Saturday, August 12, 2017

اچو ته ٿر گهمون- فرزانا نور محمد چانڊيو

اچو ته ٿر گهمون
فرزانا نور محمد چانڊيو
چون ٿا ته ٿر ۾ هن سال برسات ايتري ٿي آھي جو ڏھن سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آھي ۽ جنهن کي ٿر جي سونهن ڏسڻي آھي، تنهن کي هن سال ٿر ضرور گهمڻ گهرجي.
پر جيئن ته ٿر ايندڙن جي سهوليت لاءِ هتي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن متعلق رستن تي ڪي به معلوماتي بورڊ وغيره ناهن لڳل، جنهن سان هتان جي تاريخي ماڳن جي ڄاڻ پئجي سگهي، انهيءَ ڪري اسين هتان جي ڪجهه تاريخي آستانن متعلق ڄاڻ ڏيون ٿا ته جيئن سياحن کي سهوليت ٿي سگهي.

Monday, August 07, 2017

آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا - ڊاڪٽر ايوب شيخ

آميريڪا جتي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا
ڊاڪٽر ايوب شيخ
آميريڪا جو حوال لکندي مون کي هڪڙو وڏو فائدو اهو ٿيو ته مون انهن ويهن ڏينهن ۾ پنجاهه مان جيڪي چار رياستون گهُميون، انهن جو تاريخ، سياست، اصل آميريڪا، انتظاميا، وڻن ٽڻن کان ويندي جانورن، پهاڙن ۽ وادين، پارڪن ۽ جهنگن توڙي ميوزمن توڙي ٿيئٽرن ۽ اڪيڊمين، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ گهمندي مونکي جيڪي لٽريچر مليو سو مون کنيو. ان کي سانڍيو. ان لٽريچر ۾ هڪ ته انهن سمورين ڳالهين جي مارڪيٽنگ آهي، جنهن ۾ ڪهڙي شيءِ ڪٿان ملي ٿي، ڪهڙي ڪٿان. پر خود جنهن شيءِ کي ماڻهو ڏسي ٿو، ان جي باري ۾ جيڪا تاريخي ڄاڻ موجود آهي، سا واهه جو آهي. مونکي گهمڻ سان گڏ ٻيو فائدو اهو ٿيو ته مون کي نئين ۽ پراڻي آميريڪا جي باري ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو شوق جاڳيو.

انساني لڏپلاڻ - عبدالله مورائي

انساني لڏپلاڻ
Notes from Europe
عبدالله مورائي
سنڌي ۾ چوندا آهن ته ميلي جي موٽ يا آخر خراب هوندي آ. موري جي ڀرسان شاهپور جهانيان جي ميلي تي ته اسان ماما غلام رسول سان گڏجي هميشه وچين ڌمال تي ويندا هئاسين. شاهپور جهانيان واري ان ميلي جي موٽ جي ته خبر ناهي ته اها ڪيئن ٿيندي هوندي پر مون پاڪستان جي اترين علائقن ۾ شندور واري پولو راند واري ميلي جي پڇاڙي ڏٺي هئي. پاڪستان جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر ۽ صدر پرويز مشرف شايد نچڻ بند ڪيو ۽ ميلو جيئن ئي پڄاڻي تي پهتو ته هڪڙو طوفان برپا ٿي ويو. ڪي گاڏين جا قافلا گلگت واري پاسي وڃڻ لڳا ته ڪي وري چترال واري پاسي. هونئن ته علائقو تمام خوبصورت آهي پر گاڏين جي اڏايل ڌوڙ هڻي خوبصورتي جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، خيما پٽجڻ لڳا، ماڻهو موڪلائڻ لڳا. مون کي گلگت جي دوستن اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ميلو ختم ٿيڻ کان پهريان تون مٿي پهاڙي تي بيٺل جيپ ۾ هلي ويهجان، نه ته هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين، پوءِ اهو سڄو لقاءُ مون ويهي جيپ مان ڏٺو.

Sunday, August 06, 2017

سنڌ جي ثقافتي ورثي جا رکپال- مشتاق باگاڻي

سنڌ جي ثقافتي ورثي جا رکپال
مشتاق باگاڻي
تاريخ چوڏھن جولاءِ ۲۰۱۷ع تي، سنڌي ادب جي لاڏلي ڪهاڻيڪار، نسيم کرل جي ورسي هئي. مون کي منهنجي مهربان دوست عبدالقادر منگيءَ فون تي دعوت ڏني. مون کان دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڪجهه لکي اچڻ جو وچن ورتائين.

