Saturday, December 29, 2012

اُڏيري لال تان واپسيءَ تي.. - لياقت علي ٿهيم


اُڏيري لال تان واپسيءَ تي...
لياقت علي ٿهيم



”اچو صاحب اچو، اندر اچو“، ۲۳_۲۲ سالن جو همراھ، منهن تي هلڪي ڏاڙهي، مٿي تي گول ڪاري ٽوپي اهڙي جيڪا شهري بريٽ پائيندا آهن ۽ پيرن ۾ ڊگھي ٻوٿ واري بوٽ پاتل شخص اسانکي در اندران ئي بيٺي کيڪاريو. مان در جي چانئٺ تي اچي بيهي رهيس ۽ هيٺ جهڪي بوٽ لاهڻ لڳس تـ همراھ چيو، ـ ”نه صاحب نه، بوٽ نه لاهيو، اندر هليا اچو“ ۽ مان بي ادب بي نصيب انهي بدبخت ساعت تي چانئٺ اڪري، ڪنهن ڄٽ وانگر جوتن سميت در ٽپي اندر داخل ٿي ويس.، ڪٿي؟ سائين اُڏيري لعل جي مندر ۾. (پنهنجي انهي جهالت تي ڏاڍو نادم آهيان). اندر اچي، بيهي جڏهن هم چورس ۾ ٺهيل ڪامپليڪس، بلند و بالا ديوارن ۽ عمارتن جي وچ ۾ ٺهيل موڪري فرش کي ڏٺم تڏهن پنهنجي نظاماڻي سنگتي کي چيم تـ يار هي تـ ننڍڙي ڪريملن ٿي لڳي.منهنجو هي دوست ڇاڪاڻ ته حر فقير آهي تنهن ڪري انهي سياسي استعاري جي معنيٰ کي مڪمل طور سمجھي نه سگھيو.

ماستري ڪو سولو ڪم - ناهي الطاف شيخ


ماستري ڪو سولو ڪم ناهي
الطاف شيخ
 ملائيشيا کي خودمختياري يا کڻي چئجي ته انگريز راڄ کان آزادي، پاڪستان کان گهڻو پوءِ ۱۹۵۷ع ۾ ملي، پر ان وقت به ملائيشيا ۾ ايترا تعليمي ادارا يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نه  هيون، جيتريون پاڪستان ۾ ڏهه سال اڳ ۱۹۴۷ع ۾ هيون. منهنجي ڳالهه  جو مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اڄ جا نوجوان ملائيشيا جي تعليمي نظام مان متاثر آهن (۽ واقعي ٿيڻ به کپن، جو بدقسمتيءَ سان اسان وٽ تعليمي نظام صحيح رفتار سان اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ٿي ويو آهي) انهن کي ڄاڻ هجڻ کپي ته تعليمي ادارن ۾ اسانجو ملڪ گهڻو اڳتي ۽ ترقي يافته هو.

Sunday, December 23, 2012

پئرس جي سرهي شام ۽ خوشگوار موسم - عبدالحي پليجو

پئرس جي سرهي شام ۽ خوشگوار موسم
عبدالحي پليجو
ڳالهه پئي ڪيم، پئرس ۾ ڊزني لينڊ گهمڻ جي، جتي گهمڻ کانپوءِ اسان واپس موٽياسين. جڏهن ٽيوب آيو ته خبر ڪانه پئي ته هيتري خَلق ڪيڏانهن وئي؟ اسين به انهيءَ رَش ۾ ٽيوب ۾ چڙهي، پئرس جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي واري ٽيوب اسٽيشن، جيڪا اسان جي هوٽل کان ٿوري پنڌ تي هئي، اچي اتي لٿاسين. پئرس ۾ هن وقت روڊن ۽ رستن تي تمام گهٽ ٽرئفڪ هوندي آهي، هلندي هلندي اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين.. جنهن هوٽل ۾ اسين رهيا هئاسين، اها تمام وڏي هوٽل هئي، مَنجهس ڪئين فلور ۽ گهڻي تعداد ۾ ڪمرا هئا، هوٽل جي لفٽ تمام وڏي هئي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ پنجويههَ کان ٽيههَ ماڻهو بيهڻ جي گُنجائش هئي پر ان هوندي به رَش لڳي پئي هئي، پئرس ۽ فرانس ۾ سياحن جي سيزن ۾ سڄي ملڪ ۾ بي انتها رش هوندي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري هوٽلون، ڪلب، ريسٽورنٽ، ٽرينون، بندر بازارون ۽ سپر مارڪيٽون ته سياحن مان ڀريون پيون هونديون آهن، پئرس، نيس، ڪئينس ۽ مونٽي ڪارلو جي خوبصورت راتين جي ڪري سڄي دنيا مان سياح ڪَهي، انهن ملڪن ۾ اچن ٿا، جنهن جي ڪري صرف سياحن جي آمدنيءَ مان ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن جي فين مان ئي، هي ملڪ دنيا جا امير ترين ملڪ ٿي ويا آهن. دنيا ۾ گهڻي مان گهڻا سياح، يعني اٺ ڪروڙ سياح فقط هڪ سال اندر فرانس ۾ اچن ٿا،  عرب ۽ ايراني گهڻو ڪري فرانس ۾ سياحت لاءِ ايندا آهن. ٻيو ته خود فرانس جا ماڻهو به موڪلن ۾ فرانس ۾ ئي موڪلون ملهائيندا آهن، ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ سياحت لاءِ تمام گهٽ ويندا آهن، فرانس ۾ موڪلن جي شروعات آگسٽ ۾ ٿيندي آهي، تنهنڪري آگسٽ جي مهيني ۾فرانس ۾ بي انتها رَش هوندي آهي ۽ اسان جو به سڄو فرانس وارو ٽوئر آگسٽ ۾ ئي ٿيو.

