Friday, February 03, 2012

ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي - الطاف شيخ


ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي ...
 الطاف شيخ
سفر کڻي ڪھڙو به ھجي اھو ”في نفسه مشقت“ جو سبب آھي. انهي ڪري شريعت سفر ۾ خصوصي رعايت ان حد تائين فرمائي آھي جو فرض نمازون چئن رڪعتن بدران ٻه ڪيون آھن. خود نبي ڪريم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته ”السفر قطعته من النار“ ـ سفر باهه جو ٽڪرو آھي. ان ڪري سفر ۾ مشقت (محنت ۽ تڪليف) ته ٿئي ئي ٿي.


۽ مولانا محمد زڪريا (جنهن جو ڪتاب ”فضائل حج“ ڪتب خانه فيضي لاھور وارن ڇپرايو آھي.) جي چواڻي حج جو سفر ته خاص عاشقاڻو سفر آھي. سچن عاشقن وانگر ئي ان کي طئه ڪرڻ کپي، پوءِ ھن مسافرن کي چاھي ڪو خواب چوي، گاريون ڏئي، پٿر ھڻي ـ جيڪي جنهن کان وڻي اھو ڪري ھن کي پنهنجن خيالن ۾ مست ۽ پنهنجي ذوق شوق ۾ مگن رھڻ کپي.
ـــــــــــــــ
امام غزالي رح ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته حج جي سفر ۾ انسان جيڪي ڪجهه خرچ ڪري اھو خوش ٿي وڏي دل سان خرچ ڪري ۽ جيڪي نقصان جاني يا مالي رسيس ان تي ملول نه ٿئي جو اھو ھن جي حج جي قبول ٿيڻ جي نشاني آھي حج جي رستي ۾ مصيبت يا تڪليف وٺڻ جھاد ۾ تڪليف کڻڻ برابر آھي، جنهن جو تمام وڏو اجر آھي. ان ڪري جيڪو به مشقت يا نقصان برداشت ڪندو، الله ان کي تمام وڏو فائدو ڏيندو. ھن جون تڪليفون ڪڏھن به ضايع نه ٿيون وڃن.
ـــــــــــــــ
نبي ڪريم ﷺ جن ھڪ حديث پاڪ ۾ ارشاد فرمايو ته حج جي خوبي نرميءَ سان ڳالھائڻ ۽ ماڻھن کي کاڌو کارائڻ آھي. ان ڪري ڪنهن سان تکو ٿي نه ڳالھائجي، ڪنهن تي چڙ نه ڪجي. ھر ھڪ سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچجي. علمائن اڳيان خوش خلقي اھا ناھي ته ٻئي کي تڪليف نه پھچائجي پر ٻئي جي تڪليف کي برداشت ڪجي. سفر جي معنى عربي ڊڪشنريءَ ۾ ”ظاھر ڪرڻ“ جي آھي، عالمن جو چوڻ آھي ته سفر کي سفر ان ڪري چيو وڃي ٿو جو ھن ۾ ماڻھوءَ جو اخلاق ظاھر ٿئي ٿو.
ـــــــــــــــ
حضرت عمر رضي الله تعالى عنه ھڪ شخص کان معلوم ڪيو ته ھو فلاڻي ھمراهه کي سڃاڻي ٿو ته ھو ڪيئن آھي؟
ھن عرض ڪيو ته ھا سائين سڃاڻانس ٿو.
حضرت عمر پڇيس ته ڇا تو ڪڏھن ڪو سفر ھن سان گڏ ڪيو آھي؟
ھن عرض ڪيو ته نه، سفر ته مون ڪڏھن به ھن سان گڏ نه ڪيو آھي.
حضرت عمر فرمايو ته، پوءِ تون ھن کي نٿو سڃاڻين.
ـــــــــــــــ
ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته حج ھڪ گھڻن مقصدن ۽ فائدن واري عبادت آھي، جنهن جا بيشمار ديني ۽ دنياوي فائدا آھن. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ان حقيقت جو اظھار ھنن لفظن ۾ فرمايو آھي:
”ترجمو: يعني ماڻھو ھتي اچن ۽ اچي ڏسن ته حج ۾ ھنن لاءِ ڪھڙا ڪھڙا ديني ۽ دنياوي فائدا آھن.
