ڪا به عورت وفادار ناهي
الطاف شيخ
داريس (Darius I) ڪير هو؟
شروع ۾ آئون ٻڌائي چڪو آهيان ته ايران ۾ جيڪي اتراهن ملڪن کان آريا آيا انهن ۾ وڏا ٽولا يا قبيلا ٺهي ويا. هڪ ميدس ۽ ٻيو پرشن جنهن جو سردار سائرس هو جنهن جو هن کان اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي. جنهن وقت سائرس ميدس قبيلي تي حملو ڪري هن کي پاڻ سان ملايو، ان وقت ميدس (Medes) قبيلي جو سردار ارساميس(Arsames) هو . داريس دي گريٽ، هن سردار اساميس جو پوٽو هو. سائرس جي حملي ڪرڻ تي ميدس جي سردار ارساميس پنهنجي سرداري پڳ تان هٿ کڻي پنهنجو تخت و تاج سائرس حولي ڪيو. سائرس هن جي پٽ هستاسپيس (Hystaspes) کي ايران جي ٻن علائقن (پارٿيا ۽ فريگيا) جو گورنر ڪري رکيو. داريس هن گورنر هستاسپيس جو پٽ هو. سائرس جي مرڻ بعد سندس ٻنهي پٽن ۾ هيڏي وڏي ملڪ تي حڪومت هلائڻ جو حال نه هو . انهن جي مرڻ بعد داريس ايران (يعني سڄي پرشيا) جو بادشاهه ٿيو. هونءَ به داريس جي هنن سان مائٽي به ٿي. سائرس کي چار ٻار هئا. ٻه پٽ جيڪي پيءُ جي مرڻ بعد هڪ هڪ ٿي تخت تي ويٺو ۽ جنگين ۾ مارجي ويا ۽ ٻه ڌيئرون شهزادي آرتي اسٽون ۽ شهزادي اتوسا (Atossa) . هنن ٻنهي ڀيڻن جي شادي داريس سان ٿي هئي. داريس بعد هن جو پٽ زرقيس (Xerxes I) جيڪو تخت تي ويٺو اهو ڄڻ ته سائرس جو ڏوهٽو ئي ٿيو. هن ۴۸۶ق.م کان ۴۶۵ق.م تائين حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ناني وانگر ناليرو بادشاهه ٿيو.
داريس به پنهنجي سهري سائرس، يا کڻي چئجي ته اسان واري شيرشاهه سوري وانگر ملڪ ۽ رعيت لاءِ ڀلا ڪم ڪيا. داريس هڪ ئي ڌڻي اهورا مزدا (Ahura Mazda) جي عبادت ڪئي ٿي. زوروسٽرين عقيدي مطابق اهورا مزدا اها وڏي هستي آهي جنهن کي ڪنهن به نه خلقيو. ان ڪري زوروسٽرين عقيدي کي مزدا يا سنا به سڏيو وڃي ٿو. يعني مزدا جي عبادت.
· داريس بهترين سياستدان، آرگنائيزر ۽ ائڊمنسٽريٽر هو.
· هن پنهنجي پرشن سلطنت کي ۲۰ صوبن ۾ ورهايو ۽ هرهڪ تي ستراپ (گورنر) مقرر ڪيو.
· هن سائرس وارو گادي جو شهر ڇڏي اڄ واري شيراز ڀرسان پرسيپولس (Persepolis) نالي نئون شهر اڏرايو. سڪندر اعظم ايران تي حملي دوران هن شهر کي لٽي، ڦري آخر ۾ تباهه ڪري ڇڏيو پر هن جا ڪجهه کنڍهر اڃان قائم آهن جن کي دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
· داريس پنهنجي جيئري ئي پنهنجو مقبرو هن شهر جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ کي ڪٽائي ان اندر ٺهرائي ڇڏيو.
· هن بادشاهه نيل نديءَ کان وٺي سئيز شهر تائين ڪئنال ٺهرايو. ياد رهي ته ان وقت جي ايران (پرشيا) ۾ مصر به اچي ويو ٿي. مصر جي تاريخ ۾ داريس جي تمام گهڻي تعريف لکيل آهي جو هن مصر جي عوام لاءِ به ڀلا ڪم ڪيا ۽ انصاف سان حڪومت هلائي هو مصر جو فرعون پڻ سڏبو هو.
· هن چوڌاري رستن جي ڄار وڇائي. ماپ ۽ تور جا وٽ ۽ ماپا مقرر ڪيا.
· بهستون شهر جي ڀرسان هڪ پهاڙي تي داريس طرفان لکرايل عهد ناما ايران ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن لاءِ ڏسڻ وٽان آهن.