Wednesday, December 19, 2012

روحل واءِ کان ڪارونجهر تائين - همسفر گاڏهي


روحل واءِ کان ڪارونجهر تائين

همسفر گاڏهي
ڀٽ ڌڻي چيو آهي ته:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
سو اسان ڪجهه دوست مارئي جي ديس، جنهن کي عام طور دردونديءَ جو ديس به چون، ان پاسي پنڌ پياسين. ٿريا جيڪي نازڪ نينهن نڀائڻ ڄاڻين، ڳنڍڻ سندن وڙ آهي ۽ ڇنڻ وارو لفظ سندن ڊڪشنريءَ ۾ ئي ناهي. سڄڻن ڏانهن سفر جو بهانو بڻيو جهمپير جو جهونو مڙس سائين رسول بخش درس. روحل واءِ هڪ ننڍو ڳوٺ جيڪو عمرڪوٽ کان ڪجهه ڪلوميٽرن تي آهي. پران ڳوٺ ۾ اهڙا ته دلبر شخص رهن ٿا، جو وڃي ٿيا خير. رومال ڪلهي تي، مٿي تي سنڌي ٽوپي، پيرن ۾ هوائي چپل، شيو وڌيل، ڪپڙا به بنهه سادا سودا، دنيا جي هر ٺاهه ٺوهه کان بنهه آجو. هي شخص ڪير آهي؟ اهو مڻيادار ۽ ٻاجهارو، شخص آهي جمن دربدر، جنهن جو شعر؛ وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، سائين جي ايم سيد کي روح ۾ رچي ويو هو ۽ سائين جي محفل ۾، جڏهن به جمن دربدر موجود هوندو هو ته، سائين کانئس ان شعر ٻڌائڻ جي تقاضا ڪندو هو. هاڻ ته اهو شعر سنڌ جو قومي گيت بڻجي ويو آهي ۽ هر قومي ڪارڪن کي بر زبان ياد آهي. هاڻي ته اهو شعر سائين جي ايم سيد جي مزار ٻاهران داخلي دروازي تي به لکيل آهي، ايئن جمن جون سائين وڏي سان روح رچنديون مئي پڄاڻان به قائم آهن.

پرديس ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي - الطاف شيخ


پرديس ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي...
الطاف شيخ
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جا ٽي سنڌي ڊاڪٽر مون وٽ آيا. هنن کي برونائي ۾ نوڪري ملي هئي. جنهن سلسلي ۾ هنن ڪجهه ڳالهيون پڇڻ ۽ منهنجي صلاح وٺڻ چاهي ٿي. اٿڻ مهل پڇڻ لڳا: ”سائين! اُتي رهندڙ پاڪستانين مان ڪي توهانجا سڃاڻو آهن؟.
”نه، ڪو سڃاڻو هن وقت ذهن تي نه اٿم پر بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان گهڻو گهاٽو نه ٿجو.“ مون چيو مان.

Wednesday, December 12, 2012

اَروڙُ ٿو مون کي سڏي - رياضت ٻرڙو


اَروڙُ ٿو مون کي سڏي
رياضت ٻرڙو
سنڌ جي سونهن شاعريءَ ۾ ته اسان پئي پَسي آهي، پر چاهيوسين پئي ته سنڌ جي سونهن جا رنگ ۽ ان جي حسناڪين جا روپ اکين سان به پَسون، سو ان خواب جي ساڀيان ۾، اپريل مهيني جي ٻئي ڏَهي ۾، فقط هڪ ڏينهن جي ڄمار جيترو وقت زندگيءَ جي رواجي مصروفيت کان چورائي، اسان ڊگري ڪاليج جي دوستن اروڙ، ڪالڪا ديويءَ جي مندر، نينهن جبل ۽ ساڌ ٻيلي جو پروگرام رٿيو.
صبح جو سوير تيار ٿي، پيپلز ڪالوني مان پنڌ ئي پنڌ جناح باغ ڏانهن روانو ٿيم، جتي سڀني دوستن کي پهچڻو هو. موسم اهڙي ته وڻندر هئي جا ڇا ڳالهه ڪجي! اُڀرندڙ سج جو سوجھرو ڌرتيءَ تي پکڙبو پئي ويو ۽ سڄي رات جا اوجاڳيل بلبَ هِتي هُتي وسامندا پئي ويا. بي اختيار هي نثري نظم منهنجي ذهن تي تري آيو:

Tuesday, December 11, 2012

پئرس جو ڊزني لينڊ ۽ برسات جي موسم - عبدالحي پليجو


پئرس جو ڊزني لينڊ ۽ برسات جي موسم
عبدالحي پليجو
 اسان جي ٽيوب اسٽيشن هاڻي اچڻ واري آهي، جنهن ڪري ڊزني لينڊ ۾ لهندڙ مسافرن ۾ هاڻ چُرپر نظر اچي رهي آهي، اسان وٽ ڪو به سامان نه آهي پر جن سياح مسافرن وٽ ٿورو گهڻو سامان ساڻ آهي، اهي پنهنجو پنهنجو سامان ڇَنڊي ڦُوڪي، ڪلهن ۾ وجهي رهيا آهن يا هٿن ۾ جهلي بيٺا آهن، ڇو ته ٽيوب، اسٽيشن تي صرف چند گهڙيون بيهندو آهي، جنهن دوران خود به خود در کلن ۽ بند ٿين ٿا، اُن ٿوري عرصي ۾ ماڻهو، چڙهن ۽ لهن ٿا. اهو سڄو عمل چند گهڙين ۾ ٿئي ٿو، تنهن ڪري مقامي ماڻهو، جيڪي هر روز پنهنجين پنهنجين مصروفيتن جي ڪري، ڏينهن ۾ هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا چڙهن ۽ لهن ٿا، اها اُنهن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، نه وري، اُنهيءَ ۾ کين ڪا دِقت ۽ پريشاني ٿئي ٿي، ٻيا اُهي غير ملڪي سياح، جن جي ملڪن ۾ به اهي ئي ٽيوب ۽ ٽيوب اسٽيشنون، هر هنڌ پيا هلن، سو انهن کي به ان لاههَ چاڙهه ۾ ذري جي دِقت نٿي ٿئي پر اهي سياح، جن جي ملڪن ۾ ٽيوب نالي ڪا شيءِ ناهي، تن سياحن کي پهريائين ڪجهه تڪليف محسوس ٿئي ٿي. ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ سرڪيولر ريلوي شروع ٿي هئي ۽ اهي ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ آيون ته، ڪراچيءَ ۾ جلد انڊر گرائونڊ ريلون به هلنديون پر هاڻ ته سرڪيولر ريل به بند ٿي ويئي آهي. ٻن ٽن سالن کان، دهليءَ ۾ به انڊر گرائونڊ ريل شروع ڪئي ويئي آهي، جنهن کي يورپين ملڪن ۾ ٽيوب چون ٿا.