Saturday, August 05, 2017

ننگر ٺٽي جي سانگين جا سٻاجهڙا سانگ - مشتاق باگاڻي

ننگر ٺٽي جي سانگين جا سٻاجهڙا سانگ
مشتاق باگاڻي
گذريل مضمون ۾ جنگشاهيءَ جي اتر پاسي وارن جبلن، مڪانن، نئين، ڍورن ۽ کيٽن جون خبرون ڪيون هيونسين. هن ڀيري ڪينجهر، ھيڏيري ۽ هاليجيءَ جي پٽن، پڊن ۽ کيٽن جي ڳالهه ٿا کڻون.

ڪينجهر جي اوڀر ۾ گندرن، سومرن، تارن، ماڇين ۽ چانگن جا راڄ آباد آهن. اتر ۾ امير، پير ۽ جهمپير جا شهر. اتر اولهه ۾ مولدي مياڻ. اولهه ۾ ڍور وارو تڙ. ڏکڻ اولهه ۾ هيجن جا راڄ. ڏکڻ ۾ گندرن، هيلاين، شورن، ڪاتيارن جا راڄ  آباد آهن. مولديءَ تي ماڇي ۽ منڇري، جڏھن ته ڍور واري تڙ تي ميري پوٽن جاکرن جا راڄ رهن ٿا. ڪينجهر جي ڏکڻ اولهه ۾، کوهيءَ جي اتر کان، ڀنڀرن جا راڄ  رهن ٿا. ڪينجهر سان گڏ، اتر واري پاڻيءَ جي حصي کي سونهري ڍنڍ سڏيندا آهن.

Friday, August 04, 2017

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر - مٺل جسڪاڻي

ٽنڊوڄام کان ڪيٽي بندر
مٺل جسڪاڻي
ٿيو ائين ته مون کي، منھنجي فرزند ارجمند وقار مٺل جسڪاڻي سان ڳاڙھو، ضلع ٺٽه وڃي ملڻو ھو. هو ملازمت سانگي، اتي ترسيل آهي. گهر کان ٻاهر اڪيلي رهڻ جو سندس هي پهريون موقعو آهي، ان ڪري فون تي ڳالهين مان لڳو، ته همراهه سان روبرو ملي، سندس تربيت ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري سفر جي سھوليت ڀاءُ علي جسڪاڻي مهيا ڪئي. اسان سان گڏ بدين مان آيل مھمان ماما گنھور جسڪاڻي به ھليو. وقت ٿورو، فاصلو گھڻو ھو. ان ڪري لوڪ کان نه، سنگت ساٿ کان لڪي لڪي، آچر ۳۰ جولاءِ ۲۰۱۷ع جي صبح ستين وڳي ٽنڊوڄام مان نڪتاسين. ڪيٽي بندر کان ٿي، رات جو ٻارهين وڳي ڌاري واپس پهتاسين.

Saturday, July 29, 2017

فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال- الطاف شيخ

فلمن ۾ ريل گاڏين جو ڪمال
الطاف شيخ
ٽرينن بابت لکندي اها ڳالهه ڌيان ۾ آئي آهي ته اسان جي ننڍي کنڊ جي فلمن ۾... چاهي اهي پاڪستان جون هجن يا انڊيا ۽ بنگلاديش جون، انهن ۾ گهڻو ڪري ريل گاڏي ۽ اسٽيشن جي سين ضرور ٿاڦي وڃي ٿي ڇو جو اسان جي فلمن ۾ ڊانس ۽ گانا ڏيڻ ضروري آهن. ان ڪم لاءِ ريل گاڏي ۽ ريلوي اسٽيشن وڏي مدد گار ثابت ٿئي ٿي جِتي هيرو ۽ هيروئن جي اوچتو ملاقات ٿئي ٿي يا ته ماڻهن جي رش ۾ گمشدگي يا وڇوڙو ٿئي  ٿو يا وري هڪ ٻئي کي ڇيڙ ڇاڙ لاءِ هيرو ۽/يا هيروئن گانو ڳائڻ ضروري ٿيو پوي... اها سهوليت يا Situation هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز ۾ ايترو آسان ناهي.

ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۽ صنعتي ترقي مٿان شوقينن جي عياشي جو تاثر عام آهي - ڊاڪٽر ايوب شيخ

ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۽ صنعتي ترقي مٿان شوقينن جي عياشي جو تاثر عام آهي
سعيو سامونڊين سين
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ٿائيلينڊ سان عالمي بيواجبي:
اوهان جڏهن به ڪنهن سان ذڪر ڪندا ته ”ٿائيلينڊ گهمي آيو آهيان“ ته جيڪي ماڻهو اهو ملڪ نه ڏسي آيا آهن سي، رڳو ان پروپئگنڊا آهر ئي پنهنجو پهريون خيال ٺاهي ڇڏيندا آهن ته ”فلاڻو عياشي ڪرڻ ويو هوندو“. اها پروپئگنڊا جهر جهنگ مشهور آهي. اولهه جا ملڪ ان کي ”سهولت“ ۽ اوڀر جا ملڪ ان کي ”بي خطر عياشي“ سڏيندا آهن. سڄي ٿائلينڊ ان حوالي سان ايتري ته مشهور ۽ بدنام رهي آهي جو ان جي ڪلچر، ان جي عقيدن ۽ ان جي صنعتن جي باري ۾ ۽ ان پاسي ماڻهن جو ڪڏهن به خيال نه ٿو وڃي. هونئن به، جنسي ڪاروبار، چڪلن، نائيٽ ڪلبن ۽ ان قسم جي سمورن ڌنڌن جي وڌنڌڙ تاثر جي باري ۾ ٿائي سرڪار ڪڏهن به اون نه ڪئي ۽ ڪڏهن به سنجيدگي نه ڏيکاري. هنن وٽ دنيا ڇا ٿي چوي؟ واري سوال بدران دنيا کين ڇا ٿي ڏئي؟ وارو سوال انهن جي لاءِ توڙي سندن غربت جي خاتمي لاءِ سڀ کان اهم ۽ وڏو سوال هيو.

ڀوپال رياست جون بيگمات - الطاف شيخ

ڀوپال رياست جون بيگمات
الطاف شيخ
هاڻ سوال آهي ته ڀوپال جي نوابي رياست ڪڏهن کان شروع ٿي ۽ هن گهراڻي جو بنياد ڪنهن رکيو؟
ڀوپال رياست ۱۷۲۳ع ۾ قائم ٿي جنهن جو باني افغانستان جي شهر تيراح جو اورڪزئي پٺاڻ سردار دوست محمد خان هو. دوست محمد ۱۶۷۲ع ۾ ڄائو ۽ ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ (۱۷۰۳ ڌاري) مغل شهنشاهه اورنگزيب جي فوج ۾ سپاهي جي حيثيت ۾ دهليءَ ۾ اچي رهيو. هوشياري ۽ دليري ڪري هو تڪڙو تڪڙو مٿاهين درجي تي پهچندو ويو. اورنگزيب جي وفات بعد مغل گهراڻي جي ڪمزورين جو فائدو وٺندي هن ڀائرسا واري علائقي (جنهن جو پاڻ ان وقت گورنر هو) جي خود مختياري جو اعلان ڪيو. ان بعد ڀر وارن علائقن تي به قبصو ڪري پاڻ ان جو حاڪم ٿي ويٺو. ويندي ڀر واري گوند سلطنت جنهن جي راڻي ڪملا پتي کي هو ڀاڙي تي سپاهي سپلاءِ ڪندو هو تنهن جي مرڻ تي سندس وارث پٽ کي قتل ڪري اها سلطنت به ڀوپال رياست ۾ ملائي ڇڏيائين. پنهنجي هن رياست جي گادي جو شهر پهرين اسلام نگر ڪيائين ان بعد اڳتي هلي ڀوپال ٿيو. اسلام نگر ڀوپال ضلعي ۾ آهي. جنهن وقت نواب دوست محمد خان هنن علائقن تي قبصو ڪري ڀوپال رياست ٺاهي.... يعني ۱۷۲۳ ڌاري ته ڀوپال هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. انهن ڏينهن ۾ ڀوپال جي ڀر وارو شهر جگديسپور هڪ سکيو ستابو ۽ سٺو شهر  هو جنهن جو دوست محمد ”اسلام نگر“ نالو رکي پنهنجي رياست جي گادي جو شهر بڻايو. ڀوپال جي هنن نوابن مان ڪيترن اسلام نگر ۾ جنم ورتو.... ويندي بيگم شاهجهان جنهن لنڊن جي ڀر واري شهر ووڪنگ ۾ مسجد ٺهرائي.

Friday, July 28, 2017

آمريڪا ۾ برف تي گاڏي هلائڻ- ثريا ڪپري

آمريڪا ۾ برف تي گاڏي هلائڻ
اَلرٽ رهو، آهستي هلو، ڪنٽرول ۾ رهو
ثريا ڪپري
(نيو جرسي آمريڪا)
اسان وٽ يعني اتر اوڀر آمريڪي صوبن ۾ نومبر کان سخت سيءُ شروع ٿي وڃي ٿو. برفباري جي باقائده شروعات ته ڊسمبر کان ليکي وڃي ٿي پر  ڪڏهن ڪڏهن نومبر کان ئي گرمي پد ايترو هيٺ  هليو وڃي ٿو، جو جي مينهن پوي ته اهو برف ٿي  پائوڊر جي شڪل ۾ آهستي آهستي هيٺ ڪري ٿو، جنهن کي اسين برفباري ڪوٺيون ٿا. سو برفباري صرف ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن سياري ۾ مينهن وسندو آهي. اسان وٽ ڊسمبر کان وٺي فيبروري تائين ته باقائدي برفباري جو موسم رهندي آهي جيڪا  اڪثر  هن مهينن دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن برفاني طوفانن کي به وٺي ايندي آهي.

