Friday, February 03, 2012

سفر جي تياري ۽ سامان جي لسٽ - الطاف شيخ


سفر جي تياري ۽ سامان جي لسٽ
 الطاف شيخ
پاڪستان ۾ حج جون درخواستون ۽ پئسا گھڻو اڳ ورتا وڃن ٿا. مثال طور: ھن سال (2000ع ۽ 1420 هه) حج مارچ جي 15 ڌاري ٿيو ۽ حاجين جون حج لاءِ اڏامون 20 فيبروري کان شروع ٿيون ھيون پر حج لاءِ فارم ۽ حج جي خرچ جا پئسا ڇهه مھينا اڳ (سيپٽمبر 1999ع) ۾ بئنڪن ۾ جمع ڪرايا ويا ۽ 30 سيپٽمبر آخري تاريخ ھئي. پوءِ ڊسمبر ڌاري حڪومت پاڪستان جي وزارت مذھبي امور، اسلام آباد کان پھريون ڪارڊ مليو ته، ”توھان کي مڪي ۽ مديني ۾ ذاتي رھائش اختيار ڪرڻ جي اجازت آھي ۽ ان رھائشگاهه جي ائڊريس پنهنجي بئنڪ معرفت وزارت کي ٻڌايو ۽ توھان جو درخواست نمبر ھي آھي“. اھو درخواست نمبر پاسپورٽ نمبر پڻ سمجھڻ کپي، حج تي روانو ٿيندڙ حاجين کي ھڪ الڳ قسم جو پاسپورٽ ملي ٿو، جنهن ذريعي فقط حج ئي ڪري سگھجي ٿو .ان پاسپورٽ ذريعي نه ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي سگھجي ٿو ۽ نه سعودي عرب ۾ وڌيڪ رھي سگھجي ٿو. اھو پاسپورٽ حج لاءِ روانو ٿيڻ کان ھڪ ڏينهن اڳ حاجي ڪئمپ مان فارين ايڪسچينج (ريال ۽ ٽريولرس چيڪ) وٺڻ وقت ملي ٿو ۽ جدي جي ايئر پورٽ تي پھچڻ سان اھو پاسپورٽ معلم حوالي ٿيو وڃي. واپس ھٿ ۾ وري تڏھن ملي ٿو. جڏھن حج ڪري وطن ورڻ لاءِ جدي ايئر پورٽ تي پھچي ٿو. تيسين دوران حج پاڪستان حڪومت ۽ معلم طرفان مليل ڪارڊ پاڻ سان رکڻو پوي ٿو. بلڪھ ٻنهي جو ھار ٺاھي ڳچي ۾ پائڻو پوي ٿو. ان ۾ منى جي مختلف معلومات لکيل ٿئي ٿي، جيئن چڪاس وقت يا حادثي جي صورت ۾ اھا ڄاڻ پئجي سگھي ته ھمراهه ڪير آھي ۽ آيا قانوني طرح آيو آھي يا لڪي ڇپي. ان ڳالهه لاءِ ھر وقت پوليس جون گاڏيون ڇاپا ھڻنديون رھن ٿيون. ان ڪري حاجين کي ھر وقت تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته پنهنجي سفر جا ڪاغذ ھو سوگھا رکن ۽ ھر وقت پاڻ سان رکن. عورتن ۽ ٻارن جا پڻ انهن جي ئي حوالي ڪن، جيئن چڪاس مھل ھو ڏيکاري سگھن.


ھڪ پاڪستاني ھمراهه ٻڌايو ته ھنن جي گروپ ليڊر کي پوليس مڪي مان جھلي ڪراچي واپس موڪلي ڇڏيو. ٿيو ھيئن جو ھو وھنجي ڪپڙا تبديل ڪري سندن رھائشگاهه جي سامھون، رستي جي ٻئي پاسي واري دڪان تان نان وٺڻ ويو ته اتي پوليس جي گاڏي اچي لنگھي ۽ ٻين سان گڏ ھن کان به ڪاغذن جي گھر ڪيائون، جيڪي وھنجڻ مھل ھن کان ميرن ڪپڙن ۾ رھجي ويا ھئا. ھن گھڻو ئي پوليس کي سمجھايو ته اھي ميرن ڪپڙن ۾ رھجي ويا آھن. سامھون گھر ۾ رھان ٿو. ھينئر جو ھينئر کڻي اچان ٿو پر سعودي حڪومت جي پوليس ڪٿي ٿي ٻڌي. ٻين غير قانوني آيل ماڻھن سان گڏ ھن کي به پوليس وئن ۾ ويھاري مڪي جيل وٺي ويا، اتي پھچي خبر پئي ته مڪو جيل ته سڄو فل آھي. ان بعد اھو فيصلو ٿيو ته فالتو ڏوھارين کي رياض موڪليو وڃي. رياض سعودي عرب جي گادي جو شھر آھي.