هڪ ايجاد جي ڪهاڻي - الطاف شيخ


هڪ ايجاد جي ڪهاڻي
الطاف شيخ
 جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اُتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ سان ٻن سالن لاءِ وابسته هوس، سامونڊي پٽيءَ جي ٻئي پاسي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ اسانجو دوست، سنڌ جي دلير ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو وڏو فرزند محمد علي ميمڻ ٽريڊ ڪمشنر هو. ڪڏهن هو مون وٽ منهنجي شهر مالمو ۾ هلي ايندو هو ته ڪڏهن آئون هن وٽ ڪوپن هيگن پهچي ويندو هوس. يورپ جا اهي ٻئي شهر ائين آهن، جيئن اسانجو دادو-مورو يا سکر-روهڙي! ڪتابن پڙهڻ جو هو به شوقين هو، سو اسان جو ادبي دنيا جي ماڻهن بابت گهڻو بحث هلندو هو. محمد علي هر ڳالهه بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪرڻ جو عادي آهي. ڪو رسي ته رسي وڃي، هو ڳالهه اها ڪندو، جيڪا صحيح سمجھندو.

Sunday, December 09, 2012

استنبول مان واپسي - امتياز منگي

استنبول مان واپسي
امتياز منگي
وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ”ڪتاب ترڪيءَ جي سرزمين ۽ رهواسي“The land and people of Turkey ۾ لکي ٿو ته استنبول مان رخصت ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هر ڏينهن جيڪو اتي گذاريو وڃي ٿو، هڪ نئون احساس پئدا ڪري ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو گھڻو ڪجهه ڏسڻ، گهڻو ڪجهه محسوس ڪرڻ باوجود به گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ ڏسڻ رهجي ويو. ڪوئي ان ڳالهه جي ضمانت نه ٿو کڻي سگهي ته توهان وري استنبول ايندئو. حقيقت پسند ترڪ ڪنهن ڪرامت، معجزي يا چمتڪار جا پوئلڳ ناهن، جو ڦوهاري ۾ هڪ سڪو اڇلي چون ته اوهان ضرور ايندئو، ليڪن جنهن طريقي سان اهي الوداع چوندا آهن، ان ۾ اميد جو سهارو آهي هڪ آس آهي. جڏهن اوهان انهن کي خدا حافظ چوندئو ته جواب ملندو ته ”گولي گولي گدنر“ خوش خوش وڃو. ان کان سوا ڪو ئي ڇا چئي سگهي ٿو.

روايتن جا امين، ترڪ - امتياز منگي


روايتن جا امين، ترڪ
امتياز منگي
ترڪ پنهنجي تهذيب تمدن ۽ روايتن سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. استنبول ۾ تاريخي عمارتون ڊاهڻ سنگين ڏوهه آهي، ڀلي اهي آثار اسلام جا هجن يا ان کان به آڳاٽا. جڏهن سلطان محمد فاتح ثاني قسطنطنيه فتح ڪيو ته هڪ ڏينهن گهمندي ڏٺائين ته هڪ شخص صوفيه جي سامهون وارو چبوترو ڊاهي رهيو هيو ته پاڻ سخت تيش ۾ اچي ويو ۽ ڊاهيندڙ شخص کي سؤ سچو پتر هڻايائين. پوءِ اهو فرمان جاري ڪري ڇڏيائون ته هن مرڪزي ڪليسا کي مسجد ڪيو وڃي. سلطان محمد فاتح کي اهو به احساس هيو ته استنبول جو انتظام قائم رکڻ لاءِ يوناني آباديءَ جو تعاون حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن هڪ راهب جارج سڪوليريس(George Scuolarius) کي يوناني آرٿوڊڪس ڪليسا جو سنڀاليندڙ مقرر ڪري ڇڏيو. هي نظام ملت جو آغاز هيو، حڪومت جي طور طريقن سان هن نظام کي يگانگيءَ جو درجو حاصل ٿيو.

پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع - امتياز منگي


پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع
امتياز منگي
اسان جي پهرين منزل پئنوراما ۱۴۵۳ع جو ميوزيم هئو. بس هڪ ڪشادي باغ مان گذرندي هڪ عمارت ڀرسان بريڪ هنيو. سڀ هيٺ لٿاسين، ان هدايت سان ته هڪ ڪلاڪ ۾ هن ئي غلط جڳهه تي واپس اچڻو آهي. ۱۴۵۳ع Panorama نالي جي اعتبار سان ته تاريخي ميوزيم ئي چئبو پر گهڙڻ سان معلوم ٿيو ته هن عمارت ۾ ڪنهن فلم جيان استنبول جي فتح جي منظرنامي جي عڪاسيءَ لاءِ ڄڻ ڪو فلم جو سيٽ لڳايو ويو هجي. اسان ٽڪيٽ وٺي گول ڏاڪڻ تان آخري طبقي تي آياسين. Oh my God اسان ته غلط جڳهه تي اچي ويا سي. هي ميوزيم ته جنگ جو ميدان آهي، باهه جا اُلا گولن جو وسڪارو، تلوارن جا تيز آواز، زخمين جون سسڪيون ۽ حملا آورن جون اُلرون ۽ گهوڙن جا آواز، الله اڪبر جي نعرن جا پڙاڏا وغيره. واقعي هي ميوزيم ڪمال آهي، جتي اچڻ سان گهڙيءَ پلڪ لاءِ اوهان پاڻ کي جنگي ميدان ۾ محسوس ڪندا. هو ته ڏسو وڏن گولن سان سٽي ديوار جا ڪافي حصا ٽٽي چڪا آهن. ڀت ڪرڻ جو آواز بلڪل چٽو ٿيندو ٿو وڃي. هاڻي ڇا ٿيندو. ڪجهه زرهون، ڪٽيل سِسيون، جنگي اوائلي اسلح ۽ گولا ته بلڪل پيرن ۾ پيئي محسوس ٿيا. ۱۴۵۳ Panorama قائم ڪري دراصل اوهان کي اکين سان قسطنطنيه فتح ڪرڻ وارو منظر فلمبندي ذريعي ڏيکارڻ آهي. جنهن مان مراد اها آهي ته سال ۱۴۵۳ع ۾ بائزنٽائن Byzantine حڪومتن جو زوال ۽ تڏا ويڙهه ۽ ديو قامت ديوار جنهن تي کين ناز هيو، ڪنهن اوڏڪي ڪچي ڀت جيان ڀُري پئي ۽ ڏيکاريل منظر ۾ فاتح شهر ۾ داخل ٿي، پنهنجو تسلط قائم ڪيو. گائيڊ ٻڌايو ته افسوس جو فوج جو وڏو انگ ۽ خصوصن بحري فوج يورپي سمنڊ ۾ محلاتن چوڌاري صرف بائزنٽائن جي ٽهل ٽڪور ۾ مشغول هئي. باقي سلطان محمد ڪمانڊر جنهن بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ حمله آورن تي کنوڻ جيان ڪڙڪيو، تنهن کي استنبول جو هوشو شيدي  چئي سگهجي ٿو. ميوزيم جو سائونڊ سسٽم۽ روشني بلڪل ا صلي پئي محسوس ٿيا.

