Wednesday, February 08, 2012

ملائيشيا ۾ اچي ملئي شادي ضرور ڏسجي - الطاف شيخ


ملائيشيا ۾ اچي ملئي شادي ضرور ڏسجي
الطاف شيخ
ڪوالالمپور کان ملاڪا شهر، 80 کن ميلن (135 کن ڪلو ميٽرن) جي فاصلي تي، بس ذريعي ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. ڪوالالمپور جي هوائي اڏي کان، سڌو ملاڪا وڃڻ ۾، اڃا به مفاصلو گهٽ آهي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر آهي. ڪوالالمپور کان ملاڪا، مختلف ڪمپنين جون بسون هلن ٿيون، جن جو ڀاڙو سندن آرامده، تيز رفتار ۽ رستن تي مختلف شهرن ۾ بيهڻ يا ايڪسپريس سروس مطابق، ڏهن کان ويهن رنگٽن تائين آهي. آئون جنهن بس ۾ چڙهيس سا ڪافي آرامده ۽ ايئرڪنڊيشن هئي. پر ايڪسپريس هجڻ بدران رستي تي وڏن شهرن ۾ ترسڻ واري هئي. ان ڪري ان جي ٽڪيٽ 12 رنگٽ يعني پاڪستاني 240 رپيا کن ٿي. هيءَ بس لڳو ٿي ته ملاڪا تائين وڃي وري موٽڻي هئي جو ٽڪيٽ وٺڻ مهل سڀني مون وانگر 12 رنگٽ يا ان کان گهٽ ٿي ڏنا. معنيٰ انهن کي ملاڪا تائين يا ان کان اڳ سريمبان يا الور گاجا لهڻو هو.


ڪوالالمپور مان مون سان گڏ بس ۾ سوار ٿيڻ واري ڇوڪري ايزاح(Ezzah)  جنهن ٻڌايو ته هوءِ لبوق چينا ڳوٺ جي آهي، تنهن کي ملاڪا کان هڪ بس اسٽاپ اڳ، الور گاجاح شهر ۾ لهڻو هو. جتي، هن ٻڌايو ته؛ هن جي ڪنهن مامي يا چاچي جي شادي ٿي رهي آهي، جيڪا هوءَ اٽينڊ ڪري، پوءِ ملاڪا شهر ۽ سنگائي اڊانگ ۽ مسجد تاناح شهرن مان ڦرندي لبوق چينا ويندي. اهو عجيب اتفاق آهي، اهڙي ڳالهه تي ڪڏهن پاڻ کي ويساهه نه ايندو هو، پر اهو به آهي ته ان قسم جون ڳالهيون اسان مان هر هڪ سان ڪڏهن ڪڏهن ٿينديون رهن ٿيون ۽ اهڙن موقعن تي وات مان ازخود نڪري ويندو آهي ته Oh! This World is very small (اوهه! هيءَ دنيا ڪيڏي ته ننڍي آهي!). منهنجي ٻڌائڻ تي ته؛ آئون سندس ڳوٺ لبوق چينا جي ڀرواري ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ جي نيول اڪيڊميءَ ۾ ڏهاڪو کن سال مئرين انجنيئرنگ جو پروفيسر رهيو آهيان، هن يڪدم چيو؛ ”سر منهنجو ڀاءُ به جهازن جو انجنيئر آهي ۽ اتان ئي پڙهيو آهي.“
بهرحال 1991ع ۾ ملاڪا ڇڏڻ بعد، هن ملئي ڇوڪري ايزاح جو ڀاءُ پڙهڻ آيو هوندو، جيڪو هاڻ ڪنهن جهاز تي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ Sail ڪري رهيو آهي.
”سر منهنجو ڀاءُ چوي ٿو ته؛ هن نوڪريءَ ۾ پگهار به سٺو آهي ته گهمڻ ڦرڻ به آهي.“ ايزاح چيو.
”لڳي ٿو تنهنجي ڀاءُ جا ٻار اڃا وڏا نه ٿيا آهن؟“ مون کلندي ايزاح کان پڇيو.
”نه! توهان کي ڪيئن خبر پيئي.“ هن حيرت مان پڇيو.