· ٻين پرشن بادشاهن وانگر داريس به غلاميءَ جي خلاف هو.
بهرحال ۴۸۵ ق.م ۾ داريس جي وفات بعد سندس پٽ زرقيس اول ۴۶۵ ق.م تائين تخت تي ويٺو ۽ ان بعد ٻيا به ڪيترائي بادشاهه ٿيا پر هخامنشي (يعني اهڪيمينڊ) گهراڻي جا اهي ٽي ڄڻا سائرس، داريس ۽ زرقيس مشهور ترين بادشاهه ٿيا. هن گهراڻي جي سلطنت جيڪا ۵۵۰ ق.م کان شروع ٿي سا سڪندر اعظم ۳۳۰ ق.م واري حملي تي دنگ ٿي. سڪندر جي ان وقت عمر پنجويهه سال ڪا مس هئي. هو يونان جي شهر مقدو نيا کان لشڪر وٺي دنيا کي فتح ڪرڻ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. هن کي ايران (پرشيا) فتح ڪرڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي جو ملڪ ۽ حڪومت جا حال هيڻا ٿي چڪا هئا. پرهن کي ايران ايترو ته پسند آيو جو هن روخسانا نالي هڪ ايراني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽ پنهنجن ٻين جنرلن کي به چيائين ته اعليٰ خاندان جي پرشن ڇوڪرين سان شادي ڪريو. سڪندر اعظم ۳۲ سالن جي ڄمار ۾ سن ۳۲۳ ق.م ۾ وفات ڪئي. هنن کي ڪو اولاد نه هو. هن جا جنرل هيڏي وڏي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. آخر مان انهن مان هڪ سيليوڪس (Seleucus)، نالي جنرل سوڀارو ٿيو ۽ هن سيلوڪي گهراني (Selencid Dynasty) جو بنياد رکيو جنهن جي ڏيڍسئو کن سال حڪومت رهي. ان بعد ايران ۾ رهندڙ پارٿيا قوم يونانين کي شڪست ڏئي پارٿيا گهراڻي (Parthian Dynasty) کي قائم ڪيو. هنن جي حڪومت اٽڪل ۵۰۰ کن سال-۲۴۷ ق.م کان وٺي عيسوي سن ۲۲۴ تائين هلي پار ٿين ايران جي حڪومت کي وڌائي آرمينيا کان انڊيا تائين ڪري ڇڏيو. پارٿين ملڪ کي وڌائي ضرور ڇڏيو پر هنن تي لڳاتار افغانين ۽ رومين جا حملا ٿيندا رهيا. ان کان علاوه شهري لڙائين هن حڪومت کي ڪمزور بنائي ڇڏيو. ان بعد سن ۲۲۴ع ۾ هڪ پرشن آرڌر شير نالي پارٿين تي حملو ڪري هنن کي شڪست ڏني ۽ ايران جي حڪومت هڪ دفعو وري ايرانين (پرشن) جي قبضي ۾ آئي ۽ ساساني گهراڻي جي حڪومت وجود ۾ آئي. ساساني (Sasanid) گهراڻي جي ڏينهن ۾ ايران جي سلطنت جو نالو ايران شهر رکيو ويو. ساساني سلطنت جي ۲۲۴ع کان ۶۵۱ع تائين اٽڪل ساڍا چار سئو کن سال حڪومت هلي جنهن ۾ ۳۳ کن بادشاهه ٿا. (يونانين جي سيلوڪي گهراڻي جي حڪومت ۾ ۱۲ بادشاهه ٿيا ۽ پارٿين گهراڻي جي ڏينهن ۾ ۴۲ بادشاهه ٿيا.)
ساساني گهراڻي جي ايران تي جيڪا ۴۵۰ سال کن حڪومت رهي انهن جي ڪجهه بادشاهن جا نالا اڄ به مشهور آهن ۽ اهي نالا اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ آتش پرست (Zoroastrain) ڌرم جي ماڻهن (جن کي اسان وت عام طرح پارسي سڏين ٿا) ۾ عام آهن جهڙوڪ؛
ارڌ شير
شاهپور
هرمزد
پيروز
خسرائو، وغيره ....
