Friday, February 03, 2012

چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ - الطاف شيخ


چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ
 الطاف شيخ
حج يا عمري جو اھڙو سفر آھي جنهن ۾ ماڻھو ٻين سفرن يا سيرن وانگر پنهنجي يا Guide جي مرضي موجب گھمي ڦري نه ٿو. ھرھڪ عبادت ۾ مشغول رھي ٿو ۽ حقيقت به اھا آھي ته ھرھڪ ھيڏو خرچ ڪري، مٽ، مائٽ، دوست احباب ڇڏي ھيڏو سفر ڪري ھتي جو پھتو آھي، فقط ان ڳالهه لاءِ.


ھڪ ڏينهن صبح جي پھر ستين ساڍي ستين بجي ڌاري باب اجياد واري در وٽ لڳل ھلندڙ ڏاڪڻين(Escalators) ذريعي حرم پاڪ جي مٿين ماڙ (ڇت) تي ھليو ويس. تهجد ۽ فجر تي آيل ماڻھن مان ڪيترائي اشراق پڙھي گھرن ڏي روانا ٿي چڪا ھئا ۽ ان ڏينهن باقي ڏينهن کان ھونئن به رش گھٽ ھئي. آئون ڇت جي چوڌاري چڪر ڏئي ھيٺ بيت الله ۽ حرم پاڪ جي ٻاھران ٺھيل ڊگھين عمارتن ۽ انهن جي پويان جبلن جو نظارو ڪري رھيو ھوس. دل ۾ آيو ته ڪو اھڙو ھتي جو واقفڪار ملي وڃي ته ان کان تاريخي نقطي نگاهه ان ڪجهه شيون پڇجن. خاص ڪري ڇت تان جيڪي ٽي گنبذ نظر اچي رھيا ھئا يا حرم پاڪ جي ڪجهه حصن کي ايئر ڪنڊيشنڊ رکڻ جي سسٽم بابت پر ڇت تي جيڪي موجود ھئا. انهن قرآن شريف جي تلاوت پئي ڪئي يا تسبيح پئي پڙھي. رکي رکي اڪيلي سر يا ننڍن ٽولن ۾ ترڪ، ايراني يا مصري لنگھيا ٿي پر پڪ ھيم ته اھي منهنجي انگريزي نه سمجھندا جو ھو اڪثر پنهنجي مادي زبان ترڪي، ايراني يا عربي ڳالھائين ٿا. اتي ھڪ سنهڙو جوان سنڌي ٽوپي ۾ اچي لنگھي، ڪجهه ڏينهن ملتاني لڳي رھيو ھو. ان کان اڳ جو مون کي ڪراس ڪري، گھڻو پري نڪري وڃي، مون کيس ٻانهن ۾ ھٿ وجھي پڇيو: ”ڀائو سنڌي آھين؟“ اھو پڇڻ سان مون کي پاڻ به شرمندگي ٿي، جو اھو جملو سنڌ ۾ (۽ توبه نعوذ بالله ھتي ڀلارن پٽن تي پڻ) ڪو ان قسم جو سوال ڪري ٿو ته: ”آپ ڪا تعلق پاڪستان سي ھي؟ يا اردو سمجھتي ھين؟“ معنى ان کانپوءِ اڳلو پنهنجي کيسي ڪترڻ ۽ مدد ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو.