”ظاهر آهي Sea life ۾ گذارو تيسين آهي، جيسين ٻار ننڍا آهن. جيئن ئي هو اسڪول ايج جا ٿين ٿا ته سندن تعليم خاطر، جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جو رخ ڪرڻو پوي ٿو.“
”پوءِ توهان ڪٿي نوڪري ڪئي؟“ هن پڇيو.
”منهنجو داڻو پاڻي تنهنجي ڀرواري ڳوٺ ۾ لکيل هو. بلڪ پاڻي ان ڳوٺ ۾ لکيل هو، باقي اٽو ۽ چانور تنهنجي ڳوٺ لبوق چينا مان وٺندا هئاسين، ڀاڄيون ۽ ميوا مسجد تاناح شهر جي پاسار مِنگو (خميس بازار) مان ۽ پگهار الور گاجاح مان. پروويڊنٽ فنڊ به الور گاجاح ۾ جمع ڪرائيندا هئاسين.“ مون ٻڌايومانس.
ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان پيرلس سڀ ۾ ننڍي رياست آهي، جنهن جي ايراضي 800 چورس ڪلو ميٽر (300 چورس ميل) آهي. يعني مٽياري ضلعي جي اڌ کان ٿوري وڏي ٿي جو مٽياري ضلعي جي پکيڙ 1450 ڪلو ميٽر آهي. ٽئين نمبر تي ننڍي رياست ملاڪا آهي، جنهن جي پکيڙ 1650 چورس ڪلو ميٽر (650 چورس ميل) آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي هر شهر جي آدمشماري تمام گهٽ آهي. ملاڪا هڪ آڳاٽو، تاريخي ۽ ماڻهن جي خيال کان ڳتيل شهر ۽ بندرگاهه هجڻ جي باوجود، سندس آدمشماري فقط ڇهه لک آهي ۽ ڪراچيءَ جي اڌ شهر جي به هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي. ملاڪا رياست جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن جي آدمشماري سکر ضلعي جيتري ٿئي ٿي، يعني 6 لک.
ملاڪا رياست انتظاميه جي خيال کان، ٽن وڏن شهرن يا ضلعن ۾ ورهايل آهي. هڪ ملاڪا جو مرڪزي شهر، ٻيو جاسين ۽ ٽيون شهر الور گاجاح آهي. اسان جي نيول اڪيڊمي جنهن پيٽارو جهڙي ٽائون ۾ آهي، ان جو نالو ڪئالا سنگائي بارو آهي. ان کان علاوه لبوق چينا، سنگائي اڊانگ، مسجد تاناح، وغيره اسان جي ڀرپاسي وارا ڳوٺڙا آهن، جن مڙني جي آدمشماري اسان جي ڳوٺ هالا کان به گهٽ آهي ۽ انهن ڳوٺن ۾ مون 10 سال گذاريا. قد ڊگهي هجڻ ڪري، اسان کي سڀني سڃاتو ٿي ته هي هن ملڪ جا نه پر پاڪستان جا آهن. انهن ڳوٺن ۾ هن وقت به وڃان ته هن ڇوڪريءَ کان هڪ سينئر جنريشن وارا سڀ سڃاڻي وڃن جو 10 کن سال وڏو عرصو آهي.
(ڪراچي، ممبئي، لنڊن جهڙن وڏن شهرن ۾ جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا ۽ تمام گهڻو عوام رهي ٿو، اتي جي ٻي ڳالهه آهي، پر 40،30 هزار آدمشماري وارن ڳوٺن ۾ ته ٽي چار مهينا رهڻ تي هر ڪو واقف ٿيو وڃي.
مٿين ڳوٺن جي ماڻهن سان عيد براد ۽ چيني نئين سال جي موقعن تي ته گڏجاڻيون ٿينديون هيون، پر روزمرهه جي زندگيءَ ۾ به ساڻن واهپو رهيو ٿي. اهو ڪهڙو هوٽل ۽ ريسٽورنٽ وارو هو، ڪهڙو ڀاڄي ڀتي، ميوو مڇي، گوشت گانگٽ وڪڻڻ وارو هو، ڪهڙو ڊاڪٽر، ڪهڙو حجام يا ٽي وي واشنگ مشين وارو هو، جنهن سان واسطو نٿي پيو.