ٿي آيس ٿر مان - مٺل جسڪاڻي

ٿي آيس ٿر مان...
مٺل جسڪاڻي
ٿر جو ڪجھہ حصو اڳ ۾ ئي اکين سان آئون پاڻ ڏسي آيو ھئس. اھي يادگيريون، ڪڏھن ڪڏھن، ڪنھن نجي ڪچھري ۾، ڪڏھن ڪنھن سان تہ ڪڏھن ڪنھن سان، ڪڏھن ڪھڙيون تہ ڪڏھن ڪھڙيون خبرون، آئون زباني طور ڪندو رھيو آھيان.
ٿر کي مون مددگار اکين سان تہ تمام گھڻا دفعا، تمام گھڻو ويجھي کان ڏٺو آھي. ڪڏھن ڪنھن جي تحرير، ڪڏھن ڪنھن جي تقرير، ڪڏھن ڪٿي ڪچھري ۾، ڪڏھن تصويرن سان، تہ ڪڏھن فلم، ڊاڪيومينٽري، ڊرامي ۾...

ماضيءَ جي ياد بڻجي ويل رُڪ ريلوي اسٽيشن - مير اعظم علي ٽالپر

ماضيءَ جي ياد بڻجي ويل رُڪ ريلوي اسٽيشن
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ هن واٽ ويندي جي سلسلي کي لکندي چار هفتا ٿي رهيا آهن. حالانڪه انصاف جي پوري زندگي هڪ واٽ تي بيٺل آهي، جيڪا ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن بيهي رهي ٿي ۽ ڪڏهن ته اها زندگي جي واٽ تي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. اها زندگي جي واٽ تي هلندي هلندي انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي واٽن تان گذرندي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڳالهين کي ڏسي ٿو ۽ مشاهدو ڪري ٿو، ان کانسواءِ انسان جي زندگي ۾ ان واٽ جون واٽ ويندي يادگيريون هڪ اڻ مِٽ سرمايو به بڻجي وڃن ٿيون، جڏهن هن واٽ ويندي تي پهرين گهوٽڪي، ان بعد ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد کان ٿيندي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ پئرس طور مشهور کٽاڻ واري شهر شڪارپور پهچڻ ٿيو ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ شڪارپور ڪنهن نڀاڳي جي نظر جو شڪار ٿي ويو هجي. لکي در، هاٿي در، صديق جي ماڙي واري شهر جا رستا روڊ تباهه، هرطرف روڊن تي قبضا ٿيل هئا، ڄڻ ته سنڌ ۾ شهرن اندر قبضا هڪ ثقافت بڻجي وئي آهي. البته شڪارپور ماضي ۾ سنڌ جي ڪتب خاني جو مرڪز هو، جتان سنڌي ڪتاب، رسالا نڪرندا هئا. شڪارپور جي زمين اهل علم، تعليم وارن جي زمين هئي ۽ ورهاڱي تائين هتي کوڙ سارو علم اڇي تي ڪارو چڙهندو هو ۽ عوام ان کي پڙهندو هو.

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا- الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا
الطاف شيخ
ائين ناهي ته ڪو پاڻي وارا جهاز ٻڏن نٿا يا انهن کي حادثا درپيش نٿا اچن. ٽائٽينڪ جهڙو پنهنجي زماني جو مضبوط ۽ ماڊرن جهاز به ٻڏي ويو. اهو ڪهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ جهاز يا ٻيڙيون نٿيون ٻڏن. پر جيترا جهاز سمنڊ جي هن ٽڪنڊي ۾ ٻڏا آهن بلڪه غرق ٿيا آهن انهن جو تعداد حيرت انگيز آهي ۽ جنهن پئٽرن يا نموني سان برمودا ٽڪنڊي ۾ جهازن جا حادثا ٿين ٿا اهو نرالو ۽ مختلف آهي. هوائي جهاز ته مٿان هيٺ ڪري ٿو ته زمين يا ٽڪرين سان ٽڪرائي ٽڪرا ٽڪرا ٿيو وڃي. ان وقت تيل جي ٽانڪي ڦاٽڻ سان ان کي اهڙي ته باهه وڪوڙيو وڃي جو لاش به نٿا سڃاڻجن. يا سمنڊ ۾ ڪرڻ سان هيٺ هليو وڃي ۽ ماڻهو ٻڏيو وڃن. پر پاڻيءَ جي جهاز ۾ ڪو حادثو ٿيڻ بعد بچاءَ لاءِ ڪافي وقت ملي ٿو. ٽائٽينڪ جهاز جو برف جي ڇپ (Iceberg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري منجھس يڪدم پاڻي داخل ٿي ويو ۽ اهو تکو تکو ٻڏڻ لڳو ته به ڪافي ڪلاڪ لڳي ويس .... ۽ اهو ٽائيم ايترو هو جو مسافر آرام سان جهاز ۾ موجود لائيف بوٽن (ٻيڙين) ذريعي ٻڏل جهاز کان پري ٿي سگهيا ٿي پر مسافرن کي اها به خبر نه هئي ته ٻيڙيون جهاز جي ڪهڙي ماڙ تي آهن ۽ ڪهڙن مسافرن لاءِ ڪهڙي ٻيڙي آهي.

