Wednesday, February 22, 2012

ٿو ڪريان ياد ماضيءَ جا ماڳ - الطاف شيخ


ٿو ڪريان ياد ماضيءَ جا ماڳ
الطاف شيخ
هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان ته دنيا جا ڪجهه شهر اهڙا آهن جن کان آئون پنهنجي اباڻي ڳوٺ هالا ۽ ناناڻي شهر حيدرآباد کان به گهڻو واقف آهيان. انھن جي گهٽي گهٽي رليو آهيان ۽ ساڻن اڄ به ڪيتريون ئي يادون وابستہ آهن. منجانئن ڪي هن ريت آهن: اڄ واري بنگلاديش جو شهر چٽگانگ، جتي مون جهاز راني ۽ جهاز سازي جي تعليم (Marine Engineering) حاصل ڪئي ۽ ان بعد جهاز جي نوڪري دوران به منهنجو جهاز هن بندرگاهه ۾ ويندو رهيو ٿي. شاديءَ کانپوءِ منهنجي زال ۽ ٻار به هتي ايندا رهيا ۽ چٽگانگ ۾ جهاز تي رهڻ بدران، پنهنجن بنگالي ڪلاس ميٽن جي گهرن ۾ ئي رهياسين ٿي. ڪيترا مون وانگر پنهنجن ٻارن سان مختلف جهازن تي، دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ هوندا هئا پر سندن والدين اسان جو ايڏو ئي خيال رکندا هئا جيڏو تعليم دوران، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري هتي پهتو هوس ۽ ان وقت منهنجي عمر 19 سال هئي ۽ سال 1963ع هو.


جپان جي شهرن يوڪوهاما، ٽوڪيو، ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ به منهنجو تمام گهڻو رهڻ ٿيو. جن بندرگاهن ۾ نه فقط سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ اسان جي ڪمپنيءَ جو هر هڪ جهاز ايندو هو پر جهاز جي ڳري مرمت لاءِ به اسان هنن بندرگاهن ۾ هفتن جا هفتا رهندا هئاسين. ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما مان ته نوان جهاز ٺهرائڻ لاءِ 6-6 مهينا به رهڻو پيو. اهي سستائيءَ وارا ڏيهاڙا هئا. اسان جي رپئي جو قدر هو. جنهن کي مَٽائڻ سان ڪيترا ئي يين مليا ٿي. اڄ جپان جي شهرن ۾، بس تي سفر به مهانگو لڳي ٿو، ستر ۽ اسيءَ واري ڏهي ۾، جهاز جي جونيئر آفيسرن به ٽئڪسين ۾ سفر ڪيو ٿي ۽ لنچ يا ڊنر پنهنجي جهاز تي موٽي اچي کائڻ بدران، شهر جي ئي ڪنهن هوٽل تي پنهنجي کيسي مان خرچ ڀري کائڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿي. اهو ئي حال، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ هوندو هو. اسان جو جهاز ڪارگو (سامان) نه هجڻ جي صورت ۾ به، جڏهن سائوٿ چائنا سِي (سمنڊ) يا پئسفڪ اوشين ۾ ايندو هو ته، ھتي ضرور ايندو هو. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا واري علائقي ۾، هي به بندرگاهه صحيح معنيٰ ۾ ڊيوٽي فري هئا، جتي هر شيءِ فئڪٽريءَ جي اگهه تي ملي ٿي. اسان جو جهاز ايندي ويندي هنن بندرگاهن مان جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ جهازين لاءِ راشن کڻڻ لاءِ ترسندو هو. اسان هنن شهر نما ملڪن جي، گهٽي گهٽي رلندا رهياسين.
سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه مالمو به، انهن شهرن مان آهي، جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون تعليم حاصل ڪئي ۽ مختلف جهازن کي هتي وٺي اچڻو پيو. ائين ته هن پاسي جنهن به جهاز ۾ اچڻ ٿيو ٿي، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ)، اوسلو (ناروي)، هيلسنڪي (فنلينڊ) ۾ به آيو ٿي پر مالمو ۾ تعليم توڙي نوڪريءَ دوران، تمام گهڻو اچڻ ڪري جيترو مالمو جي گهٽين جي گهڻي واقفيت آهي، اوتري حيدرآباد جي اڌ جيتري به نه آهي. ههڙن شهرن ۾ گرمي نه هجڻ ڪري، ميلن جا ميل فقط پنڌ ڪرڻ ۾ به مزو آيو ٿي. مڃان ٿو ته مالمو جهڙن شهرن ۾، سيارو 10 مهينا کن هلي ٿو، جنهن ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو پر گرم ڪپڙا پائي توهان پنهنجو پاڻ کي سيءَ کان بچائي سگهو ٿا. جڏھن ته اسان جي ملڪن جي گرميءَ کان بچڻ جو ڪو به طريقو ناهي. توهان فقط فجر مهل يا سج لٿي مھل ڪلاڪ اڌ واڪ ڪري سگهو ٿا. ان ۾ به ماڻهو پگهرجيو وڃي.
اهڙيءَ طرح ملائيشيا جا شهر: ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا آهن، جتي منهنجو جهاز ايندو رهيو ٿي. هيءُ شهر بلڪ سڄو ملائيشيا، خط استوا تي هجڻ ڪري ٻارهو ئي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ آفريڪا جي ڪينيا، يوگنڊا، زائر ۽ ڪانگو وانگر سخت گرمي ٿيڻ کپي پر هتي ٻارهو ئي سخت مينهوڳي جي موسم رهي ٿي. زمين (Soil) به بيحد زرخيز آهي، چوڌاري ساوڪ ۽ ڊگها وڻ آهن. ان ڪري ڪو ڏينهن اڌ مينهن نٿو پوي ته به وڻن ھئڻ ڪري ٿڌڪار رهي ٿي. هاءِ وي هجي يا عام رستا، انگريزن جي دور ۾ يا آزاديءَ بعد، سرڪاري طرح جيڪي ڪنارن تي وڻ پوکايا ويا آهن، اهي قائم آهن. جنهن ڪري هڪ طرف روڊ مضبوط رهن ٿا جو انهن جون پاڙون Reinforcement جو ڪم ٿيون ڪن. اسان وٽ روڊن جي پاسن تي لڳل وڻ، هڪ طرف ڪٽيا ويا آهن ته ٻئي طرف زميندارن روڊ تائين کڻي پوک ڪئي آهي. نتيجي ۾ نوان ٺهيل روڊ به وڃن دٻبا. بهرحال ملائيشيا توڙي سنگاپور ۽ ٿائلينڊ ۾ جهڙ ناهي، تڏهن به وڻن جي ڇانوَ هيٺان هلڻ ۾ مزو اچي ٿو. ملاڪا شهر ۾ جيڪي 10 سال کن لڳاتار رهيس، انهن ۾ پيدل توڙي ڪار ۾، هرهڪ گهٽيءَ مان لنگهڻ ٿيو ٿي. ٻارن کي اسڪول ۾ ڇڏي اچڻ، وٺي اچڻ، ڀاڄي ڀتي يا ٻي شيءِ لاءِ مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ وڃڻ، وطن کان آيل مهمانن کي ملاڪا جون خاص خاص جايون ڏيکارڻ، ان کان علاوه شام جي وقت ڪنهن نه ڪنهن روڊ تي واڪ لاءِ نڪري وڃڻ، وغيره. منهنجي خيال مطابق، دنيا اندر سڀ کان گهڻو هن شهر ملاڪا ۾ رليو هوندس. 1980ع تائين ملاڪا ۾ چڱيرڙي هوٽل فقط Malacca Straits Inn هوندي هئي، جيڪا پوءِ ڊاٺي وئي ۽ نيون هوٽلون ٺهڻ لڳيون. ملاڪا شهر جي ھڪ هڪ هوٽل، اسان جي اڳيان ٺهي آهي. اهڙيءَ طرح مختلف شاپنگ سينٽر، ڊپارٽمينٽل اسٽور، پارڪ، ميوزيم وغيره وغيره.