ٽريننگ جو ڏهاڙو - امتياز منگي


ٽريننگ جو ڏهاڙو
امتياز منگي
BUILDING THE CAPACITIES, VISION TO CHANGE, POWER TO ACT
ٻاويهين اپريل جي صبح سوير اٿيم. ڇو ته نائين وڳي هوٽل جي Basement تهه خاني ۾ ٽريننگ رکيل هئي. ناشتو ڪري ٽريننگ واري هنڌ پهتم. نالي ۽ ڦوٽوءَ وارو ڪارڊ، شيڊيول، پينسل، رسالا ۽ مواد وٺي اندر داخل ٿيم. مقرر وقت تي پروگرام شروع ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ ڀليڪارڪئي وئي. دوستن جو تعارف ۽ بعد ۾ استنبول شهر ۾ HRDN جي دوري تي مختصر تقرير ڪئي وئي بعد ۾ مقررن طرفان مختلف موضوعن تي ليڪچر ۽ خيالن جي ڏي وٺ ۽ سوال جوابن جو سلسلو ٿيو ۽ چانهه جي وقفي کانپوءِ هڪ سادي پر پروقار تقريب ۾ سڀني کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ساڳي ڏينهن HRDN ۾ مانجهاندي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هيو، سو آخري فلور تي اچي ماني کاڌيسين.

حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت - امتياز منگي


حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت
امتياز منگي
اڄ اپريل جي ۲۱ تاريخ آهي. حسب معمول ناشتو ڪري ڪمري ۾ پهتم ۽ ڪلهه تائين ورتل سامان بيگ ۾ سٿيم. هتي هوٽلن جو ماحول تمام پر امن ۽ تحفظ وارو آهي. ڪمرن اندر چوريءَ چڪاريءَ جو ڪوبه انديشو ڪونه آهي، تنهن ڪري قيمتي سامان به جيڪڏهن ڪمري اندر وساري ٿي ويو ته واپسيءَ تي اهو محفوظ حالت ۾ ٿي مليو. باوجود ان جي ته ڪمري جي صفائي به ٿيل هوندي هئي، واش روم ۾ ٽوال شيمپو، لوشن وغيره به بدلائي رکيل هوندا هئا ۽ ميرا ڪپڙا پڻ ويڙهي سيڙهي ڪٻٽن ۾ ترتيب سان رکيا ويندا هئا. صفائيءَ لاءِ آسماني رنگ جي يونيفارم ۾ نوجوان ڇوڪريون مقرر ڪيل آهن، جيڪي ڏسڻ يا لنگهڻ وقت مهذب نموني سلام ڪنديون هيون. مان انهن منجهه هڪ ٻي شيءِ محسوس ڪئي ته اهي هرو ڀرو لنگهندڙ کان مفاصلو رکي شرافت جو نماءُ نه ڪنديون، پر مردن جيان پر وقار نموني آرام سان گذري وينديون. جيڪڏهن ڪنهن کٽل شيءِ جي طلب ڪبي ته  sorryچئي، ٽراليءَ مان هڪدم کڻي، ڪمري ۾ ٺيڪ جڳهه تي رکي ڇڏينديون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتان جوLabour Class  ڪيترو نه فضيلت وارو آهي. مان تيار ٿي، ڪمرو لاڪ ڪري، لفٽ طرف رخ ڪيو ته هميشه جيان روشني ڦهلجي وئي. هتي هوٽل جي گهٽين ۾ لائيٽ خودڪار آهي. جيڪڏهن ڪو به لنگهندو ته ڇت جون لائيٽون پاڻ ئي ٻرڻ لڳنديون ۽ گذري وڃڻ بعد بند ٿي وڃن ٿيون. مان لفٽ رستي هيٺ آيم. جيئن ته ۵۳ دوستن جا مختلف گروپ ٺهيل هئا ۽ هرڪو ٽولا ٽولا ٿي ويٺو هو. ٻڌ سڌ بعد مون ان گروپ کي چونڊيو، جيڪو حضرت ايوب انصاريءَ جي مزار تي وڃي رهيو هو. ان سان گڏ اهي ڪافي صحابين جا نالا پڻ کڻي رهيا هئا، جيڪي استنبول ۾ مدفون آهن. گروپ جي سڀني ميمبرن طئي ڪيل وقت تي هوٽل ڇڏي پنهنجي پنهنجي پسند جي ماڳ ڏانهن رخ ڪيو. گروپ ۾ ڪجهه اهڙا به دوست شامل ٿيا، جن سڀ ڏينهن صرف شاپنگ پئي ڪئي ۽ گهمڻ لاءِ صرف بازارون پئي جهٽيون. مان انهن مان هڪ کان پڇيو ته ڇا اوهان جو استنبول اڳ ڏٺل آهي؟ چيائون؛ نه. ته پوءِ توهان کي ڪڏهن تاريخي جڳهه تي ڪو نه ڏٺو آهي. هوندا ڪاٿي آهيو. چيائون؛ استنبول ۾. مون سان، سندن گروپ، حسب معمول ٽرام جي اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳو. رستي تي ڪنهن صلاح ڏني ته ٽيڪسي جو ڀاڙو ته معلوم ڪريون. هڪ ٽيڪسيءَ واري اسان کي ۱۰ ليرا ڪرايو چيو، جيڪو پاڪستاني لحاظ سان ساڍا پنج سؤ روپيا پئي ٿيو. اسان سوچيو؛ چار ڄڻا آهيون، هونئن به هر هڪ تي ٻه ترڪش ليرا جي حساب سان اٺ ليرا خرچ ايندو ۽ پوءِ به رستن تي پڇ پڇان جي خواري، سو ٽيڪسيءَ ۾ هلجي. ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي اسان ٿوري مسافري بعد هڪ ڪشادي چوڪ تي پهتاسين. ان جي سڄي پاسي حضرت ايوب انصاري جي مزار ڏسندي، ڊرائيور بريڪ هنئي. ڪرايو ڏئي اڳتي وڌياسين. مزار جي احاطي ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين ته سوين ڪبوتر، هڪ وڏي ڦڙڪي سان، اسان سان ٽڪرائجي، هيڏانهن هوڏانهن اُڏاڻا. هتي مزار لڳ ابو ايوب مسجد آهي جتي اسان فوٽو ڪڍياسين ۽ ايندڙ ويندڙ کان پنهنجا فوٽو به ڪڍراياسين. هتي ترڪ ماڻهن ۾ اها خاصيت آهي ته جيڪڏهن ڪو فوٽوءَ لاءِ ڪئمرا اک تي رکندو ته هڪدم بيهي رهندا ۽ تيسيتائين اڳيان نه لنگهندا جيستائين فوٽو بعد ڪئمرا اک تان نه ٿي لهي. اسان اخلاقًا Thank you پئي ڪئيسين ۽ هنن مرڪي ڪنڌ پئي ڌوڻيو. مسجد ٻاهران شيڊ لڳل آهن، جتي زائرين ڪافي وقت سج جو تڙڪو وٺڻ لاءِ ويٺل آهن. انهن مان ڪي اخبار پيا پڙهن ته ڪي چاءِ پيا پيئن. مسجد جي اَڱڻ ۾ هڪ اوائلي وڻ آهي، جيڪو پئنوراما ميوزيم ۾ پڻ نمايان هو. اسان جوتا ٿيلهي ۾ کڻي روزي جي ننڍي در مان اندر داخل ٿياسين. اندر چانديءَ جي ڄاريءَ ۾، حضرت محمد ﷺ جن جو ميزبان اسان آڏو هو ۽ اسان جي بلڪل پويان کاٻي پاسي، حضرت محمد ﷺ جن جو پاڪ نقش قدم مبارڪ Foot Print ڀت ۾ آويزان ٿيل هو. مقبرو اندران ايترو ڪشادو ڪو نه آهي. روزي اندر هڪ بند دروازو پڻ هيو جيڪو پتل جو پئي لڳو ۽ تمام زبردست هئو. مون سان گڏ آيل دوست سيپارو کڻي ڪنڊ ۾ دور ڪرڻ لڳا. دعا بعد اسان مسجد کان ٿيندا ٻاهر نڪري آياسي. چوڌاري هڪ وڏو قبرستان آهي. پٿر جي قبرن تي اُڀيون پڳون آهن يا پٿر جون تختيون. قبرستان ۾ تمام صفائي آهي ۽ سڪون پڻ. حضرت ايوب انصاريءَ جو اصل نالو خالد بن زيد آهي. سندس واسطو مديني پاڪ جي قبيله بنو خزرج سان آهي. هي مرد مومن شروع ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪو هو ۽ هن کي ئي نبي ڪريم ﷺ جي ميزبانيءَ جو شرف حاصل ٿيو. نبي ڪريم ﷺ جي پنهنجي خواهش موجب هو سڀني جنگين ۾ ساڻس گڏ رهيو. حضرت علي ڪرم الله وجھ کيس مدينه منوره جو گورنر پڻ مقرر ڪيو هيو.منحوس يزيد جڏهن قسطنطنيه تي حملو ڪيو ته ان وقت به حضرت ايوب انصاري ان سان گڏ هيا ۽ اتي ئي تمام بيمار ٿي پيا ته يزيد سندن طبيعت پڇڻ آيو. حضرت ايوب انصاري﷦ پنهنجي هڪ خواهش ظاهر ڪئي ته جڏهن هو مري وڃي ته سندس لاش کي گهوڙي تي رکي دشمن جي زمين ۾ جيترو اڳتي کڻي وڃڻ ممڪن هجي اوترو کڻي وڃجي ۽ اتي ئي دفن ڪري ڇڏجي. جڏهن سندن وصال ٿيو ته يزيد ان وصيت تي عمل ڪندي، تمام پري قسطنطنيه جي هڪ اوچي ديوار جي ڀر ۾ کيس دفن ڪرائي ڇڏيو. جڏهن سلطان محمد فاتح استنبول فتح ڪيو ته ان کي حضرت ايوب انصاري جي قبر جي تلاش هئي. کيس خواب ۾ هن جگهه جي بشارت ٿي، بعد ۾ اُن جڳهه تي جامع  مسجد ابو ايوب اڏرائي وئي.

