ھڪ گائيڊ سان مديني جي زيارت
مديني شريف ۾ رھڻ دوران ماڻھن جو نمازن دوران مسجد نبوي
۾ وڃڻ ٿئي ٿو. ان کانپوءِ ماڻھن جو رخ زيارتن ڏي رھي ٿو يا گھر لاءِ کجور ۽ ٻيون
سوکڙيون وٺڻ لاءِ مارڪيٽ ڏي ڀڄن ٿا. مسجد نبوي مان نڪرڻ وقت شارع عبدالعزيز تي
ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ وئگنيون حاجين کي مختلف ھنڌن تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار رھن ٿيون،
خاص ڪري مسجد قبا ڏي ڊرائيور جي رڙ پئي پوندي آھي: ”زياره زياره“.
مڪي وانگر مديني ۾ به ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مذھبي يادگار
۽ ڀلاريون شيون آھن، جن کي ھرھڪ ماڻھو جيڪو مديني تائين پھچي ٿو. ڏسڻ چاھي ٿو. ڇو ته
اھي چند ميلن تي آھن ۽ ڪيترا وئگنن وارا ته پنج ريال في ماڻھو ڀاڙي تي به خوش ٿي
وٺي ھليا ھليا ٿي. منهنجو عرب دوست ھر وقت فون تي اھا تاڪيد ڪندو ھو ته مديني ۾
رھڻ دوران مختلف زيارتون ضرور ڏسان ”حضور ﷺ جن پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن مديني ۾
گذاريا، ان ڪري مسجد سان سندس ڪيتريون ئي يادون وابسته آھن. جنگي جايون، مسجدون،
کوهه،جبل وغيره وغيره“. ھن ٻڌايو.
مون پنهنجي گروپ جي ليڊر سان ڳالهه ڪئي ته جيڪڏھن ھو سڄي
گروپ کي وٺي ھلڻ جو بندوبست ڪري ته سٺو، نه ته آئون پنهنجي منهن ھليو وڃان.
”منهنجو
ھڪ سڃاڻو، قاري محمد اشرف ھتي رھي ٿو، اھو ھر سال اسان جي گروپ کي مختلف زيارتون
ڪرائيندو آھي. ھن مون سان ڳالھايو آھي ۽ سڀاڻي صبح جو نيرن بعد پاڻ کي مختلف جاين
تي وٺي ھلندو“. گروپ ليڊر ٻڌايو.
ٻئي ڏينهن اٺين بجي ڌاري صبح جو سواءِ چند ماڻھن جي جيڪي
مديني شريف ۾ ڪيترا دفعا اچي چڪا ھئا، اسان جي گروپ جا باقي ٽيھارو کن ماڻھو مقرر
ڪيل رستي ۽ ھنڌ تي اچي بيٺاسين. ھو صحيح وقت تي ھڪ وڏي بس ۾ اچي اتي پھتو، جنهن ۾
مائيڪ سسٽم به ھو، بلڪه بهترين سسٽم ھو، جو سڄي بس ۾ ھرهنڌ پورو پنو ۽ صاف آواز آيو
ٿي ۽ ماشاءَ الله مون به دنيا جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي
Guided Tours ڪيون
آھن ۽ گائيڊ ڏٺا آھن پر ھي اسان جو گائيڊ قاري محمد اشرف صاحب انهن سڀني ۾ Best نه ته چند بهترين
Guides مان
ھڪ چئي سگھجي ٿو. ھن کي ايڏي پرئڪٽس ھئي، جو صحيح ھنڌ تي صحيح ڳالهه ٻڌائيندو
ھليو. کيس ھر ڳالهه جي بهترين ڄاڻ ھئي ۽ ھرھڪ ھن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ٿي، جيڪا
شيءِ ڏيکاريائين ٿي، انجو تفصيل اڳواٽ ٻڌائين ٿي ۽ پوءِ ان ھنڌ پھچڻ تي ھيٺ لاھي چڱي
طرح گھمايو ٿي. سندن فون نمبر 8383464 مون نوٽ ڪري ڇڏيو ۽ مدينو شريف ڇڏڻ کان اڳ
مون ھن قاري صاحب سان ملڻ چاھيو ٿي پر افسوس جو وقت جي کوٽ ڪري نه ملي سگھيس. مديني جون مختلف زيارتون ڪرڻ لاءِ پڙھندڙ کي ھن قاري محمد اشرف جو نالو ضرور Suggest ڪندس ته ھو گروپ جي شڪل ۾ ھن سان گڏ گھمڻ وڃن.
