مديني ۾ رھائش
الطاف شيخ
رات جو پوري نائين بجي اسان کي مڪي کان مديني منوره وٺي
ھلڻ لاءِ بس اچي وئي ۽ ھر ھڪ پنهنجو پنهنجو سامان لفٽ ذريعي ھيٺ آندو. جن گھڻي
شاپنگ ڪئي ھئي انهن جا گھڻا ننگ ھئا، جن کي ھو ڍوئڻ ۾ پريشان ھئا. جن گھٽ يا نه
ڪئي ھئي، اھي آجا آجا ۽ خوش ھئا. مڪي کان مديني وڃڻ لاءِ ڪيترائي رستا آھن. ھاڻي
ھڪ وڌيڪ رستو ٺھي مڪمل ٿيڻ تي آھي، ھي رستو ان رستي کي فالو ٿو ڪري جنهن ذريعي
حضور اڪرم ﷺ جن مڪي کان مديني ھجرت ڪئي ھئي ۽ اھو ھجره روڊ سڏجي ٿو. ھونءَ باءِ
روڊ مڪي کان مدينو اٽڪل پوڻا ٽي سو ميل آھي. رستا ويڪرا ۽ سٺا ٺھيل آھن ۽ ڪو 60 جي
سراسري رفتار سان وڃي ته به پنجن ڪلاڪن ۾ پھچي سگھي ٿو پر ڪجهه اسان حاجين جي
بدنصيبي (خاص ڪري پاڪستانين، ھندستانين ۽ بنگلاديشين جي) ۽ ڪجهه سعودي حڪومت جي
مجبوري جو اسان جي قدم قدم تي ايڏي ته چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي جو انگلينڊ يا آمريڪا جھڙن
ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي. جو انهن ملڪن کان آيل حاجين جي ايڏي سخت
چڪاس نٿي ٿئي. بهرحال ان ۾ سعودي حڪومت جو به ڏوهه ناھي. ھيڏي سختيءَ جي باوجود
اسان جا ھزارين پاڪستاني غيرقانوني طرح سعودي عرب ۾ موجود آھن، جن مان وڏو تعداد
جيلن ۾ آھي ۽ سندن پوئواري ڪرڻ وارو ڪو وڪيل ڪو سفارتي ڪارندو ناھي، اڄ به ڪيترا
عمري ۽ حج جي بهاني سعودي عرب ۾ اچي نوڪرين لاءِ ٽڪيو پون. اھا ٻي ڳالهه آھي ته ههڙن
ملڪن ۾ به بيروزگاري جي اڄڪلهه حالت اھا آھي جو جيڪي قانوني طرح نوڪريءَ جي ويزا
وٺي پھچن ٿا انهن کي ئي نوڪري نه پئي ملي.
مڪي مان اسان جي بس ڏھين بجي ڌاري رات جو اسان کي کڻي
رڙھي ته مديني ٻئي ڏينهن ٻارھين بجي ڌاري منجھند جو (يعني چوڏھن ڪلاڪن بعد) اچي
اسان جي رھائش واري ھوٽل اڳيان ڇڏيو. مڪي مان نڪرڻ سان اڌ ڪلاڪ بعد ڊائيور اسان جي
مڪتب جي آفيس وٽ ترسيو. جتي معلم جي ماڻھو ھر ھڪ جا پاسپورٽ چيڪ ڪري ڊرائيور کي
ڏنا ۽ اسان کي ھڪ ھڪ Slip يا ڪارڊ ڏنو، جيڪو
مديني ۾ رھائش دوران قانوني ڪاغذ ھو. ان عمل ۾ پورا ٻه ڪلاڪ ضايع ٿي ويا. وري شھر
کان ٻاھر ھڪ ھنڌ ترسڻو پيو. جتي ٻين ملڪن جي حاجين جون بسون پڻ ترسيون پئي پر اسان
پاڪستانين لاءِ مڙيئي قاعدو قانون جتي ڪٿي سخت ٿئي ٿو. مديني پھچڻ کان اڳ به ھڪ آفيس
ٻاھران ٻه ڪلاڪ کن ترسڻو پيو، جيڪا آفيس شايد وزارت حج جي لڳي ٿي ۽ مدينو ڇڏڻ وقت به
اتي ايترو ئي وقت ترسايو ويو ھو.
منهنجو ھڪ دوست جيڪو ھن سال حج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ھو
مون کان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين جا مفاصلا پڇڻ لڳو، جيئن مسافريءَ جي Idea لڳائي سگھي. مون کيس اھو ئي چيو ته حاجين کي دراصل سفر
کان وڌيڪ مختلف ھنڌن تي ڪاغذن جي
Clearance لاءِ
انتظار ٿو ٿڪائي. ڪراچيءَ کان جدي ايئرپورٽ تائين پھچڻ ۾ کڻي ٽي ڪلاڪ ٿا لڳن پر
جدي ايئرپورٽ تان جان ڇڏائي ٻاھر نڪرڻ ۾ اٺ ڏهه ڪلاڪ لڳيو وڃن. بهرحال جتي سعودي
حڪومت حاجين لاءِ ٻين سکن جو بندوبست ڪيو آھي، اتي ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ وقت ۾
ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي ڪي اھڙا طريقا اختيار ڪري جن ۾ حاجيءَ کي انتظار
جي گھڻي تڪليف نه رسي.
مڪي کان مديني رات جي سفر کي ڪيترن پسند نٿي ڪيو، خاص
ڪري اھي جيڪي سعودي عرب جي ڌرتي تي پھريون دفعو
Travel ڪري
رھيا ھئا. مون کي به پھرين اھو خيال ٿيو پر پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته سعودي عرب اھو
ملڪ آھي، جنهن ۾ ڏينهن جو يا رات جو سفر ڪرڻ ۾ ڪو خاص فرق ناھي ٻين ملڪن ۾
سنگاپور، ملائيشيا جھڙن توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾، پاڪستان، انڊيا توڙي آفريڪا
جي ملڪن، خاص ڪري ههڙي آرام واري ۽ ايئرڪنڊيشنڊ بس ھجي ته ڏينهن جو سفر ڪجي ڇو ته
قدرتي نظارا ڏسڻ جو ڏينهن جو ئي موقعو ملي ٿو. باغ بستان، نديون نالا، آبشار ۽ وڻن
۽ گلن سان جھنجھيل جبل ۽ گھاٽا ٻيلا پکي پکڻ ۽ جانور وغيره. پر سعودي عرب ۾ ڪا
اھڙي ڪھاڻي ناھي. شھر جا گھرڙا ڇڏ ته ريتي ۽ ريتي آھي. واري ۽ واري آھي. جبل ۽ جبل
آھن. اس ئي اس آھي. بنا ڪڪر آسمان بنا وڻن جي ڌرتي آھي. چوڌاري خاڪي ناسي قسم جا
رنگ پکڙيل آھن ان ڪري ھن ڌرتي تي نقاش ۽
چٽڪار پيدا ٿي نه سگھيا. شاعر ۽ سٺا Navigtor
ضرور
پيدا ٿيا. ٻارھوئي آسمان صاف ھجڻ ڪري دنيا ۾ سڀ کان اڳ ۽ سڀ کان گھڻو، تارن جو علم
عرب ڄاڻي سگھيا. اڄ به ماڊرن نيويگيشن ۾ اسان ڪيتريون ڳالھيون اھي پڙھون ٿا جيڪي
عربن ايجاد ڪيون ۽ جن جا نالا عربي زبان سان واسطو رکن ٿا.