ترڪيءَ جون يادگار جايون - امتياز منگي


ترڪيءَ جون يادگار جايون
امتياز منگي
جرمن ڦوهارو
انيڪ خوشبوئن، ٿڌڙين هوائن ۽ گهاٽي ڇٻر جي وچ ۾ موجود هي قبو ڄڻ ته ڪنهن ڪوه قاف جي پريءَ جو آستان لڳندو هجي. خوبصورتيءَ جي علامت بڻيل هي چبوترو سياحن لاءِ تاريخي حيثيت ۽ فرحت ڏيندڙ ۽ مقامي نوجوانن لاءِ Lovers Spot جي لحاظ کان مشهور آهي. هڪ نظر ۾ ڄامشوري جي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا جي آخري آرام گاهه محسوس ٿيندو. هيءُ عجيب ڦوهارو آهي، جيڪو مٿان بند آهي. هي ڦوهارو جرمنيءَ جي حاڪم ولهم ٻيو German Emperor Wihelm-II جي ۱۸۹۸ع ۾ استنبول جي ٻئي دوري جي يادگار طور کڙو ڪيو ويو.

هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي - امتياز منگي

هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي
امتياز منگي
تاپڪاپيءَ اندر هڪ ريسٽورينٽ پڻ آهي، جنهن جا کاڌا ڏاڍا لذيذ آهن. هتي مان ساهي پٽڻ لاءِ ٿوري دير بينچ تي ويهي رهيم. هتي هڪ پوڙهو مسخروJoker هر ايندڙ ويندڙ سان مذاق پيو ڪري، سندس هٿ ۾ ريديو جي ايريل هئي ۽ هر مزاحيه گفتگو ڪنهن بريڪنگ نيوز وانگر پئي آلاپيائين ۽ پاڻ کي استنبول ريڊيو پئي چيائين. ان وقت منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن هن هڪ نهايت ئي بزرگ جوڙي کي ڏسي انگريزيءَ ۾ چيو، هينئر هڪ نئون شادي شده جوڙو هني مون لاءِ تاپڪاپيءَ جي دوري تي آيل آهي مان سندن آجيان ڪيان ٿو. سڀ هڪدم ان ضعيف جوڙي ڏانهن متوجه ٿيا. پوڙهي ڪنوار ته شرم وچان مڙس جي سيني ۾ ڪنڌ لڪايو ۽ پوڙهي مڙس خوش ٿي کيس خرچي ڏني. مون به  هن هردلعزيز شخص ٿي ٻه ليرا خرچي ڏني. ملان نصرالدين ترڪيءَ جو قومي مسخرو آهي، جنهن جا ٽوٽڪا ڏيهان ڏيهه مشهور آهن. هن مسخري جي حرڪتن کي ڏسي محسوس ٿيو ته مزاح ترڪيءَ مان اڃان ويو ناهي. 

