ملائيشيا
جو بدنام پُودو جيل
الطاف شيخ
ڪراچيءَ ۾ ئي هوس ته مون ڏينهن
ٻن لاءِ ملاڪا وڃڻ جو پڻ سوچيو. ملائيشيا جو تاريخي شهر ملاڪا ڪوالالمپور کان 90
ڪلوميٽر کن ڏکڻ ۾ آهي، جتي جي هڪ تعليمي اداري ۾ مون گذريل صديءَ جو اسي وارو ڏهو
پڙهايو. دراصل ملائيشيا جو شهر ملاڪا ائين آهي، جيئن اسان جو لاهور يا ٺٽو. ڪوالالمپور وغيره ائين آهي جيئن اسان جو اسلام آباد. اڄ کان ڏيڍ سؤ کن سال اڳ جي
دفن ڪيل انسان کي توهان اٿاري جي اسلام آباد يا ڪوالالمپور جو پڇندائو ته هو وائڙو
ٿي ويندو ته هي ڪهڙي شهر جي ڳالهه پيا ڪريو. جهڙيءَ طرح فقط ستر سال اڳ وفات ڪري
ويل همراهه کي پاڪستان جي خبر نه هوندي، تيئن هڪ دفن ٿيل ملئي کي ملائيشيا جي ۽ هڪ
ايراني کي ايران جي نه هوندي، جو هن جي زندگي ۾ اهي ملڪ ملائيشيا ۽ ايران نه پر
ملايا ۽ پارس (پرشن) هئا.
صدين تائين هن خطي جو ملاڪا هڪ
اهم شهر، بندرگاهه ۽ گاديءَ جو هنڌ هو. ملايا (يعني اڄ واري مغربي ملائيشيا) تي
سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊچن، پورچوگالين توڙي انگريزن ملاڪا کي قبضي ۾ ٿي ڪيو. اڄ به
انهن پراڻين سلطنتن جون جايون، قلعا، نشان ملاڪا ۾ موجود آهن. وقت سان گڏ پاڻي جا
جهاز وڏا ۽ انجڻين وارا ٿيندا ويا ۽ جيئن انڊيا ۾ سورت (گجرات) جهڙا بندرگاهه
ويران ٿيندا ويا ۽ ممبئي جهڙا اونها ۽ ويڪرا بندرگاهه وڌيڪ مشهور ٿيندا ويا تيئن
هيڏانهن به ملاڪا جون اهي رونقون ختم ٿينديون ويون، ان جي جاءِ تي پينانگ، سنگاپور
۽ پورٽ ڪلانگ بندرگاهه وڌيڪ پاپولر ٿيڻ لڳا. ان سان گڏ انهن شهرن (بندرگاهن) جو
واپار وڙو وڌڻ لڳو ۽ پوءِ دولت به انهن شهرن ۾ اچي وئي. ڇو جو گذريل صديءَ جي اڌ
تائين شهرن ۽ ملڪن جي ترقيءَ جو دارومدار سمنڊ ۽ بحري جهازن تي هو. مسلمانن ۽ ان
بعد يورپين پنهنجي سامونڊي طاقتن ڪري اسپين ۽ آفريڪا فتح ڪيو، انڊيا، انڊونيشيا،
ملايا ۽ موزمبق تي قبضو ڪيو.
1968ع کان 1980ع تائين جهاز
هلائڻ دوران جيتوڻيڪ منهنجو هن پاسي اچڻ ٿيندو رهيو پر اسان جا جهاز وڏا هجڻ ڪري
ملاڪا بندرگاهه ۾ نٿي بيهي سگهيا. اسان هميشه ملاڪا بدران ملائيشيا جي ٻين
بندرگاهن پورٽ ڪلانگ، پينانگ يا ’جوهور بارو‘ ۾ لنگر ڪيرائيندا هئاسين جتان
پوءِ باءِ روڊ ملاڪا به گهمي ويندا هئاسين. هڪ دفعي ته اسان جو جهاز
پينانگ ۾ هو ته به ملاڪا جو سير ڪري وياسين ۽ پوءِ 1991ع تائين ڏهاڪو کن سال ملاڪا
۾ رهي پيس، جتي ملائيشيا جي حڪومت پنهنجن نوجوانن کي جهازراني (Navigation) ۽ جهازسازي Ship
Construction) ۽ (Naval Architecture جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ مئريٽائيم اڪيڊمي (Akedmi Laut Malaysia) نالي کولي ۽ مون کي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو انچارج بنايو ويو.
