Saturday, February 04, 2012

حضرت سلمان فارسي رضه الله عنه - الطاف شيخ


حضرت سلمان فارسي رضه الله عنه
 الطاف شيخ
حضرت سلمان فارسي رضه جنهن جي نالي مديني ۾ کجور جو باغ مشھور آھي ۽ مديني جون زيارتون ڪرڻ دوران ھرھڪ جو اتان لنگهه ٿئي ٿو ۽ ھن نيڪ انسان جو نالو ھرھڪ جي زبان تي اچي ٿو. حضرت سلمان فارسي رضه حضور اڪرم ﷺ جن  جي سچن عاشقن مان ھو، جڏھن پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي کان ھجرت ڪري مديني (يثرب) پھتا ته سلمان فارسي جن يثرب جي ھڪ يھودي وٽ غلام ھئا ۽ ھن جي کجي جي باغ ۾ ڪم ڪيو ٿي.


حضرت سلمان فارسي رضه اصفھان شھر جي ڀر واري ھڪ ڳوٺ آب الملڪ جو رھاڪو ھو. اصفھان ايران ۾ آھي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ فارس سڏبو ھو. ان ڪري ھو سلمان فارسي سڏجڻ لڳو. دراصل سلمان فارسي جو اصل نالو ”مابا“ ھو  ۽ ھو ھڪ آتش پرست جي گھر  ۾ ڄائو، جيڪي باهه جا پوڄاري ھئا. تن ڏينهن ۾ سڄو ايران باهه جي پوڄارين کان مشھور ھو. ڪجهه گھر عيسائين ۽ يھودين جا پڻ ھئا. ايران ۾ اسلام بعد ۾ (650 ڌاري) آيو ۽ باهه جي پوڄارين جو آتشڪدو وسايو ويو، سڄي ايران جي ماڻھن اسلام قبول ڪيو. ڪيترا آتش پرست (خاص ڪري پارس شھر جا) ھندستان ھليا آيا ۽ اڄ به ڪراچي ۽ بمبئي جھڙن شھرن ۾ رھن ٿا ۽ پارسي سڏجن ٿا. ھو باهه جي پوڄا ڪن ٿا.
سلمان فارسي رضه (مابا) کي ننڍي ھوندي کان ئي دين حق تي ھلڻ جي جستجو ھئي. ھو پنهنجو ڌرم ڇڏي عيسائي پادرين ۽ راھبن جي پويان لڳو، ھڪ راهب جيڪو نهايت پاڪباز ۽ پرھيزگار ھو ۽ عموريه شھر ۾ رھيو ٿي، تنهن مرڻ وقت مابا (سلمان فارسي) کي چيو: ”اي حق جي ڳولا ڪندڙ نوجوان ھن  وقت چئني پاسي ڪفر ۽ شرڪ جون وڄون چمڪي رھيون آھن، پر ھاڻ ان نبي آخر الزمان جي پيدا ٿيڻ جو وقت ويجھو اچي ويو آھي، جيڪو عربستان جي ريگستان مان اٿي دين حنيف کي زندھ ڪندو ۽ ھو ان ڌرتي ڏي ھجرت ڪندو، جتي ڪيترا ئي کجين جا وڻ ھوندا“.
مابا (سلمان فارسي) کي ھاڻ نبي آخر الزمان جي ديدار جي جستجو ھئي، ھو ھر وقت ان ڳولا ۾ رھيو ٿي ته ڪو اھڙو قافلو ملي وڃي، جيڪو ھن کي عربستان جي ان ڌرتي تي وٺي ھلي. آخر ۾ ھن جي اميد پوري ٿي ۽ بنو ڪلب قبيلي جو ھڪ قافلو ھن شھر (عموريه) مان اچي لنگھيو. جڏھن قافلو واديءَ القريٰ پھتو ته قافلي جي ماڻھن جي نيت خراب ٿي پيئي ۽ ھن سٻاجھي دل واري نوجوان کي غلام بنائي ھڪ يھودي کي وڪڻي ڏنو.
مابا (سلمان فارسي) ڪجهه ڏينهن يھودي وٽ رھيو ھوندو ته ھڪ ڏينهن ان يھودي جو ھڪ مائٽ جيڪو يثرب جو رھاڪو ھو، ھن سان ملڻ آيو. ھن کي ھڪ غلام جي ضرورت ھئي، جنهن لاءِ ھن پنهنجي ميزبان سان ڳالهه ڪئي ته ميزبان ھن کي ھڪدم مابا وڪڻي ڏنو. ھي ھمراهه مابا کي يثرب (جنهن جو نالو حضور اڪرم ﷺ جن جي ھجرت بعد مدينو ٿيو) وٺي آيو. مابا چوڌاري کجين جا وڻ ڏٺا ته ھن کي پڪ ٿي وئي ته جنهن نبي آخر الزمان جو ذڪر عموريه جو عيسائي راھب ڪندو ھو، اھو نبي پنهنجا قدم پاڪ ھن شھر يثرب ۾ ضرور گھمائيندو.