مينهن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ڪا ساوڪ نه آھي. ساوڪ نه ھجڻ
ڪري ڪو پکي پکڻ يا جانور ائين نظر نٿو اچي. جيئن انڊونيشيا، فلپين، ڪينيا يا
يوگنڊا جي ھاءِ وي تان لنگھندي نظر اچي ٿو. سعودي عرب جي ھنن ھاءِ ويز تان آئون ڏينهن
جي وقت ھلي چڪو آھيان، جڏھن ڪجهه سال اڳ مديني جي ڀرواري شھر ينبو (ينبع) ۾ پنهنجي
عرب دوست جي گھر ڪجهه مھينا اچي رھيو ھوس. پوءِ ھن سان گڏ ينبو کان مديني يا مديني
کان جدي مختلف رستن تان ايندو ويندو رھيس ٿي. ڦھليل ڌرتي ۽ جبلن جي پيش منظر ۾
جيڪڏھن رکي رکي ڪو جانور نظر اچي ٿو ته اھو به ريتي جي غير رومانوي رنگ جھڙو اٺ آھي.
ھڪ عرب جو ننڍي ھوندي کان ئي ريتي (ڌرتي) جبلن، آسمان (تارن) ۽ اٺن سان واسطو رھي
ٿو. اٺ ھتي جي اھم ضرورت آھي. گھوڙو بيشڪ بهترين جانور آھي ۽ انسان جو دوست آھي پر
ھنن رڻ پٽڻ ۾ انسان لاءِ اٺ وڏي نعمت آھي. شايد ان ڪري اٺ کي عطا الله جو لقب ڏنو
ويو.
ھڪ ڳالهه آھي ته اڄ جي ماڊرن ۽ پئسي واري دور ۾ وري به
رکي رکي رستي تي ھوٽلون، مختلف رنگن جون ڪارون لاريون ۽ اشتهارن جا بورڊ نظر اچن
ٿا. نه ته اڄ کان 1400 سال اڳ اٿاهه وارياسن پٽن تي جڏھن عرب پيرين پيادي يا اٺن
تي سمنڊ وانگر پنهنجو خيالي رستو ٺاھي ھلندا ھئا، تڏھن سامھون ۽ پاسن کان سواءِ
جبلن ۽ آسمان جي ٻيو ڪجهه نه ھو. شايد ان ڪري الله تعاليٰ جل شانه قرآن مجيد ۾
ڪيترن ھنڌن تي اھڙا مثال ڏنا آھن. جن مان ان دور جو عرب مانوس ھو. سورته الغاشية
جي آيت 17 کان 20 آيت ۾ رب پاڪ انهن ئي شين جا مثال ڏنا آھن.
ترجمو: ”(ھي ماڻھو نٿا مڃين) ته ڇا ھو اٺن کي نٿا ڏسن ته
ڪيئن ٺاھيا ويا آھن؟ آسمان کي نٿا ڏسن ته ڪيئن کنيو ويو آھي؟ جبلن کي نٿا ڏسن ته
ڪيئن ڄمايا ويا آھن؟ ۽ زمين کي نٿا ڏسن ته ڪيئن وڇائي وئي آھي؟“
يعني جيڪڏھن ھي ماڻھو آخرت جون اھي ڳالھيون ٻڌي چون ٿا ته
آخر اھو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ڇا پاڻ پنهنجي آسپاس جي دنيا تي نطر وجھي ھنن
ڪڏھن نه سوچيو ته ھي اٺ ڪيئن ٺھي ويا؟ ھي آسمان ڪيئن بلند ٿي ويو؟ ھي جبل ڪيئن
قائم ٿي ويا؟ ھيءَ زمين ڪيئن ڇائنجي وئي. اھي سڀ شيون جيڪڏھن ٺھي سگھيون ٿي ۽ ٺھيل
ٺڪيل ھنن اڳيان موجود آھن ته قيامت ڇو نٿي اچي سگھي؟ ۽ جيڪڏھن ھو اھو مڃين ٿا ته
اھو خدا ئي سڀ ڪجهه پيدا ڪري سگھي ٿو ته پوءِ اھو قيامت به آڻي سگھي ٿو. انسانن کي
ٻيو دفعو به پيدا ڪري سگھي ٿو. جنت ۽ دوزخ به ٺاھي سگھي ٿو.
مڪي کان مديني روڊ تي رات جي وقت اسان جي بس ٻه دفعا
اسان جي مرضيءَ تي ترسي. ھڪ رات جو ٽي بجي ڌاري ھڪ ھوٽل تي چانهن پيئڻ ۽ ٽنگ ڊگھي
ڪرڻ لاءِ ۽ ٻيو دفعو فجر نماز پڙھڻ ۽ چانهن پيئڻ لاءِ ٻئي دفعا ڏاڍو مزو آيو. ھڪ ته
بس جي قيد مان آزادي ماڻڻ ڪري ۽ ٻيو دنيا جي ھيترن ملڪن جي ماڻھن کي پنهنجي چوگرد
ڏسي. ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) ۾ M.Sc
ڪرڻ
دوران مون سان گڏ جيتوڻيڪ ھڪ سو کان مٿي ملڪن جا شاگرد ھئا پر اھي مختلف مذھبن جا
ھئا. ھتي ھن رستي جي ھوٽلن ۾، حرم پاڪ ۾، منى ۽ مزدلفه ۾ جيڪي مختلف ملڪن جا،
مختلف رنگن جا، زبانن ۽ شڪلين جا مليا ٿي، انهن جو ھڪ ئي مذھب ھو. ھنن جو ھڪ ئي
امت سان واسطو ھو. نائجيريا ۽ موريطانيا جا شيدي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا بندري
قد وارا، افغانستان ۽ پاڪستان جا شلوار قميصن وارا، چين ۽ روس جي ڪميونسٽ نظام
حڪومت وارا، عراق، ايران، شام، ڪويت، يمن ۽ مصر جھڙن عرب ملڪن وارا جيڪي ھونءَ کڻي
سياسي طرح ھڪ ٻئي سان ٺاھيل نه ھجن پر انوقت سڀ ان مسجد جي سيمينٽ جي ڌڪين تي ويھي
فجر نماز پڙھڻ لاءِ وضو ڪري رھيا ھئا. ھنن کي ان ڳالهه جو ڪو فڪر نه ھو ته نماز
مھل سندن ليڊر (امام ڪھڙي ملڪ جو يا ڪھڙي زبان ڳالھائيندڙ ٿيندو. ھن وقت اسان سڀ
مسلمان آھيون. آخري نبي ڪريم ﷺ جن امت آھيون ۽ ان جو ھڪ حصو محسوس ڪري مون کي خوشي
ٿي رھي ھئي. نماز پڙھي اٿڻ مھل ڀر ۾ بيٺل کان سندس ملڪ پڇان ٿو. ھو چين جي اتر
اوڀر واري علائقي دئرين کان آيو آھي. ڪيڏو ڏور کان آيو آھي، ھانگ ڪانگ فلپين کان به
پري، جپان ۽ ڪوريا جي ڀر کان. چانهن پيئڻ وقت ھڪ نوجوان زال مڙس ۽ سندس ڏھن ٻارھن
سالن جي ڌيءَ سنڌي ڳالھائي رھيا ھئا. تعجب نٿو
لڳيم پر سندن ٻانهن ۾ جيڪو معلمن طرفان نشاني جو پٽو پيل ھو، اھو ايشيائي
رنگ ھئڊي (Yellow) بدران ٻئي رنگ جو ھو.
