Thursday, February 03, 2011

پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن - الطاف شيخ

پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن
الطاف شيخ
هوائي جهاز رستي جيڪي پاڪستان جا زائرين ايران پهچن ٿا، خاص ڪري مشهد ۽ قم لاءِ يا ڪربلا (عراق) وڃن ٿا اهي گهڻو ڪري ايران جي قومي جهاز ران ڪمپني Air Iran ذريعي تهران پهچن ٿا جتان پوءِ ڊوميسٽڪ اڏامن ذريعي ايران جي مختلف شهرن ڏي وڃن ٿا، يا بس ذريعي ڪربلا پهچن ٿا جيڪو ٻارهن ڪلاڪن جو سفر ٿئي ٿو. آئون پڻ ايئر ايران جي اربع ڏينهن واري فلائيٽ ۾ تهران وڃي رهيو هوس. ان کان علاوه ٻي ڪا Choice به نه هئي جو اسان جي پنهنجي هوائي ڪمپني PIA جا جهاز اڄڪلهه ايران نٿا وڃن. PIA جون، گذريل باب ۾ جيتوڻيڪ گلائون ڪري چڪو آهيان پر هن جون ڪي تعريف جوڳيون ڳالهيون به آهن ۽ ڪو زمانو هو جو پي آءِ اي جي ڪري اسان پاڪستانين جو پنهنجي ۽ ڌرائين ملڪن ۾ مٿانهون ڳاٽ هو. ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن وقت ياد اچي رهيون آهن؛