رياض ۾ ڪو اھو فيصلو ڪيو ويو ته اڳھين ٻيا ڏوھاري گھڻا آھن. ھنن غير قانوني آيلن کي رکڻ اجايو آھي. ان ڪري کين سندن ملڪ جي سفارتخاني جي خرچ تي سندن ملڪ موڪليو وڃي. رياض پھچي حج لاءِ آيل ھن گروپ ليڊر گھڻي ئي ھاءِ گھوڙا ڪئي پر ھتي ڪنهن کي آھي ٻڌڻ لاءِ وقت ۽ ھمدردي. سعودي حڪومت کي آخر ھمدردي به ڇو ٿئي، جڏھن سالن کان ڌارين ملڪن جي ماڻھن سندن ملڪ ۾ غير قانوني طرح اچي کين بازاري ڪري رکيو آھي  ۽ پوءِ نه فقط نوڪريون ڳوليندا وتن ٿا پر غلط ڌنڌا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ڏوهه به ڪندا رھن ٿا. جھلجڻ تي سوين ڪوڙا بهانا ٺاھين ٿا. بهرحال ھتي ھن حج ڪرڻ لاءِ قانوني طرح آيل ھن حاجي وٽ جيتوڻيڪ ڪاغذ پٽ سڀ ھئا پر ھو ڇا چوندا آھن ته سڪن سان گڏ آلا به، ھونءَ به ھو اھا غلطي ڪري ويٺو ھو جو ڪاغذ پٽ پاڻ سان نه رکيا ھئائين. بهرحال ھو ان ئي وقت ڪراچي کان اچي نڪتو. اثر رسوخ وارو ماڻھو ھو. يڪدم اسلام آباد اچي وزارت ۾ گوڙ ڪيائين ته ھي انڌير ٿيو آھي. پوءِ ھن خاطر پاڪستان جي واسطيدار وزارت جا آفيسر سعودي حڪومت جي ڪارندن کي فئڪس ذريعي ٽي ڏينهن دانهون موڪليندا رھيا پر ڪو به جواب نه مليو. چوٿين پنجين ڏينهن فون ذريعي نيٺ سندن Contact ٿي ويو پر رياض (سعودي عرب) کان جواب ملين ته ”وعليڪم سلام و رحمت الله. ھاڻ ان کي ٻئي سال ئي حج تي موڪلجو ۽ چئجوس ته جيڪڏھن قانوني طرح اچين ٿو ته قانوني ڪاغذ پاڻ سان رکندو ڪر“.
ھي ڳالهه فقط ان ڪري لکي اٿم ته حج تي ويندڙ اسان جا حاجي انهن ڪاغذن جي اھميت سمجھن ۽ جيڪي ڪاغذ پاڻ سان گڏ کڻي ھلڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اھي پاڻ سان ھر وقت گڏ رکن، جيئن اوچتي چڪاس مھل پوليس کي ڏيکاري سگھن. دراصل سعودي حڪومت سان به مصيبت آھي. جڏھن کان ھنن وٽ تيل نڪتو آھي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آئي آھي، ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻھو نوڪرين جي ڳولا ۾ غير قانوني طرح سعودي عرب ۾ گھڙي پيا آھن. سعودي حڪومت انهن جي جھل ۾ لڳي پئي آھي پر تڏھن به انهي بهاني، خاص ڪري حج ۽ عمري بهاني اچي لڪيو ٿا وڃن يا جيڪي قانوني طرح ويزا ذريعي سال يا ٻن لاءِ اچن ٿا، اھي مقرر مدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي وطن موٽڻ بدران لڪيو وڃن، ڪيترا وري اھڙا آھن، جيڪي سعودي عرب جي مختلف شھرن ۾ نوڪريون ڪن ٿا ۽ پوءِ حج جي ڏينهن ۾ بنا اجازت لڪ چوري ۾ مڪي پھچيو وڃن. سعودي حڪومت نه ٿي چاھي ته سعودي عرب جي ٻين شھرن ۾ رھندڙ توڙي کڻي سندن پنهنجا عرب ھجن، جنهن سال وڻين، ان سال حج تي ھليا اچن. ائين جي آزاد ڇڏيو وڃي ته ھيڪاندي رش وڌي وڃي ۽ ٻاھرين ملڪن کان آيل حاجين خاص ڪري پوڙھن، ڪمزورن ۽ بيمارن لاءِ وڌيڪ مسئلو ٿي پوي. ان ڪري سعودي حڪومت پنهنجن ماڻھن کي به حج لاءِ پرمٽ ڏئي ٿي، جيڪا کين شايد پنجن سالن ۾ ھڪ دفعو ملي ٿي. سو اھڙي صورت ۾ ضروري آھي ته اھم ڪاغذ پاڻ سان رکجن.
حج تي سنڌ جي ڪيترن ڳوٺاڻن کي جڏھن ان ڳالهه لاءِ ڌيان ڇڪايم ته ھنن اھو ئي جواب ڏنو ”نه سائين اسان کي ڪير جھليندو. اسان ته حج لاءِ آيا آھيون. ڪاغذن لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه پڇيو آھي“.
بلڪل صحيح ڳالهه آھي. ٿي سگھي ٿو ته سڄي سفر ۾ ڪو ڪاغذن جو نه پڇي پر ھي چڪاس اوچتي ۽ ڪٿي ڪٿي (Random) ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ شل نه ڪو آئيءَ ۾ اچي وڃي. ٻي ڳالهه ته رش ۾ ڪو گم ٿي وڃي يا گرمي ڪري يا ٻي سبب ڪري بيھوش ٿي وڃي ته ڪاغذن مان خبر پئجي سگھي ٿي ته ھن جو واسطو ڪھڙي ملڪ سان آھي ۽ حج دوران ھن جو معلم ۽ مڪتب ڪھڙو آھي.
بهرحال ڪراچي ۾ حج جي درخواست سيپٽمبر ۾ ڏيڻ بعد جنوري جي آخري ھفتي ڌاري، ٽپال رستي ڏنل ائڊريس تي وزارت مذھبي امور اسلا م آباد کان حج لاءِ وڃڻ جو پروگرام ملي ويو ته فلاڻي ڏينهن ۽ وقت تي فلاڻي فلائيٽ ذريعي ڪراچي کان جدي وڃڻو آھي. ڪراچي ڇڏڻ کان ٻه ڏينهن اڳ حاجي ڪئمپ مان ھوائي جھاز جي ٽڪيٽ ۽ غير ملڪي ناڻو ـ گھڻو ڪري ٽريولرس چيڪ جي صورت ۾ ملي ٿو. اتي ھر بئنڪ جي برانچ آھي ۽ جنهن بئنڪ ۾ توھان درخواست ۽ حج جو خرچ ڏنو ھو، ان جي برانچ کان ملي وڃي ٿو.