اسان کي مسجد نبوي وٽان ڦيرائي وٺي ھليو، جتي مسجد غمامه،
مسجد ابي بڪر صديق، مسجد عمر بن خطاب ۽ مسجد علي ھڪ جھڳٽي جي صورت ۾ ھڪ ئي ھنڌ آھن.
مسجد غمامه تي اھو نالو ڇو پيو ۽ اھا ۽ ٻيون مسجدون ڪڏھن ٺھيون وغيره. اھو سڀ ڪجهه
ھو ٻڌائيندو ھليو، جن مان ڪجهه ڳالھيون الڳ چيپٽر ۾ انهن شين جي عنوانن ھيٺ لکيون
اٿم.
اھي مسجدون ڏيکارڻ بعد مسجد قبا (اسلام جي پھرين مسجد) ڏيکارڻ
لاءِ ھليو. رستي تي ھڪ ھنڌ ترڪن جي حڪومت جي يادگار ريل گاڏي ڏيکاريائين، جيڪا ان
وقت شام ۽ اردن تائين ويندي ھئي، جتان پوءِ اڳتي ترڪي ويندي ھئي، سعودي حڪومت پڻ
اڄڪل ريل گاڏي ھلائڻ تي غور ڪري رھي آھي.
مسجد قبا بعد مسجد قبلتين ۽ مسجد جمعة وٺي آيو. ھر ھنڌ
نفل نماز ادا ڪندا رھياسين. مسجد قبا ۾ ته تمام گھڻي رش ھئي. خاص ڪري انڊونيشي،
ملئي ۽ اسان جا پاڪستاني ڏاڍا ھئا. ٻيا به ھئا جو ھن مسجد ۾ زائرين جي روزانو وڏي
رش رھي ٿي. ڪيترا ماڻھو ته ھر روز بس ذريعي ايندا رھن ٿا. سڌو ھتي پھچن ٿا ۽ نماز
پڙھي موٽن ٿا.
مسجد قبا جي ٻاھران ڪيترائي يمني، سوڊاني، عرب ۽
پاڪستاني مختلف قسمن جي کجي، ڪتل، تسبيحون، منڊين جا ٻڙا ۽ سرمو وڪڻي رھيا ھئا. اسان جي گروپ جي ھڪ ٻن ڄڻن تازي کجي ورتي ۽ گھر اچي ريفريجريٽر ۾ فريز ڪري رکي. مون سمجھيو ته ھو ڪي بيوقوف آھن پرھي سٽون لکڻ وقت اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ،
خيرپور جي شوڪت جماڻي ٻڌايو ته واقعي تازي پڪل کجور فريز ڪرڻ سان سواد يا Shape نٿي بدلائي پر انب، گدرو، ڇانهين يا ٽماٽووغيره Freeze ٿيڻ کانپوءِ نارمل ٽيمپريچر تي اصل حالت ۾ نه ٿو اچي.
مٿين مسجدن بعد قاري صاحب اسان کي جبل اُحد ڏي وٺي آيو.
مديني ۾ به مڪي شريف وانگر رستا ڪجهه اھڙا ٺهيل آهن (Construction جي خيال کان به ته Network جي خيال کان به) جو نه گاڏي ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ نه وري ڊگھا
رستا اختيار ڪرڻا پون ٿا. ماڊرن شھرن وانگر، جيئن سنگاپور، ڪوالالمپور جھڙن شهرن ۾
Ring
Roads ٺاھي ڇڏيا اٿن، تيئن ھتي پڻ آھن ۽ ھتي ته اڃا به وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيا آھن،
جو مڪي توڙي مديني ۾ شھر جو وچ حرم شريف آھي. بلڪه اڄ کان 14 سئو سال اڳ کان وٺي
شھر حرم شريف جي چوڌاري وڌي پيو.
