ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (1)
الطاف شيخ
عليءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ ڪوالالمپور جي مختلف روڊن تي جهڙالي موسم ۾ ڊرائيونگ ڪندي، جتي سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس، اتي کيس هن شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊ رستن جي ماضيءَ جي ڪهاڻي به ٻڌائيندو پئي هليس. علي ڪوالالمپور شھر ۾ 1994ع ۾ آيو هو. مون کانئس 25 سال کن اڳ، يعني 1968ع ڌاري، هن شهر ۾ اچڻ شروع ڪيو. اوچين عمارتن، ڪارخانن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ پارڪن جو هيءُ شهر ڪو آڳاٽو ناهي. شهرن جي تاريخ ۾، هيءُ شهر ڄڻ ڪالهه جو ڄاول ٻار آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪوالالمپور هن تر جو آڳاٽو شهر آهي پر ان کان ته اسان جو ڳوٺ هالا نوان ۽ ڀٽ شاهه به جهونا آهن. هالا پراڻا شهر ته تمام پوڙهو ٿيو. حيدرآباد، مٽياري، ٺٽو، جيسلمير، گرنار ۽ بڪانير وغيره، جن جو شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اهي ته تمام گهڻا پراڻا شهر آهن. شاهه لطيف، ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي نه ويو پر جي وڃي ها ته هو وڌ ۾ وڌ ملائيشيا جي ملاڪا شهر جو ذڪر ڪري ها. تڏهن ڪو پڇين ها ته ’شاهه صاحب! پينانگ، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور جي ڪا خبر چار؟‘ ته پاڻ حيران ٿي وڃن ها ته اهي ڪهڙا نالا آهن. ڇو جو انهن ڏينهن ۾، انهن شهرن جو وجود ئي نه هو. شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄاوا. ان کان هڪ صدي کن پوءِ يعني 1771ع ۾، غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تي آيل ماڻهن کان يا سوا صدي کن اڃا به پوءِ 1803ع ۾، ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت، سفر جي شوقينن کان انهن مٿين شهرن بابت پڇجي ها ته هو به وائڙا ٿي وڃن ها. هو ڪئنٽن، ڪيوٽو، رنگون ۽ ڪولمبو لاءِ ته چون ها ته اسان ٻڌا آهن، پر پينانگ، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور لاءِ هو حيرت جو اظهار ڪن ها. ڇو جو هيءُ شهر ڪوالالمپور، جتي اڄ توهان يورپ جهڙيون هوٽلون، مونو ريل ۽ اليڪٽرڪ ٽرامون ڏسو ٿا، تنھن سڄي علائقي ۾ 1850ع تائين به دلدل ۽ گپ هئي. جنگل ۽ مليريائي مڇر هئا. ڀَڏا ۽ ٻوڏ جا پاڻي هئا. نانگ بلائون ۽ مِرون هئا. وڇون ۽ سؤ پيريون هيون. پڪي عمارت ته پري جي ڳالهه، ڪا جهوپڙي به ٺهيل نه هئي. البت اڄ واري هن شهر ڪوالالمپور کان 32 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڪيلانگ (Kelang) نالي هڪ شهر ضرور هو، جيڪو هاڻ ڪلانگ Klang سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان، اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بندرگاهه پڻ هو. هيءُ بندرگاهه بعد ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ پورٽ سئيٽنام سڏبو هو پر هاڻ وري پورٽ ڪلانگ سڏجي ٿو.
اڄ وارو هيءُ مغربي ملائيشيا، جيڪو تن ڏينهن ۾ ملايا سڏبو هو، سو مختلف رياستن ۾ ورهايل هو. اڄ وارو ڪوالالمپور، پترا جايا، سبانگ جايا، شاهه عالم ۽ ڪلانگ شهر وارا علائقا، سلينغور(Selangor) رياست ۾ آيا ٿي. سڄو ملائيشيا، گهاٽو جهنگل هو. اهڙن گهاٽن جهنگلن ۾ ماڻهن جي چرپر فقط ندين ذريعي ممڪن هئي، جن مان ٻيڙيون هلي سگهيون ٿي. مختلف علائقن جا مختلف ملئي، سردار ۽ ڀوتار هئا، جيڪي پوءِ اڳتي هلي رياستن جا سلطان ٿيا. اھي ئي هاڻ واري وٽيءَ تي سڄي ملائيشيا جا بادشاهه ٿين ٿا.