”توھان
ڪٿان جا آھيو؟“ آئون کانئن پڇان ٿو.
ھو سمجھي وڃن ٿا ته ٻانهن ۾ مختلف رنگ جو پٽو (Strap) ڏسي آئون ڀليو آھان. ”اسين آمريڪا جا Citizens آھيون، ان ڪري اسان جو پٽو ھن رنگ جو آھي.“
”ھونءَ
اصل ڪھڙي شھر جا آھيو؟“ آئون پڇان ٿو.
”اسين
حيدرآباد جا آخوند آھيون. اٺن سالن کان USA جي رياست ورجينا ۾ Settle آھيون ۽ ھينئر حج لاءِ اتان پيا اچون.“ ھنن ٻڌايو.
ائين به نه آھي ته آمريڪا يا يورپ پاسي کان فقط اسان جا
ايشيائي مسلمان ۽ عرب Settlers اچن ٿا. ڪيترا اھڙا به
آھن جيڪي اتي جا مڪاني باشندا آهن، جيڪي عيسائي هئا ۽ هاڻ مسلمان ٿيا آهن. هڪ اهڙو
مسلمان فلاڊلفياUSA جو مليو. پاڻ ٽيھن سالن جو
خوبصورت نوجوان ھو. مون پڇيو مانس ته ھو اصل ڪٿان جو آھي. ”آئون اصل کان آمريڪن آھيان،
منهنجا ماءُ پيءُ اڄ به عيسائي آھن پر آئون مسلمان آھيان“.
”ڇا ڪرين؟“
مون پڇيومانس.
”پنهنجو
پارڪنگ لاٽ اٿم. ان مان ڪمائيندو آھيان.“ ھن ٻڌايو. پاڻ مون کي حرم پاڪ جي ٻاھران
ظھر نماز تي مليو ھو. اسان ھڪ ئي مصلو اڳيان رکي
Share ڪيو
ھو. نٽڻ اس ۾ نماز پڙھي رھيا ھئاسين. سجدي لاءِ اڳيان مصلو ھو پر پير سڙي رھيا
ھئا. پر ھي ھمراهه صبر سان برداشت ڪندو رھيو.
"Being a muslim how do
you feel?"
مون ھن آمريڪن نئين مسلمان کان پڇيو.
”الحمد الله.“
ھن رب پاڪ جي واکاڻ ڪندي چيو؛"I
am very happy"
(آئون
بيحد خوش آھيان).
پنج وقت نماز، روزو، زڪوات، حج، شراب کان پاسو..... وغيره
وغيره. اھي ڪي سولا ڪم نه آھن، خاص ڪري ان لاءِ جنهن مغربي عيش جي زندگي گذاري ھجي!
پر ڪجهه ته آھي، ڪا ته شيءَ ھن ڏٺي آھي جو ھن کي ھي مذھب (اسلام) عزيز آھي. پاڻ کي
مسلمان سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري ۽ ڪجهه ته ھن مشاھدو محبوب جو پسيو ھوندو جنهن
يورپ جي مشھور ڳائڻي چئٽ (Cat) اسٽيون کي يوسف
اسلام بڻائي ڇڏيو ۽ ”ھاڻ توڻي تڙئين تون، يا الا! تو در توءِ نه ڇڏيان“ وارو حساب
ھو. ھاڻ ھن لاءِ گرمي، سردي، اس، ٿڪ ڪا حيثيت نٿو رکي. مون کانئس گھڻو ڪي پڇڻ
چاھيو ٿي ته ھو ڪيئن مسلمان ٿيو. اسلام جي ڪھڙين ڳالھين ھن کي گھڻو Impress ڪيو پر آئون پڇي نه سگھيس جو نماز بعد مون وانگر اٿڻ
بدران ھو پٿل ماري، کيسي مان تسبيح ڪڍي پڙھڻ ۾ جنبي ويو. ھن کي اس ۽ گرمي جي به
پرواهه نه ھئي.
"If you like I can leave
my praying mat?"
مون پنهنجو مصلو(جانماز) کيس آفر ڪئي. ”مھرباني. آءِ ائم
اوڪي.“ ھن منهنجي جانماز نه رکي پر منهنجي آفر لاءِ ٿورو مڃيو.
مديني شھر ۾ گھڙڻ وقت ڪلاڪ ٻه ھڪ آفيس ۾ لڳا، اتان اجازت
ملڻ بعد بس شھر ڏي رواني ٿي. ھوٽلون ڀريل ھجڻ ڪري ۽ اسان جو تعداد وڏو ھجڻ ڪري ھڪ
ھوٽل بدران ٻن ھوٽلن ۾ رھائش جو بندوبست ٿيل ھو، جيڪو اسان جي ليڊر قبول نه ڪيو. آخر
ھوٽل جي عرب مالڪ (جنهن جي پوءِ خبر پيئي ته ھن کي ڪيتريون ئي ھوٽلون آھن) الغابيه
علائقي ۾ عبدالعزيز روڊ جي ڀرسان فندق العطاس جي پويان دار زھدي (2) ۾ سڀني لاءِ
رھائش ڏني، جنهن ۾ اسان کان علاوه ٻيا ملئي ماڻھو رھيل ھئا. ھوٽل ڇهه يا ست ماڙ
ھئي، جنهن جي ھر منزل تي اسين ورھائجي وياسين. ڪمري جي سائيز مطابق ڪنهن ڪمري ۾
چئن جي جاءِ ھئي ته ڪنهن ۾ ٻن يا ٽن جي. ھڪ چئن واري ڪمري ۾ حافظ سعيد، اسرار الحق
۽ ڊاڪٽر شفيق سان گڏ مون کي به رکيو ويو. ڪمري جو در کولي ڏٺوسين ته چار پلنگ
وھاڻن چادرن، بلاڪيٽن سميت ھئا. باٿ روم اٽيچڊ ھو. ڪمري جي ٻاھران پئنٽري (ننڍو
ڪچن) ھو. ايئرڪان، ٽي وي ۽ ٽيليفون پڻ ھو. ٻيو ڇا کپي! اسان سمجھيو اھا عياشي فقط
اسان کي نصيب ٿي آھي پر پوءِ خبر پئي ته ٻين ڪمرن جو به ساڳيو حال ھو، بلڪ مديني
شريف ۾، ھڪ ئي وقت حاجين جو تعداد گھٽ ھجڻ ڪري رھائش جو انتظام بهتر آھي. مسجد
نبوي به ويجھي ھئي. ٻن ڏينهن اندر ئي خبر پئجي وئي ته اسان جي اڳيان واري ھوٽل
العطاس ۾ اسان جو ڳوٺاڻي ڪئپٽن رشيد ابڙو رھيل آھي ۽ پوئين گھٽيءَ جي ھڪ ھوٽل ۾
اسان جو پيٽارو جو ڪليگ عبدالقادر قريشي پنهنجن ڀائٽين سميت رھيل آھي. اسان سڀني
جو مسجد نبوي ۾ وڃڻ ساڳي در کان ٿيندو ھو. ان ڪري ھڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ ٿي ويندي
ھئي.