ھن سنڌي ٽوپي واري ھمراهه به شايد اھا ڳالهه ڌيان ۾ رکي پھرين مون کي گھوري چڙ مان ڏٺو، (جيئن آئون کيسي ڪترڻ واري ڳالهه ڪرڻ جي موڊ ۾ ھجان ته سندس منهن جو غير-ھمدردانه پڻو ڏسي دل-شڪستو (Discouraged) ٿي وڃان) پر پوءِ الائي ڇو، شايد ھو منهنجي شڪل مان سمجھي ويو يا ائين ئي دل ۾ آيس جو منهن تي مرڪ آڻي ھائوڪار ڪيائين. سندس منهن ۾ نور ۽ ڏاڙھي ته اڳھين ھئي ۽ ھاڻ مرڪ سان سندس منهن ھيڪاندو ملوڪ ٿي پيو، ڪجهه ڳالھائڻ خاطر پڻ. جو منهنجي ٽولي جي 25 مردن ۾ مون کان سواءِ ڪو به سنڌي ڳالھائڻ وارو نه ھو. سنڌي ڳالھائڻ تي دل چئي رھي ھئي، جيئن ڪڏھن ملائيشيا جي ماڻھن کي ڏسي ساڻن ملئي ڳالھائي دل خوش ڪيم ٿي، کانئس خبر چار وٺڻ لڳس. معلوم ٿيو ته پاڻ ڪنڊياري جو آھي (افسوس جو ھن وقت سندس نالو ياد نه پيو اچي) ۽ نوابشاهه ۾ سنڌ حڪومت جي زڪوات کاتي يا شايد اوقاف کاتي ۾ نوڪري ڪري ٿو.
”توھان جو پھريون حج آھي؟“ مون پڇيومانس.
”نه ھي منهنجو ٽيون حج آھي“. ھن وراڻيون ۽ مون کي خوشي ٿي ته ٿي سگھي ٿو ته ھن کي ھتي جي جاين جي ڪجهه ڄاڻ ھجي ۽ واقعي اھا ڳالهه صحيح نڪتي. پاڻ مون کي حرم پاڪ جون ڪيتريون ئي شيون تاريخي ۽ مذھبي نقطي نگاهه کان ٻڌائيندو رھيو.
”سامھون جتي Neon Sign جو بورڊ لڳل آھي. اتي اھا عمارت آھي، جتي حضور ﷺ جن جي ولادت ٿي . اڄڪلهه اھو مڪتب (لائبريري) آھي. توھان ھي رستو وٺي اوڏانهن وڃي سگھو ٿا“. ھن مون کي حرم پاڪ جي ڇت تان رستو سمجھايو.
”۽ ھي جيڪو باب عبدالعزيز جي ٻاھران پھاڙي تي اڄڪلهه عرب بادشاھن جو محل آھي، اتي حضور اڪرم ﷺ جن چنڊ کي ٻه اڌ ڪرڻ جو معزو ڏيکاريو ھو“. ھن ٻڌايو.
ان محل (جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٽڪر ھو) جي پويان اجياد اسپتال آھي ۽ رستي جي ٻي ڪپر تي ”عمارت اشرف“ آھي، جنهن جي ٻي ماڙ وارن فليٽن تي اسين رھيل ھئاسين. ڪنڊياري جي مٿئين ھمراهه سان ملاقات بعد جڏھن به آئون پنهنجي فليٽ جي بالڪني ۾ بيھندو ھوس ته منهنجي دماغ ۾ جڏھن چوڏھن سئو سال وارو نقشو ڦرندو ھو. جڏھن مڪي شھر جا جملي گھر بيت الله جي آسپاس ھئا. باقي چوڌاري رڳو جبل ئي جبل ھئا. انهن مان ھڪ ھي جبل پڻ (جنهن تي اڄڪلهه شاھي محل آھي، جنهن ھيٺ چوڪيدار ۽ سنتري پھري تي بيٺا آھن ۽ انهن کان نظر بچائي آيو ويو، ڪبوترن لاءِ چوڳو پيو اڇلي ۽ ڪبوتر ماڻھن جي پيرن کان پاڻ بچائي داڻو چڳڻ ۾ مشغول آھن). رب پاڪ جي قدرت سان چنڊ نه فقط ٻه اڌ ٿي پيو ھو پر ھرھڪ اڌ ٻئي کان ايترو پري ٿي ويو جو ھڪ اڌ جبل جي ھڪ پاسي کان نظر اچڻ لڳو ته ٻيو اڌ ٻئي پاسي کان ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي اڌ ھڪٻئي سان وري ملي پورو چنڊ ٿي بيٺو.