ترڪ ۽ ترڪي دسترخوان - امتياز منگي


ترڪ ۽ ترڪي دسترخوان
امتياز منگي
ترڪن لاءِ اسڪارلاٽوس وزنٽيوس (Skarlatos Vizantios) پنهنجي ڪتاب بائزنطينو ترڪيڪا(Byzantino Turcica)  ۾ لکي ٿو ته؛ ترڪ گهڻو ڪري سهڻا، ڊگها ۽ ڀريل بت وارا ٿين ٿا. سندن چهري مان شرافت جهلڪندي نظر ايندي ۽ ڪارين ڀروئن هيٺان سندن تيز اکيون چمڪنديون آهن. اهي توري تڪي ڳالهائيندا، ترڪ موسيقي، گلن، خوشبوئن، مٺاڻ ۽ قهوي سان پيار ڪن ٿا. جانور به انهن جي مهربانيءَ ۽ فياضيءَ کان محروم نه ٿا رهن. جتي ڪوئي بي زبان تي تشدد ڪندو نظر ايندو هي اتي بيهي رهندا ۽ ڪاوڙ مان چئي ڏيندا ”ڇا تون اهڙي زندگي پئدا ڪري سگهين ٿو؟“ هي اقتباس ۱۸۵۲ع جو آهي پر موجوده دور ۾ ان جي وصف ٻي به ٿي سگهي ٿي. هرملڪ ۽ هر شخص جو نقطه نگاه ان جي تجربي تي منحصر هوندو آهي. پاڪستان انهن جو دوست ملڪ آهي ته اسان جي پنهنجي راءِ آهي پر صدين تائين سندن ماتحت رهندڙ عرب سڳورن جو پنهنجو خيال هوندو. قبرص وارا ترڪن کي الڳangle سان ڏسندا هوندا ۽ هنگري يا بلغاريه واسي جن ترڪن جون تلوارون هلندي ڏ ٺيون آهن، اهي کين ڪهڙو نالو ڏيندا هوندا؟ برطانيه وارن جا ترڪن سان ناتا هميشه سٺا رهيا آهن، اهي ترڪن کي ”مشرقي انگريز(The Englishmen of the Orient) ڪوٺيندا آهن. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته هن وقت ترڪن جا مهانڊا هڪ جهڙا نه رهيا آهن. ڪي ته typical قسم جا ترڪ لڳندا ۽ ڪي نج يورپي نيريون اکيون، ڀورا وار، ڳاڙهي چمڙي. گائيڊ اهو به ٻڌايو ته ترڪي جا ڪجهه ڳو ٺ حسن جي لحاظ کان مشهور هيا جتان وڏي مقدار ۾ عورتون حرم لاءِ چونڊبو هيو. هتي تاتاري نمونا به موجود هوندا هيا ۽ چچين اکين ۽ منهن جي هڏين نڪتل ترڪمان به ملندا.پر سڏبا سڀئي ترڪ.مون استنبول جي ڪنڊ ڪڙڇ کان و ٺي Miss World جي مقابلن تائين ترڪي ءَ جون بادامي اکين ۽ ڪارن وارن واريون ڇوڪريون ڏ ٺيون آهن. تمام سنهڙيون، پاءُ گلن ۾ ترڻ واريون، سوچيان ٿو ته ايترن لذيذ کاڌن جي ملڪ واريون ڇوڪريون ۽ ايڏيون slim. ترڪ معاشري ۾ خاندان بنيادي عنصر آهي. هتي قهوه خانن ۾ پڪا پوڙها ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا نظر ايندا. بازارن، باغن يا رستي ويندي ترڪ خاندان پاڻ ۾ ملي ويندا ته ڳل ملائي مٺي وٺي هڪ ٻي کي کيڪاريندا. عورتون به ساڳي نموني ملنديون. آخر ۾ هڪ ٻئي جي ننڍن ٻارن کي پيار ڪندا.

ترڪيءَ ۾ فوجي ۽ سول ڇڪتاڻ - امتياز منگي


ترڪيءَ ۾ فوجي ۽ سول ڇڪتاڻ
امتياز منگي
اسرندڙ ملڪن ۾ حڪومتن ۾ فوج جو وڏو ڪردار ۽ عمل د خل رهيو آهي، جتي فوجي ڊڪٽيٽر ڪو نه ڪو بهانو بڻائي مارشل لا يا ايمرجنسي لاڳو ڪريو ڇڏين. جتان جا نازڪ ۽ نفيس سياستدان ڊوڙ جي عالمي مقابلن جا مڃيل کلاڙي هوندا آهن. هنن لاءِ احتساب ۽ هٿياربند قوتن جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ ۽ لٽيل دولت خرچ ڪرڻ واسطي موزون جڳهه پرڏيهه آهي. هتي هوcomfortable هوندا آهن. پويان حڪومت ۽ سرڪاري ادارن ۾ مشين گنون فٽ ڪري فنڊن کي نشانو بڻائي، سرڪاري گاڏين جو ڪٻاڙو ڪري، صبح جو ملازمن جي جهڙتيءَ بعد فوجي اٽالا ريسٽ هائوس ۾ سڪون جي زندگي  گذاريندا آهن. رهيو عوام سو آزار ۾ ۽ موزون وقت جي انتظار ۾.

