Friday, February 03, 2012

احرام، حج عمرو ۽ ميقات - الطاف شيخ


احرام، حج عمرو ۽ ميقات
 الطاف شيخ
احرام
احرام جي معنى آھي حرام ڪرڻ. حاجي جڏھن حج يا عمري جي نيت ڪري ٿو ۽ تلبيھ پڙھي ٿو ته ھن تي ڪجهه شيون حرام ٿيو وڃن، جيڪي ھونءَ جيتوڻيڪ حلال آھن. مثال طور: خوشبوءِ لڳائڻ، مٿو ڍڪڻ، ننھ ڪترڻ، جانورن يا پکين جو شڪار ڪرڻ وغيره وغيره. ساڳي وقت احرام انهن سفيد اڻ سبيل چادرن کي به چئجي ٿو، جن کي حاجي احرام جي حالت ۾ استعمال ڪن ٿا. انهن مان ھڪ چادر گوڏ طور استعمال ڪجي ٿي ته ٻي جسم جو مٿيون حصو ڍڪڻ لاءِ احرام جي حالت ۾ ڪوبه سبيل ڪپڙو سٿڻ قميص، پتلون پجامو، گنجي سئيٽر، جئڪيٽ ڪوٽ، ڪڇو جوراب پائي نٿو سگھجي. پيرن جو مٿيون حصو، جيڪو ٽنگ سان ملي ٿو، اگھاڙو رکڻو آھي. ان ڪري پيرن ۾ پائڻ لاءِ ھوائي قسم جو ٻن پٽن وارو اسپنج جو چپل مناسب شيءِ آھي.


احرام جي حالت ۾ عورتون سبيل ڪپڙا پائي سگھن ٿيون. انهن مٿان عبا يا وڏي چادر اوڍين ۽ رومال سان مٿي کي چڱي طرح ڍڪين، جيئن ھڪ به وار نظر نه اچي. ھنن کي پنهنجو منهن کليل رکڻ کپي. جيڪڏھن ڪٿي پڙدو ڪرڻو آھي ته ڪپڙو اھڙي طرح منهن اڳيان لڙڪائين يا رکن، جيئن منهن کي نه لڳي بهرحال ان بابت وڌيڪ تفصيل ته احرام جي حالت ۾ ڪھڙين شين کان پري رھجي. عورت جي ناپاڪ ھجي ته ھن کي ڇا ڪرڻ کپي. وغيره، ”ڪتاب الحج“ نالي ڪتابن مان معلوم ٿي سگھي ٿو. ھن قسم جي دعائن ۽ طريقن جا ڪتاب نه فقط بازار ۾ عام ملن ٿا پر حج تي ويندڙن کي ڪيترائي ادارا ۽ ڪمپنيون، خير جو ڪم سمجھي ڏين ٿا. جدي ايئرپورٽ تي به سعودي حڪومت طرفان ملن ٿا. ان کان علاوه جنهن عالم، مولوي مفتي کان توھان جي دل چاھي پڇي سگھو ٿا.
احرام (يعني سفيد لٺي، ٽوال يا ڪنهن ٻي ڪپڙي جون چادرون) ٻڌڻ ۽ عمري يا حج جي نيت ڪرڻ بعد ٽي دفعا تلبيھ پڙھيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ھر تبديليءَ وقت تلبيھ پڙھڻ ضروري آھي. مثال طور: سمھندي، جاڳندي، اٿندي ويھندي، بلندي تي چڙھندي، ڪنهن سواري ۾ سوار ٿيندي، لھندي پڙھي وڃي ٿي.
لغت جي حساب سان تلبيھ جي معنى آھي، ڪنهن جي سڏ کي قبول ڪرڻ ۽ حاضر ٿين. الله تعالى پنهنجي رحمت سان پنهنجن ٻانهن کي جو سڏرايو آھي ٻانهي جي طرف کان ھيءَ تلبيھ ”لبيڪ اللھم لبيڪ...“ ان ڏس جو جواب ۽ حاضريءَ جو اعلان آھي.