Thursday, July 27, 2017

لاڙڪاڻي مان- مير اعظم علي ٽالپر

لاڙڪاڻي مان
واٽ ويندي
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ واٽ ويندي لکندي چار هفتا مڪمل ٿي رهيا آهن، جن جي شروعات ضلعي گهوٽڪي کان ٿي هئي، ان بعد ضلعو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي ڳوٺ، ڳوٺ ۽ واهڻ وستي وڃڻ لاءِ گاڏي ڊوڙائڻي پئي. ڪن علائقن، خاص ڪري درياهه جي اندر ۽ ڪچي واري علائقي ۾ جتي اڳ عام ماڻهو نه ويندو هو يا خوف محسوس ٿيندو هو، هاڻي صورتحال بلڪل مختلف هئي. حالانڪ ان جي باوجود به اسان کي احتياط ۽ محتاط سان رهڻ جا مفت مشورا ملندا رهيا ۽ سج لٿي کان اڳ ئي واپس موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي رهڻ جو چيو ويو هو. اتفاق سان شڪارپور ۾ هڪ علائقو جاڳڻ آهي، ان لاءِ حڪم هو ته جلدي واپس ايندا ۽ ڪو واقفڪار گڏ کڻندا. ان لاءِ ايم پي اي شهريار مهر جو باڊي گارڊ گڏ هليو. بهرحال ان کانپوءِ قافلو ضلعي لاڙڪاڻو پهتو، لاڙڪاڻي شهر لاءِ سنڌ ۾ عام پهاڪو مشهور هو ته ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ پر سالن کان هلندڙ اهو پهاڪو زماني جي گردش سبب تبديل ٿي هن طرح بڻجي ويو ”هُجئي ناڻو ته ڇَڏَ لاڙڪاڻو.“ ان لاڙڪاڻي ”گهمڻ“ ۽ ”ڇڏڻ“ ۾ فرق جو سبب شايد هڪ نه پر گهڻا ڪارڻ هجن! پر لاڙڪاڻي کي سنڌ ۾ سياستدانن جي سرزمين چيو وڃي ٿو، جنهن وڏا ڪامورا ۽ علم وارا انسان سنڌ ۽ پاڪستان کي ڏنا، پر انهن انسانن ڪڏهن سنڌ ۾ ”واهه واهه“ ڪرائي ته ڪڏهن پنهنجي ڪردار ۽ وقت جي تقاضا ۽ سياسي مصلحت سبب سنڌ واسين کي ڏک به رسايو. البته لاڙڪاڻي جي هر انسان جا ماضي ۾ ڇڏيل نشان سندس ويندڙ واٽ تي واضح ۽ صاف نظر اچن ٿا.

يورپين يونين جي پارليامينٽ طرفان سڪاروف ايوارڊ ماڻيندڙ عراقي ڇوڪريون-عبدالله مورائي

يورپين يونين جي پارليامينٽ طرفان سڪاروف ايوارڊ ماڻيندڙ عراقي ڇوڪريون
Notes from Europe
عبدالله مورائي
وار اڇا ڪارا گڏيل، اکين تي نظر جو چشمو، ڳچيءِ ۾ ڪئميرا، هٿ ۾ قلم ۽ نوٽس وٺڻ لاءِ نوٽ بوڪ، مون سان ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ٿورو غور ڪيم ته اسپينش (Spanish) ۾ ڪجهه چئي رهيو هو. چيومانس ته تنهنجو ڏوهه ناهي مونکي گهڻا ماڻهو اسپينش سمجهندا آهن پر مان آهيان لطيف جي ننگري سنڌ جو. سندس انگريزي دٻي ۾ ٺڪريون، منهنجي اسپينش دٻي ۾ ٺڪريون، رڳو ايترو سمجهه ۾ آيو ته پاڻ ڏکڻ آمريڪا (South America) جي ملڪ ڪولمبيا (Colombia) جو صحافي آهي.