حاجي گھر، ٻار، مٽ مائٽ ۽ پنهنجا سڀ ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي الله جي گھر جي زيارت لاءِ ھڪ ڊگھي ۽ ڏکئي سفر لاءِ نڪرن ٿا. سفر جي دوران ھو خالص الله جي رضا لاءِ تڪليفون ۽ پريشانيون برداشت ڪن ٿا ۽ اھا ڳالهه ھنن جي نفس کي پاڪ ۽ بهتر بنائي ٿي.
دنيا جي مختلف حصن ۾ رھڻ وارن، مختلف زبانون ڳالھائڻ وارن، مختلف لباس پائڻ وارن، مختلف رنگن ۽ مختلف نسلن سان تعلق رکڻ وارن ماڻھن جو ھڪ ئي سادو فقيراڻو ڪفن جھڙو لباس (احرام) پائي ھڪ ھنڌ اچي گڏ ٿيڻ ـ برابري (مساوات) جو ھڪ اھڙو سبق ڏئي ٿو، جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي مذھب ۾ نٿو ملي، امير، غريب، شاهه، گدا، عربي، عجمي ـ سڀني ماڻھن جو ھڪ ئي لباس ۾، ھڪ ئي توحيد جو ترانو بلند ڪندي پنهنجي خلقڻھار ۽ پروردگار جي حضور ۾ مٿو ٽيڪڻ (سجده ريز ٿيڻ) بس ھڪ ئي امت، ھڪ ئي قوم، قوم رسول ھاشمي بنجڻ جي تعليم ڏئي ٿو. حرم ۾ داخل ٿيڻ جون پابنديون. احرام جون پابنديون، پنهنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان امن ۾ سلامتي ۽ عزت و احترام سان زندگي گذارڻ جو طريقو سيکارين ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالهه دوران حج ھر حاجيءَ کي توحيد ۽ سنت جي تعليم ملي ٿي، جيڪا ھر مسلمان لاءِ ضروري آھي.
ـــــــــــــــ
توحيد جو عقيدو ۽ سنت جي پيروي اسلام جون ٻه بنيادي ۽ اھم ترين تعليمات آھن. دين اسلام ۾ توحيد جو عقيدو سڀ ۾ اھم ۽ لازمي شيءَ آھي عقيدو توحيد جيڪڏھن صحيح نه آھي ته ڪيڏو به وڏي ۾ وڏو نيڪ عمل به رب پاڪ وٽ قبول نٿو ٿئي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آھي:
ترجمو: ”جيڪڏھن تو شرڪ ڪيو ته تنهنجي ڪئي ڪرائي محنت (عمل) ضايع ٿي ويندو ۽ تون نقصان (خسارو) حاصل ڪرڻ وارن مان ٿي ويندين.“ (سورة زمر، آيت 65)
سورة مائده ۾ الله تعاليٰ واضح طور فرمايو آھي ته مشرڪ (شرڪ ڪرڻ واري) لاءِ جنت حرام آھي ۽ ھو ھميشه جھنم ۾ رھندو.
حج ھر حاجي جي ”عقيده توحيد“ کي پختو بنائڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. احرام ٻڌڻ سان ھو الله جي وحدانيت، تعريف، وڏائي ۽ عظمت تي ٻڌل تلبيھ پڙھڻ شروع ڪري ٿو. مڪي پھچي طواف جي شروعات الله جي ھيڪڙائي ۽ وڏائيءَ جا ڪلمات ادا ڪرڻ سان شروع ڪري ٿو ۽ ھر چڪر ۾ حجر اسود وٽ اچي اھي ساڳيا ڪلمات ورجائي ٿو. طواف دوران به الله جي توحيد، وڏائي پاڪائي ۽ تقدس جا گڻ ڳائي ٿو. سعي جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ھو صفا پھاڙي وٽ ۽ دوران سعي ڳائي ٿو. منى کان عرفات، عرفات کان مزدلفه ۽ مزدلفه کان منى ويندي وقت لڳاتار تلبيھ، تحميد ۽ تقديس جا ڪلما پڙھڻ کي ئي ته حج مبرور چيو ويو آھي. قرباني ڪرڻ وقت ھو الله جو نالو ۽ وڏائي جو اظھار ڪري ٿو. رمي جمار (شيطان کي پٿريون ھڻڻ) وقت ھر پٿري اڇلڻ سان گڏ الله تعاليٰ جي وڏائيءَ جو نعرو بلند ڪري ٿو. مطلب ته حج جي دوران قدم قدم تي حاجي جي زبان تي رب پاڪ جي توحيد، تڪبير، تحميد ۽ تقديس جو ڪلمو ھجڻ ڪري ھر حاجيءَ جي دل ۽ دماغ تي عقيده توحيد پختي طرح وھيو وڃي.
