يادگيرين جو حسين سفر
عظيم سنڌي
مهيني ٻن کانپوءِ ڪراچي اچڻ ضرور
ٿئي، سفر مورو ٽو ڪراچي اهو غريباڻو سفر ڪڏهن ڪئين ته ڪڏهن ڪيئن ٿي، موري مان نڪرڻ
مهل اهو سوچيندو آهيان ته ڇا اهو ساڳيو موري جو پرائمري اسڪول آهي جتي آءٌ به پڙهيو
آهيان، ان ساڳي اسڪول جو شاگرد ڪراچي جو مسلمانن ۾ نمبر ون ميئر بڻيو جنهن ڪراچي جي
خدمت ڪندي ايڏو وڏو مان مرتبو ماڻيو جو ٻيو ڪو به ماڻي نه سگهيو، اهو هوشيار، محنتي،
ايماندار ڪراچي جو وڪيل قاضي خدا بخش مورائي هو، هن پنهنجي لاءِ ڪا به ملڪيت نه ڇڏي،
سندس اولاد مان فقط قاضي نبي بخش زنده آهي، ڪيئن ٿو زندگي گذاري. اهو پتو نه آهي، خان
محمد پنهور معرفت هن سان سال 1974 ۾ ملاقات ٿي سا موري ۾ ٿي، وري نه ڏٺو اٿم، موري
جا قاضي موري جي سونهن هئا سڀئي جنم ڀومي ڇڏي گهڻي ڀاڱي ڪراچي پيا رهن مورو هنن کان
سواءِ اداس آهي.
هن دفعي ڪراچي جي سفر دوران روڊ
جي ٻنهي پاسي سنڌ جي واهڙ وسندين شهرن وڻن ٽڻن پوکن سان گڏ ماڻهن کي غور سان ڏسندو
سوچيندو پيو اچان 7-8 ميلن جي فاصلي تي اچي ويو شاهپور جهانيان جتي مخدوم حسن جهانيان
جو خوبصورت مقبرو، افسوس جو سيدن جي جهيڙي سبب اڃان زيارت لاءِ نه کليو آهي، بشير قريشي
شهيد کي به ان ڳالهه جو وڏو ڏک هو ته سڄي سنڌ ۾ منهنجي ميڙ منٿ قافلي کي جهانيان سائين
وارن سيدن مان نه ڏنو. هتي شگر جي وڏي مل النور شگر مل به آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي
متحرڪ شاخ به آهي، جنهن اسلم لغاري زنده رکيو
اچي. هن ئي مل ۾ خاڪي جوئي طويل نظم لکي.
دولت پور:- ڏاهري سردارن جو هي شهر
به ڏسڻ وٽان سنڌ جي جهونن شهرن منجهان هڪ آهي، وچ شهر ۾ نيشنل هاءِ وي سان ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي مشير مير متاري ڏاهري جي مزار به آهي جنهن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي
دهلي نادر شاهه ڏي ڳالهين لاءِ موڪليو هو، اڄ اهو مير متارو ڏاهري پير متن شاهه جي
نالي سان مشهور ۽ پڄائيندڙ پير آهي.
نواب ولي محمد:- ڪنهن وقت مشهور
ريلوي اسٽيشن هئي، هاڻ ته ريلوي اسٽيشن نه رهي آهي، پوءِ به ننڍڙو ئي سهي پر ڏاڍو دلڪش
شهر نيشنل هاءِ ويز سان ڏسڻ جهڙو آهي، هي شهر ميرن جي وزيراعظم نواب ولي محمد نالي
سان منسوب هي شهر سندس پوٽي نواب ولي محمد آباد ڪيو، جتي سندس جاگير هئي، جا سندس پوئينرن
گهڻي ڀاڱي وڪري ڪري ڇڏي، هن خاندان جو قابل احترام بزرگ نواب امداد علي پنهنجي وڏڙن
جي شهر سان محبت قائم رکيو اچي ته پنهنجي زمينداري به قائم رکيو اچي ته پنهنجي وڏڙن
جا قائم ڪيل ناتا به هن شهر جي ماڻهن سان نڀائيندو اچي. هي تاجپور جا نواب مير بهرام
خان مير صوبدار جي اولاد مان آهن، اڄڪلهه سندس مزاج فقيراڻو آهي، نواب امداد پنهنجي
خاندان ۽ ان جي تاريخ تي ڪتاب به لکندو اچي پاڻ هن قصيدي جي لکڻ ڪري هنڌ سنڌ ۾ وڏي
مشهوري ماڻي اٿس.
حسنين جي صدقي ڪا، باطن کي بهاري
ٿئي
ديدار ٿئي داتا، ڪا قلب قراري ٿئي
ڪل وهمن کان آجو، امداد لغاري ٿئي
اي ختم رسُل، مولائي ڪل، سامهون
جو بيٺا آهيون
جهڙا به آهيون، اوهان جا آهيون.