مڪي ۾ رھائشگاهه ۾ ھر ھڪ کي اسپنج جو گاديلو ملي ٿو ۽ ھڪ
عدد وھاڻو. اسان جي گروپ جا ماڻھو پاڻ سان ٻه ٻه چادرون کڻي آيا ھئا. ھڪ ان گاديلي
مٿان وڇايائون ۽ ھڪ ٿلھي مٿان اوڍڻ لاءِ مون ڪراچي ۾ گروپ جون پاڻ ۾ ٿيندڙ ٽن چئن
ميٽنگن مان ھڪ ٻه کن اٽينڊ نه ڪيون ھيون ان ڪري مون کي اھا ڄاڻ نه رھي ته پاڻ سان
چادرون به آڻڻيون آھن پھرين رات احرام واري چادر مٿان وڌم پر آڌي رات کانپوءِ سيءُ
ٿي پيو ۽ ماڻھن ايئرڪان به بند نٿي ڪيو. مارچ مهيني جا شروع جا ڏينهن ھئا. ٻڌوسين ته
مديني ۾ چڱو خاصو سيءُ آھي. جو مدينو شريف اتاھين
Altitude تي
آھي. مڪي معظم ۾ به ڪافي ٿڌڪار ھو. صبح جي وقت فجر نماز تي ته سئيٽر ۾ به سيءُ ٿي
پيو. مڪي ۾ منهنجي ڀاءُ اشفاق جو دوست ۽ ڊي آءِ جي راھو خان بروھيءَ جو ھڪ مائٽ
علي گوھر بروھي رھيو ٿي. ان کي مڪي ۾ ھوٽل آھي. جنهن ۾ گھڻو ڪري ڪويت پاسي جا حاجي
رھن ٿا. فون ڪيومانس. خوش خير عافيت بعد ڪم ڪار پڇيائين: ”يار چادرون نه آنديون
اٿم. في الحال انهن جي سخت ضرورت اٿم“.
”پرواهه نه
ڪر ھينئر ئي پھچائي ٿو وڃان ۽ آئون سمجھي ويس ته توھان ڪٿي رھيل آھيون“. علي گوھر
جواب ڏنو.
رات جو عشاءَ نماز بعد علي گوھر چادرون ڏئي ويو. توب
(عربي جبي) ۾ عرب لڳي رھيو ھو. سڄي عمر مڪي شريف ۾ گذاري اٿس. عربي به سٺي ڳالھائي
ٿو. علي گوھر جي چادرن نه فقط مڪي ۾ پر منى ۽ مزدلفه ۾ پڻ سيءُ جو بچاءُ ڪيو. مڪو
شريف ڇڏڻ وقت جيتوڻيڪ علي گوھر پنهنجيون چادرون واپس وٺڻ نٿي چاھيون پر مون موٽائڻ
چاھيون ٿي جو اھي اوچي قسم جون ھيون. آخري ڏينهن تي منهنجو علي گوھر سان رابطو ٿي نه
سگھيو ۽ مديني کان اچي نڪتس، جتان چادرون واپس موڪلڻ ڏکيو ڪم نٿي سمجھيم. ڪيترائي
سنڌي ٽئڪسي ڊرائيور ۽ دڪاندار آھن جيڪي مڪي ويندا رھن ٿا ۽ علي گوھر کي پڪ سڃاڻندا
ھوندا، جن ھٿان موڪلڻ چاھيم ٿي.
مديني پھچي پھرين يا ٻئي ڏينهن پنهنجي ھوٽل تي ڪم ڪندڙ
ھڪ پاڪستانيءَ کان پڇيم ته ھتي ڪنهن سنڌيءَ جو دڪان آھي. ھن سامھون واچن واري جو
ڏس ڏنو. پوڙھو دڪاندار ڪاٺياواڙي ميمڻ ھو پر سنڌي به ڳالھائين ٿي. چڙ جو سو تکو ھو
پر لڳو ٿي ته سٺي شيءَ سستي اگهه تي وڪيائين ٿي جو خريدارن جا انبوهه ھئس ـ خاص
ڪري پٺاڻ ۽ افغاني ـ جن ھر قسم جي واچ يا گھڙيال ڊزن جي حساب سان پئي ورتس.
ڪاٺياواڙي ميمڻ وڏي عمر ڪري جسم جو بيحد ڪمزور ھو پر ڳالھائڻ جو ڏاڍو ڦڙتيلو ھو،
حساب ڪتاب جو ته اڃان به ڦڙتيلو. بنا ڪئلڪيوليٽر جي حساب ٿي ڪيائين. وات ۾ شايد
پان ھئس. پر ٿي سگھي ٿو پان نه ھجيس (جو سعودي عرب ۾پان کائڻ توڙي وڪڻڻ تي بندش
لڳل آھي.) شايد ڏند ڀڳل ھئس ان ڪري سندس ڳالھائن ان اسٽائيل جو ھو. ھڪ افغانيءَ ٻه
ڊزن واچون وٺي چيس:
”ڪجهه
پئسا گھٽ ته ڪر.“
”ھڪ پئسو به
نه ڪندس.“ ٻئي کي واچ ڏيکاريندي ھن کي ٺهه پهه جواب ڏنائين.
”ڀلا ھڪ
واچ تي ھڪ رپيو (ريال) ته گھٽ ڪر.“ گراھڪ چيس.
”ھڪ پئسو به
نه“.
”ھر سال
توکان ھيڏي خريداري ڪريون ٿا ڪجهه ته قيمت گھٽ ڪر“.
”دڪان منهنجي
ماءُ جو آھي، اھا ناراض ٿيندي.“ ڪاٺياواڙي چيس.
”تڏھن به
ڪجهه ته فائدو ڏي.“ خريدار افغانيءَ ضد ڪيس.
”آئون فقط
دعا ڏئي سگھان ٿو ته الله توکي ٻئي سال به حج تي گھرائي ۽ مون وٽان اچي خريداري ڪر“.
دل ۾ چيم ته ھتي سنگاپوري واڻين جي به جاءِ ناھي.
خريدار، اھڙي حالت ۾ به، شايد اھو سوچي ته اھو ھوندي به اگهه سستو آھي، نه فقط اھي
واچون پر ڪجهه ٻيون به ورتيون. دل ۾ آيم ته ڪاٺياواڙي ڏاڙھيءَ سان ميمڻ کي پارت
ڪريان ته ھنن حاجين جو ته ڪجهه خيال ڪر. پر پوءِ اھو سمجھي ته ھو جواب ڇا ڏيندو (ته
ھي حاجي آھن؟ سمگلر آھن يا حاجي؟) چپ ٿي ويس.