· PIA ايشيا جي ملڪن جي پهرين هوائي ڪمپني آهي جنهن کي سپر Constellation جهاز اڏائڻ جو اعزاز نصيب ٿيو. ان بعد جيٽ ايئر ڪرافٽ به پهرين PIA هلايو.
· اسانجي هوائي ڪمپني (PIA) ايشيا جي پهرين ائير لائين آهي جنهن کي آمريڪا جي FAA (فيڊرل اويئشن ايڊمنسٽريشن) ۽ برطانيه جي CAA (سول اويئشن اٿارٽي) طرفان مرمت جو approval مليو.
· PIA پهرين غير ڪميونسٽ ايئر لائين آهي جنهن کي چين لهڻ جي اجازت ملي ۽ ماسڪو مان ٿيندي يورپ وڃڻ جي موڪل ملي.
· PIA ايشيا جي پهرين هوائي ڪمپني آهي جنهن پنهنجي فليٽ ۾ بوئنگ ۷۳۷ ۽ بوئنگ ۷۷۱ جا جهاز شامل ڪيا.
· PIA پهرين هوائي ڪمپني آهي جنهن جي هوائي جهازن ۾ اڏام دروان فلمون ڏيکاريون ويون.
· دنيا ۾ PIA پهرين ڪمپني آهي جنهن Scheduled هيليڪاپٽر سروس شروع ڪئي.
هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته PIA جي ۽ ان ڪري اسان پاڪستانين جي دنيا ۾ ڇا لئه ويٺل هئي. هر ڪو اسان کي وڏو قابل ۽ پڙهيل لکيل سمجهندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور، ملائشيا، سري لنڪا جهڙن ملڪن جون هوائي ڪمپنيون توڙي پاڻي جا جهاز اسان پاڪستانين شروع ڪرايا. پر اڄ اسان جي ملڪ توڙي هوائي ڪمپني جو اهو حال آهي جنهن لاءِ شاهه جو ”اڳي ائين هئام جو پنهون ڌوتم ڪپڙا“ وارو بيت يا اڙدو جو کهنڊرات يه بتاتي هين، عمارت عجيب تهي“ ياد ٿو اچي.
PIA جي شروعات پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ سال اڳ ۱۹۴۶ ۾ ٿي، جڏهن مرزا احمد اصفهاني جهڙن ڪار خانيدارن ڪلڪتي ۾ اورينٽ ايئرويز نالي هوائي ڪمپني رجسٽر ڪرائي جيڪا پوءِ ڪراچي ٽرانسفر ڪئي وئي. سندس اڏامون ڪراچي، ڍاڪا ۽ ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور هلڻ لڳيون. ۱۹۵۵ ۾ حڪومت طرفان ٺاهيل نئين قومي هوائي ڪمپني ۾ اورينٽ ائير لائنز به ملائي PIA جوڙي وئي جنهن جو اڏامون پهرين سال کان لنڊن، قاهري ۽ اٽلي هلڻ لڳيون ۽ ۱۹۶۲ کان نيويارڪ ڏي به وڃڻ شروع ٿي ويون. ۱۹۶۸ ۾ جڏهن آئون پهريون دفعو بحري جهاز وٺي نيو يارڪ پهتو هوس ته انهن ڏينهن ۾ PIA جو نيويارڪ آفيس جو مئنيجر منهنجو هم نام الطاف نالي هو. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اسان جي هوائي ڪمپنيءَ جو وڏو نالو هو. اسان جي ملڪ جا هوائي جهاز دنيا ۾ هڪ طرف هلي رهيا هئا ته پاڻي جا جهاز ٻئي طرف. ڪاروبار ايترو سٺو هليو پئي جو اسانجو ملڪ هڪ ٻئي پويان ويو پئي هوائي جهاز ۽ پاڻي جا جهاز خريد ڪندو. ايتريقدر جو اسان وٽ هلائڻ وارا نه پئي مليا. جيسين اسين پاڪستان مئرين اڪيڊمي جا گرئجوئيٽ جهاز جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿيون تيسين ڪيترا سال اسان جي ڪيترن جهازن تي انگلينڊ، ترڪي، پولينڊ، جرمني جهڙن ملڪن جا جهازي آفيسر نوڪريون ڪندا رهيا. هي اهو زمانو هو جڏهن ملائشيا، سنگاپور، سري لنڪا جهڙن ملڪن کي نه جهاز هئا ۽ نه تعليمي ادارا. سعودي عرب کان ملائيشيا تائين جا ”نوجوان ڪئڊٽ“ اسانجي نيول اڪيڊمي ۽ مئرين اڪيڊمي جهڙن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ بعد ۾ جڏهن انهن ملڪن پنهنجيون هوائي ۽ سامونڊي جهازن جو ڪمپنيون ڪڍيون ته اسانجي ماڻهن کين شروع ڪري ڏنيون. ڪيترن سالن تائين انهن ملڪن جا نه فقط جهاز اسانجا پاڪستاني آفيسر هلائيندا رهيا