الور گاجاح شهر ويجهو ٿيو ته ڇوڪري پنهنجي شولڊر بئگ ۾ موبائل، پين ۽ ڪاپي رکي ۽ مٿي کي تودونگ (چورس رومال، حجاب) ٻڌي مون کي چيو؛ ”سر توهان به کڻي هلو. ٿي سگهي ٿو ان شاديءَ ۾ توهان جو ڪو شاگرد يا سڃاڻو توهان کي ملي وڃي. هونءَ به توهان Rindu (نوستلجيا) محسوس ڪري، هن سفر تي نڪتا آهيو.“
دل ۾ چيم ته؛ ڇوڪري ڳالهه ته واهه جي ٿي ڪري. هونءَ به ملئي شادي هڪ ڪلرفل ڪاڄ ٿئي ٿو. ملاڪا ۾ رهڻ دوران جڏهن به دعوت ملندي هئي ته شادي ضرور اٽينڊ ڪندو هوس، پر جي ڪو پاڪستان کان مهمان اچي ويندو هو ته هن کي ملئي شادي ڏيکارڻ لاءِ بنا دعوت جي به ويٺو ويندو هوس ۽ ملئي ماڻهو منهنجي ان هجت تي ويتر خوش ٿيندا هئا ۽ اڻ سڃاڻا به مون کي ۽ منهنجي مهمانن کي وڏو مان ڏيندا هئا ته چِگُو (ماستر صاحب) ليکڪ به آهي ۽ سندن حڪومت طرفان ملائيشيا بابت لکڻ ڪري ايوارڊ به مليا اٿس.... وغيره.
مون کي ملئي شاديون، ان ڪري به پسند آهن جو هنن ۾ اسان مهمانن جو نه وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ نه اوجاڳو ڪرڻو پوي ٿو ۽ نه وري بک ۾ پاهه ٿي، دير سان هٻڇي ڍورن وانگر کائي ٻيو ڏينهن بدهضمي ۾ گذارڻو پوي ٿو. مون هونءَ به سوچيو پئي ته ملاڪا کان واپسي تي سپر هاءِ وي وٺڻ بدران پراڻن ور وڪڙن وارن رستن تان موٽندس، جيڪي رستا ڳوٺن ۽ گهاٽن گهاٽن جهنگلن مان گذرن ٿا ۽ رستي تي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ شاديءَ جو پنڊال ڏسي، لهي پوندس ۽ ملئي شاديءَ ۾ آيل ڄاڃين ۽ گهوٽ ڪنوار جون تصويرون ڪڍندس، جيئن هي سفرنامو پڙهڻ وارا هتي جون رسمون رواج ۽ رنگين ڪپرا ڏسي سگهن. سال 1991ع تائين جيڪو عرصو آئون ملاڪا ۾ رهيس، ان ۾ به ههڙن ڪاڄن جون تصويرون ڪڍڻ جو شوق هوم، پر ڪاغذ جا مهنگا فلم رول ۽ منجهن ٿورن فوٽن (وڌ ۾ وڌ 35) جي گنجائش هجڻ ڪري، هر فوٽو سوچي سمجهي ڪڍڻو پيو ٿي، بلڪ بيحد ڪنجوسي ڪرڻي پيئي ٿي. پر هاڻ ڊجيٽل ڪئميرائون اچڻ ڪري، فوٽو ڪڍڻ ۽ ٻئي ڏي Email ذريعي موڪلڻ، مفت جو ڪم ٿي پيو آهي ۽ ٻه کنGB  جي سم وجهڻ سان هزار کن فوٽو هڪ ئي وقت ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي پورا ٿيڻ تي ڪمپيوٽر ۾ ياCD  تيSave  ڪري وري ٻيا اوترا ڪڍي سگهجن ٿا. هڪ ئي نظاري جا ٽي چار فوٽو ڪڍڻ سان، انهن مان گهڻي سٺي فوٽوءَ جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي. بهرحال، هتي هن ملئي ڇوڪري ايزاح جي صلاح هڻڻ سان مون هائوڪار ڪئي. الور گاجاح شهر، جتي هوءَ شادي