ٽريولرس چيڪ تي ٻه دفعا صحيحون ڪرڻ تي اھو مٽجي ملي ٿو. ھڪ صحيح ڪراچيءَ ۾ حاجي ڪئمپ ۾ ئي ڪرائي وڃي ٿي ۽ ٻي صحيح مڪي يا مديني  ۾ چيڪ ڪئش ڪرڻ مھل ڪرڻي پوي ٿي. صحيح ۾ ردوبدل تي مڪي يا مديني جي بئنڪ وارا اھو چيڪ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري سگھي ٿو. ان ڪري ڪراچي ۾ چيڪن تي آرام سان اھا صحيح ڪريو، جيڪا توھان ڪندا رھو ٿا ۽ جنهن جي توھان کي پرئڪٽس آھي. ٽريولرس چيڪ سان گڏ جيڪا رسيد ملي ٿي، ان تي به اھا ئي صحيح ڪرڻي آھي جو مڪي يا مديني ۾ ڪجهه بئنڪن وارا ۽Money Changers  (پئسا مَٽي ڏيڻ وارا دڪاندار) ان رسيد تي ٿيل صحيح جي به جانچ ڪن ٿا.
ھوائي جھاز ۾ چڙھڻ لاءِ حاجين کي ٽي چار ڪلاڪ اڳواٽ ايئر پورٽ تي گھرايو وڃي ٿو. سامان به ايئر پورٽ تي ئي ورتو وڃي ٿو. پر ماضي ۾ حاجين کي سامان حاجي ڪئمپ ۾ ئي ڏيڻو پوندو ھو. بهرحال ان قسم جا قاعدا قانون ھر سال بدلبا رھن ٿا ۽ ان بابت چڱي طرح ڄاڻ رکڻ ضروري آھي.
احرام، پلاسٽڪ جو ٿرماس، چيلهه سان ٻڌڻ جو پٽو، وڏو پائوچ جنهن ۾ پاسپورٽ، بئگن جون چاٻيون ۽ ٻيو ھلڪو سامان وجھجي، ڪٿان به ملي سگھي ٿو، شھر مان صدر مان يا ٽاور وٽ ميمڻ مسجد ٻاھران عالمگير مسجد ٻاھران يا حاجي ڪئمپ مان وٺي سگھجي ٿو، حاجي ڪئمپ مان بنا خوشبو وارو صابڻ به ملي ٿو، جيڪو ھوائي جھاز ۾ ۽ بعد ۾ منى عرفات وغيره ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ڇو جو احرام جي حالت ۾ خوشبو جي منع آھي. ھڪ صابڻ ڪافي آھي ۽ ڪيترائي استعمال ڪري سگھن ٿا.
ڪيتريون بئنڪن يا ھوائي ڪمپنيون پنهنجي اشتهار بازي لاءِ ٿرماس، پائوچ ۽ ڇٽيون ڏين ٿيون، ٽئي شيون اھم آھن. ٿرماس جو ھجڻ بيحد ضروري آھي. سعودي عرب سنڌ کان به وڌيڪ جابلو ۽ وارياسو ملڪ آھي. سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن لڳڻ ۽ Dehydration کان بچڻ لاءِ گھڻي کان گھڻو پاڻي پيئجي. ان لاءِ ھڪ ڏيڍ لٽر جو پلاسٽڪ جو ٿرماس ھجڻ ضروري آھي. ڪيترن ھنڌن تي سعودي حڪومت ٿڌي پاڻي جا ڪولر ھڻي ڇڏيا آھن پر ڪڏھن ڪڏھن انهن ۾ بيحد ٿڌو پاڻي ٿئي ٿو ۽ بهتر اھو ئي آھي ته توھان پنهنجي ٿرماس ۾ مڪس ڪري پوءِ پيئو. حرم پاڪ ۾ به زم زم جي ٿڌي پاڻي جا ڪولر ڀريا پيا آھن. انهن مان ھڪ ٻن ۾ تازو پاڻي به آھي ۽ انهن ڪولرن جي ٻاھران غير مجرب لکيل رھي ٿو. اس ۾ طواف ڪرڻ بعد يا ٻاھران گرمي مان اچي ٿڌو پاڻي پيئڻ بدران تازو پيئڻ کپي.
سعودي عرب ۾ سج جي ڪرڻن کان پاڻ بچائجي جو اتي تمام گھڻي تپش   ٿئي ٿي ۽ ڏينهن لڳڻ جا امڪان آھن. مٿي تي ٽوپي ۽ رومال رکجي. جيئن ڪنڌ به ڍڪيل رھي يا ڇٽي کڻجي. حج وارن پنجن ڏينهن ۾ منى ۽ عرفات تي ته ڇٽي جي تمام گھڻي ضرورت پوي ٿي جو تمام گھڻي اس ۾ ھلڻو پوي ٿو. اسان کي ھن ڀيري پي آءِ اي وارن ھڪ سنهڙي ڪپڙي جي ڇٽي ڏني، جيڪا ڏئي ھنن پنهنجي ڪمپني جي اشتهاربازي ته ضرور ڪئي پر ان ڇٽي جي ٻاھران پي آءِ اي وڏن اکرن ۾ لکيل ھو پر حاجين سان وڏو ظلم ڪيائون، خاص ڪري پوڙھن ۽ بيمار ماڻھن سان، ڇٽي جو ڪپڙو ايڏو ته سنهو ۽ شفاف ھو جو ھن مان اس آرپار آئي ٿي ۽ ويچار حاجي پگھر ۾ شل ٿي ٻين ملڪن جي ماڻھن کي حسرت ڀريل نگاھن سان ڏسي رھيا ھئا، جن وٽ ڪاري رنگ جون ۽ ٿلھي ڪپڙي مان ٺھيل ڇٽيون ھيون ۽ اھي ھليا ٿي ته ڄڻ ڇانوَ ۾ پئي ھليا. پوءِ مون ڏٺو ته اسان جي ملڪ جي ڪجهه ماڻھن پي آءِ اي جون اھي سنهيون ڇٽيون اڇلائي، اتان مھانگي اگهه تي ٻيون ورتائون پڪ اٿم ته ڪيترا ئي گرمي ۽ ڏينهن لڳڻ ڪري بيمار پڻ ٿي پيا ھوندا، ان ڪري ڇٽي صحيح کڻجي.