ھن دڪان تي ڪم ڪندڙ ٻن نوجوان ڇوڪرن ۾ واقعي ھڪ سنڌي ھو،
اسان جي ھوٽل واري جي ڳالهه صحيح نڪتي، سنڌي نينگر جيڪو ويهه، پنجويهه ورھين جو
ٿيندو ۽ ٽن کن سالن کان ھن دڪان تي ڪم ڪري پيو، ٺٽي جو ميمڻ ھو. نالو شايد نياز
حسين ھوس. پاڻ ويچاري نه فقط يڪدم جوس جو دٻو ڪڍي پياريو پر ڪم جو به پڇيو. خبر
ناھي ڇو، مون کي ائين لڳو ته جيڪڏھن ھن کي چادرون آڻي ڏيندس ته سندس مالڪ، يعني
دڪان جو مالڪ، بلڪه دڪان جي مالڪڻ جو ھي ڪاٺياواڙي پٽ ھن کي دڙڪا ڏيندو، بلڪه آئون
گھڻي دير دڪان تي به نه بيٺس جو ڪاٺياواڙي دڪاندار رکي رکي مون کي ڪرڙين اکين سان
ڏسي رھيو ھو ۽ آئون پنهنجو پاڻ صاف صاف (Unwanted) مھمان محسوس ڪري رھيو ھوس. ھا سچي سندس دڪان جو
نالو عبدالغني قاسم الميمني ھو ۽ اسان واري علائقي العنابيہ ۾ دارالمسرہ ھيٺ ھوس.
مون چادرون موڪلڻ جو پروگرام ٻن ٽن ڏينهن لاءِPostpone ڪري ڇڏيو، پر پوءِ ٻئي ڏينهن
رستي تي لڳل فون تان فون ڪري رھيو ھوس ته به ھمراهه زور زور سان سنڌي ۾ لٻاڙون
ھڻندا اچي منهنجي ڀرسان لنگھيا، مون يڪدم فون بند ڪري کڻي ھڪ جي ٻانهن ۾ ھٿ وڌو.
”اي ڀائو
اتي ترسجو. متان ويا آھيو“. مون چيومانس. پھرين ته ھو پريشان ٿي ويا، پوءِ پوءِ
مرڪندو ڏسي سمجھي ويا ته آئون ھجت واري انداز ۾ ڳالھائي رھيو آھين.
مون دراصل ھنن کي اھو سوچي روڪيو ته ٿي سگھي ٿو ته ھي
اھي حاجي ھجن، جيڪي اسان وانگر مديني کان واپس ڪراچي وڃڻ بدران مڪي مان ٿيندا وڃن.
ان صورت ۾ آئون کين چادرون ڏئي ڇڏيان ته مڪي کڻي وڃن ۽ علي گوھر کي فون ڪري ڇڏيان ته
ھنن کان Collect ڪري، پر منهنجي پڇڻ تي ھنن
ٻڌايو ته ھو مڪي جا رھاڪو آھن. ھتي ائين چڪر تي آيا آھن، شام ڌاري واپس ھليا ويندا.
”سبحان الله“
مون دل ئي دل ۾ رب پاڪ جي واکاڻ ڪئي. آئون به سڄي عمر دنيا جي ملڪ ملڪ، ٻيٽ ٻيٽ تي
سنڌين کي ڳوليندو رھيس. ھندو سنڌي سو جتي ڪٿي مليا ٿي پر ڪڏھن ائين مسلمان سنڌي نه
مليو، جيئن ھتي مڪي ۽ مديني ۾ پينو فقير کان ٽئڪسي ڊرائيور، سيلز مئن کان مالڪ
مڪان (يا ھوٽل) نظر اچي رھيو ھو.
”ھتي ڀلا
ڪيئن آيا آھيو؟“ مون پڇيومان.
”گھمڻ
خاطر به ته ڌنڌي ڌاڙي لاءِ به“. ھنن ٻڌايو.
”ڪھڙو
ڌنڌو ڪيو؟“ مون پڇيومان.
”تسبيحون
وڪڻندا آھيون“. ھنن مان ھڪ ٻڌايو. ٻئي ٽيھارو کن ورھين جا، قدآور پوري پني جسم جا
ھئا. مون سمجھيو مڪي شريف کان تسبيحن جو ٿيلھو ڀري ھتي مسجد نبوي جي ٻاھران فوٽ
پاٿ تي وڪڻندا ھوندا. جتي روزانو ڪيترائي مصري ۽ يمني عرب، سوڊاني ۽ اٿوپيا جا
حبشي، داغستان ۽ شمشان (چيچنيا) جا روسي ٿائي ۽ انڊونيشي عورتون، رومال، قميصون،
پينون، چشما، عطر ۽ ٻيون اھڙيون شيون وڪڻنديون رھن ٿيون، پر ھنن ٻڌايو ته ھو
پاڪستان جي پنجاب پاسي جي ڪنهن شھر مان ڪاٺ جي موتين جون تسبيحون گھرائي ھتي
وڪڻندا آھن. ان وڻ جو نالو ھن وقت ياد نه اٿم پر ڪنهن عا م وڻ جي ڪاٺين جي داڻن
جون تسبيحون ھتي آڻيندا آھن. ”پوءِ ڪنهن کي چوندا آھيون، زيتون (عربي زيتون Olive) جون آھن ته ڪنهن کي چوندا آھن ته ٽيڪ وڊ جون آھن ته ڪنهن
کي Oak wood ٻڌائيندا آھيون“. ھنن ٻڌايو.
”پر وڪڻو
ڪٿي؟ ھتي فوٽ پاٿ تي؟“ آئون پنهنجي ڪم کي ڇڏي ھنن جي ڌنڌي ڌاڙي ۾ اجائي سجائي
دلچسپي وٺڻ لڳس.
”اسان
ريزڪي نه وڪڻندا آھيون. اسين مڪي، مديني، جدي، ويندي رياض ۽ تبوڪ جي دڪاندارن کي
مال سپلاءِ ڪندا آھيون. سيالڪوٽ (يا شايد رحيم يار خان) وڃي مال خريد ڪري، ڪنٽينر
ڀرائي ان کي ھيڏانهن ٻلٽي ڪندا آھيون.“
مون ھنن ڏي وري غور سان ڏٺو. ھر ڪنڊ کان سادا سودا
ڳوٺاڻا لڳي رھيا ھئا. ڪير چوندو ته ھي سنڌ جي ھڪ ڳوٺ جا چار درجا (مئٽرڪ، انٽر
تائين) پڙھيل اڪيلي سر وتن لکن رپين جون تسبيحون خريد ڪندا ۽ خود ئي مال ٽرانسپورٽ
ڪندا. ڪنٽينر Container ۽
ٻلٽي (Bill of lading) جھڙين شين جي ڳالهه ته
ڪندا وتن پر يقين ئي نه ٿي آيو ته واقعي يقين نه اچي ھا پر پوءِ ھڪ ٻئي جو تعارف
ڪرائي چانھن لاءِ ھوٽل ڏي وڌياسين ته رستي تي جيڪي به تسبيحون وڪڻڻ وارا دڪاندار
ھئا، اھي ھنن کي کلي کيڪارڻ لڳا ۽ نئين مال اچڻ جو پڇڻ لڳا. انهن ٻن سنڌين مان ھڪ ته
منهنجا سفرناما به پڙھيا ھئا، جو جڏھن نالو ٻڌايومانس ته يڪدم سفرنامن جي ڳالهه
ڪيائين ۽ ان ناتي مون کي چانهن لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
”سائين
گذريل سال به اسان کي ائين اوچتو ٽي وي جو پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي ملي ويو ھو ۽
ھن سان گڏ اسان چانھن پيتي ھئي، ھينئر توھان اسان سان گڏ ڪجهه کائو“.