پر انهن جي آفيسن جا سربراهه به اسانجا پاڪستاني هئا، جن مان ڪيترا ته منهنجا ڪلاس ميٽ ۽ سينئر هئا. جهڙوڪ ؛ ايران جي گوڪل ڪمپني جو چيف انجنيئر انور لوڌي، مسٽر سئٽنا، ظفر زيبري، ڪئپٽن عمران انصاري، ڪئپٽن عرفان فاروقي، ڪئپٽن مظهر زيدي، چيف انجنيئر آصف غيور، ابراهيم شريف، اسلام مصطفي، مرزا اقبال، ڪئپٽن ايم جي سعيد جنهن اڄ جي سنگاپور جي PIL جهاز ران ڪمپني جو ۱۹۶۸ ۾ بنياد رکيو، اهڙي طرح ڪئپٽن جلال بيگ سري لنڪا جي ”سيلان ڪارپوريشن“ ٺاهي، جنهن وٽ اڄ اسان کان گهڻا جهاز آهن. بهرحال ستر ۽ اسي جو ڏهاڪو اسان جي اوج ۽ عزت جو دور هو ۽ پوءِ جو اسان جي ترقيءَ جو گراف ڪرڻ لڳو آهي ته ڪرندو وڃي. اهي جيڪي اسان کان سکيا، اهي جن اسان کان گهڻو گهڻو پوءِ جهاز ران ڪمپنيون ۽ مئرين اڪيڊميون کوليون، اهي اسان کان گهڻو گهڻو اڳ نڪري ويا. اسان پٺيان بيهي انهن کي سڪڻن ٻارن وانگر بيٺا تڪيون. خبر ناهي ڪنهن جي نظر اسان جي ملڪ ۽ ان جي ادارن کي کائي وئي آهي.
ايران جي قومي هوائي ڪمپني جو نالو Iran Air آهي اها پڻ PIA وانگر ۱۹۴۶ ۾ وجود ۾ آئي. ايران جي ڪجهه بزنيس مين گڏجي هي هوائي ڪمپني شروع ڪئي. جيڪا ان وقت Iranian Airway سڏبي هئي. هن جا جهاز مسافر ۽ سامان کڻي ملڪ جي مختلف شهرن ؛ تهران، مشهد، اصفهان، شيراز وغيره ويندا هئا ۽ هفتي ۾ هڪ فلائيٽ يورپ جي روٽ تي به هلي ٿي. ۱۹۵۴ ۾ پرشن ايئر سروس (PAS) نالي هڪ ٻي پرائيويٽ هوائي ڪمپني شروع ٿي جنهن جا جهاز ۱۹۶۰ کانپوءِ ايران جي شهرن کان علاوه لنڊن، جنيوا، پئرس، برسلس ۽ فرئنڪفرٽ به هلڻ لڳا.
۱۹۶۲ ۾ هي ٻئي هوائي ڪمپنيون ايران ايئر ويز ۽ PAS هڪ ٻئي سان گڏجي هيءَ ايران ايئر نالي ڪمپني ٺاهيائون جنهن جي ”ايئربس ۳۰۰“ جهاز ۾ اسان ”اولهه اتر“ جو رخ ڏئي اسان واري بلوچستان صوبي جا شهباز قلات، پنجگور، قلعا خدابدن، واشاپ، دوزاب، قلعا لدگاشت جهڙا شهر يا ڪي ٻيا گذري رهيا هوندا. تهران وڃڻ لاءِ هوائي جهاز پاڪستان جو بلوچستان صوبو لتاڙي پوءِ ايران ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ بام، ڪرمان ۽ يزد شهرن ڏي رخ رکي ٿو ۽ پوءِ اصفهان ۽ قم شهرن مٿان اڏامي تهران پهچي ٿو. مشهد لاءِ جهاز کي وري اوڀر ڏي ۽ ٿورو مٿڀرو اتر ڏي وڃڻو پوي ٿو. بس سمجهو ته جيئن ايران جو شهر زاهدان بلوچستان جي بارڊر جي ويجهو اهي ث توهان کي زاهدان واري علائقي ۾ اسانجا ڪيترائي بلوچ ڀائر نظر ايندا تيئن مشهد افغانستان ۽ ترڪمنستان جي بارڊر سان مليل هجڻ ڪري اتي نه فقط انهن ملڪن جا گهڻا ماڻهو نظر ايندا پر ڪيترا مڪاني ايراني به افغاني ۽ ترڪماني نڪ نقشي جا ۽ افغاني ۽ ترڪي زبانون سمجهڻ وارا نظر ايندا. هوڏانهن اولهه ۾ ايران جو مشهور شهرتبريز ترڪي ۽ آذربائيجان ملڪن جي بلڪل بارڊر ڀرسان آهي. تهران جي بيهڪ ان حساب سان وچ واري آهي. دنيا جو خوبصورت ۽ سٺي موسم سٺي ڪناري وارو سمنڊ Caspian جنهن کي فارسي زبان ۾ درياهِ خزر سڏين ٿا، تهران کي ائين ويجهو آهي جيئن ڪراچيءَ کان نوري آباد. ايران جي هن قومي ايئرلائين Air-Iran ۾ جنهن جو سندن فارسي ز بان ۾ نالو ” هواپيمائي ملي ايران“ آهي، اڄ ڪلهه ڪيترائي ننڍا وڏا ۽ ماڊرن جهاز شامل آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي مختلف شهرن کان علاوه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اچن