ٿي سگھي ٿو ته اھو جبل کڻي ھي نه ھجي، جنهن لاءِ ڪنڊياري جي ھن ھمراهه ٻڌايو پر چنڊ جو ٻڌ اڌ ٿيڻ ھڪ اھڙي حقيقت آھي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف جي 54 نمبر سورة القمر جي پھرين ئي سٽن ۾ آھي ته: ”اَقتربت الساعت. وانشَقَ القَمَرُ...“ قيامت جي ساعت ويجھي اچي وئي ۽ چنڊ ڦاٽي ويو. پرھنن ماڻھن جو اھو حال آھي ته کڻي ڪھڙي به نشاني ڏسن منهن موڙيو ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته ھي ته ھڪ ھلندڙ جادو آھي“...
شق القمر يعني چنڊ جي ٽٽڻ جو حيرت انگيز واقعو ان ڳالهه جي پڪي نشاني ھو ته اھا قيامت جنهن جي اچڻ جي خبر رسول الله ﷺ جن ڏئي رھيا ھئا. بلڪل برپا ٿي سگھي ٿي ۽ جنهن جي آمد جو وقت تمام ويجھو اچي لڳو آھي. چنڊ جھڙو عظيم سيارو ھنن جي اڳيان ڦاٽو ھو، اھو ان ڳالهه جو کليل ثبوت ھو ته ھي ”نظام عالم“ غيري فاني نه آھي. اھو وکرجي سگھي ٿو. وڏا وڏا تارا ۽ سيارا ڦاٽي سگھن ٿا ۽ اھو سڀ ڪجهه ٿي سگھي ٿو، جنهن جو نقشو قيامت جا تفصيل بيان ڪندي قرآن ۾ چٽيو ويو آھي. حضور اڪرم ﷺ جن ماڻھن کي ھن واقعي ڏي ڌيان ڇڪرايو ۽ چيو ڏسو ۽ شاھد ٿجو پر ڪافرن ان کي جادو جو ڪرشمو قرار ڏنو ۽ پنهنجي انڪار تي رھيا.
ھن واقعي جو ثبوت قرآن شريف جي مٿين سورة (القمر) مان ملي ٿو ۽ روايتن مان تفصيل معلوم ٿئي ٿو ته ھي ڪڏھن ۽ ڪيئن پيش آيو. ھنن روايتن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي بزرگ اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود، حضرت حذيفه ۽ حضرت جبئر بن معطم عيني شاھد آھن. يعني ھنن پنهنجين اکين سان اھو واقعو (چنڊ جو ڦاٽڻ ۽ وري گڏجي وڃڻ) ڏٺو.
سڀني روايتن کي گڏ ڪرڻ سان تفصيل معلوم ٿئي ٿو ته ھجرت کان پنج سال اڳ ھي واقعو ٿيو. چنڊ واري مھيني جي چوڏھين ھئي. چنڊ اڃا ھاڻ ھاڻ اڀريو ھو ته اھو ھڪدم ڦاٽي ٻه ٽڪرا ٿي پيو، ان جو ھڪ ٽڪرو سامھون واري پھاڙي جي ھڪ طرف ته ٻيو ٽڪرو ٻئي طرف نظر آيو. ھي ڪيفيت فقط ھڪ لحظي لاءِ رھي ۽ پوءِ ٻئي ٽڪرا ھڪٻئي سان ڳنڍجي ويا. نبي ڪريم ﷺ ان وقت منى ۾ ھئا. پاڻ ماڻھن کي چيائون ته ڏسو ۽ شاھد ٿجو. ڪافرن چيو ته محمد ﷺ جن اسان تي جادو ڪري ڇڏيو ھو، ان ڪري اسان جون اکيون دوکو کائي ويون. ٻاھر جي ماڻھن کي اچڻ ڏيو ته انهن کان به پڇون ته ھي واقعو ھنن به ڏٺو آھي يا نه. پوءِ ٻاھران جڏھن ڪجهه ماڻھو آيا ته انهن به شھادت ڏني ته ھو به اھو منظر ڏسي چڪا آھن.