انهي دوران مون ساڻن چادرن جي ڳالهه ڪري ڇڏي ھئي ۽ اتفاق
سان پنهنجي ھوٽل جي ڪمري تي وٺي آيس، جتي کيس چادرون به ڏنم. ھڪ جو نالو غلام اصغر
چنا ھو ۽ ٻئي جو محب الله چنا، ٻئي گھوٽڪي جا مائٽ ٿين. سندن ذڪر ھن سفرنامي ۾
شايد نه اچي ھا پر ڪالهه ٽيون ڏينهن سندن فون آيو. اڄڪلهه ھتي ڪراچي آيل آھن. کين
ايڪسپورٽ پرمٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رھنمائي جي ضرورت ھئي. پاڻ ٻڌايائون ته ھو ٻي ٽي
مھيني مال جي خريداري ۽ اڪلاءَ لاءِ ايندا رھن ٿا. ھنن جي ھڪ عرب ڪفيل سان
ڀائيواري آھي. پئسوعرب جو آھي، ان ڪري فائدي جو وڏو حصو به ھو رکي ٿو پر کين به
مڙيئي ايترو ڏئي ٿو جو سندن به ٻچا ٻار پلجن پيا.
ھڪ ٻئي کجي جي سنڌي دڪاندار سان پڻ حال احوال ٿيو. مسجد
نبوي جي باب عبدالعزيز مان نڪرڻ وقت ساڄي پاسي جنت البقيع جي ڀت سان گڏوگڏ ڪيترائي
ننڍا ننڍا دڪان آھن. ھڪ ڏينهن لنگھان ته ھڪ دڪان جي ٻاھران ھڪ ھمراهه سنڌي ٽوپي ۾
اسٽول تي چڙھيو ويٺو آھي.
”ڀائو ڪير
آھين؟ سنڌي آھين يا بلوچ؟“ مون پڇيومانس.
”سنڌي آھيان،
سکر پاسي جو ڀٽو آھيان، ڪتل وٺو، ڪيتري توريان؟“
دل ۾ چيم ته ڏاڍي ٻڌائي، پوءِ
Realize ڪيم
ته منهنجي گروپ ۾ سنڌي ڳالھائڻ وارو اڪيلو آئون آھيان ۽ پوءِ ڪو ٻاھر شھر ۾ ڪو
سنڌي ڳالھائيندڙ ملي ٿو ته پنهنجي زبان جي چشڪي لاءِ ھن سان مادري زبان ۾ ڳالھائي
خوش ٿيندو وتان پر ھنن دڪاندارن کي خبر ناھي روزانو ڪيترا سنڌي حاجي ملن ٿا ۽ ان
کان علاوه ھتي مديني ۾ رھندڙ سنڌين سان سندن ملاقات ٿيندي رھي، سو ھن قسم جي
ملاقات مون لاءِ تعجب خيز ثابت ٿئي ٿي پر ھنن لاءِ ھڪ عام ڳالهه ٿي.
ھن وٽ (ڀٽي صاحب وٽ) ڪيترن ئي قسمن جي ڪتل ھئي. اٽڪل
ڏھين ريالين کان 25 ريالين ڪلو واريون ڏھاڪو کن مختلف جنسون دٻن ۾ رکيل ھيون. ”ھن
کان مھنگيون واريون ھيڏانهن پٺيان ڪري رکيون اٿم“. ڀٽي صاحب ٻڌايو.
”عجوه جنس
جي کجور اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
”ھا، ھن
جو داڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ سڀ ۾ مھنگي ۾ مھنگي آھي. اڄڪلهه في ڪلو 75 ريالن جو آھي. وچ
۾ ته ھڪ سئو ريالن تائين به ٿي ويو ھو“. ڀٽي صاحب ٻڌايو.
عجوه کجور لاءِ چيو وڃي ٿو ته خاص مديني جي آھي ۽ حضور
اڪرم ﷺ جن جي ھٿن جي پوکيل آھي. ماڻھو شفا خاطر خريد ڪن ٿا. ھونءَ به کجي ھڪ آفاقي Universal اھميت جو ميوو آھي ۽
ان کي مڪمل فوڊ (خوراڪ) مڃيو وڃي ٿو. ھر ميوو اُس ۾ ۽ روشني جو ميوو آھي. اڄڪلهه
سنڌ جي شھرن، خيرپورميرس، ٺيڙھي، ٻٻرلوءِ، ڳاڙھي موري، پير جو ڳوٺ، احمدپور، روھڙي
۽ پنوعاقل پاسي پڻ سٺي کجي پوکي وڃي ٿي، جيڪا بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ وڃي ٿي. مون
کي ھر سال خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ عاشق حسين شاهه جو ڀاءُ جاويد شاهه سکر کان کجي
موڪليندو آھي. دوستن کي کارائڻ وقت چوندو آھي ته ڪئليفورنيا جي آھي ۽ ھرڪو چکي
چوندو آھي ته آمريڪا جي واهه جي ڪتل آھي. ھاڻ سائين ڏيو منهن.
ڪتل (کجي) جي ڪاربوھائڊريڊ، وٽامن اي ۽ بي، ڪئلشيم، پوٽيشيم،
آئرن، زنڪ ۽ ٻيا غذائي جزا مليل آھن. ھن ۾ ڪوليسٽرول بلڪل نه آھي ۽ چڪنائي گھٽ ھجڻ
ڪري ھي ميوو دل جي مريضن لاءِ بهترين شيءِ آھي. ھن ميوي جي اھميت جو اندازو ان ڳالهه
مان لڳائي سگھجي ٿو ته قرآن مجيد ۾ کجي (ڪتل) جو ذڪر اٽڪل ويهه دفعا آيو آھي.
مديني ۾ پڻ اسان ھوٽل ۾ ماني کائڻ بدران پنهنجو رڌ پچاءُ
قائم رکيو. ھوٽل جي ھر فلور تي ڪچن ھو ۽
رڌ پچاءَ جو ڪم چوٿين فلو تي عورتن ڪيو ٿي. ٻاھر جي خريداري اسان مردن ڪئي ٿي. ٽئي
يا چوٿين ڏينهن سيڌو آڻڻ جي ڊيوٽي اسرار، ڊاڪٽر شفيق ۽ مون تي لڳي. اسان کي سامان
جي لسٽ ۽ پئسا مليا ھئا، جن جو خزانچي نديم نالي ھڪ نوجوان ھو، جو ڪراچي ۾ وڏو
بزنس آھي. ڏهه کن ڪڪڙيون آچار، سيويون، سلاد، ٽماٽا، ونگيون آڻڻيون ھيون. فجر نماز
پڙھي نيرن ڪري، خريداري لاءِ نڪتاسين. پنهنجي ھوٽل کان ٻاھر نڪري ڀر واري دروازي ”باب
ملڪ عبدالعزيز“ کان مسجد نبوي ۾ گھڙياسين ۽ مسجد جي اڳيان اڳيان باب سلام، باب
بقيع، باب جبرائيل، وٽان ٿيندا، مسجد غماما ڏي ھليا وياسين. اتي ئي ويجھڙائي ۾ ھڪ
وڏي مارڪيٽ ھئي، جنهن ۾ ڀاڄين، ڪڪڙين ۽ سيڌي جا ڪيترائي دڪان ھئا، ڪيترائي دڪان
پنجابين ۽ بنگالين جا ھئا، جتي سيڌي جي ھر شيءِ ملي ٿي. جيڪا پاڪستان ۾ ملي ٿي،
ويندي پاڪستاني آچار ۽ مٺايون پڻ.