ترڪيءَ جو نوجوان نسل - امتياز منگي


ترڪيءَ جو نوجوان نسل
امتياز منگي
ٿورو تبصرو ترڪي جي نئين نسل تي. مان بار بار چئي چڪو آهيان ته هڪ نظر سان ته استنبول ڪنهن به صورت ۾ ايشيا جو حصو نه پيو ڀائنجي. نوجوان طبقو يورپ طرف گهڻو مائل آهي. سندن اٿڻي ويهڻي، عادتون، رهڻي ڪهڻي، فيشن يورپي اسٽائل جون آهن. وارن ۽ ڏاڙهي جي ڪٽائي به عجيب و غريب، خشڪ سنهري وار. عجيب چال، پينٽون اڊڙيل، ٽي شرٽون اڌ اندر اڌ ٻاهرجن تي لاپرواهي، بهادري، جواني جي مستي جا جملا، وڏا سن گلاسز، ٻانهن ۾ ڪڙا ۽ ڌاڳا ۽ ڊگها نوڪدار بوٽ. فلمن، موبائل -انٽرنيٽ- ڪيبل نيٽورڪ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا منجهن آگاهيءَ سان گڏوگڏ سندن ٽور ضرور بگاڙي ڇڏي آهي، پر پوءِ به پنهنجي ثقافت کان باغي هيءَ جنريشن تمام فضيلت واري ۽ ذهين آهي. هتڙي سگريٽ نوشي عام جام آهي، خصوصاً نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون عام جڳهن تي سگريٽن جا سوٽا هڻندا ٿا وتن. سگريٽن جي قيمت به گهڻي آهي. ڪار چيزنگ يا موٽر سائيڪل تي ريس ڪندي ڪو به نه ٽڪريو. اسان کي ڪٿي به مذهبي تبليغ ڪندي ڪو نظر ڪونه آيو ۽ نه ئي ڪو نوجوان ملن جو ٽولو اٽڪيو جنهن نماز لاءِ زور ڀريو هجي. ٽين ايجرز ترڪش جو يورپي ٽوئرسٽ ڇوڪرين کي ڏسندي ئي چال ئي ڦريو وڃي ۽ ڪنهن مهل ته چهٽيل محبوبائن تان به ڌيان هٽايو ڇڏين. ان کانسواءِ ترڪ نوجوان هوٽلنگ ۽ راند روند ۾ به اڳڀرا لڳا. نيٽ ڪيفي تي به خالي ڪيبن نه ملندي ۽ انتظار ۾ هوندا ته ڪير ٿو نڪري. موبائل تي ڳالهائڻ جا ڪوڏيا ۽ طبعيت ۾ تمام ماٺيڻا. هر هنڌ لائين ٺاهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندا. تڪڙ ته سندن طبعيت ۾ ئي ناهي. سواري دوران ڪو وڏيءَ عمر وارو ڏسندا ته ان جي داخل ٿيندي ئي سيٽ ڇڏي ڏيندا ۽ هٿ ڏئي ان کي ويهاريندا. جيڪڏهن ڪاٿي ڪنهن جي ڪا شيءِ وسري ويندي ته پويان رڙيون ڪندا ۽ ڊڪي ڊڪي پهچي وساريل چيزون واپس ڪندا. زندگيءَ جو هر لطف وٺڻ ڪو هنن کان سکي. لوئسا مئي الڪوٽ ان ئي ڪيفيت تي ڪجهه سٽون چيون هيون، جيڪي مون کي  بيحد پسند آهن ۽ منهنجي ڊائريءَ جي پهرين پني تي لکيل آهن.
”جڏهن مون وٽ جواني هئي تڏهن پئسو ڪونه هئو، هاڻي جڏهن پئسو آيو ته وقت ڪونهي ۽ جڏهن وقت ملندو ته زندگي جو لطف ماڻڻ لاءِ صحت سالم نه هوندي“.   

استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر - امتياز منگي


استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر
امتياز منگي
استنبول کي ۲۰۱۰ع جو يورپي ثقافتي گاديءَ جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. هن سان گڏ ٽي ٻيا شهر به شامل آهن. هي اعزاز جتي ڪنهن به شهر لاٰءِ  باعث افتخار بڻجي سگهي ٿو ته ساڳي وقت هڪ وڏي ذميواري به آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪو شهر پاڻ کي ۽ پنهنجي ثقافتي ميراث کي سهڻي نموني سان باقي دنيا جي سامهون پيش ڪري نه سگهيو ته هي اعزاز الٽو شرمندگيءَ جو باعث به ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ هڪ ڪلچرل ڪيپيٽل ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي. هي سموريون ڳالهيون يارهين ڊسمبر ۲۰۰۹ع ۾ هلٽن هوٽل منجهه رکيل هڪ افتتاحي تقريب ۾ طئي ٿيون. جتي ميزبان ڪجهه هيئن چيو: ”استنبول شهر هڪ الڳ تاثير رکي ٿو. هي خاص ۽ منتخب ماڻهن جو شهر آهي ۽ ڪنهن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو اڃان ڪهڙا ڪهڙا ناول، ڊراما، اوپيرا ۽ گهڻو ڪجهه تخليق ڪري سگهن ٿا“ ڪنهن کي خبر ته هتي ڪهڙيون فلمون ٺهنديون؟

ترڪيءَ جي جاگرافيڪل بيهڪ - امتياز منگي


ترڪيءَ جي جاگرافيڪل بيهڪ
امتياز منگي
ترڪيءَ جون حدون اٺن ملڪن سان ملن ٿيون. اتر-اولهندي بلغاريه، اتر-اوڀرندي جارجيه، اولهه ۾ يونان، اوڀر ۾ آرمينيا، آذربائيجان ۽ ايران ۽ ڏاکڻي اوڀر ۾ عراق ۽ شام اٿس. دنگئي ملڪن سان سندس مفاصلو هيٺ ڏجي ٿو.
پاڙيسري ملڪ
مفاصلو ڪلوميٽرن ۾
ايران
499

عراق
352

بلغاريه
240

شام
822

جارجيا
252

يونان
206

آذربائيجان
09

آرمينيا
268

ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي - امتياز منگي


ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي
امتياز منگي

استنبول، جنهن لاءِ ِهڪ فرانسيسي مدبر ۽ شاعر الفونس ڊي لامرتن  Alphonse-De-Lamar tineبلڪل صحيح چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دنيا تي فقط هڪ نظر ئي وجهڻي آهي سو صرف استنبول کي ئي ڏسي. 
If one had but a single glance to give the world, one should gaze on Istanbul.
اڳوڻو قسطنطنيه ۽ هاڻوڪو استنبول، ماضي جي بدترين جنگي محاذ سان گڏو گڏ، فن تعمير جي شاهڪار عمارتن ۽ روح پرور مسجدن جو شهر. مذهبي فتوحات وسيلي فتنا ڦهلائيندڙ قابض هن بدنصيب ماٿري کي پنهنجو نالو، نظام ۽ دين ڏئي هڪليندا رهيا. ڪڏهن هو رومين جي صليب تي لٽڪيل رهيو، ڪڏهن يزيد هٿان ٻي ڪربلا ٿيڻ کان بچي ويو، ڪڏهن تيمور لنگ جي منحوس منڊڪ جي ٽڪ ٽڪ تي هتان جي رعايا جو هيانءُ کاڄندو رهيو ته، ڪڏهن سلطان محمد فاتح جي تسبيح سان هن جا سور سنجرندا رهيا. هميشه کان حملن جو نشانو بڻجندڙ هي ساحلي شهر، اجڙندو ۽ وري وري جڙندو رهيو. چيٽ جي ميلي ۾(Airgun)  ايئرگن جي نشاني تي رکيل ٻن رنگين ڦوڪڻن جيان، ٻن کنڊن جي هنج ۾ ستل گول مٽول ۽ معصوم استنبول جنهن کي شوٽ ڪرڻ لاءِ تماشبينن جون لائينون لڳل رهيون، آخرڪار ڪمال اتا ترڪ جي طفيل شڪاري نشانن کان پاند بچائي نڪتو. اتاترڪ، استنبول جا صدين کان رت سان ريٽيل رستا، گلن سان سجائي ڇڏيا. اڄ جي استنبول انهن سمورن سورن کان بي نياز ٿي، هڪ دفعو ٻيهر سک جو ساه کنيو آهي. کيس ۲۰۱۰ جو يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر جو خطاب ملڻ کان پوءِ نيپولين بونا پارٽ جا هي لفظ ٺهڪي اچن ٿا ته، ”جيڪڏهن ڌرتي هڪ رياست هجي ها ته قسطنطنيه ئي هن جي گاديءَ جو هنڌ هجي ها.“