مون سان گڏ ٻين به مختلف ملڪن جي جهازن جا مئرين انجنيئر ۽ ڪئپٽن هئا. جهاز هلائڻ
دوران ئي ملئي زبان جي ڄاڻ ٿيڻ ڪري ملاڪا ۾ رهائش دوران مون کي يا منهنجي فئملي کي
مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ سان اوپرائپ محسوس نه ٿي. اهڙي طرح چٽگانگ ۾ تعليم دوران
بنگالي سکڻ ڪري اتي به مون کي مڪاني ماڻهن سان گڏ رهڻ ۾ پنهنجائپ جو احساس ٿيو ٿي. ان ڪري ولايت ۾ نوڪري ڪندڙن کي آئون هميشه اها نصيحت ڪندو آهيان ته توهان جو ڪنهن
ملڪ ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ ٿئي ٿو ته ان جي مڪاني زبان ضرور سکي وٺو. ان سان توهان
جي زندگي آسان ٿي پوندي ۽ ڌارئين ملڪ ۾ توهان کي بوريت يا ڌاريائپ جو احساس نه
ٿيندو. خاص ڪري فارسي، عربي، جپاني ۽ ملئي ته اهڙيون آسان ۽ اهم ٻوليون آهن جو
ڪيترن ئي ڀر وارن ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ سندن لکڻي به سولي آهي. ۽ جي توهان
سالن جا سال جهاز تي رهڻ جو ارادو رکو ٿا ته پوءِ انگريزي کان علاوه عربي ضرور سکو
۽ اسپيني ۽ فرينچ زبانن مان ڪا هڪ پڻ توهان لاءِ فائدي واري ثابت ٿي سگهي ٿي، جو
جتي عرب ملڪن ۾ عربي هلي ٿي، اتي ڏکڻ آمريڪا کان USA جي ڏاکڻين رياستن تائين اسپيني هلي ٿي. آفريڪا جي
ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي بعد ٻئي نمبر تي مشهور ۽ عام زبان فرينچ آهي.
ڪوالالمپور پهچڻ سان پنهنجي ميزبان علي سولنگي کي ٻڌايم ته ٻن ڏينهن
بعد آئون ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر وٽ ملاڪا وڃڻ چاهيان ٿو. ڊاڪٽر عطا ڪافي سالن کان
ملاڪا ۾ رهي ٿو، جنهن سان مون ڪراچيءَ
مان ئي پروگرام ٺاهيو هو. هو مون کي ملاڪا وٺي اچڻ لاءِ ڪوالالمپور اچي رهيو هو. ساڳئي وقت عليءَ به نٿي چاهيو ته آئون ڪو اڪيلو بس ۾ وڃان. هونءَ ملائيشيا جا روڊ
۽ ٽريفڪ جو مزاج ايڏو سٺو آهي جو جڏهن آئون ملاڪا رهندو هوس ته آئون به پنهنجي
مهمانن کي ڪار ۾ وٺي ايندو هوس جو هتي ڊرائيونگ ۾ ٿڪ نٿو ٿئي. مون کي پنهنجي ملڪ
جي ماڻهن کي هي شهر ملاڪا ڏيکارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. دوستن ۽ مائٽن کان علاوه
ڪنهن شاعر، اديب، سياستدان جو ڪوالالمپور ۾ اچڻ جو ٻڌندو هوس ته هن کي صبح جو وڃي
وٺي ايندو هوس ۽ سڄو ڏينهن شهر گهمائڻ بعد شام جو واپس ڪوالالمپور ڇڏي ايندو هوس. شاگردن جي ”فئملي هاسٽل“ هجڻ ڪري مون وٽ رهائش جو به مسئلو نه هوندو هو. ڪجهه اهڙا
مهمان جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن: هم چئنل جي مالڪ ۽PTV جي سابقه پروڊيوسر سلطانا صديقي، سنڌيءَ جي مشهور ڪهاڻيڪاره ماهتاب
محبوب، پيپلز پارٽيءَ جي پروين راڄپر، پي آءِ اي جو اسرار شاهه، پاڪستان ايمبسي جو
ارشاد عباسي، مشهور سنگر عالمگير ۽ بينجمن سسٽرز، اي اين جي عباسي ۽ سندن ڀاءُ
اعجاز نبي عباسي... وغيره وغيره.