ھر ھڪ حاجيءَ لاءِ ضروري آھي ته ھو تلبيھ برزبان ياد رکي:
لَبيڪَ اَللھُم لَبيڪَ
لَبيڪَ لاشَريڪَ لَڪَ لَبَيڪَ
انَ الحَمدَ واَلَنعمَة لَڪَ وَالمُلڪَ
لاَ شَرِيڪَ لَڪَ
”آئون حاضر آھيان، يا الله آئون حاضر آھيان،
آئون حاضر آھيان، تنهنجو ڪو شريڪ ناھي، آئون حاضر آھيان.
بيشڪ سڀني تعريفون ۽ نعمتون تنهنجي لاءِ آھن ۽ ملڪ پڻ،
تنهنجو ڪو شريڪ ناھي.
حج ۽ عمري ۾ فرق
حج ۽ عمرو زندگيءَ ۾ فقط ھڪ دفعو فرض آھي، جيئن حديث صحيح ۾ رسول الله ﷺ جو ارشاد آھي: ”حج ھڪ دفعو فرض آھي. ھڪ کان وڌيڪ دفعا ڪرڻ تي اھو نفل آھي.
عمر کي ننڍو حج به سڏجي ٿو. عمرو ڪڏھن به ڪري سگھجي ٿو، سواءِ حج جي پنجن ڏينهن جي. عمري جا ھي فرائض آھن:
1. ميقات يا حل (حرم جي حدن کان ٻاھر واري جاءِ) کان احرام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھڻ.
2. خانه ڪعبه جو طواف ڪرڻ.
3. صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا) ڪرڻ.
ان بعد مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ٺوڙهه ڪرائڻ واجب آھي ۽ ان کانپوءِ توھان احرام وارين پابندين کان آزاد ٿيو وڃو ۽ احرام (ٻه چادرون جن سان توھان جسم کي ڍڪيو آھي) لاھي عام ڪپڙا پائي سگھو ٿا.
حج 9 ھجريءَ ۾ فرض ٿيو. ان ئي سال رسول الله ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه جن کي امير الحجاج ٺاھي ان سان گڏ سو کن اصحابين جو ٽولو حج جي قافلي لاءِ موڪليو. ياد رھي ته ان کان اڳ بيت الله کي حضرت ابراھيم عليه السلام جي ڏينهن کان وٺي ڪافرن توڙي وحدانيت ۾ يقين رکڻ وارن الله جو گھر سمجھيو ٿي. حضور صلعم جن جي ولادت واري سال ۾ جڏھن يمن کان اتي جو سردار ابرھ ڪعبي تي حملي لاءِ وڏو لشڪر وٺي آيو ھو، تڏھن به ڪعبي جي سنڀال ڪندڙ سردار عبدالمطلب ۽ ٻين سردارن الله کان دعا گھري ته، ”تون ئي ھن گھر جو مالڪ آھين، تون ئي پنهنجي گھر کي بچاءِ.“ جيتوڻيڪ ظاھري طرح ته ھنن بتن جي پوڄا ڪئي ٿي، جيڪي ھنن ڪعبي ۾ رکيا ھئا. انهن مان ڪجهه لات، عزا جھڙن نالن وارا بت ته وڏي ڌاڪ وارا سمجھيا ويا ٿي پر ان ھوندي به مشڪل وقت تي ھنن ھڪ الله کان ئي مدد گھري ٿي. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ماڻھو ھر سال عربستان جي ڪنڊڪڙڇ کان مڪي ۾ حج لاءِ آيا ٿي ۽ ڪعبي جي چوڌاري طواف به ڪيائون ٿي پر اھا ٻي ڳالهه آھي ته ھنن پنهنجن پنهنجن طريقن سان طواف ۽ حج ڪيو ٿي.
حج جو صحيح طريقو حضور ﷺ جن پاڻ ڏھين ھجريءَ ۾ ٻڌايو. جڏھن پاڻ ڪريم ﷺ جن ھڪ لک کان مٿي اصحابي سڳورن جو ٽولو ساڻ وٺي حج تي نڪتا ھئا. حضور صلعم جن جو اھو پھريون ۽ آخري حج ھو. ان حج کي حجته الوداع به سڏجي ٿو.
حج اسلام جي پنجن بنيادي رڪنن مان ھڪ اھم رڪن آھي. جنهن کي الله تعالى پنهنجن ٻانهن تي سڄي عمر ۾ ھڪ دفعو ادا ڪرڻ فرض قرار ڏنو آھي. پر ان لاءِ به ڪجهه شرط آھن ۽ حج فقط ان لاءِ فرض آھي، جيڪو:
1. مسلمان ھجي.