سائرس، داريس، زرقيس، ڪئمبيسس، بادشاهن جو ”هخا منشي“ گهراڻو هو جيڪو Achaemenid (اهڪي ميند) پڻ سڏبو هو. هنن جي ايران تي ۳۳۰ ق.م تائين ۲۲۰ سال حڪومت رهي. انهي دوران هنن جا ۱۴ کن مشهور بادشاهه ٿيا جن پرشيا (اڄ واري ايران ۽ ڀروارن ملڪن جي حصن) تي حڪومت ڪئي . هن گهراڻي جو آخري بادشاهه جنهن جو نالو داريس هو پر اهو ”داريس سوم“ سڏجي ٿو يونان کان آيل سڪندر اعظم جو مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ هن ڌرتيءَ تي يونانين جي حڪومت هلي جن کي مڪاني ماڻهن ڌاريون ئي سمجهيو ٿي. هي ڌارين جي حڪومت جو سلسلو ۳۳۰ ق.م کان ۲۲۴ع تائين ساڍا پنج سئو سال هليو جنهن ۾ Selucid , Argead ۽ پارٿين Arsacid گهراڻن جا ۶۰ کن بادشاهه سڄي ايران تي يا ايران جي مختلف صوبن تي حڪومت ڪندا رهيا. ان بعد ساساني گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي جن جو تعلق ايران سان هو جن جي ڪجهه بادشاهن جا نالا مٿي لکي چڪو آهيان . ساسانين بعد هن ملڪ تي عربن جي حڪومت ٿي. عربن جي حڪومت دوران ايران جي وڏي آدمشماريءَ جيڪا زوروسٽرين (باهه جي پوڄاري) هئي، اسلام قبول ڪيو ۽ نه فقط اسلام قبول ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي سٺو مسلمان ثابت ڪيو. انهن مان ۽ انهن جي اولاد مان ڪيترائي اسلام جا وڏا عالم ۽ مفڪر پيدا ٿيا. بهرحال هخامنشي (اهڪي ميند) گهراڻي بعد ساساني اهڙو گهراڻو آهي جنهن جو تعلق هن ڌرتيءَ سان هو. ان ڪري اڄ به ايران ۾ انهن گهراڻن جي بادشاهن جا نالا ۽ مورتيون جتي ڪٿي عام آهن ۽ انهن کي وڌيڪ پنهنجو سمجهيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ ساسانين جي دور جا حاڪم توڙي رعيت زوروسٽرين ۽ يهودي هئا ۽ هخامنشي جي دور ۾ به اهو عالم هو. ظاهرآهي ان دور جي آخر تائين اڃا حضرت عيسيٰ به نه ڄائو هو. سڪندر اعظم جي ايران فتح ڪرڻ کان ۳۳۰ سالن بعد حضرت عيسيٰ عليه السلام جو جنم ٿيو. ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت ساساني سلطنت جي ايڪيهين بادشاهه خسرو اول جي ڏينهن ۾ ۵۷۱ع ۾ ٿي. خسرو اول جي ايران تي ۴۸ سال (۵۳۱ کان ۵۷۹) تائين حڪومت رهي. ان بعد هرمزد چهارم يعني هرمزد چوٿين جي ۵۷۹ کان ۵۹۰ تائين حڪومت رهي. يعني هن جي مرڻ گهڙي تائين اسلام جي تبليغ شروع نه ٿي هئي، جو حضور صلي الله عليه وسلم جن تي نزول وحي ۶۱۱ ۾ ٿيو. هرمزد چوٿين بعد ايرن جو بادشاهه اهو مشهور خسرو پرويز (خسرو دوم) بادشاهه هو جنهن کي روم جي بادشاهه سان گڏ حضور صلي الله عليه وسلم جن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو. بهرحال ساساني توڙي هخامنشي مسلمان نه هئا پر جيئن ته انهن جو واسطو ايران جي سر زمين سان هو ان ڪري اڄ به توڙي کڻي سڄو ايران مسلمان ملڪ آهي پر ڪيترن ئي مسلمانن جي هوٽلن، گهرن، پبلڪ عمارتن ۾ سائرس ۽ داريس يا ساساني بادشاهن جون تصويرون، چٽساليون ۽ مورتيون نظر اچن ٿيون. اڄ به ڪيترن ايرانين جا نالا ڪوروش (سائرس)، داريس، فيروز، بهرام، شاهپور، خسرو، ارڌشير، رخسونا (سڪندر اعظم جي ايراني زال)، رستم ۽ سهراب ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهي مسلمان ته نه هئا. ايران جي حڪومت کان علاوه هنن جي ادب، شعرو شاعري، ڪلچر جو اثر اسانجي ننڍي کنڊ تي رهيو آهي ۽ هنن جي ديکاديکيءَ ۾ اسان وٽ به رستم ۽ سهراب جهڙا نالا عام آهن. نه رڳو اهي پر زرينا جهڙا نالا پڻ جيڪا روس جي حاڪم زار جي راڻي هئي.