علي سولنگي ۽ ڊاڪٽر عطا ٽالپر کي چيم ته توهان کي بلڪل تڪليف نه
ٿيندي، پر مون کي اڪيلو ۽ آزاد ڇڏي ڏيو ته بس ۾ سفر جو تجربو حاصل ڪريان ۽ سفر
دوران بس ۾ سوار ڪجهه مسافرن سان خبرچار به ڪريان. هونءَ به سکر کان جيڪب آباد يا
ٽنڊوڄام کان جهڏو ويندي ڀلجي سگهان ٿو جو ان پاسي ڪڏهن وڃڻ جو موقعو نه ٿيو آهي،
پر هن پاسي جي ڳوٺ ڳوٺ کان واقف آهيان. ملاڪا ۽ ڀر وارين رياستن نيگري سيمبيلان ۽
جوهور جي ڪنهن به واهڻ وستي تي ڇڏيندين ته اچي گهران نڪرندس ۽ مڪاني زبان ۽ کاڌن
پيتن کان به واقف ۽ عادي آهيان، سو مون کي فقط بس اسٽاپ تي ڦٽو ڪري اچ ته پوءِ
آئون پاڻهي ڏکڻ ڏي هليو ويندس.
ملائيشيا ۾ بس
اسٽاپن يا روڊن جو گهڻو ڪري ڏکڻ- اتر وارو سسٽم آهي. ڪوالالمپور تقريباً وچ تي
آهي، جتان هڪڙيون بسون اتر ڏي: ڪئالا ڪنگسار، پينانگ، الور اسٽار ۽ اڃان اڳيان
ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر هاديائي تائين وڃن ٿيون ۽ ڏکڻ ڏي سريمبان، تمپن،
ڪئانتان، ملاڪا، جاسين، باتو پهات، موئر، ڪوٽا ٽنگي ۽ جوهر تائين وڃن ٿيون ۽ ڪي
بسون ته جوهور بارو شهر بعد سامونڊي پل (Cause way) ٽپي مسافرن کي
سنگاپور پهچائين ٿيون. يعني توهان بس يا ٽرين ذريعي سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ
جي آخري ڪنڊ تائين اچي وڃي سگهو ٿا. بس اسٽاپن جي لحاظ کان ڪوالالمپور ائين آهي
جيئن اسان وٽ ملتان جتان ڪجهه بسون اتر طرف فيصل آباد، جهنگ، سرگوڌا، لاهور، پنڊي،
پشاور ڏي وڃن ٿيون ته ٻيون ڏکڻ طرف بهاولپور رحيم يار خان، سکر، نوابشاهه،
حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏي وڃن ٿيون.
سالن کان
ڪوالالمپور ۾ پُودو علائقي وارو بس اسٽاپ مشهور آهي. توهان کي سڄي ملڪ جي ماڻهن ۽
انهن جي ويس وڳن ۽ خبرن چارن جو احوال لهڻو آهي ته ملائيشيا ۾ ’پودو بس اسٽاپ‘
جهڙن بس اسٽاپن تي وڃي ويهو. آئون ته ملاڪا، جوهور بارو ۽ اپوح جهڙن شهرن ۾ به
واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ اتي جي بس اسٽاپن جي ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ وڃي چانهه پيئندو هوس ۽
مختلف مسافرن سان خبرچار ڪندو رهيس ٿي. ايئرپورٽن تي ته وري به امير ۽ پُرتڪلف
ماڻهو هجڻ ڪري ايڏو فري ٿي نٿا ڳالهائين، پر هنن بس اسٽاپن تي ملئي، چيني، تامل،
سک شهري توڙي ڳوٺاڻا توهان سان اهڙو رلي ملي ويندا ڄڻ پهرين جا سڃاڻا هجن. ويتر جي
توهان کي مڪاني زبان اچي ٿي ته پوءِ ته توهان هنن جي ڪچهري مان اڃا به وڌيڪ محظوظ
ٿي سگهو ٿا. اهڙن مسافرن مان ڪيترائي ملئي، سک، چيني ۽ تامل منهنجا وڏو عرصو دوست
رهيا، جن مان مون ڪيترن جي زندگيءَ جون دلچسپ ڪهاڻيون پنهنجن ملائيشيا وارن
شروعاتي سفرنامن ۾ لکيون آهن.