2. عاقل ھجي. يعني ھوش حواس صحيح ھجنس. دماغي طرھ ناچاق (Mentally retarded) يا ديوانو نه ھجي.
3. آزاد ھجي. ڪنهن جو غلام يا قيد وغيره ۾ نه ھجي.
4. پئسي وارو ھجي. يعني پنهنجي اھل عيال جي خرچ پکي ڪڍڻ کانپوءِ به ھن وٽ ايترو پئسو ھجي جو ھو سولائيءَ سان حج جو خرچ ادا ڪري سگھي.
5. تندرست ھجي ـ معذور نه ھجي.
ان کان علاوه اھو به ضروري آھي ته مڪي شريف پھچڻ تائين امن وارو رستو ھجي. جيڪڏھن رستي تي بدامني آھي، جان ۽ مال جي ضايع ٿيڻ جو وڏو خطرو آھي ته پوءِ اھڙي حالت ۾ حج فرض نه آھي.
عورت لاءِ جيئن ته محرم بنا سفر ڪرڻ شرعي طرح حرام آھي ان ڪري ھن تي حج ان وقت فرض ٿئي ٿو، جڏھن ھن سان گڏ ڪو محرم حج ڪرڻ وارو ھجي، پوءِ اھو محرم چاھي پنهنجي خرچ سان حج ڪري رھيو ھجي يا عورت ان جو خرچ برداشت ڪري. محرم مڙس يا وري اھو جنهن سان نڪاح ھميشه لاءِ حرام آھي ـ مثال طور: پيءُ، ڀاءُ، چاچو، مامو وغيره.
حج جا دراصل ٽي قسم آھن: افراد، قرآن ۽ تمتع.
·                    افراد حج ان طريقي کي سڏجي ٿو، جنهن ۾ فقط حج لاءِ احرام ٻڌو وڃي. حج لاءِ آيل ھن احرام ۾ عمرو نٿا ڪن. ھو فقط حج ئي ڪن ٿا.
·                    قرآن حج اھو طريقو آھي جنهن ۾ حج تي آيل ماڻھو عمري ۽ حج لاءِ ھڪ ئي وقت احرام ٻڌن ٿا. ھي حج خاص ڪري سعودي عرب ۾ رھندڙ يا اوسي پاسي جي ويجھن ملڪن جا رھاڪو ڪن ٿا. ھي ماڻھو حج جا ڏينهن شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ احرام جي حالت ۾ مڪي شريف پھچن ٿا. پھرين عمرو ڪن ٿا. جنهن ۾ ھو عمري جي فرائض: طواف (خانه ڪعبي جي چوڌاري ست چڪر) ڪن ٿا ۽ پوءِ سعي (صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست ڦيرا) ڪن ٿا. ان بعد ٻين وانگر احرام مان نڪرڻ لاءِ وار نٿا ڪوڙائين. ھو احرام ۾ ئي رھن ٿا ۽ حج جو اتنظار ڪن ٿا. حج ڪرڻ بعد، يعني منى، عرفات، مزدلفه مان ٿي اچڻ بعد وار ڪوڙائي پوءِ احرام جي حالت مان نڪرن ٿا. مطلب اھو ته عمرو ڪرڻ بعد جيسين حج نٿو ڪري، تيسين ھو احرام ۾ ئي رھي ٿو.
ڪڏھن ڪڏھن ته ڪيترائي قرآن حج ڪرڻ وارا حاجي حج کان ھفتو ٻه يا مھينو کن اڳ به پھچيو وڃن ۽ ھو ايترا ڏينهن احرام جي حالت ۾ ئي رھن. ان دوران احرام جو ڪپڙو (چادرون) ميرو ٿئي ٿو يا ناپاڪ ٿئي ٿو ته ان کي بدلائي سگھي ٿو پر ھن تي احرام واريون سڀ پابنديون حج ڪرڻ تائين لاڳو رھن ٿيون.