ھن واقعي لاءِ ڪڏھن ڪڏھن اھو سوال اٿاريو وڃي ٿو ته ھن واقعي جي حقيقت نوعيت ڇا ھئي، ڇا ھي ھڪ معجزو ھو، جيڪو مڪي جي ڪافرن جي مطالعي تي رسول پاڪ ﷺ جن پنهنجي رسالت جي ثبوت ۾ ڏيکاريو ھو يا ھي ھڪ حادثو ھو، جيڪو الله تعاليٰ جي قدرت سان چنڊ ۾ پيش آيو ۽ حضور ﷺ جن جي معجزن ۾ شمار ڪري ٿو ۽ انهن جو خيال آھي ته ڪافرن جي مطالبي تي اھو معجزو ڏيکاريو ويو ھو، حضرت مولانا مفتي محمد شفيع صاحب رح قرآن جي تفصيل ”معارف القرآن“ ۾ ان جي تائيد ڪئي آھي. يعني ڪافرن جي مطالبي تي حضور ﷺ جن اھو معجزو ڪري ڏيکاريو.
بهرحال اعتراض ڪندڙ ھن واقعي بابت ٻه اعتراض ڪن ٿا. ھڪ ته ھنن جي اڳيان اھا ھڪ ناممڪن ڳالهه آھي ته چنڊ جھڙو ھيڏو وڏو Planet ٻه ٽڪر ٿي ڌار ٿي وڃي ۽ سوين ميل ھڪ ٻئي کان پري وڃي وري ڳنڍجي وڃي. ھنن جو ٻيو اعتراض اھو آھي ته جيڪڏھن ائين ٿيو ھجي ھا ته ھي واقعو سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي وڃي ھا. ان جو ذڪر نه تاريخن ۾ آھي ۽ نه ئي علم نجوم جي ڪتابن ۾.
پھريون اعتراض انهن ڏينهن ۾ شايد وزني لڳو ھجي پر اڄ جي دور ۾ انسان کي سيارن جي مواد متعلق جا معلومات حاصل ٿي آھي، ان جي آڌار تي اھا ڳالهه بلڪل مڪمل آھي ته ڪو به سيارو پنهنجي اندر بي پناهه گرمائش ڪري ڦاٽي به سگھي ٿو ۽ پري وڃي پنهنجي مرڪز جي چقمقي قوت ڪري ھو ھڪٻئي سان واپس ملي به سگھي ٿو.
ٻيو اعتراض به بي وزن چيو وڃي ٿو، جو اھو واقعو ھڪ ته اوچتو ٿيو  ۽ ٻيو ته فقط کن ساعت لاءِ پيش آيو، ضروري ناھي ته ان لحظي لاءِ سڄي دنيا جو نگاھون چنڊ ڏي کتل ھجن ۽ نه وري ڦاٽڻ سان گڏ ڌماڪو ٿيو، جو ماڻھن اوڏانهن ھليو وڃي . پھرين کان ان جو ڪو اطلاع نه ھو، جو ماڻھو ان جي انتظار ۾ آسمان ڏي گھوريندا رھن ھا ۽ ھونئن به چنڊ کي سڄي دنيا ھڪ ئي وقت ڏسي به نه ٿي سگھي. انهن ڏينهن ۾ تاريخ نگاري جو ذوق ۽ فن به ايڏي اوج تي نه ھو ته مشرقي ملڪن ۾ جيڪي ڪجهه ماڻھن ڏٺو، ان کي قلمبند ڪيو وڃي ھا. بهرحال ھندستان جي مشھور ۽ مستند ”تاريخ فرشته“ ۾ ان جو ذڪر ضرور موجود آھي ته ھندستان جي مھاراجه مالابار اھو واقعو پنهنجي اکين سان پاڻ ڏٺو ۽ پنهنجي روزنامچي ۾ لکرايو ۽ اھو ئي واقعو ھن جي مسلمان ٿيڻ جو سبب بڻيو.

No comments:

Post a Comment