نواب ولي محمد ۾ وري هڪ ٻي عجب جهڙي
قبر آهي اها آهي ”شيطان جي قبر“ اهو شيطان مون به ڏٺو نالو هيس محمد رمضان ذات جو اوٺو
هيو، پورهيت مسڪين هارين جو همراهه، انهن جا مسئلا پنهنجي شاعريءَ ۾ جهر جهنگ پهچائڻ
۾ سندس نه وسارڻ جهڙو ڪردار شيطان بڻجي ويو، جنهن کي آمنا صدقنا چئي پاڻ کي شيطان فقير
سڏائيندو هيو، افسوس جو هن جي شاعري ڇپجي منظر عام تي نه اچي سگهي اڃا سنڌ شيطان فقير جي شاعري کان محروم آهي. سڪرنڊ ايندي کوڙ ساريون
يادون ذهن تي ڊوڙنديون رهيون. مان هن شهر ۾ P.T.V
قائم ٿيندي شيخ اياز جو انٽرويو ڏسڻ لاءِ مورو مان آيو هوس،
خاڪي جو مهمان ٿيس. هي شهر قومي تحريڪن جو شهر آهي، جتي امداد محمد شاهه، خاڪي جويو،
تاج جويو، مير محمد پيرزادو، سائل لاکو، عبدالرحمان منگيو، حاجي خان لاکو، ماڻڪ ملاح
۽ رحمت پيرزادو رهن ٿا. ساڳئي وقت ڪيترن ئي سنڌ جي سڄڻن جو شهر آهي، جن ساهه ڏئي ويساهه
ڏنو، جيئي جُنگ ۽ حمل فقير جا ميلا به هن شهر جو اهم باب آهن، خاڪي ۽ تاج سنڌ جي تاريخ
جا ٻه اهم هيرا آهن سندن ڊگهي جدوجهد کي سلام
هجي. خاڪي اڄڪلهه بيمار آهي دوستن کي وڏي مشڪل سان سڃاڻي ٿو، خاڪي الائي ڪنهن کي ياد
آهي الائي نه پر مان خاڪي کي نه وساري سگهندس.
نيو سعيد آباد جو شهر ويجهو ايندي
ئي، پوليس چوڪيءَ پٺاڻ خان راهو تي نظر پوندي. اهو پٺاڻ خان راهو سنڌ جي رعبدار پهلوان
گل شير راهو جو ڀاءُ هيو، سندس وڏو ڀاءُ پهرين جوڙ جو پهلوان هو ۽ پٺاڻ خان ٻئي جوڙ
جو سٺو پهلوان هو، پٺاڻ خان راهو ملهه ڇڏي پوليس جمعدار ٿيو، ڪراچي ۾ سنڌ دشمنن کيس
گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. سعيد آباد شيدي پهلوانن جو به شهر آهي. هن ئي شهر جو ملهه
ڀلائو شيدي عرف عبدالطيف تمام وڏن انگن اکرن
جو بادشاهه پهلوان هو بيمار هو، هن جي علاج واسطي ملهه ايسوسيئيشن گهڻيون رڙيون ڪيون
پر هو نواب شاهه اسپتال ۾ لکين پرستارن کي جدائي جو داغ ڏئي تڙپي تڙپي بنا علاج انتقال
ڪري ويو. مون کيس کوڙ درگاهن تي ملهه وڙهندي ڏٺو.
مونکي هن شهر جو استاد درزي پريل
حاجاڻو به ڏاڍو ياد آيو، پريل حاجاڻو ٿي سگهي ٿو، سعيد آباد جي ماڻهن کان وسري ويو
هجي پر مان ته اڃا هي ڪم سکيو ئي نه هيس ته هن استاد درزي جي واکاڻ ٻڌندو هيس. ملهه
جا وڏا اوڏا پهلوان ڳريون، وڏيون گهنجين واريون شلوارن ٺهرائڻ لاءِ پريل حاجاڻي جو
حاضريون ڀريندا هئا، هن استاد ڪاريگر جي جان تڏهن ڇٽي جڏهن هن پنهنجو شاگرد جمال ڀٽي
تيار ڪري موري موڪليو، جن جي وڏين شلوارن ٺاهڻ وارو رڪارڊ گم ٿيل تاريخي صفحن ۾ موجود
آهي.
سعيد آباد وڏي مشهوري پير آف جهنڊو
ڪري به ماڻي، جو هتي مولانا عبيدالله سنڌي نه رڳو رهيو پر هن ئي قائم ڪيل مدرسي ۾ ديني
تعليم ڏنائين، هاڻ سعيد آباد ڪراس ڪري هالا پهتس، هالا جتي جا اجرڪ، جندي جو هنر ڏاڍو
مشهور آهي، جتي شاعرن بزرگن جو سرواڻ مخدوم سرور نوح جو خوبصورت ڪشادو ۽ ڏسڻ جهڙو روضو
به آهي، ان روضي اندر مخدوم طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين فهيم به مدفن آهن. طالب الموليٰ
جو اهو شعر ياد اچي ويو، جو هن پنهنجي شهزادي پٽ مخدوم خليق الزمان کي ضيا الحق جي
سختين کي شينهن ٿي منهن ڏيڻ لاءِ دعا ڪارڻ
لکيو مخدوم خليق ۾ مخدوم وڏي جو ساهه هوندو هو
منهنجو
ته وار وار ٿو دم دم دعا ڪري
ڪوسو نه
لڳي واءُ، سڄڻ کي خدا ڪري.