ھتي مديني منوره جو، جي مثال وٺجي ته مسجد نبوي کي Centre وچ وٺي ھڪ ميل جي Radius جو گول چڪر ٺاھجي ته
اھو فيصل بن عبدالعزيز روڊ ملن ۽ پوءِ ان
Inner ring ۾ پھچي ٻاھر جو ڪو به رستو اختيار
ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ٻئي روڊ Ring
road امير
عبدالله روڊ سان وڃي ٿو ملي. ڊرائيورن جي سھولت لاءِ انهن ٻن گول ڦرندڙ رستن جي وچ
۾ ھڪ ٽيون رستو Middle Ring Road به آھي، جنهن جو
نالو الامير عبدالمجيد روڊ آھي. اندرين ڇليدار روڊ(Ring
Road) جي وچ تي مسجد نبوي آھي پر چوڌاري البقيع جو سڄو علائقو بني خدرہ،
النقا، المناختة، بضاعتة
۽ الحرم وارو علائقو اچي وڃي ٿو ۽ ان جي اندرين ڇلي کان ٻاھر جبل سلع آھي،
جنهن جي ڀرسان شارع السيح وٽ خندق جي لڙائي لڳي ۽ اتي ست مسجدون آھن. ان جي مٿان
ٻاھرين Ring ۾
المستراحم الاول ۽ حرات واقم جو علائقو آھي ۽ انهن جي ٻاھران، شارع عبدالله بن
جبير وٽ اھو ھنڌ آھي، جتي احد جي جنگ ۾ مسلمان شھيد ٿيا ھئا. ھتي بس ۾ لھي احد جبل
ڏٺوسين، ڪجهه نوجوان جبل تي مٿي به چڙھي ويا، ٻيا ھيٺان بيھي اڄ کان ڏيڍ ھزار کن
سال اڳ جي ھي جنگ تصور ڪندا رھيا، جنهن ۾ تعداد
۾ گھٽ پر وڏو جذبو ۽ جوش رکندڙ مسلمانن اسلام خاطر دشمنن جو مقابلو ڪيو.
اھا جاءِ جتان تير اندازن دشمنن تي تيرن جي بارش ڪئي. ھي اھي ھنڌ آھن، جتي اسان جي
نبي ڪريم ﷺ اصحاب سڳورن جا قدم پيا. اڄ اھي شيون اسان جي اکين اڳيان آھن، جيڪي
اسان ننڍي ھوندي ڪتابن ۾ پڙھيون. ھي جبل، ھي غارون ۽ ھي مسجدون، جبلن سان ته ھي
دنيا جو گولو ڀريو پيو آھي پر اسان مسلمانن لاءِ ھي ”جبل احد“ وڏي اھميت رکي ٿو. آئون
ھن کي غور سان ڏسان ٿو ۽ ڏسندو ئي رھان ٿو. سامھون ھڪ شيدي (آفريڪن) مٿي تي وڏو
کارو ڪتل جي دٻين جو ڀري اسان جي گروپ ڏي وڌي ٿو. ڏاڍي بک لڳي ھئي. دل چيو ته ھڪ
دٻي وٺي کائجي پر ٻيا وٺن ته آئون به وٺان. ھو سڌو منهنجي اڳيان اچي بيٺو ۽ مون کي
مٿي تان کارو لاھڻ لاءِ ھٿ وجھڻ جو اشارو ڪيو. دل ۾ چيو ته ھي سمجھي ويو آھي ته سڀ
کان گھڻي بک مون کي لڳي آھي. ھن مون ڏي ھڪ پاڪيٽ وڌايو. ان ئي وقت خيال آيم ته گھٽ
۾ گھٽ ڀر ۾ بيٺل حافط سعيد لاءِ ته وٺان، سو آڱرين جي اشاري سان چيومانس ته مو ن
کي ٻه کپن. ھن مون کي ٻيو پاڪيٽ به ڏنو. پئسن لاءِ کيسي ۾ ھٿ وڌم ته اشارو ڪري پري
بيٺل ھڪ ھمراهه لاءِ ٻڌايو ته ھي ان طرفان گفٽ آھي. ھن ٻنهي ھٿن ۾ ڏھاڪو کن پاڪيٽ
کڻي ٿورو اڳيان بيٺل گروپ جي ٻين ماڻھن کي آفر ڪيو پر ڪنهن نه ورتو. خبر ناھي ڇو. مون سمجھيو شايد کين ڪتل پسند نه آھي. بهرحال بس ھلڻ واري ھئي. سڀ بس ۾ اچي
چڙھياسين. اسان پاڪيٽ کولي ڪتل کائڻ لڳاسين ته ھرھڪ گھرڻ لڳو. حافظ سعيد کي چيم ته
يار ھي پنهنجي گروپ جا به عجيب آھن. ھو منٿون پيو ڪري ته ھن کان مفت ۾ به نه ٿا
وٺن ۽ اسان بکايلن جي ھڪ ھڪ پاڪيٽ ۾ به اچي حصا پتيون ڪيون اٿن.
”ڇا مفت ۾
پيو ڏئي؟“
”تڏھن ٻيو
وري ڇا“. مون وراڻيومانس.
”يار پوءِ
ته وارو ڪريو. اڃا اتي ئي بيٺو آھي. ڊرائيور! ٿورو ٻه منٽ اڃا ترسجانءِ“.