· مٿي ساساني بادشاهه خسرو اول جو نالو لکڻ مهل ياد آيو ته خسرو اول جي ڏينهن ۾ گُندي شاهپور جو ڪاليج جيڪو چوٿين صدي ۾ کوليو ويو هو، سڄي دنيا ۾ ٽاپ جو تعليم گاهه مڃيو ويو ٿي جنهن جي انگريز به واکاڻ ڪن ٿا ته اهو ڪاليج The greatest intellectual center of time. هو. هونءَ به ساسانين جي حڪومت ۾ تعليم، ادب ، شاعري ۽ آرٽ جهڙين شين تمام گهڻي ترقي ڪئي جنهن جا ثبوت اڄ به ”طاقِ بوستان“ ۽ نقشِ رستم“ جي تصويرين مان ملن ٿا.
· الف ليليٰ ڪهاڻيون جن کي انگريزي ۾ One thousand and one night. سڏجي ٿو، عربي ۾ ”ڪتاب الف ليليٰ و ليليٰ“ فارسي ۾ ”هزار ويڪ شب“ سڏجي ٿو ان جي بنيادي شروعات ساساني دؤر جي افسانوي شهنشاهه شهر يار کان شروع ٿي. پوءِ وقت سان مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف دورن ۾ وڌيڪ ۽ مختلف ڪهاڻيون ملايون ويون. اهي ڪهاڻيون ساساني بادشاه شهريار کي سندس راڻي شهرزاديءَ ٻڌايون. ساساني بادشاهه شهريار کي جڏهن خبر پئي ته هن جي پهرين زال هن سان وفادار ناهي ته هُن هِن کي قتل ڪري ڇڏيو. شهريار کي ان کا پوءِ دماغ ۾ اهوئي اچي ويٺو ته ”ڪابه عورت وفادار ناهي“. هو ڏهاڙي نئين زال سان شادي ڪندو هو ۽ صبح ٿيڻ تي هن کي قتل ڪري ڇڏيندو هو. ايتريقدر جو ڪنواري ڇوڪرين جو تعداد ختم ٿي ويو ۽ بادشاهه سلامت جو وزير پريشان ٿي ويو ته هاڻ ڇا ڪجي. ان تي وزير جي ڌيءَ شهرزاديءَ پنهنجي پيءُ تي زور آندو ته هن جي شادي شهريار بادشاهه سان ڪرائي وڃي. شاديءَ رات نئين ڪنوار شهرزاديءَ بادشاهه سلامت کي هڪ آکاڻي ٻڌائي پر ان کي صبح تائين ختم نه ڪيو. بادشاهه سڄي ڪهاڻي ٻڌڻ جي شوق ۾ هن نئين ڪنوار کي ماري نه سگهيو. ٻي رات هن اها ڪهاڻي پوري ڪري وري ٻي شروع ڪئي ۽ صبح تائين ان جو انجام رهجي ويو. سو اهڙي طرح هڪ هزار هڪ راتيون گذاري ورتائين. انهن ڪهاڻين جي سلسلي ۾ هڪ رات (۹۱ هين رات) شهرزاديءَ خسرو پرويز (خسرو دوم ۵۹۰ کان ۶۲۸ تائين حڪومت ڪرڻ واري ساساني) جي پڻ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي. هي اهو ساساني بادشاهه هو جنهن لاءِ لکي آيو آهيان ته هن کي اسانجي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو. شهرزاديءَ جي ڪهاڻي جو عنوان هو ؛
”خسرو، شيرين ۽ مهاڻو.“ شيرين خسرو پرويز جي عيسائي زال هئي جيڪا آرمينيا جي هئي.
بهرحال الف ليليٰ جو هي داستان جيڪو اسان وٽ به مشهور آهي ان جي شروعات جو واسطو ايران جي ساساني دور سان آهي. جنهن بابت ايران جي هڪ شاعر ابو منصور قطران تبريزي سن ۱۰۰۰ع ڌاري چيو آهي ته ؛
هزار ره صنف هفت خوان و ريين دز
فرو شنيدم وخواندم من از هزار افسان
(مون ”هزار افسان“ ۾ هزار دفعا ”هفت خان “ ۽ رويين ديز“ جو قصو پڙهيو ۽ ٻڌو.)
بهرحال هي اهو داستان آهي جنهن کان اڄ نه فقط مشرقي دنيا پر مغربي دنيا به واقف آهي ۽ اڄ تائين خبر ناهي ڪيتريون فلمون ۽ ٽي وي سيريز ٺهي چڪيون آهن. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ Arabian Nights نالي هڪ فلم تمام مشهور ٿي آهي. هن ۾ فلم ائڪٽريس مِلي اويتال شهرزادي ٿي آهي ۽ ڊوگري اسڪاٽ شهريار ٿيو آهي. مونکي به انگلينڊ جي ٽيليويزن BBC One تان ان فلم کي ڏسڻ جو موقعو مليو.
No comments:
Post a Comment