پهريون دفعو جڏهن ملاڪا آيو هئس، ان کي اڄ 40 سال اچي ٿيا آهن. اهو هڪ وڏو عرصو آهي. ان ۾ هن شهر ۾ ڇا ڇا ته تبديليون آيون آهن؟ ائين آهي ته هيءُ شهر، شروع کان صاف سٿرو رهيو آهي. هونءَ چينين لاءِ چيو وڃي ٿو ته؛ گدلا آهن. جڏھن ته هن شهر ۾ جيڪي چيني رهن ٿا، سي عام چينين کان مختلف آهن. عام چيني مزدور، پورهئي ۽ روزگار خاطر هڪ سؤ کن سال اڳ آيا، جڏهن اپوح ۽ ڪوالالمپور ۾ قلعي (Tin) جي کوٽائي شروع ٿي هئي. ملاڪا ۾ رهندڙ هي چيني مرد باباز ۽ عورتون نيونياز سڏجن ٿا، جن جا وڏا اڄ کان 550 کن سال اڳ هتي آيا. ملاڪا سلطنت جي ڇهين سلطان منصور شاهه، جنهن 1459ع کان 1477ع تائين حڪومت ڪئي، چين جي منگ گهراڻي جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي. ڏيج ۾ شھزاديءَ کي 500 کن خدمتگار چيني ڇوڪريون موڪليون ويون، جن جي رهائش جو بندوبست جتي ڪيو ويو، اها ٽڪري ”بڪت چينا“(Bukit China) سڏجي ٿي. انهن چيني ڇوڪرين، بعد ۾ مڪاني ملئي مردن سان شادي ڪئي ۽ انهن جو اولاد پَرانڪان سڏجي ٿو. هنن چينين جي اٿڻي ويهڻي، کاڌ-خوراڪ ۽ ويس-وڳا، بعد ۾ آيل عام چينين کان بلڪل مختلف آهن. بلڪ هو مڪاني ماڻهن سان گهڻي مشابهت رکن ٿا.
1511ع ڌاري پورچوگالين جو ملاڪا تي قبضو ٿيو ۽ هنن جي 150 سال حڪومت رهي. هنن مان ڪيترن مردن ۽ عورتن، مڪاني ماڻهن سان شادي ڪئي ۽ انهن مڪسڊ فئملين جو اولاد ملاڪا ۾ هلندو اچي. جتي هو رهن ٿا، اهو علائقو Portuguese Settlement  سڏجي ٿو.، جتي هنن جا گهر ۽ هوٽلون پورچوگالي نموني جون ۽ نالن واريون آهن. هو پورچوگالي نموني جا ويس وڳا اوڍين ٿا ۽ انهن ڏينهن تي جشن ڪن ٿا، جيڪي پورچوگال ۾ ملهايا وڃن ٿا.
سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن کان منهنجو ملاڪا واري ڳچي-سمنڊ مان لنگهه ٿيو يعني اسان جو جهاز ان سامونڊي-گهٽيءَ جي بندرگاهن: پينانگ، ڪلانگ، جوهور بارو ۽ سنگاپور ۾ اچڻ شروع ڪيو ۽ اسان باءِ روڊ ڪوالالمپور کان سنگاپور ويندي رستي تي ملاڪا ۾ ترسندا هئاسين يا گهمندا ويندا هئاسين ته ان وقت ملاڪا هڪ ماٺيڻو شهر هو. ڪجهه ڪجهه ڪراچي جو صدر (يعني انهن ڏينهن وارو) ۽ حيدرآباد جو هيرآباد ٿي لڳو. شهر جو وچ ۽ گهماگهميءَ وارو هنڌ اهو هو، جتي ڳاڙهين عمارتن وارو ملاڪا چرچ (گرجا گهر)، سينٽ فرانسز جو چرچ، راڻي وڪٽوريا وارو ڦوهارو، ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪرائيسٽ چرچ هو. جالان ڪوٽا، جالان بندا (Banda)، جالان بندر هِلر، جالان لڪسامانا، جالان بنگارايا ۽ جالان هنگ جيبات ۽ جالان هنگ ڪستوري روڊ ائين هئا ۽ اڄ به ائين ئي آهن، جيئن ڪراچي جون زيب النساءِ اسٽريٽ، وڪٽوريا روڊ يا حيدرآباد جو صدر، خاص ڪري فاران هوٽل وارو علائقو ۽ ڪورٽ روڊ (سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس) وارو حصو. تن ڏينهن ۾ ملاڪا کان ٻين شهرن ڏي، بس اتان ئي جالان لڪسامانا تان وئي ٿي. اسيءَ واري ڏهي جي شروعات ۾ جڏهن مون ملاڪا اچي رهڻ شروع ڪيو هو ته بس اسٽاپ، چيف منسٽر آفيس جي سامهون لائبرري وٽ هو. ان بعد اسان جي هوندي ئي ملاڪا شهر ۾ وهندڙ ندي ’ملاڪا ندي‘ جي ڪناري تي ٺاهيو ويو، جنهن جي چوڌاري ڪيترا ئي دڪان ۽ ڌاٻا ٺاهيا ويا. اسان چيو ته؛ هيڏو وڏو بس اسٽاپ ته ٽوڪيو جي گنزا ۽ هانگ ڪانگ جي وان چائي علائقي ۾ آهي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي، ملڪ ۾ ٽوئرزم ايڏو ته وڌي وئي جو ملائيشيا جي مختلف شهرن کان علاوه، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ وڃڻ لاءِ به بسيون اچڻ وڃڻ لڳيون. هاڻ جڏهن ڪوالالمپور کان ملاڪا وڃڻ جي ٽيڪٽ ورتم ته ڊرائيور ٻڌايو؛ ڏکڻ توڙي اتر کان ايندڙ بسين لاءِ ملاڪا ۾ هڪ ئي بس اسٽاپ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو سينٽرل (Sentral) سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ سينٽرل ‘S’ سان لکيو وڃي ٿو.
’ملاڪا سينٽرل‘ بس اسٽاپ، جالان تن عبدالرزاق ۽ جالان پنگليما اوانگ جي وچ ۾ آهي. ملئي زبان ۾ روڊ کي جالان (Jalan) سڏجي ٿو. تنھن ڪري اوهان کي سڄي ملائيشيا توڙي انڊونيشيا، سنگاپور ۽ برونائي ۾، هر روڊ جي نالي اڳيان، جالان لفظ لکيل نظر ايندو يعني شاهراهه فلاڻو...
جالان تن عبدالرزاق، ملاڪا جو هڪ اهم ۽ ويڪرو روڊ آهي، جيڪو هن ملڪ جي ٻئي وزيراعظم تن عبدالرزاق نالي آهي. اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جو هاڻوڪو وزيراعظم نجيب هن جو فرزند آهي. بهرحال ملاڪا رياست جو هي وڏو بس اسٽاپ، جتي ملائيشيا جي مختلف شهرن ۽ سنگاپور کان بسيون ۽ ٽئڪسيون اچي ٿيون بيهن، سال 2001ع ۾ ٺهيو. بس اسٽاپ جي اندر واري احاطي ۾، ڪيترا ئي وڏا، ماڊرن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ دڪان، اسٽور، کاڌي پيتي جون مڪاني ريسٽورنٽون ۽ دنيا جون فاسٽ فڊ (يا کڻي چئجي ته جنڪ فوڊ) جا دڪان، مثال طور مئڪ-ڊونالڊ، KFC وغيره آهن. هن بس ٽرمينل اندر هڪ ٻه بئنڪون ۽ مسجد پڻ آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته؛ ملاڪا رياست جي مرڪزي شهر ملاڪا، توڙي ٻئي ڪنھن شهر ۾، ريلوي اسٽيشن ناهي. ملاڪا شهر کان ويجهي ۾ ويجهي ريلوي اسٽيشن تمپين آهي، جيڪو نينگري سيمبيلان رياست جو بارڊر وارو شهر آهي. بهرحال پينانگ، ڪوالالمپور يا سنگاپور، جوهور بارو کان ايندڙ ريلوي مسافر، ملاڪا لاءِ تمپين ۾ لهي پون. جتان پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ملاڪا پهچن.