آخر ھڪ ڏينهن اھا ساعت به اچي وئي، جنهن جو مابا کي انتظار ھو. ھو پنهنجي يھودي آقا جي باغ ۾ کجين جي ھڪ وڻ تي چڙھي کارکون پٽي رھيو ھو. سندس مالڪ ھيٺ ويھي رھيو. ايتري ۾ ھڪ يھودي شھر کان ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو: ”مڪي کان ھڪ شخص قبا ۾ آيو آھي، جنهن سان يثرب جا ڪيترائي ماڻھو، ننڍا وڏا ملڻ لاءِ وڃي رھيا آھن، ھو پنهنجو پاڻ کي نبي ٿو سڏرائي ۽ ھن جي دعوى تي ماڻھو يقين به ڪن ٿا“.
مابا اھو ٻڌي اھڙو خوش ٿيو جو بدحواسي جي عالم ۾ وڻ تان ھيٺ لھي ھن آيل يھودي ھمراهه کان پڇڻ لڳو: ”تو ڇا پئي چيو. ھڪ دفعو وري ٻڌاءِ.
مابا جو آقا پنهنجي غلام جي تجسس ۽ بدحواسي تي باهه ٿي ويو ۽ زور سان ٿڦڙون وھائي ڪڍيائينس. ”وڃ نڀاڳا، وڃي پنهنجو ڪم ڪر. تنهنجو ڇا وڃي انهن ڳالھين ۾“.
مابا (سلمان فارسي) دل تي پٿر رکي في الحال ماٺ ٿي ويو. پر پوءِ جيئن جيئن ھن کي موقعو ملندو ھو ته حضور اڪرم ﷺ جن جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيندو ھو. قبا اھا جاءِ آھي، جتي حضور اڪرم ﷺ جن مديني (يثرب) ۾ اندر اچڻ کان اڳ ڪجهه وقت لاءِ شھر کان ٻاھر اچي منزل اندار ٿيا ھئا ۽ ان ھنڌ تي مسجد ٺاھي نماز پڙھيائون. اھا مسجد، مسجد قبا جي نالي سان مشھور آھي ۽ اسلام جي پھرين مسجد آھي ھن مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙھڻ جو ثواب عمري جيترو چون ٿا، ان ڪري مديني آيل حاجي روزانو ھزارن جي تعداد ۾ ھن مسجد ۾ اچن ٿا ۽ کجين جو باغ جنهن جي يھودي مالڪ وٽ مابا غلام ٿي آيو. ويجھو ئي آھي.
مابا حضور اڪرم ﷺ جن کي پنهنجي زندگيءَ جو سربستو احوال ٻڌايو ۽ اسلام قبول ڪيو. حضور اڪرم ﷺ جن مابا جو اسلامي نالو سلمان رکيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ مابا بن بوذخشان سلمان فارسي ٿي ويو.
بدر ۽ احد جون لڙايون لڳيون پر سلمان فارسي غلاميءَ جي ڳٽ ڪري انهن ۾ شامل ٿي نه سگھيو. حضور اڪرم ﷺ جن کي سلمان فارسي جي مجبوريءَ جي ڄاڻ ھئي. ھڪ ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ھن کي فرمايو ته سلمان تون پنهنجي آقا کان پنهنجي قيمت چڪائي پاڻ کي آزاد ڪراءِ. سلمان فارسي پنهنجي آقا سان ڳالهه ڪئي، جنهن ڪجهه سون ۽ ٽي سو کجين جي وڻن جو مطالبو ڪيو. حضور اڪرم ﷺ جن صحابين سان گڏجي سلمان فارسي جي آزادي جي ڊمانڊ لاءِ سون جو شرط ته پورو ڪرايو پر ٽي سو کجين جا وڻ به لڳرايا. اڄ اھو باغ جنهن ۾ کجين جا وڻ آھن جيڪو دراصل يھودي آقا جي ملڪيت ٿي پر سلمان فارسي جي باغ جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ مديني جي عجوه نالي کڄيءَ لاءِ مشھور آھي ته اھا حضور اڪرم ﷺ جن پاڻ پوکي ھئي ۽ آيل حاجي تبرڪ طور يا نظر ۽ جادو ٽوڻي ڦيڻي کان بچڻ لاءِ کجيءَ جي اھا جنس خريد ڪن ٿا.