۽ پوءِ ھڪ
پويان ٻه چار ٻيا به لھي پيا ۽ ھرھڪ ٻه ٻه
ٽي ٽي پاڪيٽ وٺي آيو. ايتري ۾ جوس جي دٻن وارو چڙھيو ۽ ھرھڪ کي دٻو دٻو جوس جو ڏئي
ويو. بس اڳتي ھلي ته رستي تي بيٺلن کي ڏٺم ته ھرھڪ ماڻھو جي ھٿ ۾ ڪتل جو دٻو ھو ۽
اھي ماڻھو ھزارين نه ته سوين ضرور ھوندا. خبر ناھي ته ھو ڪير سخي مرد ھو، جنهن
اسان کي کارايو. الله شل خوش رکيس. وڏي پئسي ۽ وڏي دل وارو ھوندو. رڳو وڏي پئسي
وارو يا رڳو وڏي دل وارو، ڪير پنجين ريال وارو ڪتل جو دٻو ۽ ھڪ ھڪ ريال وارو جوس
جو دٻو پرديس ۾ ڏيندو.
جبل احد کانپوءِ يا شايد اڳ حضرت سلمان فارسيءَ رضه جو
باغ به ڏٺوسين. ھي اھو کجين جو باغ آھي، جيڪو حضور اڪرم ﷺ جن ۽ اصحاب سڳورن پوکي،
حضرت سلمان فارسي رضه جھڙي نيڪ غلام کي آزاد ڪيو. سندس ذڪر ڌار چئپٽر ۾ ڪريان ٿو.
ھي سلمان فارسي ئي ھو، جنهن خندق جي لڙائي ۾ دشمنن جا ڏند کٽا ڪرڻ لاءِ خندق کوٽڻ
جي آئيڊيا ڏنا ھئي.
ٻه چار ٻيون پراڻيون مسجدون جن جي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽
ھرھڪ حاجي مديني ۾ رھائش دوران انهن جي زيارت ڪري سگھي ٿو. ھن ريت آھن.
مسجد ابي ذر
ھي مسجد ”مسجد نبوي“ جي اتراھين پاسي اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر
پنڌ تي آھي. ھن جي موجوده عمارت سعودي دور ۾ تعمير ٿي. ھن مسجد جو تاريخي نالو
مسجد سجده آھي، جنهن جي بنياد تي حضرت عبدالرحمان بن عوف رضه کان روايت آھي ته
حضور اڪرم ﷺ جن ھن جاءِ تي تمام ڊگھو سجدو ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ سجدي مان سر مٿي کنيو
ته خوشخبري ٻڌائي ته جبرائيل عليه السلام، الله تعاليٰ جو پيغام آندو آھي ته ”جيڪو
پاڻ ڪريم ﷺ جن تي درود و سلام موڪليندو، الله تعاليٰ ان تي رحمت ۽ سلامتي نازل
فرمائيندو. ان عنايت تي مون شڪراني جو سجدو ادا ڪيو“.
مسجد اجابہ
صحيح مسلم ۾ آھي ته نبي اڪرم ﷺ جن ھن مسجد ۾ دعا گھري ۽
فرمايو: ”مون پنهنجي رب کان ٽي دعائون گھريون، جن مان فقط ٻه قبول ٿيون آھن. مون
دعا گھري ته منهنجي امت ڏڪار کان تباهه نه ٿئي ۽ ٻيوته منهنجي امت غرق ٿي تباهه نه
ٿئي. ھي ٻئي دعائون قبول ٿي ويون. ٽي دعا ھي ھئي ته منهنجي امت پنهنجين لڙاين
جھڳڙن کان محفوظ رھي. اھا قبول نه ٿي.
ھي مسجد (اجابہ) مسجد بقيع کان اڌ کن ڪلوميٽر پري شارع
ستين جي ڪناري تي آھي.
مسجد سقيا
ريلوي اسٽيشن جي چوديواري اندر آھي. ھن جا ٽي گنبذ ترڪن
جي دور حڪومت جا آھن. جڏھن حضور اڪرم ﷺ جن جنگ بدر لاءِ روانا ٿيا ته ھن ميدان تي
ترسيا ھئا ۽ سقيا نالي کوھ تان وضو ڪري نماز اداڪئي ھئائون. اھل مدينه جي لاءِ
برڪت جي دعا گھريائون ۽ لشڪر جي جوڙجڪ ڪيائون. حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ ھتي حضرت
عباس بن عبدالمطلب رضه جي طفيل دعا استسقاءَ ڪئي وئي.