منهنجي خيال ۾ ملائيشيا اندر شايد ئي ڪو ٻيو شهر هجي، جتي ملاڪا جهڙو سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ بس اسٽاپ هجي. اهو آهي ته شهر کان ٿورو پرڀرو ٺاهيو ويو، جتي پهچڻ لاءِ ٽئڪسي يا شهر جي سٽي بس ۾ پهچڻو پوي ٿو، پر ايڏو پري به نه آهي. نازا هوٽل، Select Star هوٽل، گولڊن ليگيسي، گرانڊ ڪانٽيننٽل، ميٽرو پول، Straits Meridian، ائٽلانٽڪ پارڪ هوٽلون هن بس اسٽاپ جي ٻن ڪلو ميٽرن جي گهيري ۾ آهن. ملاڪا جا اڄڪلهه، اعليٰ قسم جا مال ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور جهڙوڪ Tesco، ملاڪا KMA ڊجيٽل مال، پلازه هنگ تئاح، Tong Hup اسٽور، داتاران پهلوان ملاڪا ميگا مال، ماهه ڪوٽا پريڊ، ملاڪا مال وغيره به ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ کان فقط هڪ ٻه ڪلو ميٽر پري آهن. ڪيترا ٽوئرسٽ صبح ڌاري هتي پهچي، اوسي پاسي جي دڪانن تان خريداري ڪري ۽ اهم شيون ڏسيو شام ڌاري پنهنجي ڳوٺ روانا ٿيو وڃن. هن بس اسٽاپ (Melaka Sentral) جي ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي پسگردائيءَ ۾ ڪيتريون ڏسڻ وٽان شيون ۽ مڪاني مشهور کاڌن جون هوٽلون آهن جيئن ته:
·        ’چينگ هو‘ ڪلچر ميوزيم.
·        Bastion هائوس،
·        ميريٽائيم ميوزيم،
·        منارا ٽيمنگ ساري،
·        ڊي- پيراڊائيز ٽراپيڪل فروٽ ورلڊ وغيره.
۽ کاڌن ۾ مشهور ريسٽورنٽون آهن:
·        ڪئپيٽل ناسي ليماڪ،
·        هاڪر سينٽر،
·        يونگ ٽوفُو (Yong tow foo)
·        پويياح
·        Lu yea سِي فوڊ،
·        Peranakan food وغيره وغيره.
منهنجي بس، جنهن وقت ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ جي ٽرمينل ۾ داخل ٿي ته ان وقت مون ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کي فون ڪيو ته؛ آئون هاڻ ملاڪا ۾ داخل ٿي رهيو آهيان. مون ڄاڻي واڻي ڪجهه وٿي رکڻ ٿي چاهي، جيئن ڊاڪٽر عطا ڀلي اڌ ڪلاڪ کن دير سان پهچي، ته آئون بس اسٽاپ تي موجود مسافرن مان ڪن کان خبر چار لهي سگهان. پاڪستان ۾ ئي هوس ته منهنجو مير عطا سان اهو پروگرام ٺهيو هو ته ملاڪا پهچڻ کان ڪلاڪ اڌ اڳ، مير عطا کي فون ڪندس ته هو بس اسٽاپ تي پهچي وڃي. ساڳئي وقت، اسان اهو به طئي ڪيو هو ته؛ جي ڊاڪٽر صاحب کي ڪم ٿي پيو ته آئون پاڻهي ئي سندس آفيس ۾ پھچي ويندس. هاڻ فون ڪري بس ڪيم ته، بس ملاڪا سينٽرل جي احاطي ۾ داخل ٿي ۽ اسان ملاڪا جا مسافر بس مان لٿاسين. هر هڪ پنهنجي سفري ٿيلهي سان گڏ ٻاهر نڪري ويو يا چوڌاري دڪانن ۽ ريسٽورنٽن مان ڪنهن ۾ گهڙي ويو. آئون هڪ هنڌ بيهي، پنهنجي آس پاس جو جائزو وٺڻ لڳس. ڀت سان لڳل اٺ ڏهه ڪرسين تي ويٺل ملئي همراهن مان هڪ اٿي مون وٽ آيو.” خبر ناهي ڇا ٿو پڇڻ چاهي؟“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
”ڪنهن هوٽل يا ڪنهن ڪمپونگ (ڳوٺ) هلڻ چاهيو ٿا؟“ هن ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”اوهه! توهان ٽئڪسي ڊرائيور آهيو؟“ مون ملئي زبان ۾ پڇيو.