احرام ٽوال جي ڪپڙي جا به ٿين ٿا ته لٺي جي چادرن جا به. اسان جي گروپ ليڊر اسان کي ڪراچي ۾ ئي اھا سٺي صلاح ڏني ته ھڪ ٽوال وارو خريد ڪريو ۽ ھڪ لٺي جو. يعني اھي ٿيون ٻه ٽوال جون چادرون ۽ ٻه لٺي جون چادرون، پوءِ گوڏ طور لٺي جي چادر ٻڌو ۽ مٿين جسم لاءِ ٽوال جي چادر اوڍيو. ٻه احرام ضروري آھن، جيئن رستي تي يا خاص ڪري منى، مزدلفه ۾ حج وارن ڏينهن ۾ ھڪ خراب ٿي پوي ته ٻيو استعمال ڪري سگھجي.
چپل به ٻه کڻڻ ضروري آھن جو نمازن تي ھيٺ مٿي ٿيو وڃن ۽ پوءِ ھڪ ڇڄي پوڻ تي يا گم ٿي وڃڻ تي ٻيو استعمال ڪري سگھجي پر چپل (خاص ڪري اسپنج جا ھوائي ٽائيپ جيڪي اڄڪلهه گھڻو استعمال ٿين ٿا)، جٿي ڪٿي ملي سگھن ٿا. ھڪڙو گم ٿيڻ تي ٻيو ڀر واري دڪان تان ٽن ريالن ۾ وٺي سگھجي ٿو. منهنجا به ٽي چار کن گم ٿي ويا، جن کي دراصل گم ٿيڻ يا چوري ٿي وڃڻ نه ٿو چئي سگھجي. ڪيترا ماڻھو اھو سمجھن ٿا ته حاجين مان ڪو حاجي سندن چپل چورائي ٿو وڃي. سوچڻ جي ڳالهه آھي ته ھر حاجي جيڪو لک رپيا کن خرچ ڪري ههڙي ڀلاري پٽ تي پھچي ٿو. پنهنجا گناهه بخشرائڻ يا توھان جو کارادر مان ورتل 20 رپين وارو چپل چورائڻ، جيڪر وڪڻي ته ڏهه رپيا به نه ملنس
دراصل ڳالهه اھا آھي ته جتي ھيڏو وڏو اجتماع ٿئي، ھڪ ئي وقت پندرھن ويهه لک ماڻھن جا اچي گڏ ٿين، اتي چپل سنڀالڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي، پاڻ سان گڏ رکي نماز پڙھڻ به سٺو نه ٿو لڳي ۽ ٻاھر رکي اچڻ سان ڪيترا دفعا وسريو وڃي ته ڪٿي رکيو ويو. خاص ڪري پوڙھا ۽ ٻهراڙي جا جتي پاڻ به ڀلجيو پوي، اتي کانئن اھو وسريو وڃي ته ھنن پنهنجو چپل ڪٿي رکيو. پوءِ حرم پا ڪ مان نڪرڻ مھل ڄاڻي واڻي يا ڀل ۾ پنهنجو سمجھي ٻئي جو کڻيو وڃن ۽ ان جو مالڪ جڏھن پنهنجو چپل نه ٿو ڏسي ته ھو به ڪنهن ٻئي جو پايو نڪري. ھونءَ حقيقت ۾ ائين ھرگز نه ڪجي. ڇو جو ائين ڪيترائي ماڻھو ڊسٽرب ٿيو وڃن. بهتر آھي ته نئون خريد ڪجي ۽ ٻي مخلوق کي تڪليف نه وجھجي.
چپل وڃڻ جوھڪ ٻيو به سبب آھي ته حرم پاڪ ۾ ڪيترن ھنڌن تي چپل رکڻ جي جھل آھي، پر اسان کي خبر نه ٿي پوي، پوءِ صفائي ڪرڻ وارا ان ھنڌ تي صفائي ڪر ڻ وقت اھي چپل ٻاھر ڦٽا ڪريو ڇڏين ۽ مالڪ سمجھي ٿو ته شايد سندس چپل چوري ٿي ويو.
ھڪ دفعي چپل رکڻ جي مون کي جاءِ نه ملي. اندر گھڙڻ واري دروازي جي طاق پويان ٻين کي رکندو ڏسي مون به کڻي اتي رکيا. جيتوڻيڪ ان ئي وقت مون کي احساس ٿيو ته اتي رکڻ صحيح ڳالهه نه ھئي، جو اتي گيٽ تي بيٺل پوليس جي پيئڻ لاءِ پاڻي جو ڪولر رکيل ھو. نماز پڙھي ڪجهه دير ويھي ٻاھر نڪتس ته چپل غائب ھئا. در وٽ بيٺل پوليس واري کي اشاري سان سمجھايم ته ھتان منهنجا چپل کڄي ويا آھن (يعني توھان جي ھوندي سوندي چوري ٿي ويا آھن). مون سمجھيو ھو مون سان ھمدردي ڪندو پر اکين جا دوڏا ڪڍي ھٿن جي اشاري سان جيڪو ڪجهه عربي ۾ چيائين، ان جو مفھوم سمجھي ويس ته ھو چئي رھيو آھي ته، ”ھي جاءِ چپل رکڻ جي آھي جو توھان چپل رکيا آھن. پاڻي جو سڄو ڪولر چپلن سان ڍڪجي ويو آھي“. آئون ڳالهه سمجھي ويس ۽ سخت شرمندو ٿيس. منجھند جو وقت ھو، اس ۾ پير ساڙيندو ڀر واري دڪان تان ٻيا چپل اچي ورتم، جيتوڻيڪ ھو ڪجهه چئي رھيو ھو ته ھنن اھي چپل اتان کڻي ڪنهن ٻئي ھنڌ ڦٽا ڪيا آھن، جتان وڃي کڻو.