مسجد ميقات
مدينه منوره کان 10 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھي مديني
منوره کان مڪي معظمه ويندڙن لاءِ ميقات آھي. حضور اڪرم ﷺ جن مڪي شريف کان ويندي يا
اتان موٽندي وقت ھتي ترسندا ھئا. سعودي حڪومت ھن مسجد کي وڏي ڪري ٺھرائي آھي، جنهن
۾ ھڪ ئي وقت پنج ھزار ماڻھو نماز پڙھي سگھن ٿا. ھن مسجد جو گنبذ 28 ميٽر اتاھون آھي
۽ منارو 64 ميٽر بلند آھي.
ڪجهه اھم کوهه
سعودي عرب جيڪو رڻ پٽ ۽ بيابان آھي، جتي تمام گھڻي گرمي
ٿئي ٿي. جتي ھماليه ڪراڪرم جھڙو ڪو برفاني جبل ناھي، جنهن جي اونهاري ۾ برف ڳري ڪا
سنڌو ڪا گنگا ڪا جمنا ندي ٿي وھي. جتي نه مينهن پوي ٿو، جنهن ڪري ملائيشيا،
انڊونيشيا وانگر نديون وھي نڪرن نه يورپ جھڙو
Soft Soil آھي،
جتان پاڻي ڇڪي ڪڍجي. چوڌاري ٽامي جھڙا لسا ۽ ٺوڙھا جبل آھن ۽ اڏامندڙ واري آھي.
اھڙي ھنڌ تي کوهه کوٽڻ ۽ ان بعد پاڻي جو ھجڻ وڏي ڳالهه آھي. پاڻي جو قدر ڪو عربن
کان پڇي. يعني اڄ جي ان عرب کان نه جنهن جي محل نما گھر ۾ سئمنگ پول آھي ۽ ھو ھر
وقت سئٽزرلينڊ ۽ ترڪي کان امپورٽيڊ باٽلڊ واٽر پيئي ٿو پر گذريل زماني جي عرب کي
پاڻي جو قدر ھو. ھن لاءِ پاڻي جو چشمو يا کوهه لائيٽ ھائوس مثال ھو. جنهن لاءِ ھر
جھاز آتو ھوندو آھي. زندگي اتي ھوندي ھئي، جتي ڪو کوهه يا چشمو ھوندو ھو. رونق اتي
ھوندي ھئي، جتي پاڻي ھوندو ھو، پري پري جي کوھن ۽ چشمن کان عربن جو ٻچو ٻچو واقف
ھوندو ھو. اسان جي گائيڊ قاري محمد اشرف صاحب مسجد قبا ۽ مسجد قبلتين وٽ ھڪ ٻه اھم
تاريخي کوهه پڻ ڏيکاريا. کوهه کي عربي ۾ بئر يا بير سڏجي ٿو.
بئر اريس يا بئر الخاتم
ھي کوهه مسجد قبا جي مغرب ۾ مسجد جي صدر دروازي کان پنجاهه
کن وکن تي آھي.
صحيح مسلم ۾ بيان آھي ته ھڪ ڏينهن حضور اڪرم ﷺ حضرت عمر
بن خطاب رضه اتان اچي نڪتا ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڀر ۾ ٿي ويٺا، پوءِ جڏھن حضرت
عثمان ابن عفان رضه اتي پھتو ته ھنن ٽنهي جي ڀر ۾ جاءِ نه ڏسي ھنن جي سامھون ٿي
ويٺو. تڏھن ان جاءِ تي حضور اڪرم ﷺ جن ھنن ٽنهي حضرات کي جنت الفردوس ۾ جاءِ حاصل
ڪرڻ جي ضمانت ڏني ھئي.
ان کان علاوه قاري صاحب ٻڌايو حضور ﷺ جن وٽ ھڪ منڊي ھئي،
جيڪا بعد ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي ملي. ان کانپوءِ حضرت عثمان رضه ھن کوهه تي
ويٺو ھو ته اھا منڊي سندس آڱر مان نڪري وڃي. ھن کوهه ۾ پيئي. ھنن ٽي ڏينهن لڳاتار
ھن کوهه اندر منڊي جي ڳولا ڪرائي پر نه ملي سگھي. ان ڏينهن کانپوءِ ھن کوهه جو
نالو بئرالخاتم (يعني منڊيءَ وارو کوهه) پئجي ويو. نه ته ھن کوهه کي اصل نالي بئر
اريس سان سڏبو ھو. اريس يھودي نالو آھي. ڪلاسيڪي عربي ۾ بقول علي حافظ جي اريس جي
معنيٰ ”ھاري“ آھي. ھن کوهه کي بئرالنبي به سڏين ٿا.