·                    تمتع حج
اسان پاڪستان جا يا ھن پاسي جي ملڪن (انڊيا، سريلنڪا، بنگلاديش، ملائيشيا وغيره) جا تمتع حج ئي ڪريون ٿا. ھن طريقي موجب ميقات کان يا ان کان اڳ (پنهنجي گھران يا ڪراچي ايئرپورٽ تان) احرام ٻڌي ٻه رڪعتون نماز نفل پڙھي عمري جي نيت ڪري تلبيھ پڙھڻ شروع ڪريون ٿا. مڪي پھچي عمرو ادا ڪري (يعني طواف ۽ سعي ڪري) وار ڪوڙايون ٿا. (وار ڪوڙائڻ کي حلق ۽ صفا ٺوڙهه ڪرائن کي قصر سڏجي ٿو) ان بعد احرام جي حالت مان ٻاھر نڪري اچون ٿا ۽ روز مره جا ڪپڙا پائڻ لڳو ٿا. احرام جون سڀ پابنديون ختم ٿيو وڃن ۽ پوءِ جڏھن حج جا ڏينهن اچن ٿا (جنهن ۾ منيى، عرفات، مزدلفه وغيره وڃڻو پوي ٿو) ان کان پھرين ـ يعني 8 ذوالحج فجر مھل کان احرام ٻڌون ٿا ۽ عمري بدران حج جي نيت ڪريون ٿا ۽ حج جا فرائض پورا ڪريون ٿا.

حج جا فرائض
·                    احرام ٻڌڻ ۽ تلبيھ پڙھن.
·                    وقوف عرفات ـ يعني عرفات جي ميدان تي ترسڻ، حج جو سڀ کان وڏو رڪن وقوف عرفات آھي. اتي بيمار يا معذور ماڻھوءَ جي موجودگي به لازمي آھي.
·                    طواف زيارت ڪرڻ.

حج لاءِ واجب ڳالھيون
·                    سج لٿي مھل عرفات جي ميدان تان موٽي رات مزدلفه ۾ کلئي آسمان ھيٺ گذارڻ. مزدلفه ۾ سانجھي سومھڻي نماز گڏ پڙھڻ.
·                    سعي، صفا ۽ مروھ جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ.
·                    قرباني ڪرڻ.
·                    وار ڪوڙائڻ.
·                    آفاقي لاءِ طواف وداع ڪرڻ. يعني اسان آفاقي آھيون جو اسان ميقات وارين حدن کان ٻاھر رھون ٿا. (ميقات ڇا آھي ان جو احوال اڳتي ڏجي ٿو.)

حج جو طريقو
احرام ٻڌي ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ کانپوءِ قبلي ڏي منهن ڪري حج جي نيت ڪري، ان کانپوءِ ٽي دفعه تلبيھ (لبيڪ اللھم لبيڪ...) پڙھي. (مرد کي تلبيھ وڏي آواز ۾ پڙھڻ کپي پر عورت کي خاموشيءَ سان) ان کانپوءِ ھر تبديليءَ کانپوءِ تلبيھ پڙھندو رھڻ کپي. سمھندي، جاڳندي، بس ۾ سوار ٿيندي، وغيره.
اٺين8  ذوالحج تي سج اڀرڻ کانپوءِ منى پھچڻ کپي، جيئن ظھر نماز اتي پڙھي سگھجي. رات منى ۾ گذاري ۽ اتي پنج نمازون پوريون ڪري، ٻئي ڏينهن 9 ذوالحج تي سج اڀرڻ کانپوءِ عرفات ڏي روانو ٿجي (9 ذوالحج کان پھرين يا ان ڏينهن سج چڙھڻ کان اڳ عرفات روانو ٿيڻ سنت جي خلاف آھي.) 9 ذوالحج تي عرفات جي ميدان تي ترسڻ ـ چاھي ٿوري دير لاءِ ئي سھي، بيحد ضروري آھي، ڇو جو ھي رڪن (وقوف عرفات) حج جو رڪن اعظم آھي. ھتي مسجد نمره ۾ ظھر ۽ عصر جي نماز گڏ پڙھجي. خطبو ٻڌڻ سنت آھي. سج لھڻ بعد مزدلفه ۾ اچجي. (سج لھڻ کان اڳ عرفات جي ميدان مان نڪرڻ جائز ناھي).
مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاءَ جي نماز گڏ پڙھي ويندي آھي ۽ انهن نمازن کي جمعته الصلاتين سڏين ٿا. مزدلفه ۾ سڄي رات گذاري ٻئي ڏينهن يعني 10 ذوالحج تي صبح سوير (فجر نماز پڙھڻ بعد) منى لاءِ نڪرجي. رستي تي وادي محسر (جتي ابرھ تي پکين حملو ڪيو ھو) جلدي جلدي نڪري وڃڻ کپي. مزدلفه مان پاڻ سان 94 کن پٿريون کڻجن، جن مان ست پھريون ڏينهن وڏي شيطان (جمرة الاولى) کي ھڻجن. شيطان کي پٿريون ھڻڻ کي رمي سڏجي ٿو. رميءَ بعد قرباني ڪئي وڃي.
قربانيءَ مان واندو ٿي ڪعبي ڏي منهن ڪري ٺوڙهه ڪرائجي يا وار ڪوڙائجن. عورتن کي کپي ته آٽر جيترا وار ڪترين. ھاڻ احرام جي ڪري جيڪي شيون ھن تي حرام ھيون سي حلال ٿي ويون، سواءِ زال جي ويجھو وڃڻ جي. ھاڻ حاجيءَ کي کپي ته ھو مڪي واپس اچي طواف زيارت ڪري. 10 ذوالحج تي ئي طواف زيارت ڪرڻ وڌيڪ بهتر آھي نه ته ٻارھين ذوالحج سج لھڻ تائين ڪري سگھي ٿو. ھي طواف فرض ۾ شامل آھي. طواف کانپوءِ سعي (صفا مروه جي وچ ۾ ست ڦيرا) ڪري. ان بعد وري منى موٽي اچي رات گذاري ۽ ٻارھين ذوالحج تائين منى ۾ رھڻو پوندو آھي. يارھين ۽ ٻارھين تاريخ ٽنهي شيطانن (جمرات) تي رمي ڪرڻي پوندي آھي ـ يعني ھر ھڪ شيطان کي ست پٿريون ھڻڻيون پونديون آھن. ان بعد مڪي اچي رھڻو پوندو آھي. مڪي شريف کان پنهنجي وطن روانگي تي طواف وداع ڪرڻ واجب آھي.
مٿيون احوال حج جي طريقي جو مختصر طور آھي. ان بابت تفصيل ۽ دعائون حج بابت لکيل ڪتابن ۾ ڏسي سگھجن ٿيون، جيڪو ھر وقت پاڻ سان رکڻ ضروري آھي.

ميقات
مڪي جي چوڌاري ڪجهه جايون مقرر ڪيون ويون آھن، جن کي ميقات سڏجي ٿو. مختلف ملڪن کان حج يا عمري لاءِ مڪي ڏي ايندڙ ماڻھن کي ھنن جاين تائين پھچي احرام ٻڌڻ کپي. ھنن جاين کان اڳتي بنا احرام جي مڪي ڏي وڌڻ تي منع ٿيل آھي. جيڪي ماڻھو مڪي جي انهن حدن اندر رھن ٿا اھي ميقاتي سڏجن ٿا. جيڪي ٻاھر رھن ٿا، اھي آفاقي سڏجن ٿا.
ھي جايون (ميقات واريون) حضور صلعم جن مقرر ڪيون آھن. مديني منوره کان ايندي وقت احرام ٻڌڻ لاءِ جيڪا جاءِ (ميقات) مقرر ڪئي وئي آھي، اھا ذوالحليفه آھي، جيڪا مديني کان 6 ميل آھي. اھڙي طرح نجد کان ايندڙن لاءِ واٽ تي قرن المنازل نالي جاءِ آھي. مصر ۽ شام کان ايندڙن لاءِ جحفه آھي. ھيءَ رابغ شھر جي ويجھو ھڪ ويران بستي آھي. اڄ جا نوان رستا ينبو بندرگاهه کان جدي يا مديني ايندي وقت رابغ کان لنگھن ٿا جيڪو شھر تيل جي ڪارخانن کان تمام گھڻو امير ٿي ويو آھي. مصر ۽ شام وارن کي باءِ روڊ يا پاڻيءَ جي جھاز رستي ايندي جدي کان وڌيڪ ينبو بندرگاهه ويجھو ۽ سولو آھي. عراق پاسي کان ايندڙن لاءِ ذاتي عراق نالي ميقات آھي اڳئين زماني ۾ ته اھي جايون ائين ئي رڻ پٽ ۽ ڳوٺڙا ھئا پر ھاڻوڪي دور ۾ انهن ھنڌن تي عمارتون ٺاھيون ويون آھن جيئن حج يا عمري لاءِ ايندڙ اتي ويھي آرام ڪن. وھنجن ۽ وضو ڪن ۽ احرام اوڍين.