ـــــــــــــــ
عقيده توحيد بعد دين اسلام ۾ ٻئي نمبر تي سنت جي پيروري اھم بنياد آھي. رسول جيئن ته الله تعاليٰ جو پيغامبر ۽ نمائندو ٿئي ٿو ان ڪري رسول جي پيروري درحقيقت الله تعاليٰ جي پيروي آھي. قرآن مجيد جي سورته نساءَ جي 80 نمبر آيت آھي ته، ”جنهن رسول جي اطاعت ڪئي تنهن دراصل الله جي اعات ڪئي“. ۽ خود رسول اڪرم ﷺ وسلم جن ھڪ حديث ۾ اھا ئي ڳالهه ارشاد فرمائي آھي ته، ”جنهن منهنجي اطاعت ڪئي ان ڄڻ ته الله جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي ڄڻ ته الله جي نافرماني ڪئي.“ (بخاري و مسلم)
ھڪ ٻي حديث ۾ حضور ﷺ جن فرمايو آھي ته: ”جنهن منهنجي سنت کان منهن موڙيو اھو مون مان نه آھي.“ (بخاري و مسلم). ھڪ ٻي حديث ۾ حضور ﷺ جن واضح طور اھو ٻڌايو آھي ته جنهن ثواب خاطر اھڙو ڪم ڪيو جيڪو منهنجي شريعت ۾ موجود نه آھي اھو عمل الله وٽ مردود ۽ غير مقبول ٿيندو. (بخاري و مسلم) ۽ ھر خطبي ۾ حضور ﷺ جن ھي لفظ ارشاد فرمائيندا ھئا:
”دين ۾ نئين ڳالهه ايجاد ڪرڻ بدترين ڪم آھي ۽ دين ۾ ھر نئين ڳالهه بدعت آھي ۽ ھر بدعت گمراھي آھي ۽ ھر گمراھيءَ جو نتيجو باهه آھي“.
حج جي طريقن کي شروع کان آخر تائين ڏسبو ته ڪيئن اھي ھڪ حاجيءَ کي سنت جي پيروي ڪرڻ جي تعليم ڏين ٿا. 8 ذوالحج تي حاجي مسجد الحرام (مڪو شريف) ڇڏي ھڪ غيرآباد پھاڙي علائقي (منى) ۾ پنهنجو پاڻ کي تنبن حوالي اچيو ڪري. ڏٺو وڃي ته منى جي مقابلي ۾ حرم پاڪ ۾ پڙھيل نمازن جو ثواب لکين درجا زياده ٿئي ٿو پر پوءِ به حاجي حرم پاڪ ڇڏيو ڏئي. منى ۾ ھڪ مختصر رھائش بعد ٻئي ڏينهن 9 ذوالحج تي سج اڀرڻ بعد حاجي سفر لاءِ نڪري ٿو ۽ پنڌ يا بس ذريعي ھڙ ھٿ ۾ کڻي عرفات جي ميدان تان وڃيو نڪري. اھي ئي تنبو، اھا ئي ريتي ۽ وارياسو پٽ، اھي ڪارا جبل ۽ اھا ئي آبهوا، عرفات ۾ آخر ڪھڙي اھڙي خوبي آھي جيڪو منى ۾ نه آھي، مڪي ۾ نه آھي، پر لکھا ماڻھن جو (ھن سال2000ع ۾ اٽڪل ٽيهه لک کن حاجي ھئا.) منى جي حدن مان نڪري ھڪڙي وقت عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ پنهنجي اندر ڪھڙي حڪمت رکي ٿو؟ اھا ئي ته اسان جي رسول اڪرم ﷺ جي ائين ڪيو.