اوڻويهين صديءَ جي شروعات جي ڳالهه آهي. دنيا ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ڌاتوءَ جي ضرورت وڌڻ لڳي. ملايا جي ڪن ڪن علائقن ۾، خاص ڪري پيراق پاسي، قلعي يعني ٽِن(Tin) جون کاڻيون مليون، جنهن مان ان پاسي جا ملئي جاگيردار ۽ سردار، امير ٿيڻ لڳا. کين پئسو ڪمائيندو ڏسي، ٻيا سردار ۽ سلطان به، پنهنجن علائقن ۾ جانچ ڪرائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هن پاسي، ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله کي 1850ع ۾ کڙڪ پيئي ته؛ گومباڪ ندي، جيڪا تن ڏينهن ۾ سنگائي لمپور يعني گپ واري ندي سڏبي هئي، جتي ڪلانگ نديءَ سان ملي ٿي، تتي زمين اندر ٽِن/ قلعيءَ جون کاڻيون آهن. ٻنھي ندين واري انھيءَ سنگم تي اڄ وارو ڪوالالمپور شهر آهي.
انهن کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ کين مزدورن جي ضرورت پئي. ملايا ۾ ماڻهن جي کوٽ هئي. جيڪي رهيا ٿي، سي ملئي مسلمان هئا، جيڪي اڄ به سست سڏيا وڃن ٿا. جيئن اسان وٽ، ڪارخانن توڙي رستن لاءِ، پٿرن ڪٽڻ جي ڪم واسطي، سرحد پاسي کان پٺاڻ گهرايا وڃن ٿا، تيئن ملايا ۾ اهڙن سخت پورهين لاءِ، ڏکڻ چين مان چيني گهرايا ويا ٿي. تن ڏينهن ۾، چين جي ڏاکڻئي حصي ۾، سخت غربت ۽ ڏڪار جو عالم هو. ٻيو ته اهو علائقو ملايا کي ويجهو به هو. تنھنڪري کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ، ڪلانگ علائقي جي سردار، راجا عبدالله، 1850ع ۾ چيني مزدور گهرايا. جيڪي مٿي ٻڌايل ندين واري سنگم وٽ ڪکاوان گهر ٺاهي رهڻ لڳا. اڄ جيڪو ائمپنگ، باتو ۽ پودو وارو علائقو ڏسو ٿا، تتي کاڻين جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو. هيءُ اهو دور هو، جڏهن دهلي ۽ آگري ۾، خبر ناهي ڪيترن مغل بادشاهن جون حڪومتون ٿي ويون ۽ هاڻ انگريز بادشاهه جو زور هو، جنهن جي خلاف 1857ع ۾ هندستان جي ماڻهن بلوو ڪيو هو. ان وقت اسان جا شھر؛ دهلي، ڪلڪتو، ڍاڪا، ٺٽو، لاهور، حيدرآباد ۽ شڪارپور وغيرھ وڏي اوج تي هئا. حيدرآباد ته تن ڏينهين، سنڌ جو پئرس سڏبو هو. ان وقت ڪوالالمپور ڇا هو؟ ڪجھ به نه هو! فقط چيني مزدورن جي رهائش جي، چند ڪکائن جهوپڙين وارو ڳوٺڙو هو. منجهس مرد ئي مرد رهيا ٿي. سيڌي جا ڪجهه دڪان هئا. ڪجهه ڪچي شراب جا گهتا، جوا خانا ۽ ڪجهه رنڊيون هيون.