هاڻي ته امين فهيم به ڪونهي جنهن
جو اسان موري وارن طوفان منعقد ڪيل 1972 ۾ سنڌي زبان قومي ڪنوينشن ۾ به اهو چيو هو
ته ”سج جي ڳل تي چماٽ هڻي به پنهنجي حصي جي روشني وٺبي.“ هو هميشه بينظير صاحبه سان
گڏ رهيو، ڪارساز ڌماڪي ٿيڻ وقت به ساڻس گڏ هو. پر الائي ڇو سڀ ڪجهه سمجهندي به دل جو ڳالهيون دل ۾ سانڍي هليو ويو.
سرڪار ڀٽائي وٽان گذرندي هميشه جيان
پري کان سندس اڇي نور ڀرئي روضي جو ديدار ٿيو ۽ استاد بخاري ياد اچي ويو
ڪراچي کان
ڪشمور مرڪز جو ٽٻڪو
ڀٽائيءَ
جو روضو، ڀٽائيءَ جو روضو
ڀٽ شاهه جو هر ميلو ياد اٿم ڇاڪاڻ
جوهر سال پهلوان غلام سرور جتوئي سان گڏ ملاکڙي ۾ شرڪت ۽ ادبي ڪانفرنس، راڳ سڀئي يادون
اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون ۽ لطيف جو هي شعر جو ڀٽ شاهه ڪراس ڪندي هميشه دعا طور پڙهندو
آهيان.
بندر جان
ڀئي، ته سکاڻيا مَ سُمهو
ڪپر ٿو
ڪن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي
ايڏو سور
سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا
مٽياري ۾ سخي هاشم شاهه جي ميلي
جو ديدار به کوڙ دفعا نصيب ٿيو. سائين زمان شاهه سان سندس بنگلي تي پهلوان غلام سرور
جتوئي سان گڏ يادگار ڪچهريون به ياد آيون، اڳتي لکيل بورڊ امداد شاهه روڊ، اهو مٽيارين
جو شهزادو شاهه، وري ايڪسڊنٽ ۾ شهيد ٿيو، ان ڪار ۾ ساڻس سيد قائم علي شاهه به حادثي
۾ زخمي ٿيو هو، رب سائين کيس ٿر جي ماڻهن ۽ سنڌ جي پورهيتن جي خدمت واسطي حياتي ڏني.
سيد قائم علي شاهه کي خدا ڊگهي عرصي تائين وزير اعليٰ جو منصب عطا ڪيو، جا خدمت ڪري
پيو. ان جي موٽ وري به سنڌ ۾ پ پ جي ڪاميابي آهي، جنهن تي شاهه صاحب ڏاڍو خوش آهي.
گهڙي کن لاءِ سوچيان پيو ته هن امداد علي شاهه ڄاموٽ روڊ واري هن شاهراهه تان گذرندڙ
کي ڇا خبر هوندي؟ اچي ويو غلام شاهه ڪلهوڙي جو قائم ڪيل شهر حيدرآباد غلام شاهه ڪلهوڙي
جي صحافي ڪالوني واري مقبري جي رحم جوڳي حالت به ڏسڻ جهڙي آهي، سندس ڀاءَ ميان عطر
خان زبيده ڪاليج اندر سيد عطن شاهه بخاري ٿي ويو، آزاد سنڌ جو آزاد حاڪم غلام شاهه
نيرون ڪوٽ کي حيدرآباد بنائي دنيا جو عطيه خوبصورت قلعو ٺهرايو، اهو سنڌ وانگر قبضي
۾ آهي. غلام شاهه ڪلهورو لطيف جي دعا سان گلان مان گل ٿيو، جنهن جي خوشبوءِ سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو، پاڻ به پنهنجو
نالو غلام شاهه پسند ڪيائين شاهه جو غلام ڪلهوڙو. شاهه سائين جو قدردان، پاڻ کٽ وجهي
خوبصورت مقبري جي تعمير ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائين، هن کان وڌيڪ غلام شاهه لاءِ ڪهڙو ڪريڊٽ
ٿي سگهي ٿو جو بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي، مولانا غلام محمد گرامي، سندس صحن ۾ دفن ڪرڻ
جي وصيعت ڪئي، سبحان الله سبحان الله سنڌ ڪيڏي نه سٺي آهي اها ماءُ جيجل اسان کي ڪيڏي
نه مٺي آهي، وري وري پڇو ان کان جنهن سڄي سنڌ ڪارونجهر کان ڪيٽي، ڪشمور، گورک، ڪاڇي،
منڇر، لاڙ ۽ سري تائين گهمي ڏٺي آهي.