بهرحال اھو به مون کڻي پوليس واري کان پڇيو. ٿي سگھي ٿو ته ٻين ھمراھن مان ڪجهه جن جا چپل اتان ھٽايا ويا ھئا. پنهنجو چپل نه ملڻ تي ڪنهن ٻئي جو پائي روانا ٿي ويا ھجن  ۽ ٻيا ٽين جا ۽ ٽيان چوٿن جا... وغيره وغيره.
حرم پاڪ ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ پاڪستاني ٻڌايو ته روزانو آڌي رات جو جڏھن حرم پاڪ جي صفائي ڪئي وڃي ٿي ته ماڻھن جا وساريل، ھيٺ مٿي ٿيل يا لاوارث چپلن جو گاڏو ڀرجي وڃي ٿو، جيڪو ٻئي ڪچري سان گڏ گند کڻڻ واري ٽرڪ کڻي وڃي ٿي.
ھڪ ٻه دفعو ته مون کان چپل ھن ريت گم ٿي ويو جو جلدي ۾ رکڻ واري جاءِ صحيح طرح ياد نه ڪيم. واپسي تي ھيڏانهن ھوڏانهن ٻه چار جايون ڏٺم پر چپل نه مليو جو مون ڪنهن ٻئي ھنڌ رکيو ھو. سو آئون نه ٿو سمجھان ته ڪو ھلي ملي چپلن جي چوري ڪري ٿو. پنهنجي ئي غلطي ڪري ھيٺ مٿي ٿيو وڃي. يا ڪيترا پوڙھا يا غريب ماڻھو سندن چپلن نه ملڻ يا چپل رکڻ واري جاءِ نه ملڻ تي ٻئي جو ئي پايو وڃن.
حج جي سفر تي پاڻ سان ڪھڙو سامان کڻي وڃجي، ان جي لسٽ توھان کي اھي دوست ۽ مائٽ ٻڌائي سگھن ٿا، جيڪي حج ڪري آيا آھن. توھان جو گروپ ليڊر ٻڌائي سگھي ٿو. حڪومت طرفان مليل ھدايتن ۽ معلومات جي ڪتاب مان خبر پئجي سگھي ٿي وغيره. پر سڀ ۾ ضروري ڳالهه اھا آھي ته سامان فقط اھو کڻجي، جنهن جي ضرورت ھجي، ڇو جو اھي سامان توھان کي ڍوئڻو پوي ٿو ۽ خاص ڪري توھان ڪنهن پوڙھي مائٽ کي وٺي پيا وڃو ته ان جي سامان جو به ڪجهه حصو توھان کي کڻڻو پوي ٿو ۽ حج تي پھچي ڪمرن ۾ سامان رکڻ جو مسئلو آھي، جو رھائش، خاص ڪري مڪي ۾ تمام سوڙھي ملي ٿي، مسواڙ جي ڪن ڪن جاين ۾ سامان رکڻ لاءِ اسٽور روم يا پڇٽي آھي، نه ته ڪيترن جو سامان سندن سيراندي يا پيراندي کان رکيل نطر آيو ۽ ان ڳالهه تان به ڪيترن حاجين جون ھڪٻئي سان رنجشون رھيون ٿي، جو اتي ئي سامان پيو آھي، جتي کين سمھڻو پوي ٿو.
فقط 35 ڏينهن جي سفر لاءِ ڪي ماڻھو ڇهه وڳا (سٿڻيون قميصون) کڻي ھلن ٿا، ڪي اٺ، اسان جي گروپ جي ھڪ ھمراهه ڏهه وڳا آندا ھئا، منهنجي خيال ۾ 4 وڳا به گھڻا آھن، جيڪڏھن توھان کي پنهنجا ڪپڙا ڌوئڻ جي عادت آھي ته، مون ٻه وڳا (سٿڻ قميصون) کنيا ۽ ٻه پتلونون بشرٽون کنيون. ھي پتلونون سفر لاءِ خاص ٺھرائي کنيون ھيم، جيڪي پجامن وانگر ڪجهه سنهي ڪپڙي جون ڍريون ڍاريون ھيون. پٺئين ۽ پاسن جي کيسن کان علاوھ ھڪ وڏو کيسو زپ سان گوڏن وٽ به ٺھرايو ھيم، جنهن ۾ پاسپورٽ جي سائيز جا ڪاغذ پٽ، پئسا، ڄاري جي ٽوپي ۽ تسبيح رکيم ٿي. اتفاق سان اسان جي رھائشگاهه تي واشنگ مشين ھئي، جنهن ۾ (پر جي نه ھجي ھا ته ڪنهن پلاسٽڪ جي باردي ۾ يا ھٿ منهن ڌوئڻ جي گينڊي ۾) ڪپڙا ڌوئي ڇڏيندو ھوس. نج ڪاٽن بدران ٽيٽران جي تند مليل ڪپڙا ھئا، ان ڪري استري جي به ضرورت نه ھئي. رات جو پجامو پائي سمھندو ھوس سو به اتان 5 ريالن ۾ ورتم. سڄي عرب دنيا جا ماڻھو رات جو سمھڻ مھل يا ڏينهن جو جبي (ثوب) ھيٺيان اھو پجامو پائين. سڄو ڏينهن پتلونون پائي ھلندو ھوس. منهنجي گروپ جي ھڪ ٻن حاجين شروع ۾ کلندي چيو:
”سائين ھي ڇا آھي، توھان جي ڀٽي صاحب ته شلوار قميص جو اھڙو فيشن وجھي ڇڏيو جو اسان مھاجرن به پتلونون ۽ پجاما ڇڏي کڻي شلوار قميص کي پنهنجو بڻايو آھي“. وراڻيومان ته ”اڄ ھو ھتي ھجي ھا ته ھو به پتلونون پائي ھا جو ھي ڪاغذ پٽ ۽ سامان پتلون جي کيسن ۾ ئي سلامت رھن ٿا. آخر ھي اڌ کان وڌيڪ حاجي: ترڪ، ايراني، مراڪش، ملائيشيا، انڊونيشيا جا ۽ آفريڪا جا بيوقوف ته نه آھن جو پتلونون يا پتلونن نما پاجاما پايو پيا ھلن“.