Wednesday, July 26, 2017

برمودا سان وابسته يادون - الطاف شيخ

برمودا سان وابسته يادون
الطاف شيخ
برمودا ٻيٽ تي رهائش وارا چند ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن اسانجي جهاز جو ”برمودا ٽڪنڊي“ واري سمنڊ ۾ حادثو ٿيو هو ۽ جهاز جي بئالر جي مرمت لاءِ ۽ اتان ئي ڪجهه ڪارگو کڻڻ لاءِ اسانجو جهاز برمودا جي بندرگاهه ”هئملٽن“ ۾ لنگر اچي ڪيرايو.

Monday, July 24, 2017

لاڙي لوڪن جا سٻاجهڙا سانگ - مشتاق باگاڻي

لاڙي لوڪن جا سٻاجهڙا سانگ
مشتاق باگاڻي
جڏهن وس ٿيندي آهي؛ ڪس ڀرجي ڀرجي پوندا آهن، تس ۽ تراءُ پلٽجي پوندا آهن، پٽين ۾ پالوٽ اچي ويندي آهي، ٻنڌيون جهري پونديون آهن، للر ۽ مليرڙو هيٺ پٽ تي ۽ گولاڙن جون وليون ڄارين، ڪنڊين ۽ ڪويڙن تي مٿي چڙهڻ لاءِ پرا ڪيو ڊوڙنديون وينديون آهن. گگرن، ڳاڱين ۽ منگهن جون سايون شالون پهريل ٽارڙيون ۽ فطرت جي جبلن تي ٿيل گلڪاري، باغ عدن جو ڏيک ڏيندي آهي. ٺٽي ننگر جي ڪاڇيلي پٽيءَ جا ماڻهو، مال جا ولر واري، ڏاند گاڏيون سينگاري، اجرڪن جون اوٽون ڏيئي، سنجهي ويل مٿي اتر پار جبلن ڏانهن، سانگ سٽيندا آهن.

Saturday, July 22, 2017

سڪرنڊ کان ٻلهڙيجيءَ جو سفر- ستار پيرزادو

سڪرنڊ کان ٻلهڙيجيءَ جو سفر
ستار پيرزادو
جوانيءَ جا ڏينهن هيم. ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو هوس. ٻن ٻارن جو پيءُ هوس. اسان جي ذهن تي ترقي پسندِيءَ جو ڀوت، پنهنجا پورا چنبا کوڙي، اسان جي ذهنن کي مضبوطيءَ سان جھليون ويٺو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به هفتيوار بنا ڪنهن جھل پل جي، جيئن جو تيئن، ٿينديون رهنديون هيون. مان انهن ڏينهن ۾ ڪورنگيءَ ۾ رهندو هوس. اسان جا ڪجھه سٺا دوست، جيئي سنڌ جا ڪارڪن به هوندا هئا، انهن مان هڪڙي اسان جي ڀيڻ ثريا مخدوم (جنهن کي يونيورسل ادي چوندا هئاسون) به هوندي هئي. اها به جيئي سنڌ جي حامي ۽ پرچارڪ سان گڏو گڏ، چندا وٺڻ واري به هوندي هئي. منهنجي سندس ٽنهي ڀائرن سان سٺي ڄاڻ سڃاڻ هوندي هئي ۽ انهن جو محرڪ انور هو.

Wednesday, June 28, 2017

موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر- عبدالله مورائي

موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر
عبدالله مورائي      
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄڪلهه جي دنيا ۾ موبائل فون رابطي جو تڪڙو ذريعو آهي، نه صرف رابطو پر هتي اولهه ۾ ته موبائل فون بئنڪ به آهي ته وري اخبار به، ڪئميرا به ته تفريح پڻ؛ رستو ڳولهڻ جو ذريعو به ته مٿان وري موسيقي ٻڌڻ جو اوزار پڻ. ٻيون به الائي ڪيتريون شيون آهن جيڪي اڄڪلهه ماڻهو موبائل فون ذريعي ڪري ٿو، پر چوندا آهن ته هر شيءِ جي هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها حد پار ڪري ته پوءِ اها شيءِ عام رواجي نٿي رهي ۽ ان جا نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن بيماريءَ جي شڪل به اختيار ڪري سگهن ٿا.