Friday, December 07, 2012

ايئرڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟ - الطاف شيخ


ايئرڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
الطاف شيخ
انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. ماڻهوکڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ ۽ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندا رهندا، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندا وتندا. خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندا رهندا. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي، خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه. جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي دور ۾به ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون، جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.

نيپولين جي شاهي سيلون جي نمائش - عبدالحي پليجو


نيپولين جي شاهي سيلون جي نمائش
عبدالحي پليجو
گذريل ڀيري مون پئرس جي لوور ميوزيم جو ذڪر ڪيو هو، ان حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته، ميوزيم جي رچليوُ ونگ واري حصي جو افتتاح سن ۱۹۹۷ع ۾ ٿيو. هتي اتر يورپ ۽ فرانس ۾ ٺهيل پينٽنگس، آرائشي سامان ۽ فرانس ۾ ٺهيل مجسما، مشرقي نوادرات، جن ۾ اسلامي دنيا جا فن پارا موجود آهن ۽ نيپولين ٽئين وارا شاهي سيلون نمائش لاءِ رکيل آهن. عمارت جو هي حصو اصل ۾ ۱۸۵۲ع کان ۱۸۵۷ع جي وچ ۾ ٺهيو هو. جنهن ۾ پوءِ وڌيڪ ڪمرا اڏيا ويا، هاڻي هن ڀاڱي ۾ ۱۶۵ ڪمرا ۽ ٽي ڍڪيل دالان آهن. جتي ٻارهن هزارن کان وڌيڪ فن پارن جي نمائش جاري آهي، هتي رکيل يوناني ۽ رومي نوادرات ۾ پارٿينن گرجا گهر مان هٿ آيل ڪپڙي تي ٺهيل تصويرن جا ٽڪرا به شامل آهن. سڄي دنيا جي ماڻهن جو موناليزا ۽ وينس جي تصويرن سان ته گهڻو لڳاءُ آهي پر فرينچ ماڻهن لاءِ جيڪس ڊيوڊ جي ٺهيل ميڊم ريڪاميئر جي پينٽ ٿيل تصوير دائمي دلچسپيءَ جي حامل آهي. نيپولين جي مخالف جي حيثيت ۾ ۲۳ سالن جي عمر ۾ پنهنجي آرامده صوفا تي ڪلاسيڪي شاهڪار انداز ۾ براجمان آهي. شپ آف فولس، فورسيزينس لبرٽي ليڊنگ دي پيپل ۽ پائولو ويرونير واري پينٽنگ ويڊنگ فيسٽ ايٽ ڪينا هن ونگ ۾ شامل آهن. هتي گهمندي ٿڪجڻ سان ساهي پٽڻ ۽ کاڌي پيتي لاءِ ٻه ڪيفي هڪ رچليو ۽ ٻي مارلِي موجود آهن. ٽاپ ڪاپي ميوزيم سسٽين چيپل، برٽش ميوزيم ۽ لنڊن ٽاور ۾ اندر ويهڻ لاءِ ڪو خاص بندوبست ٿيل ڪونهي پر هتي سياحن جي ويهڻ لاءِ تمام سهڻو بندوبست ٿيل آهي. هر هڪ هال ۾ تمام سٺا بئنچ پيل آهن، جن تي سَون جي تعداد ۾ سياح ويٺل نظر ايندا، هي عجائب گهر مٿي ڄاڻايل عجائب گهرن کان تمام وڏو عجائب گهر آهي.

Sunday, December 02, 2012

سنڌ جي ۽ ملائيشيا جي وڏيري ۾ فرق - الطاف شيخ

سنڌ جي ۽ ملائيشيا جي وڏيري ۾ فرق
الطاف شيخ
ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ملائيشيا جي ترقي ڏسي چيو: ”اسانجي سنڌ ۾ ترقي ان ڪري نٿي ٿئي، جو سنڌ ۾ وڏيرزم  (Feudalism) آهي“
”توهان جو ڇا خيال  آهي ته وڏيرا شاهي ملائيشيا ۾ نه آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”شايد نه آهي.“ هن جواب ڏنو.
”سڀ کان گهڻي آهي،“ مون کيس حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايو، ”ملائيشيا جي وڏيري جو ڪير مقابلو ڪري! ڳوٺ ڳوٺ ۾، شهر شهر ۾ وڏيري جو راڄ آهي، جيڪو پاڻ کي اُتم ۽ اُتاهون مڃرائڻ چاهي ٿو. ويندي هي سلطان جيڪي واري واري سان پنجن سالن لاءِ ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا، اهي ڇا آهن؟ هر هڪ پنهنجي رياست جو وڏيرو ته  آهي.“
”پوءِ ڀلا ملائيشيا به ترقي ڪري  پيو، ۽ اسان وٽ تباهي ڇو آهي؟ هتي جي ۽ اسان جي وڏيري ۾ فرق آهي ڇا؟“

شال سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن - عبدالمجيد مغيري


شال سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن....
عبدالمجيد مغيري
هاري نانءُ آهي ان عظيم هستي جو جيڪو صدين کان بکن ڏکن ۽ سورن ۾ زندگي جا ڏينهڙا گهاري، پنهنجو رت ست سڪائي پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي جياپي سک ۽ آرام لاءِ ڏينهن رات جيءَ سان جاکوڙ ڪري رهيو آهي. صدين کان سندس اها جاکوڙ جاري ساري آهي. سنڌ جي اهڙن محنت ڪندڙ محنتي مثالي هارين آبادگارن سان ڪجهه گهڙيون گڏ ويهي هڪ محبت واريون ڳالهيون ۽ پوکن جي پچار ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن پهرين مان حيدرآباد کان ضلع شهيد بينظير آباد جي مرڪزي مک شهر نوابشاهه ڏانهن روانو ٿيس.