنجي شاهنامي ۾ لکيو آهي ته هي علائقو ايراني بدو قبيلن جو هو.

سامانين جي حڪومت ۹۹۸ تائين هلي ان بعد غزنوي گهراڻي جي حڪومت ٿي. جنهن جو ٽيون نمبر حاڪم محمود غزنوي سومناٿ مندر تي حملي کان مشهور آهي. محمود جو نانو الپتگين سمانين وٽ غلام چوڪيدار (گارڊ) هو. آخري ڏينهن ۾ سامانين جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ تي هن غزني تي قبضو ڪري ورتو. ان بعد سندس ناٺي سبڪتگين تخت تي ويٺو. سبڪتگين پڻ پنهنجي سهري الپتگين وانگر سامانين وٽ ترڪ غلام هو. سبڪتگين بعد سندس پٽ محمود غزنوي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجو پاڻ کي سلطان سڏايو.

ساسانين جي ڏينهن ۾، يعني جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ان وقت ايران جا رهاڪو آتش پرست هئا جن کي پاڻ ”پارسي“ يا مجوسي سڏيون ٿا. هي ايران جي مشهور ڌرمي شاعر زراٿسترا کي مڃين ٿا جيڪو حضرت عيسيٰ کان به ڏيڍ هزار سال کن اڳ ڄائو هو.

ساسانين جي دور حڪومت ۾ زوروسٽرين (باهه جي پوڄا ڪندڙن)کان علاوه عيسائي، يهودي ۽ ٻڌ ايران ۾ رهيا ٿي. ساسانين جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪيترا باهه جا پوڄاري اسلام جي دائري ۾ آيا باقي بچيلن مان ڪيترا ايران جون حالتون پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهي انڊيا جي صوبي گجرات ڏي لڏي ويا جتي هو پارسي سڏجڻ لڳا. انڊيا جي ترقي ۾ هي پارسي ان وقت کان اهم رول ادا ڪري رهيا آهن. پارسين جا ڪيترائي مندر بمبئي، احمد اباد ، بڙودا کان علاوه ڪراچي ۾ به آهن، جتي هميشه باهه ٻرندي رهي ٿي. پارسي مري ويلن کي زمين دفن اندر ڪرڻ يا ساڙڻ بدران پکين کي کارائين ٿا ۽ ان قسم جي جاءِ ”خاموشي جو ٽاور“ سڏجن ٿيون. ڪراچي جي ڊفينس مارڪيٽ وٽ به پارسين جو Tower of Silence آهي جتي هو لاش کي ڳجهين ۽ ڪانگن حوالي ڪن ٿا.

پارسين جي ڪئلينڊر جو سال ۶۳۲ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ساسانين جو آخري بادشاهه يزدگرد ”سوم“ ايران جي تخت تي ويٺو هو. يزد III جو راڄ ۶۴۲ تائين هليو. هو عربن جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ آخر ۾ اشتهاري ملزم جي حيثيت سان هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ لڪندي قتل ٿي ويو. اهو شهر اڄ جي ترڪمنستان ۾ آهي. يزد سوم جي ۶۴۲ ۾ مرڻ بعد ساساني گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو، سندس پٽ پيروز ۽ ٻيا خانداني ماڻهو چين ڀڄي ويا.

No comments:

Post a Comment