Tuesday, June 27, 2017

سمبارا جي ديس ۾ - نصير مرزا

سمبارا جي ديس ۾
نصير مرزا
ڄاڻان ٿو ته نه منهنجي هٿ ۾ سفر جي لڪير، نه پير کڙي ۾ گهمن گهيري جي ڪا سِير، پوءِ به موهن جي دڙي بابت انڊس سولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ جو مليو ته ٽپ ڏيئي چڙهي ويهي رهيس لاريءَ ۾. جنهن ڪوچ تي آئون سوار، ان جو سالار عزيزم اظهار سومرو ۽ ساڻ همسفر تاج جويو، پيارو نفيس احمد شيخ ناشاد، شوڪت حسين شورو، ادي نذير ناز، نسرين الطاف، حافظ احمد دين انڍڙ، احساس ميرل ۽ ڪي نظاماڻي نوجوان عمران، منتظر ۽ شهزاد....هونئن حيدرآباد عجائب گهر کان لاڙڪاڻي تائين وايا شاهراهه انڊس ۽ باءِ پاس هي سفر ڇا ته خوشگار...اڙي بابا! تاج جويي جي پَٽ پَٽ ۽ فونن تي هي ڏسو ته ميهڙ ۾ آزاد انور ڪانڌڙو اتان جو گرم گرم لذيذ ۽ خوشبودار مائو کنيو بيٺو بس اسٽاپ تي- ڪوچ خيرپور ناٿن شاهه پهتي ته اڙي واهه....اتي وري بيهن جي ڀرڪڻن پڪوڙن جا پڙا کنيو ٻيو ادب دوست منتظر بيٺو هو. کاڌ پيت جي اهڙي ڪرت دوران ڀرسان ويٺل ناشاد صاحب اطلاع فراهم ٿو ڪري....”هن ڪانفرنس کان اڳي ڀُٽي صاحب 1973ع ڌاري موهن جو دڙي تي جيڪو انٽرنيشنل سمپوزيم سڏايو هو، ان وقت جا سارا مندوب دنيا مان هاڻي موڪلائي چڪا آهن، سواءِ مون ناچيز ناشاد ۽ سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي.“ اڙي واهه...ميهڙ مان روانو ٿئي ڪو ڪلاڪڙو سوا مس گذريو هوندو، جو لاڙڪاڻي شهر ۾ اسين داخل ٿي وياسين. يا الله!! هي ايڏو برباد شهر...بينظير صاحبه ۽ ڀٽي صاحب جو شهر پر جهڙو کنڊر!!

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو - الطاف شيخ

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو
الطاف شيخ
برمودا ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، برمودا سان وابسته جل پرين ۽ جهاز غائب ٿيڻ جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر موسم ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ هن ٻيٽ جي ڇا تعريف ڪجي! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي به انگريزن پنهنجو هٿ رکيو اهو ٻيٽ دنيا ۾ اعليٰ ٿي ويو ... . پوءِ اهو چاهي ممبئي هجي، هانگ ڪانگ هجي يا سنگاپور ۽ پينانگ. مون جهڙا پوڙها جن 1950ع يا 1960ع واري ڏهاڪي تائين به جيڪڏهن ڪراچي جو صدر وارو علائقو ڏٺو هوندو ته انهن کي برمودا ٻيٽ جو هُڳاءُ محسوس ٿي سگهي ٿو. جتي جتي انگريز رهيا آهن اتي هنن رهائش جو پنهنجو اسٽائيل رکيو آهي ... . دڪان، هوٽلون، جيم خانه، ريلوي اسٽيشنون، عمارتن جو آرڪيٽيڪچر ... . ممباسا، زنجبار، ڪولمبو وغيره مون کي هميشه انگلنڊ جا شهر ۽ انهن جو ماحول ياد ڏياريندا هئا. هاڻ مٿين ٻيٽن ۽ شهرن مان جيتوڻيڪ آهستي آهستي ٿي اها ڳالهه نڪري چڪي آهي پر برمودا ۽ ٻئي نمبر تي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو اهڙا ٻيٽ آهن جن مان اڄ به انگريز ڪالونيل ڪلچر جي سڳنڌ اچي ٿي.

Saturday, May 27, 2017

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ - الطاف شيخ

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
الطاف شيخ

اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”اڀرڻ يعني ڄمڻ“ سان نه پر ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. سج ته جيئن ئي اڀري ٿو ته اسان کي نه رڳو نظر اچي ٿو پر سڄو گول نظر اچي ٿو. جو هن کي پنهنجي روشني آهي. چنڊ ڪوئلي وانگر ڪارو ۽ اونداهو آهي. اهو فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن ان تي سج جي روشني پوي ٿي ۽ اسان کي فقط اوترو نظر اچي ٿو جيترو سج جي روشني وارو حصو اسان جي ڌرتيءَ ڏي آهي. مثال طور چوڏهين تاريخ تي اهو سڄو گول نظر اچي ٿو، ڇو جو چنڊ جو اهو سڄو پاسو جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ان جو منهن اسان ڏي، يعني ڌرتيءَ ڏي آهي. اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي به اهو سڄو بال جهڙو چنڊ اڀري ٿو پر اسان کي فقط گدري جي سنهي ڦار جهڙو نظر اچي ٿو جو سج جي روشني وارو فقط ايترو حصو ڌرتي ڏي آهي.