 حج تان واپسي تي پنهنجي ڪليگ ڪئپٽن وسطڙو کي (جيڪو ڪجهه عرصو جدي ۾ نوڪري به ڪري چڪو آھي) جڏھن اھا ڳالهه ٻڌايم ته کلي چيائين (عرب ملڪن ۾ پتلون پائي ھلڻ ۽ انگريزي ڳالھائڻ سان ويندي پوليس جو شرطو به فضيلت سان ڳالھائي ٿو، جو پوءِ ھو منجھيو پوي ته ھي ننڍي کنڊ جو ماڻھو آھي (جنهن کي رڳو دڙڪا ۽ ڇڙٻون ڏجن) يا ڪو ترڪ، ايراني آھي يا انگلينڊ يا آمريڪا جي قوميت رکندڙ پاڪستاني ھندستاني (جنهن صورت ۾ ھن سان آرام سان ڳالھائجي).
حرم پاڪ ۾ ڏاڪڻين تي ويٺل بمبئي جي ھڪ بوريءَ سامھون ايندڙ عرب پوليس کي ڏسي مون کي چيو: ”ھاڻ ڏسجو ھي پاڻ کي ھتان اٿڻ لاءِ ڇڙٻون ڏيندو پر سامھون ويٺل ايرانين کي ھرگز نه چوندو جو عرب ايرانين کان ڊڄن ٿا.“
۽ پوءِ واقعي ائين ٿيو، بهرحال ڏاڪڻين تان اٿارڻ ۾ ته ھن صحيح ڪم ٿي ڪيو جو ھرھڪ ڏاڪڻين تي ويھڻ شروع ڪندو ته پٺيان ايندڙن لاءِ لنگھڻ ۾ تڪليف ٿيندي. باقي اھو ٿي سگھي ٿو، عرب پوليس کي فارسي جا لفظ نه ايندا ھجن جو ايرانين کي دڙڪا ڏئي .ھن کي فقط ”چلو چلو“ ۽ ”اٺو اٺو“ آيو ٿي.
اھڙي طرح گنجيون به ٻه ڪافي آھن. جيڪي ميريون ٿيڻ تي يڪدم ڌوئي ٻي ڏينهن پائي سگھو ٿا. ٽوال فقط ھڪڙو ڪافي آھي پر ٻئي جي توھان کي ضرورت به پوي ٿي ته اتان وٺي سگھو ٿا.
اڄڪلهه موسم ٿڌڪار واري آھي ۽ پنج ڇهه سال 2005ع تائين سياري واري موسم رھندي. جنهن ۾ فجر ۽ عشاءِ نمازن تي سيءُ ٿئي ٿو، جنهن لاءِ توھان کي سئيٽر جي ضرورت پوندي يا بهتر ته اھو آھي ته مون وانگر ھڪ کٿي (يا لوئي، اجرڪ) کڻي وڃو، جنهن کي مٿان پائي سمھي به سگھو ٿا.
سامان کڻڻ لاءِ لوهه، ڪاٺ، چمڙي کان ڪپڙي جي بئگ وڌيڪ ھلڪي رھي ٿي ۽ ھڪ ئي اھڙي سائيز جي بئگ کڻجي، جنهن ۾ سڀ سامان اچي وڃي ۽ ٻيو ڳچي جو ٿيلھو کڻجي، جيڪو ھوائي جھاز ۾ پاڻ سان رکي سگھجي ٿو يا حج وارن پنجن ڏينهن تي منى، مزدلفه ۽ عرفات جي سفر تي کڻي سگھجي ٿو.
پنهنجي پسند جي ڇٽي Umbrella کڻي وڃڻ چاھيو ٿا ته ڪاري رنگ جي اھا ڇٽي وٺو، جيڪا بند ڪرڻ  ۾ننڍي به ٿي سگھي ۽ توھان جي ھئنڊ بئگ ۾ آساني سان اچي وڃي.
مون کي جيڪا سامان جي لسٽ ملي ھي، ان ۾ بوٽ جي پالش ۽ برش به لکيل ھو. خبر ناھي بوٽ پائڻ جي ڪٿي ضرورت پوي ٿي. ڪراچي مان احرام ٻڌي چپل ۾ نڪرجي ٿو ته سڄو سفر چپل ۾ ئي گذريو وڃي. ھا البته ڪراچي موٽڻ مھل ڪراچي ايئر پورٽ تي بوٽ شوٽ پائي لھي سگھو ٿا، سو به تڏھن جڏھن توھان پنهنجن مائٽن، دوستن، آفيس جي عملي کي پنهنجي آڌرڀاءُ لاءِ تڪليف ڏني آھي ته گلن جا ھار کڻي اچن. اھڙي صورت ۾ واقعي توھان کي ٺش مش ٿي بوٽن ۾ ايئر پورٽ کان ٻاھر نڪرڻو پوندو. نه ته ٻي صورت ۾ مون وانگر انهن ساڳين ھوائي چپلن ۾ ٽئڪسي ۾ چُپڙي ڪري گھر پھچي سگھو ٿا. باقي سئي سڳو، ننڍڙي قئنچي، شيونگ جو سامان، ٽٿ برش ۽ پيسٽ، ضروري دوائون ۽ پلاسٽڪ جو ھٿ جو پکو (وڃڻو) کڻي سگھو ٿا.