ڪوالالمپور جو
پُودو وارو علائقو شهر جو مرڪزي علائقو ئي آهي، جيئن ڪراچي جو صدر يا گرومندر وارو
علائقو. هن علائقي مان جيڪو اهم روڊ گذري ٿو ان جو نالو به پُودو روڊ آهي، جيڪو
ملئي زبان ۾ ”جالان پُودو“ سڏجي ٿو. ملئي لفظ Jalan جي معنيٰ ”هلڻ“ به
آهي ته ”شاهراهه“ به آهي. رستي تي لڳل روڊن جي نالن جي بورڊن تي گهڻو ڪري Jalan بدران ان جو شارٽ
فارم "Jln" لکيل
رهي ٿو. ڪوالالمپور جو جامع مسجد وارو هنڌ مرڪزي هنڌ آهي، جتي اتر طرف کان ايندڙ
ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملي هڪ ٿي اڳتي ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. هتي ’جالان
راجا لائوت‘ ۽ ’جالان تئانڪو عبدالرحمان‘ رستن کي ’جالان تُن پيراق‘ رستو ڪراس ڪري
ٿو، جيڪو اڳيان هلي جالان پودو سڏرائي ٿو. هن روڊ تي ”رعيت پلازه“ وٽ هندو مندر ۽
عيسائين جي سينٽ ائنٿوني چرچ جي وچ ۾ هي مشهور پودو بس ۽ ٽئڪسي اسٽاپ آهي.
ڪوالالمپور شهر جو
هي ”پُودو“ نالي علائقو پُودو جيل ڪري مشهور ٿيو. انگريزن جي ٺهرايل هن هڪ سؤ سالن
کان جهوني جيل کي هاڻ ميوزيم بنايو ويو آهي. جيل ۾ موجود قيدين کي ڀروارن شهرن
ڪجانگ ۽ سنگائي بولوح جي جيلن ۾ اماڻيو ويو. ڪوالالمپور مان لنگهڻ وقت هن جيل وٽان
ائين گذر ٿيندو هو، جيئن ڪراچي ۾ پراڻي سبزي منڊي وٽان لنگهندي جيل روڊ وٽان هرهڪ
جو لنگهه ٿئي ٿو. هي پودو جيل لنگهندڙن جي نظرن جو مرڪز ان ڪري به رهيو ٿي جو هن
جي ڀتين تي دنيا جي سڀ کان وڏي چترڪاري (Mural) ٺهيل آهي، جيڪا جيل
جي قيدين ٺاهي هئي. ڀتين تي هي نقش نگار ٺاهڻ ۾ هنن کي 2000 لٽر رنگ روغن جا
استعمال ڪرڻا پيا ۽ سڄو سال لڳي ويو. اها ڳالهه گنيز بڪ آف رڪارڊس ۾ به شايع ٿي
هئي ته اها دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڀت تي ٺهيل پينٽنگ (Mural) آهي. سندس ڊيگهه 860 فٽ ۽ ويڪر 14 فٽ آهي.
ڏوهارين کي سزا ڏيڻ
لاءِ انگريزن هي جيل 1891ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو. جنهن هنڌ تي ٺهرايو ويو، اهو هڪ
چينين جو ڦٽل قبرستان هو ۽ چوڌاري گهاٽو جهنگل هو، جنهن ۾ جانور هلندا رهيا ٿي. انگريز سرڪار قيدين کان اهي جهنگل صاف ڪرائي هي جيل ٺهرايو، جنهن ۾ چار سال لڳي
ويا. هي جيل ’جالان پودو‘ ۽ ’جالان هنگ تئا‘ روڊن جي ميلاپ وٽ آهي. سؤ سالن بعد
1996ع ۾ هن جيل کي ختم ڪري ميوزيم ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي عام ماڻهو اندران ڏسي
سگهي ٿو ته ڪيئن ۽ ڪٿي قيدين کي ڦاهي ڏني وئي ٿي، ڪٿي Caning ڪئي وئي ٿي. عوام
جي ڏسڻ لاءِ قيدين کي بند رکڻ واريون ڪجهه کوليون به ڇڏيون ويون آهن، جيڪي سخت
اونداهيون آهن ۽ منجهن فقط بوٽن جي دٻي جيڏي هڪڙي هڪڙي دري آهي. تازو هن سال جيل
جي ٻاهرين ڀت کي ڊاٺو ويو آهي، جنهن تي دنيا جي وڏي چتر (مورت) ٺهيل هئي. ماڻهن
ڪافي احتجاج ڪيو، پر حڪومت هن جيل کي تاريخي حيثيت ڏئي رکڻ بدران ان جي زمين تي
رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽ ٺاهي ٿي جو هوءَ نٿي چاهي ته پودو جيل قائم رکيو وڃي، جنهن
سان هن ملڪ ۽ ماڻهن جون ناخوشگوار يادون وابسته آهن. ياد رهي ته هن جيل اندر
انگريزن ڪيترن ئي قوم پرستن کي ڦاهيون ڏنيون ۽ جپاني قبضي دوران ڪيترائي انگريز ۽
مڪاني چيني ماڻهو ساڙيا ويا، جن جو تعداد هزارن ۾ چيو وڃي ٿو. ملڪ کي آزادي ملڻ
بعد 1960ع کان 1993ع تائين 180 ڏوهارين کي ڦاهي آئي، خاص ڪري ڊرگ (هيروئن، چرس،
آفيم، گانجي) جي سمگلرن کي.