وڃن ٿا. آمريڪا ۽ يورپ طرفان لڳندڙ Sanctions (سختين) جي باوجود ايران ڪيئن اڏول آهي، ڪيئن پُر عزم آهي، ڪيئن هو هر راهه تي ترقي ڪري رهيو آهي اها دنيا لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان جهڙا ماڻهو ان مان اتهاس (Inspiration) ۽ سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. بقول اسانجي هڪ آسٽريليا جي دوست جي (جيڪو ايران مان تمام گهڻو متاثر آهي) جيڪو چرچي چرچي ۾ اسان پاڪستانين کي چوندو آهي ”ايران جهڙو ملڪ توهانجي پاڙي ۾ آهي، ان کي ڏسي به نٿا سڌرو!“
ايران ۾ هن ”ايئر ايران“ هوائي جهاز ڪمپني کان علاوه ٻيون به ڪجهه پرائيويٽ ڪمپنيون آهن جيئن ته ”ماهان ايئر“ جنهن جا هوائي جهاز اندرون ملڪ ۽ ٻاهر اچن وڃن ٿا. جيئن اسان وٽ شاهين، ايئرو ۽ بلو لائين جهڙيون هوائي ڪمپنيون آهن. پر ايران جي هن ڪمپني ماهان (Mahan) وٽ ويهن کان مٿي جهاز آهن.
ايران ۾ هڪ ٻي هوائي ڪمپني Kish Air نالي پڻ آهي جيڪا ۱۹۸۹ کان شروع ڪئي وئي. هن ايئر ڪمپني جي سٺي ڳالهه اها اهي ته اها، ايران جي ڪجهه تعليمي ادارابه هلائي ٿي. اسان واري هوائي جهاز ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ايئر هوسٽس کان پڇيم ته هنن سٺي انگريزي ڳالهائڻ ڪٿان سکي آهي ته هن ڪشا ايئر جي انسٽيٽيوٽ بابت ٻڌايو. ڪيش ايئر وارن هي تعليمي ادارا پنهنجي جهازي ڪمپني وارن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ کوليا هئا پر سٺي معيار ڪري هن مان هر اداري جا ماڻهو انگريزي سکن ٿا. ايران ايئر جي هن ايئر هوسٽس ٻڌايو ته ” ڪيش ايئر وارن وٽ ٻارهن کن جهاز آهن ۽ ٽوٽل ڪم ڪندڙ (Employees)۳۱۰ آهن.“ ڪم ڪندڙن جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اسانجي PIA سڀ ۾ امير ترين آهي جنهن جا جهاز جهونا ٿي گوڏن ڀر بيٺا آهن، ڪيترن ئي شهرن ڏي ويندڙ اڏامون بند ڪيون ويون آهن پر PIA ۾ پگهار وٺندڙ نوڪرين وارا ۱۹۳۰۰ جي لڳ ڀڳ آهن ۽ هن ايئر ايران ڪمپني ۾ جنهن ۾ اسين تهران وڃي رهيا آهيون، ۷۵۰۰ ماڻهو Employeesڪم ڪن ٿا.
ايران جي هڪ ٻي هوائي ڪمپني SAHA ايئر نالي پڻ آهي جنهن جي بوئنگ ۳۰۰-۷۰۷ هوائي جهازن جو حادثو ۲۰ اپريل ۲۰۰۵ع تي تهران جي پراڻي هوائي اڏي مهرآباد تي ٿيو هو. جهاز جي لهڻ (Landing) وقت جهاز جي گيئر يا شايد ڦيٿو ڦاسي پيو هو. جهاز مقرر ٿيل رفتار کان وڌيڪ رفتار ۾ لهي رهيو هو ۽ رن وي جي ٻي ڇيڙي تان به ٽپي وڃي ڍنڍ (Creek) ۾ پيو هو ۽ مسافرن کي ڪڍڻ دوران ٻه مسافر ۽ هڪ جهاز جو Crew ٻڏڻ ڪري مري ويا هئا.
بهرحال ايئر ايران جي هن جهاز ۾ سفر سک ۽ شانتي سان گذريو . مونکي حيرت ٿي ته جهاز ۾ مسافرن کي جيڪا ماني ڏني وئي اها اسانجي جهازن کان ته سٺي هئي پر امارات جي جهازن کان به سٺي هئي جن جي ماني لاءِ چوندو هوس ته سڀ ۾ بهتر آهي پر هاڻ ايران جي جهازن جي ماني ۽ سروس پڻ بهتر لڳي. اڳتي تهران کان مشهد جيڪا ڪلاڪ کن جي مسافري ڪا مس هئي، ان ۾ سئنڊوچ ۽ Snacks ڏنائون. اهي به لذيذ هڪ طرف هئا ته مقدار ۾ به گهڻا هئا. ڪافي يا چانهه کان علاوه جيوس جو دٻو ۽ پستن جو پاڪيٽ پڻ سڀني کي ڏنائون. مانيءَ مان جيڪو بهترين هڳاءُ (خوشبوءِ) آئي پئي ان لاءِ منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪئناڊا جي پاڪستاني رحمت علي چيو ته اها خوشبوءِ زعفران جي آهي. ”ايران ۾ زعفران ۽ پستا تمام گهڻا ٿين ٿا،“ رحمت علي ٻڌايو؛ ”مونکي ڪيترن دوستن ايران مان زعفران آڻڻ لاءِ چيو آهي.