پنجين ھجريءَ ۾ خندق جي لڙائي لڳي. ڪتابن ۾ آھي ۽ اسان جي گائيڊ (جنهن اسان کي مديني جون مختلف تاريخي جايون ڏيکاريون) پڻ ٻڌايو ته خندق جي لڙائي ۾ شھر جي چوڌاري خندق کوٽڻ جي سٺي راءِ حضرت سلمان فارسي رضه ڏني، جنهن بعد حضور اڪرم ﷺ جن ٽن ھزار اصحابين سان گڏجي کاھي (خندق) کوٽي ۽ اھو کوٽائي جو ڪم اٽڪل پنڌرھن ڏينهن ۾ پورو ٿيو. ان وقت مديني جي مھاجرين ۽ انصار ۾ اچي بحث ٿيو ته، ”سلمان فارسي رضه ڪنهن سان گڏ آھي“، حضور اڪرم ﷺ جن اھو بحث ٻڌو ته فرمايو:
”سلمان من اھل البيت“ (سلمان رضه منهنجي اھل بيت مان آھي“.
سبحان الله سلمان رضه جو ڇا ته مقدر ٿيو. فارس جي ھڪ غريب ۽ مسڪين انسان لاءِ ٻنهي جھانن جي سرڪار ﷺ پنهنجي زبان مبارڪ سان پنهنجي اھل بيت ۾ شامل فرمايو:
اين سعادت بزور بازو نيست
تانه بخشند خدائي بخشنده
خندق (کاھي) جي ڪري مشرڪ شھر تائين نه پھچي سگھيا. ان کان علاوه الله تعاليٰ به مسلمانن کي غيب مان مدد ڪئي ۽ اھڙا اسباب پيدا ڪيا جو دشمن ستاويهه ڏينهن کانپوءِ ناڪام ٿي موٽي ويا.
ھن لڙائي کانپوءِ حضرت سلمان فارسي رضه ھر لڙائي ۾ شامل ٿيو. ھن جو عشق رسول ۽ شوق جھاد ڏسي ھڪ دفعي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو:
”جنت ٽن ماڻھن جو اشتياق رکي ٿي. علي رضه، عمار رضه ۽ سلمان رضھ جو.
ھڪ ٻئي موقعي تي حضور اڪرم ﷺ جن کين ”سلمان الخير“ جو لقب عطا فرمايو.
حضور اڪرم ﷺ جن جي رحلت کانپوءِ سلمان فارسي رضه وڏي عرصي تائين مديني ۾ رھيو. فاروق اعظم رضه جي عھد خلافت ۾ ھن عراق ۾ ئي رھڻ پسند ڪيو. ايران تي حملي وقت ھو به مجاھدين اسلام ۾ شريڪ ٿي ويو ۽ ڪيترين جنگين ۾ داد شجاعت حاصل ڪيو. فاروق اعظم رضه سلمان فارسي رضه کي مدائن جي گورنري پڻ ڏني. ھن مرد درويش گورنري وارن ڏينهن ۾ به سادگي کان ڪم ورتو. سڄو پگھار غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. پيٽ قوت لاءِ تونئريون ۽ تڏا ٺاھي وڪڻندو ھو. ڪنهن سان به تکو ٿي نه ڳالھائيندو ھو.
ھڪ ڏينهن ڪنهن شخص سلمان فارسي رضه کي گاريون ڏنيون. پاڻ فرمايائون: ”ڀاءُ منهنجا جيڪڏھن قيامت جي ڏينهن منهنجي گناھن جو پڙ ڳرو ھوندو ته تو جيڪي ڪجهه چيو آھي منهنجي حالت ان کان به خراب ھوندي ۽ جي منهنجي گناھن جو پڙ ھلڪو ھوندو ته تنهنجي گھٽ وڌ ڳالھائڻ کان آئون ڇو گھٻرايان“.
حضرت سلمان فارسي رضھ 35 ھجري ۾ وفات ڪئي انهن ڏينهن ۾ حضرت عثمان رضه جو دور خلافت ھو. سندن عمر لاءِ مختلف روايتون آھن. ڪي چون ٿا ته پاڻ سو کن سالن جو ٿيو ڪي ٻن سون جي آسپاس جي عمر ٻڌائين ٿا. سندن ڪنيت ابو عبدالله سڏي وئي ٿي.

No comments:

Post a Comment