پاڪستان کان جي ڪو پيرين پيادو نڪري (اڳئين زماني ۾ ته حج لاءِ ماڻھو ائين ئي پيرين پيادا يا اٺن تي نڪرندا ھئا. تيرھن صديون کن اھو سلسلو ھلندو رھيو. چوڏھين صدي ھجري ۾ پاڻي جا جھاز ۽ پوءِ ھوائي جھاز ھلڻ شروع ٿيا) ته ھن لاءِ ميقات جي جاءِ يلملم آھي. ھيءَ جاءِ مڪي جي ساڄي پاسي يمن طرف آھي. جدو مڪي جي ٻي طرف کاٻي پاسي آھي. پاڪستان ھندستان يا ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي کان ھوائي جھاز (توڙي پاڻيءَ جي جھاز) ۾ ويندڙ مسافر پھرين يلم لم مٿان گذرن ٿا. ان بعد مڪو شريف ۽ پوءِ جدي جو ھوائي اڏو اچي ٿو. ان ڪري ھوائي جھاز رستي ويندڙ مسافرن کي ڪراچيءَ مان ئي احرام ٻڌي چڙھڻ کپي. يلم لم (ميقات) وادي جاءِ ويجھو اچڻ تي ھوائي جھاز جو پائليٽ مسافرن کي اڳواٽ اطلاع ڪري ٿو پر ھوائي جھاز ۾ احرام ٻڌڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. وڌ ۾ وڌ نيت ڪري سگھجي ٿي. باقي پاڻيءَ جي جھاز وارا يلم لم جي ويجھو اچي احرام ٻڌن. سوڊان، ڪينيا، سائوٿ آفريڪا پاسي کان جدي ايندڙ حاجي جدي پھچي جدي ۾ يا پوءِ مڪي ويندي واٽ تي ايندڙ ميقات تي احرام ٻڌي سگھن ٿا، ڇو جو ھنن جو ھوائي جھاز جنهن طرف کان اچي ٿو، ان طرف پھرين مڪو معظم نٿو اچي پر پھرين جدي جو ھوائي اڏو اچي ٿو.
ميقات ھڪ قسم جي Starting point آھي، جنهن ھنڌ کان اڳتي بنا احرام جي وڌڻو ناھي ۽ اھي Points مختلف ملڪن ۽ ھنڌن کان حج يا عمري لاءِ مڪي ڏي ايندڙ مسافرن لاءِ رستي تي حضور ﷺ جن  جي ڏينهن کان مقرر ٿيل آھن. جيڪي نوان رستا اڄ جي دور ۾ ٺاھيا ويا آھن، اتي ھاڻ مقرر ڪيا ويا آھن. جيئن مصر ۽ اتر اولهه پاسي کان ايندڙ مسلمان ڳاڙھي سمنڊ جي ڪناري واري شھر رابغ وٽ پھچي احرام ٻڌن ٿا ۽ احرام جي حالتن ۾ رھڻ شروع ڪن ٿا. ٻي ڳالهه ته اھي سموريون Points (ميقات) مڪي کان ھڪ جيتري فاصلي تي نه آھن. ميقات واريون ڪي جايون مڪي کي ويجھو آھن ته ڪي تمام پري. خاص ڪري ذوالحليفه مڪي کان سڀ ۾ گھڻو پري آھي. اھا جاءِ مديني جي بلڪل ڀر ۾ (اٽڪل ڏھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي) آھي. ذوالحليفه (جيڪا مديني پاسي کان ايندڙ ميقات آھي) کي ابيار علي به سڏجي ٿو. حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ ذوالحليفه سڏبي ھئي.