جنهن زماني ۾، يعني اڄ کان ٽي چار سال اڳ تائين جڏھن منى جي تنبن ۾ ايئر ڪنڊيشن (ڪولر) نه لڳل ھئا ته سخت گرمي ڪري ھرھڪ لاءِ ھٿ جو پکو ضروري ھو، پر ھينئر به ڪن ڪن ھنڌن تي عرفات جي ميدان تي يا ڪڏھن ڪڏھن بس ۾ پکي جي ضرورت پئجيو وڃي. حج جي سفر تي پاڻ سان دوائون کڻي وڃڻ بيحد ضروري آھن، جو اھي سعودي عرب ۾ تمام مھانگيون آھن. مثال طور، کنگهه جو شربت جيڪو پاڪستان ۾ ويھن پنجويھن رپئي ملي ٿو. سعودي عرب ۾ 51 ريالن کان گھٽ جو نه ٿو ملي. يعني ٻه اڍائي سئو رپيا ٿيا. اھڙي طرح سر بيڪس ٽي کان وٺي عام پئناڊال، پونسٽان جھڙيون دوائون پڻ تمام مھانگيون آھن. دوائن ۾ ھڪ ته اھي دوائون کڻي وڃجن، جن جا توھان عادي آھيو يا عام طرح واپرايو ٿا ، جيئن ته بلڊ پريشر، مٺي پيشابن جھڙين بيمارين کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ھر وقت استعمال ڪريو ٿا ۽ ٻيون دوائون احتياط طور، بخار، مٿي جي سور، ٿڌ، زڪام، کنگهه، ڳلي جي خراش جھڙين بيمارين لاءِ اڳواٽ وٺي وڃو، ڇو جو وائرس فلو، ٿڌ، تپ ۽ کنگهه جھڙيون بيماريون ته سڀني کي ٿيو پون. قبضي ۽ ڊائريا جي به ماڻھن کي شڪايت رھي ٿي. ٽيون دوائون طاقت لاءِ، جيئن ته سربيڪس ۽ وٽامن سي وغيره.
اسان جي گروپ ۾ ٻه ڊاڪٽر ھئا، ھڪ دل جو سرجن ڊاڪٽر فضل ربي ۽ ٻيو جنرل فزيشن ڊاڪٽر شفيق احمد جيڪو تازو آمريڪا جي ڪنهن اسپتال ۾ ڇهه سال ڪم ڪري آيو ھو. ٻنهي وٽ دوائن جو وڏو اسٽاڪ ھو ويندي اينٽي بائٽڪ به ھين ۽ ڪڏھن کانئن ته ڪڏھن فارميسي (دوائن جي دڪان) تان دوائون وٺندا ھئاسين. اسان جي گروپ ۾ ھڪ فارماسسٽ اسان وارو يار حافظ سعيد احمد به ھو، جنهن وٽ به دوائن جو وڏو اسٽاڪ ھو. ھن غريب جيتوڻيڪ پنهنجي استعمال لاءِ دوائون آنديون ھيون پر اسان به کانئس ڪڏھن مٿي جي سور جي ته ڪڏھن ننڊ جي گوري وٺي ڦڪيندا رھياسين، بلڪه ٻنهي ڊاڪٽرن کان جلد حافظ سعيد دوا تجويز ڪندو ھو، ھو ٻئي ڊاڪٽر سوچيندا رھندا ھئا ۽ ڏينهن ٻه بنا اينٽي بائٽڪ دوا جي ڪڍڻ چاھيندا ھئا، جو ھنن نه ٿي چاھيو ته مريض کي يڪدم ڳريون دوائون کائڻ لاءِ چئجي پر حافظ سعيد پري کان پنهنجي بستري تي ليٽي ليٽي پيو چوندو ھو ته ”بابا اھو مبشر اس ۾ ھلي ٿڌو پاڻي پي آيو آھي ۽ ان کي سخت قسم جي وائرس ٿي پئي آھي. ان کي ھينئر ئي اينٽي بائٽڪ جو پنجن ڏينهن جو ڊوز شروع ڪرايو، جيئن منى ڏي ھلڻ لاءِ وقت کان اڳ تيار ٿي وڃي“.
حافظ سعيد ـ جنهن جو جناح اسپتال جي در وٽ دوائن جو دڪان آھي کي ھڪ ڏينهن کلندي چيم: ”يار ڊاڪٽرن ۽ توھان فارماسسٽن (دوائون وڪڻندڙن) به ھر ماڻھو کي نپوڙي رکيو آھي“ ۽ پوءِ ھڪ لطيفو ٻڌايومانس ته ھڪ مريض چيو ته: ”ھر مھيني ڊاڪٽر کي ٻڪ پئسن جا ڏئي دوائون لکايان ٿو. آخر ھن کي به ته جيئرو رھڻو آھي. پوءِ پئسا ڏئي دوائن جي دڪاندار کان دوائون وٺان ٿو. آخر ھن کي به ته جيئرو رھڻو آھي ۽ پوءِ گھر پھچي اھي دوائون ڪچري جي دٻي ۾ اڇلايان ٿو. آخر مون کي به ته جيئرو رھڻو آھي“.
حج تي دوائون کڻي وڃڻ لاءِ ڪيترن منع ڪئي ته جدي ۾ ڪسٽم وارا دوائن جي اجازت نه ٿا ڏين ۽ جيڪي دوائون حج تي کڻي وڃڻ چاھيو، اھي حاجي ڪئمپ ۾ ويٺل ڊاڪٽر کان ھيلٿ ڪارڊ تي لکائي پوءِ کڻي وڃو، پر مون ڏٺو ته جدي ۾ عرب ڪسٽم وارن دوائن تي اعتراض نه پئي ڪيو.