“ هن کان اڳ مون سمجهيو ته زعفران فقط اسپين ۾ ٿئي ٿي. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به اسپين جي بندرگاهه بارسلونا يا ڪناري (Canary) ٻيٽن تي وڃڻ ٿيندو هو ته سنگاپور جي هڪ واقفڪار هندو سنڌي فئملي ڀوڄواڻي (هرڪشن) مونکي هميشه هنن لاءِ زعفران آڻڻ لاءِ چوندو هو. پستا ڏوڏين سميت ته اسان جتي ڪٿي ڏٺا آهن جيڪي خشڪ ميوي (Dry Fruit) ۾ شامل آهن. جي اهو ڊراءِ فروٽ آهي ته تازا پسته (فريش فروٽ) ڪهڙو ٿيو؟ اسان مان ڪيترن اهو نه ڏٺو هجي. مون به هتي ايران ۾ اچي پهريون دفعو ڏٺو. اسانجي گروپ جي هڪ ساٿي سجاد مُکيءَ، جڏهن به بس ٻهراڙيءَ مان هلي ٿي ته هُن اتان ورتو ٿي. هو ڪيترا ئي دفعا ايران، عراق ۽ شام اچي چڪو آهي ۽ هن کي ان جي ڄاڻ هئي جو جيئن ئي مشهد جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ نڪتاسين ته هن اهي تازا پستا وٺي اسان کي کارايا. هنن جو سواد ساڳيو ٿئي ٿو پر انهن جي مٿان ٻن حصن ۾ سخت Cover (ڏوڏي) هجڻ بدران نرم ۽ آلي کل ٿئي ٿي، جنهن اندر پستو ڍڪيل رهي ٿو ۽ اها کل ٿورو ئي نهن هڻڻ سان ڇڄيو پوي.
هن سفر ۾ هڪ بدمزدگي ضرور ٿي. ماني کائڻ بعد اسان جي اڳيان ويٺل، هڪ پاڪستاني مسافر، سگريٽ دکائي ڇڪڻ لڳو. اڄڪلهه ننڍي سفر واري هر هوائي جهاز ۾ سموڪنگ تي بندش آهي. ڊگهين ڊگهين ڏهه ٻارهن ڪلاڪن جي مسافريءَ وارين اڏامن ۾ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ جهاز جي هڪ ڪنڊ، خاص ڪري ٽئاليٽ ڀرسان مقرر ڪئي وڃي ٿي. سگريٽ جي پهرين ئي ڪش سان زعفران ۽ موتئي جي هٻڪار ۽ نيراني هير جهڙي ٿڌڙي جهاز جو ماحول ڄڻ ته ڏنگجي پيو.
”دونهون نظر پيو اچي!“ ڪنهن چيو.
”سگريٽ جي ڌپ پئي اچي!“ منهنجي ڀرسان ويٺل ڪئناڊا ۾ رهندڙ رحمت چيو؛ ”لڳي ٿو ڪو سگريٽ پيو ڇڪي.“
اهو ”ڪو“ سگريٽ ڇڪڻ وارو خبر پيئي ته اسانجي اڳئين قطار ۾ منهنجي بلڪل اڳيان ويٺو هو. ايئر هوسٽس به وڏي دير کان پوءِ ڳولهي لڌس. ايئر هوسٽس کيس سگريٽ وسائڻ لاءِ چيو پر هن ڄڻ ته ايئرهوسٽس کي نه ڏٺو نه ٻڌو. نٺر ٿي ٻيو ڪش هنيائين. ايئر هوسٽس وئي سا اسٽيورڊ مرد کي وٺي آئي. ان اچي هن مسافر کي سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪئي پر هن وسائڻ بدران هٿ جي مٺ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ اسٽيورڊ جهڙو ئي مڙيو ته هن وري ڪش هنيو. اسٽيوورڊ ڏسي ورتس ۽ ڪاوڙ مان چيائينس ته؛ ”سگريٽ وساءِ نه ته هاڻ هٿ ڪڙيون هڻندوسانءِ!“ هو هٿن سان هٿ ڪڙين جا اشارا ڪري اڳيان پائلٽ واري ڪاڪ پٽ طرف تکو تکو وڌيو. اسان واري فلمي هيري جو ساهه سڪي ويو. يڪدم سگريٽ وسائي شريف ماڻهو ٿي ويهي رهيو.
مون وانگر ٻين پاڪستانين کي به ضرور ڏک ٿيو هوندو ۽ هنن به اهو ئي سوچيو هوندو ته هڪ مڇي سڄي حوض کي خراب ڪري ٿي. جهاز جو ايراني ڪئبن ڪريو توڙي اوسي پاسي ۾ ويٺل ايراني مرد ۽ عورت مسافرن، اسان لاءِ ڪيڏو غلط امپريشن ورتو هوندو. هڪ ماڻهوءَ جي خراب ڪم سان سڄو ملڪ بدنام ٿيو وڃي. هي ايراني ماڻهو گهر وڃي ائين هرگز نه چوندا ته فلاڻي يا فلاڻي نالي واري جهاز ۾ هينئن چريائپ ڪئي پر اهو ئي چوندا ته پاڪستاني ههڙا پاڳل آهن.