بئر حاءَ
ھي کوهه مسجد نبوي جي ڀر ۾ آھي. ھي کوهه ھن وقت به موجود
آھي. ان ۾ ھڪ پمپ به لڳل آھي پر ھاڻ اھو ڪارآمد نه آھي.
ابو طلحه ابن سھل رضه مديني منوره جي انصارين ۾ سڀ کان
گھڻو مالدار شخص ھو. ھي کوهه ان جي ملڪيت ھوندو ھو. حضور اڪرم ﷺ جن ھن کوهه جو
پاڻي پيئندا ھئا.
جڏھن قرآن ڪريم ۾ آيت نازل ٿي، جنهن ۾ مالدار ماڻھن کي
غريبن، مسڪينن جي مدد ڪرڻ لاءِ ھدايت ھئي ته ابو طلحه اھو کوهه پنهنجن سئوٽن ابي
ابن ڪعب رضه ۽ حسان بن ثابت رضه کي عنايت ڪري ڇڏيو.
بئر الغرس
ھي کوهه مسجد قبا ۾ اوڀر ۾ اڌ ميل جي فاصلي تي آھي ۽
کجين جي وڻن سان وڪوڙيل آھي. ابن ماجه حضرت علي رضه ابن ابي طالب جي حوالي سان
بيان ڪيو آھي ته رسول الله ﷺ فرمايو: ”منهنجي انتقال کانپوءِ مون کي بئر الغرس جي
پاڻي سان ڀريل ستن پخالن سان غسل ڏنو وڃي“.
بئر الرومه (عثمان رضه)
ھي کوهه ھڪ يھودي جي ملڪيت ھو، جيڪو مسلمانن کي پئسن تي
پاڻي وڪڻندو ھو. حضرت عثمان بن عفان رضه ھن کان اھو کوهه ويهه ھزار درھم ۾ خريد
ڪري سڀني جي پيئڻ لاءِ مفت ڪري ڇڏيو.
ھي کوهه مسجد ذوالقبلتين جي اتر ۾ ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي
وادي العقيق جي وچ ۾ آھي.
مساجد سبعہ
اسان کي انهن مختلف شين جون زيارت ڪرائڻ وارو گائيڊ قاري
محمد اشرف آخر ۾ ان جاءِ تي وٺي آيو، جتي خندق جي لڙائي لاءِ مسلمانن جي لشڪر
مديني شھر جي بچاءَ لاءِ اونهي کاھي کوٽي ھئي ۽ جتي ھڪ ئي ھنڌ تي ست مسجدون آھن. جيڪي مساجد سبعہ سڏجن ٿيون. ھي مسجدون سلع جبل جي قدمن ۾ ھڪ ٻئي جي ويجھو ويجھو آھن. ھنن جا نالا ھن ريت آھن. مسجد فتح، مسجد سلمان فارسي، مسجد علي، مسجد عمر، مسجد سعد
بن معاذ ۽ مسجد ابوبڪر.
ھجرت جي پنجين سال 627ع ۾ شوال جي مھيني ۾ مسلمانن ۽ مڪي
جي مشرڪن ۾ جنگ لڳي، جنهن کي جنگ خندق يا ”جنگ احزاب“ به سڏين ٿا. مسلمانن کي خبر
پئجي وئي ته مڪي جا قريش جن جي فوج ڏهه ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي. اھي مديني اچي
مسلمانن تي حملو ڪرڻ وارا آھن ۽ ھن جنگ ۾ ھنن سان مديني جا يھودي ۽ مڪي جا ڪيترائي
قبيلا مليل آھن. حضور اڪرم ﷺ جن کي جيئن ئي دشمن جي چال جي خبر پيئي ته دفاع جو
سوچڻ لڳا. مسلمانن جي ھڪ معزز صحابي جنهن جو نالو ”روزبه مھيار“ ھو، جنهن کي عام
مسلمان ”سلمان فارسي رضه“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا، تنهن حضور اڪرم ﷺ جن کي ٻڌايو ته
عجم ۾ ڪنهن قلعي يا شھر جو دفاع ڪرڻ لاءِ ھن جي چوڌاري کاھي (خندق) کوٽي وئي ھئي،
پر ھي کاھي اونهي ۽ ويڪري ھجڻ کپي، جيئن دشمن جو پيادو يا گھوڙو ان کي ٽپي نه سگھي.