عرفات ۾ چند ڪلاڪ ترسي مغرب کانپوءِ مغرب جي نماز پڙھڻ بنا حاجي مزدلفه جي سفر تي نڪري ٿو. رات مزدلفه ۾ اچيو گذاري. ھو رات مزدلفه ۾ ڇو ٿو گذاري ۽ عرفات تي ڇو نه؟ ۽ سانجھي (مغرب) جي نماز عرفات جي ميدان تي پڙھي نڪرڻ بدران مزدلفه پھچي اتي مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون گڏ ڇو ٿو پڙھي؟ جيتوڻيڪ نماز وقت تي ادا ڪرڻ کپي ۽ اول وقت ۾ نماز پڙھڻ افضل ترين عمل آھي پر ھن موقعي تي حاجي ڄاڻي واڻي مغرب جي نماز ۾ دير ڪريو ڇڏين. آخر ڇو؟ ان ڪري جو ھو سنت رسول ﷺ جي پيروي ڪرڻ چاھين ٿا.
مزدلفه ۾ حاجي سڄي رات سمھيو گذارين ٿا ۽ ڄاڻي واڻي تهجد نماز ترڪ ڪريو ڇڏين. آخر ڀلا ڇو؟ فقط ان ڪري جو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ان تهجد جي نماز ادا نه ڪئي ھئي.
فجر نماز پڙھڻ بعد حاجي مزدلفه کان وري منى ۾ اچن ٿا، ان ڪري جو حضور اڪرم ﷺ جن ائين ڪيو ۽ اسان کي به ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
ڏھين ذوالحج تي منى پھچي حاجي صرف جمرة عقبه (وڏي شيطان) کي پٿريون ھڻن ٿا، جيتوڻيڪ باقي ٻه يا ٽي ڏينهن ھو جمرة عقبه سان گڏ جمرة وسطي (وچين شيطان) ۽ جمرة اولى (ننڍي شيطان) کي به پٿريون ھڻن ٿا. ان جو سبب فقط اھو آھي ته حضور ﷺ جن ائين ڪيو.
ڏھين ذوالحج تي حاجي قرباني ڪري مٿي جا وار ڪوڙائين ٿا، ان بعد وھنجي سھنجي مڪي شريف طواف زيارت لاءِ وڃن ٿا. طواف بعد رات مڪي ۾ گذارڻ بعد موٽيو منى اچن ٿا، فقط ان ڪري جو رسول اڪرم ﷺ جن ائين ڪيو ھو.
حضرت عمر فاروق رضه طواف دوران حجر اسود کي مخاطب ٿي چيو: ”الله جو قسم! آئون چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو ته تون ھڪ پٿر آھين. نه نقصان پھچائي سگھين ٿو نه فائدو ڏئي سگھين ٿو. جيڪڏھن رسول اڪرم ﷺ کي توکي چمندو نه ڏسان ھا ته توکي ڪڏھن نه چمان ھان.“ اھو چئي حجر اسود جو استلام ڪيو، پوءِ چيو: ”ھاڻ اسان کي طواف (عمري) جي پھرين ٽن چڪرن ۾ رمل ڪرڻ (تکو تکو ھلڻ) جي ڪھڙي ضرورت آھي. رمل ته مشرڪن جي لاءِ ھو ۽ ھاڻ الله تعاليٰ انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو.” (1) پوءِ پاڻ فرمايو، ”رمل اھا شيءِ آھي جنهن کي نبي اڪرم ﷺ جن ڪيو ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سنت ڇڏڻ اسان کي پسند ناھي.“ (صحيح بخاري)
ڪيتريون ڳالھيون آھن جن جو مطلب يا مقصد اسان جي محدود عقل ۾ نٿو اچي پر جيئن ته انهن لاءِ الله تعاليٰ حڪم ڪيو آھي يا رسول الله ﷺ جي سنت آھي ان ڪري انهن تي اسان کي عمل ڪرڻو پوي ٿو. سو ظاھري طرح کڻي ڇا به ھجي پر اسان کي اھو سوچڻ کپي ته ان ۾ آھي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
سو حج اھا عبادت آھي جنهن ۾ ھر حاجيءَ کي توحيد ۽ سنت جي پيروي ڪرڻ جي تعليم ملي ٿي.

No comments:

Post a Comment