مارڪيٽ جي پويان ڪڪڙين جي دڪانن جي قطار ھئي، آئون
پھريون ئي دڪان تي چڙھي ويس، جيڪو ھڪ مصري عرب جو ھو. ڇهه ريال في ڪڪڙ جي حساب سان
160 ريال ھڪڙا ۽ ڇلاڻي ھڪ ريال في ڪڪڙ جي حساب سان پئسا اڳواٽ وٺي، پوءِ ھو ھڪ ھڪ
ڪڪڙ آرام سان ڪھڻ لڳو. وچ وچ ۾ ڪو ھڪ يا ٻه ڪڪڙيون وٺڻ آيس ٿي ته پھرين ان کي آجو
ڪيائين ٿي. آئون چوانس ٿو ته مون کي پھرين ڇلي ڏي. يعني ڪجهه انگريزي ۾ ڪجهه اشارن
سان چوانس ته ماڳھين مون تي رعب رکي چوي ته ”صبر“، ”صبر“. دل ۾ سوچيم ته ويتر پئسا
ڏئي پنهنجا ھٿ ڪپي ويٺس، ھاڻ ھي جيسين منهنجي لاءِ ڪڪڙيون ٺاھي، ويتر جو پوءِ ڀر
وارن باقي پنجن ڇھن ڪڪڙين جا دڪاندار بنگالي ۽ مدراسي ڏٺم ته ڏاڍو افسوس ٿيو. ڏٺم ته
ھي مصري عرب ڇلاڻي وٺڻ جي باوجود ڇلي به چڱي طرح نه پيو. ايتري ۾ اسرار ۽ ڊاڪٽر
شفيق باقي سڀ سيڌو وٺي ھلڻ لاءِ مون وٽ اچي نڪتا. کين ٻڌايم ته ڪري ته وڏي غلطي
ويٺو آھيان پر ھاڻي ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪھڙا.
ٻئي ڏينهن اسان جي گروپ جا ڪڪڙيون وٺڻ وارا مون کان ھن
مارڪيٽ جو ڏس پتو پڇڻ آيا ته چيومان ته مون واري غلطي نه ورجائجو. نمبر ون ته ان
مصري عرب کان ڪڪڙيون ھرگز نه وٺجو پر بنگالي دڪاندارن کان وٺجو. نمبر ٽو سڀ ڪڪڙيون
ھڪ کان نه وٺجو. ٻه ٻه ٽي ٽي ھرھڪ کان وٺجو. ائين ڪرڻ سان توھان جو وقت بچي پوندو
۽ نمبر ٿري: پئسا اڳواٽ نه ڏجو. جيئن دڪاندار جو ساهه توھان جي مٺ ۾ ھجي ۽ نه
توھان جو ساهه ھن جي طوطي ۾.
سيڌي وارن وٽ گھڻا مرچ مسالا ۽ پنسارڪيون شيون انڊيا جون
ھيون، ھڪ پاڪستان دڪاندار کان پڇيم ته اھي ساڳيون شيون پاڪستان مان ڇو نه ٿو
گھرائي. ھن جا ٻڌايل سبب.
1. انڊيا
جي شين جي پئڪنگ سٺي، سھڻي ۽ مضبوط آھي.
2. جيڪا
شيءِ سيمپل ۾ ڏيکارين ٿا، اھا ئي موڪلين ٿا.
3. قيمت
مناسب اٿن.
4. ڏيتي
ليتي ۾ ٺڳي نه ٿا ڪن.
5. ھرھڪ
شيءِ جي ٽريڊنگ اٿن. مثال طور، جيڪڏھن بيضا آھن ته سڀ وڏي سائيز جا الڳ آھن، انهن
۾ ننڍي سائيز جا ۽ خراب ۽ پراڻي مڪس نه ٿا ڪن.
6. ڳوڻ يا
دٻي ۾ جيڪا شيءِ مٿان نظر اچي اھا ئي شيءِ تر ۾ به ملي ٿي. ائين نه ته مٿين شيءِ
سٺي ھيٺ ڪئ.
منهنجي خيال ۾ اھي سڀ ڳالھيون اسان کي اسلام به سيکاري
ٿو پر ان تي عمل ٻيا پيا ڪن. انهن ڳالھين تي غور ڪرڻ کپي، اسان جا ڪيترا ماڻھو
يعني اسان جي ملڪ جا واپاري عربن سان ھميشه اھا ئي شڪايت ڪندا رھن ٿا ته عرب ھندن
کان (انڊيا کان) سامان گھرائين ٿا. اسان مسلمانن کان نه، اسان مسلمان ضرور سڏايون
ٿا پر اسلامي طور طريقي موجب شايد ھو ھلن ٿا جو ھتي جي سڄي مارڪيٽ Capture ڪري ويا آھن. اسان جي ملڪ جا پاروٿا ڪينو ۽ سينياريل آچار
اسان پاڪستاني به خريد ڪرڻ نه ٿا پسند ڪريون.
جنهن ڏينهن مڪو شريف ڇڏي رھياھئاسين ته مسجد الحرام جي
امام شيخ محمد بن عبدالله السيبائيل يا شايد شيخ عبدالرحمان السدئيس بارش پوڻ لاءِ
”نماز استسقا“ پڙھائي ھئي. ٻئي ڏينهن مديني ۾ شام جو ڪڪر نظر آيا ۽ ٽئي ڏينهن شام
جو نه فقط گھاٽا ڪڪر آسمان تي ھئا پر رکي رکي ڦڙ ڦڙ به وسي رھي ھئي. عربستان جتي
ھر وقت ھيٺ ريتي ۽ جبل نظر اچن ٿا ۽ مٿي بنا ڪڪرن جي آسمان ۽ سج جي تپش، اتي ھي
نظارو ڏسي ڏاڍو لطف آيو. مسجد نبوي جي اتاھن منارن جي بئڪ گرائونڊ ۾ چانديءَ جي
داوَن (Border) وارا ڪارا ڪارا ڪڪر
ھئا. اھڙو خوبصورت نظارو مون ڪڏھن مديني منوره جي تصويرن ۾ به نه ڏٺو. مينهن پوڻ
ڪري اوٺي جي اھا خوشبودار ھوا لڳي رھي ھئي، جيڪا سنڌ جي خشڪ ڌرتي تي مينهن ڪڻيون
وسڻ تي لڳندي آھي.