سلمان فارسي رضه خلوص نيت سان حضور اڪرم ﷺ جن جو پرستار
ھو. ھو ھڪ نيڪ انسان ۽ سچو مومن ھو، جيئن ئي ھن خندق کوٽڻ جي تجويز پيش ڪئي ته
پيغمبر اسلام ﷺ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سوچڻ ۾ ته اھا ڳالهه آسان لڳي ٿي پر دشمن جي حملي کان
محفوظ رھڻ لاءِ ايڏي وڏي خندق کوٽڻ اھڙو سولو ڪم به نه ھو پر اسلام جا سچا شيدائي
ڏينهن رات ان ۾ لڳي و يا ۽ اھو، دنيا جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي، جنهن کي اڄ جي ماڊرن
دور ۾ به مڃيو وڃي ٿو ۽ مسلمانن جي ھمت جي تعريف ڪئي وڃي ٿي. اھا خندق شيخين نالي
جاءِ کان وٺي قبا جي ويجھو تائين اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر کوٽي وئي. ان جي اونهائي ٽي ميٽر،
يعني ڏيڍ ماڻھو جيتري اونهي رکي وئي، جيئن جيڪو ان ۾ ڪري ته پنهنجي زور تي ٻاھر نه
نڪري سگھي ۽ خندق جون ڀتيون سڌيون ٺاھيون ويون. پاسيرين ڀتين تي کاھي ۾ ڪريل ٻاھر
نڪري سگھي ٿو يا کاھي پار ڪري سگھي ٿو، کاھيءَ جي ويڪر به اٽڪل ايتري (3 ميٽر کن) رکي وئي، جيئن ڪو گھوڙي سوار ان کي ٽپي نه سگھي.
ھن کاھي (خندق) جي کوٽائي لاءِ ڏهه ماڻھن جا دستا ٺاھيا
ويا ھئا، جن کي روزانو ھڪ مقر ڊيگهه کوٽڻي پئي ٿي. حضور ﷺ جن به ٻين سان گڏ ڪم ۾
مشغول رھيا. ڪڏھن ڪوڏر ھلائڻي پئي ٿي ته ڪڏھن مٽي ڍوئيائون ٿي. ھڪ ڏينهن ته حضرت
ابوبڪر صديق رضه ۽ عمر بن خطاب رضه جن کي مٽي ڍوئڻ لاءِ ڪا ڇٻي يا ٽوڪري نه ملي ته
قميص جي جھول ۾ مٽي ڍوئڻ لڳا ۽ جنهن بي مثال تعاون، يڪجھتي ۽ امداد باھمي سان
مسلمان ڪم ڪري رھيا ھئا ۽ پنهنجي ليڊر پيغمبر اسلام ﷺ جو حڪم خوشي سان مڃي رھيا
ھئا. ان جو مثال قديم دنيا جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آھي. دور حاضر ۾ به اھڙو مثال ”لينن
گراڊ“ جي ماڻھن جو ڏئي سگھجي ٿو، جيڪي ٻي عالمگير لڙائي دوران پنهنجي شھر مان نڪري
آيا ۽ عورتون توڙي مرد خندق کوٽڻ ۾ جنبي ويا ۽ پنهنجي شھر کي بچائي ورتو.
بهرحال مڪي جي فوج اھڙي موقعي تي مديني پھتي، جڏھن کاھي
(خندق) کوٽجي چڪي ھئي ۽ سڀ مسلمان ھٿيارن سان شھر جي حفاظت لاءِ بيقرار بيٺا ھئا. مشرڪن ـ جن ان ڏينهن تائين خندق نه ڏٺي ھئي، سي پنهنجي اڳيان ايڏي اونهي ۽ ويڪري
کاھي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. ابوسفيان سندن ليڊر ھو. اھو به ڇا ٿي ڪري سگھيو. نيٺ
تنبو ھڻي ويھي رھيا. ھڪ ٻن پاڻ کي پھلوان سمجھي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر موت نصيب
ٿين. تنبن ۾ رھي رھي سندن راشن ختم ٿي ويا ۽ موسم به ٿڌي ٿيڻ لڳي ۽ رات جي ٿڌ
برداشت ڪرڻ ھنن لاءِ مشڪل ٿي پيو ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن اھڙي اچي ٿڌ ٿي ۽ طوفان لڳو جو
سندن تنبو اڏامي ويا ۽ ھرھڪ مڪي ڏي وٺي ڀڳو ۽ مسلمانن جي سوڀ ٿي.
خندق جي کوٽائي دوران ۽ دشمنن جي گھيري وقت مسلمان مختلف
ٽولن ۾ پنهنجي پنهنجي حد ۾ نماز پڙھندا رھيا ۽ ھي اھي مسجدون انهن ڏينهن جي ياد آھن.