مديني حجرت ڪرڻ بعد مڪي جي ڪافرن حضور ﷺ جن کي حج يا عمرو ڪرڻ کان جھليو. نيٺ حضور ﷺ جن ذوالقعد 6 ھجري ۾ پاڻ سان 1400 کن صحابي سڳورا وٺي عمري لاءِ روانا ٿيا ۽ ھن جاءِ بئر علي (ذوالحليفه) تي عمري جو احرام ٻڌو ۽ قربانيءَ لاءِ پاڻ سان ستر اٺ کنيا. ھر ھڪ پاڻ سان ھڪ ھڪ تلوار کنئي، جيڪا سڀني زائرين حرم کي عرب جي رواج ۽ قاعدي موجب رکڻ جي اجازت ھئي. ھنن ٻيو ڪوبه جنگي سامان نه کنيو. اھڙي ريت ھي قافلو لبيڪ لبيڪ جي صدا بلند ڪندو بيت الله ڏي روانو ٿيو.
ان وقت مڪي ۽ مديني جي ماڻھن جي وچ ۾ جيڪي تعلقات ھئا، ان کان سڄي عرب دنيا واقف ھئي. مڪي ۾ رھندڙ قريش مسلمانن جا سخت دشمن ھئا ۽ اھڙي حالت ۾ مسلمانن جو مڪي ڏي اچڻ قريش جي ماڻھن لاءِ سخت پريشانيءَ جو سبب ھو. ھنن نٿي چاھيو ته مسلمان اچن ۽ ساڳي وقت ھنن کي عمري کان جھلڻ به صحيح نٿي لڳو جو ذوالقعد جو مھينو انهن مھينن مان آھي جيڪو صدين کان عربستان ۾ حج ۽ زيارت لاءِ احترام وارو سمجھيو وڃي ٿو ان مھيني ۾ ڪنهن کي به حق نه ھو ته ھو ڪنهن به قافلي جي ماڻھوءَ جو نالو وٺي جيڪو احرام ٻڌي حج يا عمري لاءِ وڃي رھيو ھجي. مڪي ۾ رھندڙ قريشي جي ماڻھن اٽڪل ڪري مسلمانن جو رستو روڪڻ لاءِ ھڪ ھمراهه کي ٻه سو سوارن سا عسفان جي اڳيان ذي طوى نالي ھڪ جاءِ تي موڪليو ته حضور ﷺ جن جي ساٿين سان ھٿ چراند ڪري جيئن ھو ڪاوڙ ۾ اچي لڙائي ڪن ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ مشھور ڪيو وڃي ته ھي ماڻھو (مسلمان ) لڙائي ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.
مسلمانن کي قريش جي ماڻھن جي ان چالبازيءَ جو اطلاع ملي ويو ۽ ھو رستو بدلائي ھڪ نهايت ڏکئي رستي کان سخت تڪليفون سھي مڪي ڏي وڌڻ لڳا ۽ اچي حديبيه پھتا، جتان حرم پاڪ جي حد شروع ٿي ٿي. حديبيه واري جاءِ جدي کان مڪي ڏين ويندڙ رستي تي آھي. مڪي کان ھن جو فاصلو اٽڪل تيرھن ميل آھي ۽ ھاڻ اھا جاءِ شميئي جي نالي سان سڏجي ٿي. ھن ھنڌ تي مسلمانن ۽ مڪي جي ماڻھن ۾ ھڪ معاھدو ٿيو، جنهن کي اھم تاريخي حيثيت حاصل آھي ۽ حديبيھ جو صلح نامون سڏجي ٿو. جيڪو ظاھري طرح لڳو ٿي مسلمانن جي خلاف آھي ۽ مسلمانن جي ھار سمجھيو ويو ٿي پر حقيقت مسلمانن جي اھا وڏي سوڀ (فتح) ھئي. ان ئي موقعي تي قرآن شريف جي سورة الفتح نازل ٿي آھي. اھا سورة مسلمانن جي مڪي کان مديني واپس وڃڻ وقت ضجنان وٽ لٿي ھي ھنڌ مڪي کان اٽڪل 25 ميلن جي پنڌ تي آھي.
۽ مٿي جنهن ھمراهه جو حضور ﷺ جن جو رستو روڪڻ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ساٿين سان ھٿ چراند ڪرڻ لاءِ ٻه سو سوارن سان گڏ پھچڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي. اھو ٻيو ڪو عام  ماڻھو نه پر خالد بن وليد ھو، جيڪو ان وقت اڃا مسلمان نه ٿيو ھو. اڳتي ھلي ھو تاريخ ۾ مشھور فاتح ثابت ٿيو ۽ مسلمانن لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون وڙھيون ۽ پنهنجو ۽ اسلام جو نالو روشن ڪيو

No comments:

Post a Comment