هتي اهو به لکندو
هلان ته 1980ع کان ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن نشي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۾
نشي جي شين جو استعمال، وڪرو ڪرڻ، رکڻ يا ٻين کي پهچائڻ وغيره جي سزا ڦاهي مقرر
ڪئي ۽ ان ڏينهن کان هنن ملڪن جون حڪومتون ان تي سختيءَ سان عمل ڪن ٿيون. مون کي
ياد آهي ته اسان جي ملائيشيا ۾ نوڪري وارن ڏينهن (1987) ۾ به آسٽريلوي ٽوئرسٽن
وٽان سندن واپرائڻ لاءِ دُڪو ٻه چرس مليو ته انهن کي به بخش نه ڪيو ويو. ايتريقدر
جو آسٽريليا جو وزيراعظم هَلي مَلي ڪوالالمپور اچي معافي ورتي ته به مهاتير چيو ته
اسان کي قانون مطابق هلڻو آهي ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي کين هن پودو جيل ۾ ڦاهي
ڏيڻ بعد انهن جا لاش سندن ملڪ موڪليا ويا. هيءَ ڳالهه فقط ان ڪري لکي رهيو آهيان
ته جيئن اسان جي ماڻهن کي ڄاڻ رهي، خاص ڪري انهن معصوم ماڻهن کي جيڪي اڻڄاڻائيءَ ۾
ٻين جو سامان کڻي اچن ٿا، جن مان ان قسم جو سامان نڪرڻ تي هنن بي گناهن کي موت جي
سزا ملي ٿي. ايتريقدر جو هڪ اهڙو به واقعو ٿيو جو هڪ ٽوال کڻي ايندڙ کي ڦاهي اچي
وئي، جو اهو ٽوال چرس، هيروئن يا ڪنهن اهڙي ڊرگ جي سالوشن ۾ پسائي ان کي سڪائڻ بعد
هن مسافر کي ڏنو ويو هو. ان ڪري هن پاسي جي ملڪن جي ماڻهن کي ننڍي هوندي کان اهو
سبق ڏنو وڃي ٿو ته نشي جهڙيون شيون واپرايو ته نه پر ڪنهن ٻئي جي شيءِ يا سامان به
پاڻ وٽ نه جهليو، جو ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪا نشي جي شيءِ لڪل هجي ۽ توهان کي زندگي
تان هٿ کڻڻو پوي.
پودو جيل جي بهترين
نظاري لاءِ مونو ريل جي سواري ڪجي. هي جيل هنگ تئا ۽ ايمبي (Imbi) ريل
اسٽيشن جي وچ ۾ صاف نظر اچي ٿو. پودو جيل لاءِ مشهور آهي ته هن ۾ غيبات رهي ٿي. ڪيترن جو چوڻ آهي ته هنن کي هڪ انڊين ماڻهو جيل جي هالن ۾ واڪ ڪندي نظر اچي ٿو ۽
پوءِ ڪنڊ وٽ پهچڻ سان غائب ٿيو وڃي. اڄ به ڪيترن کي جيل جي انهن ڪمرن مان رڙين جا
آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ ڏوهارين کي ڦاسي ڏني ويندي هئي ۽ جيل جا ڪجهه حصا ٻين کان
وڌيڪ ٿڌا آهن. ڪجهه ان قسم جي ڪهاڻي انگريز ليکڪ رسل ليءَ پنهنجي ڪتاب "True
Singapore Ghost Stories" ۾ پڻ ڏني آهي.
هن جيل بابت اهو به
مشهور آهي ته 1895ع ۾ جيئن ئي ٺهي راس ٿيو ۽ قيدين کي رکيو ويو ته ٽن چئن مهينن
بعد هنن ۾ ڪالرا پکڙجي وئي ۽ اٽڪل چار پنج سؤ قيدي مري ويا هئا. بعد ۾ خبر پيئي ته
اتي چينين جي قبرستان جي آڳاٽي ڊٺل کوهه مان پاڻي پيئڻ ڪري اها بيماري پليگ جي
صورت ۾ پکڙي هئي.
No comments:
Post a Comment