ٽِن/ قلعيءَ جون کاڻيون کوٽڻ وارن، تن جاهل ۽ نشئي مزدورن جا به ٻه گروپ ٿي پيا هئا. هڪڙو گروپ هَڪا (Hakka) زبان ڳالهائڻ وارن چينين جو ۽ ٻيو حوقين (Hokkien) زبان وارن چينين جو. هنن جو پاڻ ۾ هر وقت جهيڙو لڳو رهيو ٿي. انگريز به ملايا ۾ وارد ٿي چڪا هئا. هنن ڊچن ۽ پورچوگالين کي ڀڄائي، ملايا جي مرڪز ”ملاڪا“ تي قبضو ڪري ورتو هو. باقي رياستن تي به، جيتوڻيڪ نالي ماتر حڪومت ملئي سلطانن جي هئي پر، هلي انگريزن جي ٿي. ڪوالالمپور مان نڪرندڙ ٽِن توڙي ملايا ۾ پيدا ٿيندڙ رٻڙ وغيره، هنن ئي خريد ڪري پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليو ٿي. چيني مزدورن جي جهڳڙن ڪري، کوٽائيءَ جو ڪم ئي رڪجي ويو. ملئي سردار، ان معاملي کي منهن ڏئي نه سگهيا. انگريزن، ان مسئلي جو حل، اھو ڳوليو جو چينين منجھان ھڪ چيني مٿانئن ڪمدار طور مقرر ڪيائون، جيڪو ڪوالالمپور شهر جو ’ڪئپٽن چينا‘ سڏجڻ لڳو.
تن ڏينهين ڪوالالمپور ۾ رهڻ، ڪو سولو ڪم نه هو. ائين ته سڄي ملايا جو اهو حال هو. جتي ڪٿي جهنگ ھئڻ سبب نانگ بلائن، مڇرن ۽ سؤپيرين جو راڄ هو. اھو حال، اڃا تائين به ڳوٺن ۾ عام آهي. مون جيڪي ڏهاڪو کن سال، ملاڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ گذاريا، تتي به انهن شين جي کوٽ نه هئي. ان کان علاوه، تن ڏينهن جي شروعاتي دور ۾، ڪوالالمپور اندر، ڪيتريون ئي قدرتي آفتون به نازل ٿينديون رهيون. هڪ طرف پليگ وگھي ماڻهو مرندا هيا ته ٻئي طرف ٻوڏن سبب. 1881ع واري ٻوڏ ۽ ان بعد باهه، سڄي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو. تنھن وقت، گهر سڀ کجيءَ جي پنن ۽ ٿڙن جا هئا. سڀ سڙي رک ٿي ويا. ان بعد ئي، سيلنغور(Selangor) ۾ رهندڙ، برٽش ريزيڊنٽ، فرئنڪ سويٽنهام حڪم جاري ڪيو ته؛ ”هاڻ، ڪو به گهر، ڪکن جو نه ٺهندو. هر ڪو سرون ۽ ٽائيلون استعمال ڪندو.“ ان وقت جا اهي سرن جا ٺهيل گهر، اڄ به توهان کي ڪوالالمپور ۾ نظر ايندا. ڏٺو وڃي ته ڪوالالمپور جو شهر، صحيح معنى ۾ 1881ع کان شروع ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن اسان وٽ بمبئي يونيورسٽي شروع ٿئي به ويهارو سال ٿي چڪا هيا. بمبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کلئي ته 36 سال ٿي چڪا هيا. هيءُ اهي ڏينهن هئا، جڏهن ڪجهه سالن بعد، اسان وٽ محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌيءَ جنم ورتو. منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪوالالمپور ڪو لنڊن، قاهري، پئرس يا خارطوم، دهلي، حيدرآباد ۽ لاهور وانگر پراڻو شهر نه آهي. هيءُ اسلام آباد وانگر هاڻ جو ٺهيل شهر آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، هن شھر تمام تيز رفتاريءَ سان ترقي ڪئي آهي. خاص ڪري، گذريل اڌ صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾، جڏهن اسان جو پهريون دفعو جهاز تي نڪرڻ ٿيو. ان وقت به ڪوالالمپور، سنگاپور يا پينانگ ڪي خاص شهر نه هئا. بلڪ ائين، جيئن سنڌ جا شھر ٽنڊوآدم ۽ شهداپور هئا. تھڙو ئي حال دبئي جو هو، جيڪو اڄ جي ڀٽ شاهه کان به پٺتي هو.