لاءِ لهي رهي هئي، اتي آئون به لهي شاديءَ جو فنڪشن ڏسي، وري ٻي بس ۾ ٻه رنگٽ (سٺ رپيا کن) ڏئي ملاڪا پهچي سگهيس ٿي. هونءَ به مون ملاڪا ۾ پنهنجي ميزبان، ميرپورخاص جي ڊاڪٽر عطا ٽالپر کي اڃا اطلاع ئي نه ڪيو هو ته آئون ملاڪا لاءِ ڪوالالمپور ڇڏي چڪو آهيان. هن سان فقط اهو پروگرام طئي هو ته، ان ڏينهن تي آئون ملاڪا ايندس ۽ ملاڪا ويجهو پهچي پوءِ فون ڪندوسانءِ ته اچي ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ تان وٺي وڃ. سو مون هاڻ اهو ئي سوچيو ته؛ شادي اٽينڊ ڪري جڏهن بس ۾ چڙهندس ته پوءِ ڊاڪٽر عطا کي فون ڪندس ته هاڻ ملاڪا جي ويجهو پهچي ويو آهيان، واندو هجين ته هينئر اچي وٺي وڃ نه ته ڪو ٽائيم ۽ جاءِ ٻڌاءِ ته شام ڌاري اتي آئون پهچي وڃان. ملاڪا توڙي کڻي هاڻ وڏو شهر ٿي ويو آهي، پر ان جو مرڪزي حصو جيئن حيدرآباد جو گاڏي کاتو، صدر ۽ تلڪ چاڙهي ته اڄ به ساڳيو آهي، جنهن کان يعني ملاڪا شهر جي ان صدر (وچ) واري حصي؛ جالان لڪسا مانا، جالان هنگ جيبات، جالان ڪُوبو ڪمپونگ دئا، ڪمپونگ بڪت چينا، جالان منشي عبدالله ۽ ڪمپونگ جاوا جي ته گهٽي گهٽي کان واقف آهيان. جيئن اسان وٽ اڄ جا پوڙها گلشن حديد، سرجاني ٽائون، سچل ڳوٺ ۽ پهلوان ڳوٺ جهڙين ڪراچيءَ جي نين بستين کان کڻي واقف نه هجن، پر چاڪيواڙي، بغدادي، کارا در، ميٺا در، رامسوامي، آرام باغ ۽ صدر جي ته گهٽي گهٽيءَ کان واقف هوندا.
ڪوالالمپور يونيورسٽي جي هن ملئي ڇوڪريءَ سان هڪ ڌارين جي شادي اٽينڊ ڪرڻ ۾ مون اهو به فائدو ڏٺو ته مون کي پنهنجو تعارف، پاڻ ڪرائڻ بدران، ايزاح کي ڪرائڻو پوندو ته؛ ”هي هڪ ڌارئين ملڪ جو ٽوئرسٽ ۽ ليکڪ آهي، جنهن اسان جي هن سمنڊ Malacca Strait (ملاڪا ڳچي سمنڊ) ۽ بندرگاهن ۾ 10 سال کن مختلف جهاز هلايا آهن ۽ اهڙا ئي 10 سال کن اسان جي چاچن مامن کي پڙهايو آهي.“ ۽ مون ڏٺو ته اهو ڪم ايزاح هر وقت وڏي خير خوبيءَ سان پئي ڪيو ۽ نه فقط سندس مائٽن جي شادي ۾ پر ڀر ۾ ٿيندڙ ڌارئين جي شاديءَ ۾ به منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اهڙن پر اثر جملن ۾ ڪرائي ٿي جو، مون کي گهوٽ سان گڏ ويهي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ چوڻ جي به ضرورت نٿي پيئي. ٻنهي شادين جي ميزبانن نه فقط مون کي دل ۾ جايون پيئي ڏنيون ۽ گهوٽ ڪنوار واري هيڊ ٽيبل تي ويهاري عزت بخشي ۽ فوٽو ڪڍڻ جي مون کي اجازت ڏني، پر هنن ۽ آيل مهمانن به مون سان ڪيترا ئي فوٽو ڪڍرايا.

No comments:

Post a Comment