Saturday, March 11, 2017

ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر- الطاف شيخ

ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر
الطاف شيخ                                      
”جپاني ڇوڪرين جي ڌارين سان شادي ڪرڻ، واري مضمون بعد ڪاگوشيما جي ”ماري تسورُو زوئي“ (Mari Tsuruzoe)  جي سنڌي مڙس فهيم جروار جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندو. ٽنڊي الهيار ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”خير محمد جروار“ جو فهيم جروار گذريل ويهن سالن کان يوڪوهاما ۾ رهي ٿو. هن جو جپان ۽ جپان کان ٻاهر ڪارن جو بزنيس آهي. ان کان اڳ هن ڏهه سال کن اوساڪا، ٽوڪيو ۽ جپان جي ٻين شهرن ۾ پڻ مختلف ماڻهن ۽ ڪمپنين وٽ محنت مزدوري ۽ نوڪري ڪئي.

Tuesday, January 03, 2017

برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ

الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ بابت ڪنهن انگريز، يورپين يا آمريڪن جهازران کان پڇڻ بدران پنهنجي ملڪ جي جهازيءَ کان ڇو نه پڇجي. ڪجهه ڪجهه اسان جا  جهازران آهن جن جي تعليم، ڄاڻ ۽ جهاز هلائڻ جي تجربي سان گورو، ڪو چيني، ڪو جپاني به  مقابلو نٿو ڪري. انهن مان هڪ ٻيو جنهن کان پڻ مون برمودا ٽڪنڊي بابت پڇيو ڪئپٽن مظهر حسين زيدي آهي. هو مونکان پنج ڇهه سال ننڍو آهي پر هن جيترو وقت سمنڊ تي گذاريو آهي اوترو ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ ته ڇا ڪنهن انگريز به ورلي گذاريو هوندو. هو هن وقت 65 سالن جو آهي پر هن جو اڄ به جهازن سان واسطو آهي. هن آئل ٽئنڪر ۽ پئسينجر جهازن کان وٺي ڪارگو، ڪنٽينر، ڪار ڪئريئر ۽ ڪئٽل ڪئريئر (رڍون ٻڪرين کڻڻ وارا جهاز) دنيا جي هر سمنڊ تي هلايا آهن. ايران ۽ عراق واري جنگ ۾ جڏهن ايرانين جا جهاز هلائڻ لاءِ ايراني جهازران آفيسر نه بچيا هئا ۽ بم باري ڪري ڌارين ملڪن جي جهازرانن ايراني جهازن تي نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي ان وقت به ڪئپٽن مظهر زيدي خوشي ۽ دليري سان ايران جا ڪيترائي جهاز هلائيندو رهيو جن مان ٻن جهازن تي عراق وارن جي طرفان ميزائيل هنيا ويا جنهن ڪري جهاز ته سخت طرح تباهه ٿي ويا پر قدرت اسان واري ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي بچائي ورتو. منهنجو ايران بابت اڙدو وارو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ جيڪو ويلڪم بڪ پورٽ، اڙدو بازار ڪراچي وارن ڇپيو آهي، اهو ڪئپٽن زيديءَ کي منسوب ٿيل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت 1970ع کان ٿي جڏهن اسان هيٺين پوسٽ تي ساڳي جهاز تي يورپ لاءِ Sail ڪيوسين. ان بعد به جڏهن هو چيف آفيسر (چيف ميٽ) هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر ته اسان وري هڪ ٻن جهازن تي ڏور اوڀر واري روٽ تي جهاز هلاياسين. شادين بعد ٻار وڏا ٿيا ۽ ٻارن جي اسڪولنگ لاءِ هڪ هڪ ٿي سمنـڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪندو رهيو پر ڪئپٽن مظهر زيدي لڳاتار Sail ڪندو رهيو. سو هن جي قابليت ۽ تجربي کان ڪو به انڪاري ناهي. هن کي ڪيترا ئي دفعا مختلف جهازن کي برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ اڪارڻو پيو. منهنجي ٻڌائڻ تي ته اڄ ڪلهه آئون برمودا ٽڪنڊي تي لکي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙن لاءِ سندس ان بابت views پڇڻا آهن هن فون ذريعي جيڪا پنج ڇهه منٽ گفتگو ڪئي اها هن ريت آهي: