مديني روانو ٿيڻ
الطاف شيخ
جيتوڻيڪ حج ۾ اھو شامل نه آھي ته حاجي مديني پڻ وڃي. مديني نه وڃڻ سان حج ٿيو ٿو وڃي پر جڏھن ھڪ حاجي الله جو مقدس گھر خانه ڪعبه جي
ديدار جو شرف حاصل ڪري ٿو. ھو حج جو فرض به پورو ڪري ٿو، ته پوءِ مديني منوره پھچي
مسجد نبوي کي ڏسڻ ۽ سرور ڪائنات ﷺ جن جي روضه اقدس ﷺ جي زيارت ڪرڻ سڀ کان وڏي ۽ سڀ
کان عظيم سعادت آھي. ھن شھر جي گھٽين ۾ اولياءَ ڪرام پيرين اگھاڙا ھلندا رھيا آھن. ھن زمين جو چپو چپو بابرڪت آھي.
بيت المقدس جي فتح بعد حضرت بلال حبشي رضه، حضرت عمر رضه
(ٻئي خليفي) جي اجازت سان بيت المقدس ۾ ترسي پيو. ڪافي عرصي کانپوءِ کين خواب ۾
حضور اڪرم ﷺ جن جي زيارت ٿي. پاڻ فرمايائون: ”اي بلال تون اسان جي ملاقات لاءِ به نه
آئين.“ اھو ڏسندي حضرت بلال رضه جي اک کلي پئي ۽ ڏاڍو غمگين ٿيا. پاڻ ھڪدم مدينة
النبي ڏي روانا ٿي ويا ۽ روضي اقدس تي حاضر ٿيا. حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسين رضه جن
کين ٻانگ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. ھنن جي فرمائش کي حضرت بلال رضه ٽاري نه سگھيو ۽ يڪدم
اذان ڏني. (ياد رھي ته حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ حضرت بلال رضھ ٻانگ ڏيندو ھو. بلڪه
اسلام جي پھرين ٻانگ حضرت بلال رضه ڏني. سندس ٻانگ مٺي آواز جي ڪري مشھور ھئي.
حضرت عمر فاروق رضه (ٻيو خليفو) جڏھن بيت المقدس روانا
ٿيا ته ڪعب احبار جيڪو يھودين جو وڏو عالم ھو مسلمان ٿيو. حضرت عمر کي ھن جي اسلام
قبول ڪرڻ جي تمام گھڻي خوشي ٿي ۽ انهن کي فرمائش ڪئي ته ھو مديني منوره ھلن، جيئن
حضور اڪرم ﷺ جن جي روضي پاڪ تي حاضري ڀري سگھن.
ھر حاجيءَ کي حج جي ويزا جي 35 کن ڏينهن مان نو يا ڏهه
ڏينهن کن مديني منوره ۾ رھڻ جو پڻ موقعو ڏنو وڃي ٿو. پوءِ ڪن کي حج کي پھرين ته ڪن
کي حج بعد. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ بقول مفتي محمد جميل خان جي (جنهن جا حج بابت
ڪيترائي مضمون اخبارن ۾ ايندا رھن ٿا) جڏھن مديني رواني ٿيڻ جو وقت ٿئي ته وڏو
اھتمام ۽ تياري ضروري آھي. ھر مسافر اھو سوچي ته ڪھڙي عظيم ھستيءَ جي درٻار ۾ وڃي
رھيو آھيان. ان درٻار ۾ جيڪا رب پاڪ کي پسند آھي. جتي حضرت جبريل عليه السلام ادب
۽ احترام سان حاضر ٿيندو ھو. جتي حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر رضه حضرت عثمان
غني رضه، حضرت علي مرتضيٰ ڪرم الله وجهه ۽ ھڪ لک کان مٿي صحابه ڪرام ادب کان
نگاھون مٿي نه ڪندا ھئا ۽ ڏاڍيان نه ڳالھائيندا ھئا. جنهن درٻار لاءِ رب ڪائنات
فرمايو: ”ھن ھنڌ تي پنهنجي آواز کي بلند نه ڪريو.“ سفر شروع ٿئي ته شوق ۽ محبت مان
درود شريف گھڻي کان گھڻو پڙھجي. رستي تي جيڪڏھن اھڙيون جايون اچن جن بابت توھان کي
ڄاڻ ھجي. يعني ٻڌو ھجي ته حضور اڪرم ﷺ جن اتي تشريف فرما ٿيا ھئا ته انهن جاين جي
زيارت ڪجي ۽ نفل پڙھجن. اڄڪلهه جيڪو رستو مديني ڏي وڃي ٿو اھو ”طريق ھجرت“ سڏجي
ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه جن سان گڏ مڪي کان مديني
ھجرت ڪرڻ وقت ھي رستو اختيار ڪيو ھو. ان خيال کان ھي سڄو رستو مبارڪ آھي. شھر ۾
پھچي درود ۽ سلام پڙھجن. الله تعاليٰ جو ارشاد آھي:
يَا ايُھاالذين آمَنُو صَلو عليہ وَسَلَمو تَسليِما
”اي ايمان
وارو! حضور جن تي درود موڪليو ۽ سلام“.
حضور اڪرم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته جو شخص مون تي ھڪ دفعو
درود موڪلي ٿو الله تعاليٰ ھن تي ڏهه دفعا رحمت نازل فرمائي ٿو، ھن جا ڏهه گناهه
معاف ڪري ٿو ۽ ھن جا ڏهه درجا بلند ڪري ٿو.
حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آھي ته حضور اڪرم ﷺ
جن فرمايو ته، قيامت جي ڏينهن سڀني کان وڌيڪ منهنجي ويجھو اھو شخص ھوندو جنهن مون
تي گھڻا درود پڙھيا ھوندا. (ترمذي)
سعودي عرب حڪومت جي وزارت اسلامي امور طرفان مليل ھڪ
ڪتاب ”حج ۽ عمرو ۽ زيارت جا مسئلا ـ ڪتاب وسنت جي روشنيءَ ۾“ مان ڪجهه ڳالھيون ھيٺ
درج ڪريان ٿو، جيڪي سعودي عرب جي ھڪ عالم ۽ مولويءَ علامه شيخ عبدالعزيز بن عبدالله
حج تي ايندڙ زيارتين جي رھنمائي لاءِ لکيون آھن.
زيارت ڪرڻ وارو جڏھن مسجد نبوي ۾ پھچي ته ھن کي کپي ته پنهنجو
ساڄو پير پھرين اندر ڪري ۽ ھيءَ دعا پڙھي:
”الله جي
نالي سان ۽ درود سلام ھجن الله جي رسول تي، الله عظمت واري جي پناهه گھران ٿو ۽ ھن
جي بزرگ ذات ۽ قديم سلطنت جي پناهه گھران ٿو، شيطان مردود کان، اي الله مون لاءِ پنهنجي
رحمت جا دروازا کولي ڇڏ“.
اھا دعا ائين گھري جيئن ٻين مسجدن ۾ گھڙڻ وقت گھرجي ٿي،
مسجد ۾ وڃي ٻه رڪعتون نماز پڙھجي، جنهن ۾ الله کان دنيا ۽ آخرت جون محبوب شيون
گھرجن. جيڪڏھن ھي ٻئي رڪعتون روضه شريف (رياض الجنت) ۾ پڙھڻ جو موقعو ملي وڃي ته
اڃا به افضل آھي، جنهن لاءِ حضور اڪرم ﷺ وسلم جن جو ارشاد آھي:
”منهنجي
گھر ۽ منبر جي وچ ۾ جنت جي باغن مان ھڪ باغ آھي.“
نماز کانپوءِ نبي ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه جي
قبرن جي زيارت ڪجي ۽ نبي ﷺ جن تي ھن ريت سلام ڪجي: ”اسلام عليڪ يا رسول الله و
رحمت الله وبرڪاتہ“ جيئن سنن ابي دائود ۽ ابوھريره رضه کان روايت آھي ته رسول الله
ﷺ وسلم جن فرمايو:
”جيڪو شخص
مون تي سلام موڪلي ٿو ته الله تعاليٰ منهنجو روح مون کي موٽائي ڏئي ٿو، ايتريقدر
جو آئون ھن جي سلام جو جواب ڏئي ڇڏيان ٿو“.
پوءِ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه تي سلام موڪليو ۽
ھنن لاءِ دعائون ڪريو.
عبدالله ابن عمر رضه جڏھن رسول الله ﷺ ۽ انهن جي ساٿين
تي سلام موڪليندو ھو ته ان کان وڌيڪ نه چوندو ھو: ”اسلام عليڪ يا رسول الله، اسلام
عليڪه يا ابابڪر، اسلام عليه يا ابتاه“ ۽ ائين چئي روانا ٿيندا ھئا.
ان مٿين ڪتاب ۾ (جيڪو اسان کي سعودي حڪومت طرفان مليو) ان بعد لکيل آھي ته ھيءَ زيارت فقط مردن لاءِ مشروع آھي. عورتن لاءِ قبرن جي زيارت
جائز ناھي ۽ ڪنهن لاءِ به جائز ناھي ته ھو حجري جي ڄارين کي ڇھي يا ان کي چمي يا
ان جو طواف ڪري. ڪنهن لاءِ به جائز ناھي ته ھو رسول الله ﷺ کان ڪنهن حاجت پوري ٿيڻ،
يا ڪنهن مصيبت کي دور ڪرڻ، يا مريض کي شفا وغيره ڏيڻ لاءِ سوال ڪري. ڇو جو اھي سڀ ڳالھيون فقط الله
کان ئي گھرڻ کپن. البت توھان چئي سگھو ٿا ته اي الله پنهنجي نبيءَ کي منهنجو شفيع
بناءِ، اي الله پنهنجن ملائڪن ۽ مومن بندن کي منهنجو سفارشي بڻاءِ ۽ اي الله منهنجي
وفات ڪيل ٻارن کي منهنجو سفارشي بڻاءِ.
No comments:
Post a Comment