شاهه
ٻيلو ۾ گذاريل ڪجهه گهڙيون
خالد ٻانڀڻ
ڪچي جا به پنهنجا رنگ آهن. دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ وڻن جون قطارون، ڪنهن
محبوبا جي چڳ جيان لڳنديون. درياهه جا نانگ وانگر ور وڪڙ، ڪٿي پاڻي جا تيز وهڪرا، ڪٿي
ماٺار، ٻٻرن جا گهاٽا وڻ، باهڻ، لئي، ڪنڊي جي وڻن جا نه کٽندڙ سلسلا اکين کي ايترو
ته مزو ڏئي رهيا هئا جو من جي وادين ۾ ڄڻ بهار آئي هجي. ان ڏهاڙي سکر جي صحافي دوستن
جنهن ۾ لالا اسد پٺاڻ، علي محمد شر، فقير جلال الدين ڀيو، محب چانڊيو، گل مهر، نادر
خان، اسلم دايو، فريد سومرو، عزيز مهر، امداد بوزدار ۽ ٻين گڏجي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو
گهمڻ لاءِ لانچ تي چڙهي روانا ٿياسين. درياهه جي سيرن کي ٻيڙي چيريندي الف ڪچو ۽ شاهه
ٻيلو دنگ وٽ پهتي ته ڪچي جي انسائيڪلو پيڊيا جمال الدين عرف چاچو جمن مهر جيڪو هينئر
۷۰ سال
تي پهچي چڪو آهي، ان کي کنيوسين، جيڪو هن عمر ۾ ڪچي جو بادشاهه ۽ درياهه بابت ڄاڻ رکندڙ
آهي، جيڪو ٻيڙي ۾ ٻڌائيندو هليو ته درياهه هاڻي سڄي پاسي کي ڇڏي کاٻي تي کاڌ شروع ڪئي
آهي. درياهه جا رخ مٽائڻ وارا هنڌ آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو هليو. هن چيو ته ڦاڙهو
جنهن کي ڪچي جي زبان ۾ جهانگو سڏين ٿا. جام آهي، ان کانسواءِ سوئر، ۲۰۱۰ع واري ٻوڏ ۾ شينهن به هتي آيا هئا. سنڌ جي زمين خاص
ڪري ڪچي جي ڀرڻي ۽ ذرڙا ٿيندڙ آهي، پاڻي جي وهڪرن سان ڀيڙون ڏئي ڪِري ٿي درياهه جي
پاڻي کي رستو ڏيندي وڃي ٿي. نتيجن پاڻي ۾ جڏهن چاڙهه ايندو آهي ته لٽ وڏي تعداد ۾ اچي
ٿي.