”جي ها. نه فقط آئون پر هي سڀ.“ هن ٻڌايو.
مون مڙي هنن کي سلام ڪيو ۽ مرڪندي هڪ هڪ سان هٿ ملايو. هو وائڙا ٿي ويا.
”انچڪ (جناب) ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“ هنن مان هڪ وري پڇيو.
”نه، نه ڪيڏانهن به وڃڻو ناهي.“ مون کلندي چيو ۽ هڪ خالي ڪرسي تي ويهي چيو، ”توهان سان ملڻو ۽ خبرچار ڪرڻي آهي.“
”ضرور ضرور.“ هنن مان هڪ ٻاهرين دل سان تڪلف طور ته چيو پر آئون سندن چهرا پڙهي رهيو هوس ته هو سڀ سخت حيران هئا ته؛ ”هي ڪهڙو ڌاريون ٽوئرسٽ يا مڪاني ماڻهو آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.“ مون به ڄاڻي واڻي، سندن تفريح وٺڻ لاءِ ڪجهه دير خاموشي اختيار ڪري، ڳچيءَ مان ٿيلهو لاهي هيٺ رکيو. يعني سندن ٽئڪسي ۾ سوار ٿي کين ڀاڙو ڪمائڻ ۾ مدد ڪرڻ بدران ٺهي ٺڪي ويهي رهيو هوس. هو صاحب وائڙا ٿي رهيا هئا ته؛ هيءُ آهي ڪير. شڪل مان ته ٽوئرسٽ ۽ جينٽل مئن لڳي ٿو پر حرڪتن مان عجيب واندو لڳي ٿو. مون کين وڌيڪ پريشان ڪرڻ بدران کلي چيو:
”يارو! آئون هن ئي شهر ۾ چگُو (Cigu) ماستر صاحب ٿي رهيو آهيان. لکڻ منهنجي هابي آهي ۽ مون لاءِ سڀ کان گهڻيون دلچسپ خبرن جو Source توهان يعني ملاڪا جا ٽئڪسي ڊرائيور رهيا آهيو.“ هو کلڻ لڳا.
توهان جيڪڏهن ملائيشيا ۾ رهو ٿا ۽ توهان کي ملئي زبان به اچي ٿي ته ملائيشيا جي ڪنهن شهر جي ٽئڪسي اسٽينڊ تي وڃي ٽئڪسي ڊرائيورن جي ڀر ۾ ويهو. جيسين ڪو گراهڪ اچي، هو وقت پاس ڪرڻ لاءِ جيڪي ويهي خبرون ڪندا آهن، اهي ٻڌڻ وٽان ٿين ٿيون. مون کي به ڪافي عرصو هن قوم سان ڪچهري ڪندي ٿي ويو هو، سو اڄ جيسين منهنجو ميزبان ڊاڪٽر مير عطا مون کي وٺڻ لاءِ پهچي، تيسين مون هنن سان خبرون ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي ۽ هو به منهنجو تعارف ٻڌڻ تي پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لڳا. هڪ ته ان ئي وقت، مون لاءِ چانهه به وٺي آيو. اڃا ڏهه منٽ به ڪي مس گذريا ھوندا جو ڊاڪٽر صاحب پهچي ويو ۽ مون کي کانئن موڪلائڻو پيو.

No comments:

Post a Comment