پر عربن جي موڊ بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي. ھڪ مثال منهنجي اکين اڳيان آھي. ڪجهه سال اڳ آئون باءِ ايئر سعودي عرب جي اتراھين شھر دھران جي ھوائي اڏي تي لٿس ته ھڪ پاڪستانيءَ کي روڪي ڇڏيائون. ھن وٽ Surbex T وٽامن جي شيشي ھئي، جنهن ۾ گھم چوسڻ لاءِ اڇي ننڍڙي ڳوٿري ۾ Absorber ٿئي ٿو. ڪسٽم واري کي سمجهه   ۾نه اچي ته دوائن جي شيشي ۾ اھا ڪھڙي شيءِ آھي. ان شايد ان کي چرس سمجھيو ۽ پوءِ ڪلاڪ ڏيڍ بعد سرڪاري ڪيمسٽ اچي ان کي چيڪ ڪري جڏھن رپورٽ ڏني ته ان ۾ ڪا خاص شيءِ ناھي، تڏھن ان مسافر جي جان ڇٽي.
کائڻ پيئڻ جي شين، مٺائي، فروٽ وغيرھ کڻي وڃڻ تي پڻ روڪ ٿيل آھي. ان ڪري بهتر آھي ته ان قسم جون شيون نه کڻي وڃجن. ھر مسافر کي ٽيهه ڪلو وزن کڻڻ جي اجازت جيڪو چٽو خاصو وزن آھي. ھونءَ عام انٽرنيشنل پئسينجر کي ڪنهن به ملڪ ويندي فقط ويهه ڪلو بار کڻڻ جي اجازت ھوندي آھي.
مديني ۾ گھڻو ڪري رھائش ھوٽلن ۾ ٿئي ٿي. ڪجهه ھوٽلون ته بلڪل فليٽن جھڙيون آھن. بهرحال مديني ۾ کٽون يا پلنگ ملن ٿا، انهن سان گڏ چادرون پڻ پر مڪي ۾ جتي ڪٿي رھائش پٽ تي ڪئي وئي آھي ۽ ھر مسافر کي سمھڻ لاءِ اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ ڇهه فوٽ کن ڊگھو اسٽيج جو گاديلو ۽ وھاڻو ملي ٿو. مٿان اوڍڻ لاءِ پنهنجي چادر استعمال ڪرڻي پوي ٿي. ايئر ڪنڊيشنر ھلڻ ڪري رات جو ٺار ٿئي ٿو، ان ڪري بهتر آھي ڪا ٿلھي چادر پاڻ سان کڻي وڃجي، نه ته به احرام واريون چادرون استعمال ڪري سگھجن ٿيون.
بهتر اھو ئي آھي ته تالي واري بئگ استعمال ڪجي، ان کان علاوه ان بئگ کي ڪنهن نئلان جي رسي سان پڻ ٻڌي ڇڏجي، ڇو جو ڪڏھن ڪڏھن ھوائي جھاز ۾ سامان چاڙھڻ ۽ لاھڻ وارا تمام بيدردي سان سامان کي اڇلين ٿا ۽ تالو ٽٽڻ تي سامان سنڀالڻ مسئلو ٿيو پوي. پاڻ سان پلاسٽڪ جي پليٽ، چانهه لاءِ مگ ۽ ھڪ ننڍو ۽ ھڪ وڏو چمچو رکڻ بهتر آھي. مصلو (جاءِ نماز) پاڻ سان ھتان به کڻي وڃي سگھو ٿا ۽ اتي به توھان کي ھر قسم جو مصلو ۽ ٽوپي ملي سگھندي. بار گھٽائڻ لاءِ جيترو ٿي سگھي سنهو مصلو کڻجي.
حاجي ڪئمپ ۾ گردن ٽوڙ بخار جي سئي پڻ لڳائي وڃي ٿي، جيڪا مسافر جي حق ۾ بهتر آھي ته ضرور لڳرائي. ھيلٿ ڪارڊ تي ان جو ٺپو ھڻائي، ڇو ته جدي ايئر پورٽ تي پھچي ان بابت پڇيو وڃي ٿو. اھا سئي ته سرڪاري طرح ضروري آھي پر بهتر اھو آھي ته فلو يا وائرس جي به سئي ھڻائي. مڪي ۾ جڏھن سڀني کي بخار ٿي پيو ته ڪيترن جي واتان اھو ٻڌو ته بهتر ھو ته 200 رپيا خرچ ڪري ڪراچي مان فلو وائرس جي خلاف سئي لڳرائي اچجي ھا.
مڪي ۽ مديني ۾ حاجين لاءِ سعودي حڪومت طرفان اسپتالون پڻ آھن. جتي ھن کي مفت دوائون ملن ٿيون پر اتي به گھڻي ڌم ائنٽي بائٽڪ تي آھي پر اھو آھي ته دوائون بيحد اوچيون ڏين ٿا. مون به مڪي ۽ مديني جي اسپتالن مان کنگهه جو شربت ورتو، جيڪو سئٽزرلينڊ جي ڪنهن ڪمپني جو ٺھيل ھو پر کنگهه نه لٿي، کنگهه ان پاڪستاني دوا مان لٿي، جيڪا ھڪ ڳوٺ جي حاجي ڏني. جنهن دوا جي شيشي ٻاھران جھرڪي ٺھيل آھي، جنهن جو ڪو ڳلو پيو نپوڙي. ھن وقت ان دوا جو نالو ياد نه اٿم، پر مطلب اھو ته ڪيترين حالتن ۾ اسان لاءِ اسان جي ملڪ جون ٺھيل دوائون وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيون آھن. شايد اھي اسان جي مزاج مطابق ٺاھيون وڃن ٿيون.

No comments:

Post a Comment