مسجد الفتح، جيڪا ٿورو مٿانهين تي آھي، اتي اسان کي اسان جو گائيڊ قاري صاحب وٺي
ھليو. ”ھي اھا جاءِ آھي، جتي دل سان گھريل دعا قبول ٿئي ٿي“. قاري محمد اشرف ٻڌايو.
حضرت امام احمد بن حنبل رضه جابر بن عبدالله رضه کان ھڪ
حديث روايت ڪئي آھي ته رسول الله ﷺ جن ھن مسجد ۾ ٽي ڏينهن دشمن جي فوجن جي شڪست لاءِ
دعا فرمائي. ٽئي ڏينهن الله تعاليٰ سندن دعا قبول ڪئي. جابر رضه جو چوڻ آھي ته ان
ڏينهن کانپوءِ ھن کي ڪا به يا مھم پيش آئي ٿي ته ھن مسجد الفتح ۾ حاضر ٿي ان ڪم لاءِ
دعا گھري ٿي. مسجد الفتح جا ٻيا به نالا آھن: مسجد الاحزاب ۽ مسجد الاعلي.
جنگ خندق جي ڏينهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن الفتح مسجد جي ڀر
وارين چئن مسجدن، مسجد سلمان فارسي، مسجد علي ابن ابي طالب، مسجد ابوبڪر صديق ۽
مسجد غير مسميٰ ۾ پڻ نمازون ادا ڪيون آھن. ھنن ننڍڙين مسجدن جو ذڪر مسلمان تاريخ
نويس ابن نجار پڻ 1245ع ۾ ڪيو آھي پر انهن جا نالا نه لکيا اٿس.
ابن بطوطه، مسلمان سياح، پڻ ھن مسجدن جو ذڪر پنهنجي
سفرنامي ۾ ڪيو آھي، جڏھن ھو 1324ع ۾ مديني آيو ھو، پر ھن به ھنن مسجدن جو تفصيل نه
لکيو آھي.
جنگ خندق جي ڏينهن ۾ ھتي ڪي مسجدون اڏيون نه ويون ھيون،
رڳو نماز پڙھڻ لاءِ ميدان جا ٽڪرا ھئا، خندق جي جنگ کانپوءِ به ڪيترا سال ائين ئي
پٽ ھو. جنهن جي چوڌاري پٿرن جا نشان ھئا. پوءِ مسجد الفتح حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏينهن
۾ ئي ٺاھي وئي، جيڪا سڀ ۾ اھم ۽ مٿانهين ليول تي سلع جبل جي چوٽي تي آھي. ھڪ عرب
ليکڪ محمد ڪريم بيبانيءَ جو سعودي عرب جي ھڪ انگريزي اخبار (شايد عرب نيوز)"Site of Battle of Trench" عنوان ھيٺ ھڪ مضمون پڙھيو ھوم، جنهن ۾ ھن لکيو آھي ته ھن مسجد جو نالو ”مسجد
الفتح“ قرآن مجيد جي ”سورة الفتح“ تان پيو، جيڪا حضور اڪرم ﷺ جن تي ھن ھنڌ تي لٿي
۽ اھو نالو ان ڪري به پيو، جو حضور اڪرم ﷺ جن ھن جنگ جي فتح لاءِ دعا ھن مسجد ۾
گھري ھئي.
حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏينهن ۾ ھي مسجد ڪاٺ جي ٿنڀن ۽ پامن
جي شاخن ذريعي ٺاھي وئي ۽ پوءِ 707ع ۾ عمر بن عبدالعزيز ھن کي وري 1179ع ۾ سيف دين
حسين ابن ابوھائتا ٺھرايو ۽ پوءِ مسجد جا ٿنڀا ڪرڻ تي سلطان عبدالمجيد اول اھي
ٿنڀا ٺھرايا ۽ ھاڻ بادشاهه فھد ان مسجد جي مرمت ڪرائي آھي.
”سلمان
فارسي مسجد“ فارسي نالي آھي ۽ مسجد الفتح جي قدمن وٽ آھي. سلمان فارسي مسجد کي اڄ
جي صورت ۾ عمر بن عبدالعزيز ڏني. ان بعد مسجد الفتح سان گڏ 1181ع ۾ سيف الدين بن
ابوھائتا ھن مسجدجي مرمت ڪرائي.
ابوبڪر مسجد به گھڻو پوءِ ٺھرائي وئي ۽ ان بعد عمر بن
خطاب مسجد ٺھي. ننڍڙي فاطمه زھرا مسجد ھاڻ ويجھڙائي ۾ ٺھرايل لڳي ٿي، جنهن جو ڪنهن
به پراڻي مسلمان سياح ذڪر نه ڪيو آھي.
No comments:
Post a Comment