34 comments:

1. Thanks for this post, I really found this very helpful. And blog about best time to post on cuber law is very useful. Sketchup Pro Crack

ReplyDelete

2. Such a nice and helpful piece of information. I’m so happy that you shared this helpful information with us. Please keep us up to date like this. Thanks for sharing. This website

ReplyDelete

3. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing. Link

ReplyDelete
4. Thanks for the post. Very interesting post. This is my first-time visit here. I found so many interesting stuff in your blog. Keep posting. raheelpc

ReplyDelete
5. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing. Link

ReplyDelete
6. Thanks for sharing such great information, I highly appreciate your hard-working skills which are quite beneficial for me.https://atozcracksoft.com/driver-toolkit-crack/

ReplyDelete
7. This article is so innovative and well constructed I got lot of information from this post. Keep writing related to the topics on your site.https://atozcracksoft.com/photopia-director-crack/

ReplyDelete
8. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing. https://atozcracksoft.com/wondershare-filmora-crack/

ReplyDelete
9. https://freeprokeys.com/spotify-premium-apk-crack/it can play millions of songs and podcasts for free. Listen to your favorite songs and podcasts and search for music from around the world, a powerful and popular music streaming service for listening to audio files on smartphones.

ReplyDelete
10. http://crackandkeys.com/avg-internet-security-crack-key-latest
Technologies have made a name for themselves by offering one of the most popular antiviruses freely available – AVG AntiVirus FREE Edition. AVG Anti-Virus FREE is hugely popular

ReplyDelete
11. Excellent post.I was looking for this certain information for a very long time.
I was checking constantly this blog and I am impressed!
iMindMap Crackfor capturing ideas and working directly to solve problems. Mind maps pull ideas from your heart after capturing road styles and gifts without compromising.
ZBrush Crack provides an arsenal of tools to help with this task, ensuring that no matter what you have in mind, there is a way to get the perfect foundation and then move on to the next level. The best known of these systems is explained here.

ReplyDelete
12. uTorrent Pro Crack is a quick and effective BitTorrent customer for Windows. upholds the convention encryption with joint and shared trade. https://newcrackkey.com/utorrent-pro-crack-2021/

ReplyDelete
13. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing Eset Internet Security Crack

ReplyDelete
14. Thanks for sharing such great information, I highly appreciate your hard-working skills which are quite beneficial for me. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
15. This article is so innovative and well constructed I got lot of information from this post. Keep writing related to the topics on your site. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
16. Such a nice and helpful piece of information. I’m so happy that you shared this helpful information with us. Please keep us up to date like this. Thanks for sharing. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
17. I really enjoy reading your post about this Posting. This sort of clever work and coverage! Keep up the wonderful works guys, thanks for sharing. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
18. Thanks for the post. Very interesting post. This is my first-time visit here. I found so many interesting stuff in your blog. Keep posting. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
19. Amazing blog! I really like the way you explained such information about this post with us. And blog is really helpful for us. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
20. You've made really good points there. I checked the web for more information on this issue and found that most people will follow your thoughts on this site. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete

21. You are so interesting! I don't think I've ever done such a thing before. Have read It's great to find someone with unique ideas on this topic. Seriously .. thanks for starting this. This site is something you need on the web, someone with a little bit of originality! <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
22. Thank you, I’ve recently been searching for information about this subject for a long time and yours is the best I have found out so far. <a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
23. That is very interesting, You’re an overly skilled blogger. I’ve joined your rss feed and look ahead to in the hunt for more of your magnificent post. Additionally, I’ve shared your website in my social networks.<a href='https://crack6.com/eset-nod32-antivirus-crack/

ReplyDelete
24. https://freecrackkey.com/hotspot-shield-crack-2021/

ReplyDelete
25. Microsoft has released a new Microsoft Office 2019 product key after a succession of different versions. The most recent version is safe to use. It is safe to download and use, as it has no fatal faults like the beta version.
https://freeforfile.com/microsoft-office-2019-product-key/

ReplyDelete
26. The countdown has begun, and if you are with a loved one, this may be one of the biggest blessings of your life to have your partner of life on this lovely eve to enjoy the joys of joy and blessings.
happy new year wishes for girlfriend

ReplyDelete
27. Arabic mehndi designs is simply the best stylish and beautiful mehandi design in contrast to another mehendi designs
best arabic designs

ReplyDelete