ڪوالالمپور کي پيرن تي بيهارڻ ۾ يپ آح لوا (Yap Ah loy) نالي چيني همراهه جو به وڏو هٿ هو. هن 1870ع ۾ ڪوالالمپور شهر ۾، قلعي(Tin) جي وڪري کي وڏي ترقي وٺرائي. ايتري قدر جو 1880ع ۾ سلينغور رياست جي گادي، ڪلانگ بدران ڪوالالمپور مقرر ڪئي وئي. پوءِ 1881ع جي ٻوڏ ۽ باهه، ڪافي تباهي آندي. فرئنڪ سويٽنهام، هن شهر کي هڪ دفعو وري ڊيولپ ٿيڻ ڏنو. سلينغور جو هيءُ اهو انگريز ريزيڊنٽ آهي، جنهن جو نالو ڪلانگ بندرگاهه تي رکيو ويو. ملائيشيا کي، انگريزن طرفان 1957ع ۾ خودمختياري ملڻ بعد به، ڪوالالمپور وارو هيءُ بندرگاهه، پورٽ سويٽنهام سڏبو هو. اسان جي اچڻ وارن شروعاتي سالن ۾، اسان جي جهازن جي نقشن تي به اهو ئي نالو لکيل هوندو هو. بعد ۾ ھن بندرگاهه جو وري پراڻو نالو، پورٽ ڪلانگ ئي رکيو ويو.
سويٽنهام، جنھن جو سڄو نالو فرئنڪ اٿيليسٽان سويٽنهام ھيو، ملايا جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل مقرر ٿيو. هو 1871ع کان 1901ع تائين، سنگاپور ۽ ملايا ۾ رهيو. پاڻ ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو. ملئي-انگريزي ڊڪشنري به تيار ڪئي ھيائين. ان کان علاوه سندس ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپيا:
-Malay Sketches
- Unaddressed Letters.
سندس ڏينهن ۾، ملايا اندر ڪافيءَ ۽ تماڪ جي پوکن لاءِ، زمينون ٺاهيون ويون. سندس ئي ڏينهن ۾، ڪوالالمپور کان پورٽ ڪلانگ تائين، ريلوي لائين وڇائي وئي. ياد رهي ته ڪوالالمپور شهر، بندرگاهه ناهي. ڪوالالمپور کان اٽڪل 38 ڪلوميٽر اولهه ۾، پورٽ ڪلانگ آهي. هيءُ بندرگاهه، ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) ۾ آهي. هيءُ سامونڊي لنگهه، ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ (انڊونيشيا) جي وچ ۾ آهي. ڪوالالمپور جي قومي عجائب گهر Muzium Negara ۾، هن انگريز صاحب، سويٽنهام جو Statue يعني بوتو نظر اچي ٿو.
بهرحال 1890ع تائين، ڪوالالمپور اهڙي سٺي شڪل ۾ اچي ويو جو شهر جي صفائي سٿرائيءَ لاءِ سينيٽري بورڊ ٺاهيو ويو. سلنغور رياست، جنهن ۾ هيءُ شهر آيو ٿي، تنھن جو گاديءَ وارو هنڌ ته هيءُ شهر اڳهين ٿي چڪو هو، پر 1996ع ۾ تازين ٺهيل فيڊيريٽيڊ ملئي رياستن لاءِ به گاديءَ جو ھنڌ ٿي پيو. منجھس مختلف قومون رهڻ لڳيون. ڪلانگ نديءَ جي اوڀر پاسي، مارڪيٽ اسڪائر چائنا ٽائون ۾ چيني رهڻ لڳا. ملئي مسلمان ۽ انڊين مسلمان، جاوا اسٽريٽ تي، جيڪا هاڻ جالان تن پيراڪ سڏجي ٿي، گهڻا هئا. پڊانگ/ ميدان، جيڪو هاڻ مرديڪا اسڪائر سڏجي ٿو، انگريزن جي سرڪاري آفيسن جو مرڪز هو.