ھي چئپٽر ختم ڪرڻ کان اڳ ٻه اکر عربستان جي اھم ڪمائتي ۽
مددگار جانور اٺ تي لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جنهن جو ھن چئپٽر ۾ توڙي ٻين ھنڌن تي ذڪر
آيو آھي. جيڪو اڄ ھن جي ھن دور ۾ به جڏھن عربستان جي آسمان تي اڄ جي تيز رفتار
سواري ھوائي جھاز جي گڙٻڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. زمين تي تيل جي پائيپن جي ڄار وڇايل آھي ۽
پڪن ويڪرن ۽ مضبوط رستن تي اڄ جو عرب باشندو آمريڪا جي ٺھيل وڏين ۽ آرامده ڪارن ۾
سفر ڪري ٿو، ان ھوندي به رات جي اونداھين ۽ خاموشين ۾ ھتي جي ماڻھن کي اٺن تي
منزلون طئي ڪندو ڏسي سگھجي ٿو. اڄ به چوڏھن سئو سال اڳ وانگر جڏھن اٺن جو قافلو
جزيرة العرب جي صحرا مان گذري ٿو ته حدي جو ترانو ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو.
”حدي“ اھو
پھريون ترانو آھي، جيڪو صحراءِ عرب باشندن ايجاد ڪيو. حدي کي اٺن تي سفر ڪرڻ وارن
ايجاد ڪيو ۽ انهن ھن تراني تخليق ڪرڻ ۾ اٺن جي قدمن جي آھٽ موجب ڪمپوزنگ ڪئي.
اٺ جي ھلڻ سان پيدا ٿيندڙ لوڏا سوار کي ڏاڍو ٿڪائين ٿا. ان ڪري اھي ماڻھو جن کي اٺ جي سواري جي عادت نه ھوندي آھي، انهن کيجھٽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون
اچن ٿيون. بلڪل اھڙي طرح جيئن ڪجهه ماڻھن کي سامونڊي سفر ۾ ٻيڙي يا جھاز جي ھيٺ
مٿي ٿيڻ تي سامونڊي بيماري (سي سڪنيس) ٿئي ٿي ۽ دل ڪچي ۽ الٽين جي عارضي ۾ مبتلا
ٿيو پون.
اٺ جي سفر ۽ انهن لوڏن ۽ ٿَڪَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ
عرب حدي ڳائين ٿا. تجربي مان ثابت ٿيو آھي ته ان راڳ (حدي) کي جڏھن ترنم سان ڳايو
وڃي ٿو ته نه فقط سوار پر اٺ به خوشي مان ڳاٽ کڻي ھلي ٿو، ڇو جو اھو گانو اٺ تي به
اثر انداز ٿئي ٿو.
اٺ ھڪ عجيب جانور آھي، جيڪو ريگستان ۾ رھندڙ عرب لاءِ
بيحد ڪمائتو ثابت ٿيو آھي. اٺ نه فقط سواري لاءِ ڪم اچي ٿو پر مال ڍوئڻ جي به مال
گاڏي آھي. عربستان جي اھا تپندڙ واري ۽ گرمي جتي ھر جانور توڙي مشين بيوس ٿي پوي. اتي ھڪ عرب جو بهترين ساٿي اٺ آھي. اٺ بنا ساھي پٽڻ جي ارڙھن ڪلاڪ روزانو ھلي سگھي
ٿو ۽ پنجاهه ميل (80 ڪلوميٽر) جھاڳي سگھي ٿو ۽ اھا مسافري ھڪ عام رستي تي نه پر
ريتي تي ڪري سگھي ٿو ۽ 130 کن ڪلو وزن جا رکي ھو پنج ڇهه ڏينهن بنا کاڌي پيتي جي
رھي سگھي ٿو ۽ پوءِ وري پاڻي مليس ٿو ته 35 گيلن کن پاڻي (جيڪي چار مڻ ٿا ٿين) ھڪ
ئي وقت ڏھن منٽن ۾ پيو وٺي. ائين ڪو ٻيو جانور يا ماڻھو گھڻو پاڻي پيئي ته اڦٽ مري
وڃي پر قدرت اٺ جو جسم اھڙي نموني جو ٺاھيو آھي جو ھو ان پاڻي کي يڪدم Absorb ڪريو وٺي. جو ھن جي رت جا ڳاڙھا جزا (Corpuscles) يڪدم ڦونڊجيو (Exand ٿيو وڃن ۽ پاڻي جو
فالتو مقدار جذب ڪريو وٺن. ڪڏھن ڪڏھن رڻ پٽ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ايمرجنسي ۾اٺ کي ڪھي
ان ۾ اسٽور ٿيل پاڻي حاصل ڪري انسانن جي جان بچائي ويندي آھي. اٺ جو کير ٿورو کارو
ٿئي ٿو پر عرب ان کي ڪتل سان گڏ پيئڻ پسند ڪن ٿا ۽ پيئڻ واري ۾ Resistance power پيدا ٿئي ٿو. اٺ جو گوشت کاڌو وڃي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن رڻ پٽ ۾تنبن جي کوٽ ھجڻ جي صورت ۾ عرب بيٺل اٺن جي
ڇانوَ ۾ سمھيو رھن ٻيو ته ٺھيو ڪيترا عرب پنهنجي چڙ اٺ کي ڏنڊا ھڻي ڪڍن. اڄڪلهه ته
دبئي ڪويت پاسي اٺن جي ڊوڙ تي Bets (شرطون) لڳن ٿيون.
رڻ پٽ بيانن ۾ ريتي جي طوفانن کان بچاءَ لاءِ اٺ پنهنجي
نڪ کي مڪمل طور بند رکي سگھي ٿو ۽ اکين تي عورتن جي چادرين (برقعن) وانگر ٻن نقابن
مان ھڪ ڏئي اکين جو بچاءُ به ڪري سگھي ٿو ته اڳتي جو سفر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏسي به
سگھي ٿو. ھونءَ ته ھن جانور لاءِ جيڪو غريب طبيعت جو به آھي ته ڏنگو مڙس به، جنگلي
آھي ته پالتو به، خوفناڪ آھي ته چئيوان به، سڀ کان بهترين کاڌو سائو گاهه ۽ پن آھن
پر اھو کيس ڪو ورلي نصيب ٿئي ٿو. ڪنڊن ڪرڙن ۽ سڪل ٽارين سان ئي پيٽ ڀري ٿو ۽ پوءِ
فرصت ۾ ان پيٽ مان ٿورو ٿورو کاڌو ڪڍي اوڳاريندو رھي ٿو ۽ ان ۾ ئي خوش رھي ٿو ۽
شڪر و صبر سان ڪم ڪري ٿو. ھو ھر وقت ٻين کي ئي ڪم اچي ٿو. شايد اٺ جون اھي خاصيتون
سوچي ھڪ يورپي سعودي عرب ۾ رھي اسلام جو مطالعو ڪري اٺ بابت ھي ريمارڪ ڏنو:
"The camles fate, it
seems, recapitualtes Islam to give, to yield, to submit".
اٺ بابت ھڪ مضمون ريڊرس ڊائجسٽ ۾ به پڙھيو ھوم، جنهن جي
مصنف اليگزينڊر ٿيروڪس اٺن بابت ھڪ جملو واهه جو لکيو آھي ته:
"The Arabs eat them, beat
them, ride them, race them, bet on them and sleep in their shadows. They do
everyting bud marry them".
No comments:
Post a Comment