Saturday, February 04, 2012

حج جا پنج ڏينهن - الطاف شيخ

حج جا پنج ڏينهن
 الطاف شيخ
۽ پوءِ جيئن ئي حج جا ڏينهن ويجھا ٿيا ته حج لاءِ آيل حاجين جو تعداد مڪي شھر ۾ ايڏو وڌي ويو جو گھٽين، بازارن مان لنگھڻ مشڪل ٿي پيو. حرم پاڪ جي اندر نماز پڙھڻ لاءِ ان کي جاءِ ملي سگھي ٿي. جيڪو ٻانگ کان گھڻو اڳ پھچي ويو ٿي. ٻانگ بعد ايندڙن کي مسجد کان ٻاھر گھٽين ۾ جاءِ ملي ٿي. حرم پاڪ جي ٻاھرن دروازن کان چوڌاري ميل اڌ تائين رستا، فوٽ پاٿ، گھٽيون، نمازين سان ڀرجي ويون ٿي. طواف لاءِ به ھيٺ ڪعبي جي چوڌاري سولائي سان جاءِ نه ٿي ملي. ملي به ٿي ته ايڏي پيهه پيھان ٿي وئي جو پنهنجي مرضي سان گڏ ھلڻ گھٽ، ھڪ ٻئي جي ڌڪن تي آھستي آھستي چرڻو ٿي پيو. بلڪ پھرين ماڙ ۽ ڇت تان طواف ڪرڻ ۾ به ڪافي رش ھئي. ظاھر آھي، ڏورانهن ملڪن جا حاجي ته اچي ويا ھئا پر سعودي عرب  ۽ ويجھن عرب ملڪن جا به ھنن ڏينهن ۾ پھچي ويا. حج وارا ٻه ٽي مھينا، شوال، ذوالعقد، ذوالحج وغيره ۾ ھر وقت چار پنج لک ماڻھن جا مديني ۾ به رھيل ٿين ٿا پر حج جا ڏينهن (جيڪي 8 ذوالحج کان 12 ذوالحج ٿين) ويجھو اچڻ تي مديني ۾ زيارت لاءِ ترسيل حاجي به مڪي پھچيو وڃن جو 8 ذوالحج تي صبح جو ھرھڪ کي احرام  جي حالت ۾ مڪي کان منى روانو ٿيڻو پوندو آھي.


اٺين8  ذوالحج ۾ باقي ٻه ٽي ڏينهن بچيا ته اسان جي گروپ ليڊر اسان کي صلاح ڏني ته جيتري قدر ٿي سگھي ھي ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪريون، جو حج وارا پنج ڏينهن وڏي جفاڪشي ۽ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ننڊ به پوري نه ٿي ٿئي. ھن عورتن کي طواف ڪرڻ کان بلڪل منع ڪري ڇڏيو جو متان ڪا ٿڪجي ساڻي ٿي پوي يا بيمار ٿي پوي ۽ ايندڙ حج جي پنج ڏينهن ۾ ھن کي ھلڻ ۾ دقت ٿئي.
آخر اھو ڏينهن يعني 8 ذوالحج جو به نمودار ٿيو  ۽ اسان پنهنجي مڪي واري رھائش کي پنجن ڏينهن لاءِ الوداع ڪري ھيٺ فوٽ پاٿ تي منى ڏي روانو ٿيڻ لاءِ سامان جو ٿيلھو يا ھڙ، ٿرماس ۽ ڌوپ ڇٽي کڻي اچي بس جو انتظار ڪيوسين. سامان ھڪ ڏينهن اڳ پئڪ ڪيو ھئوسين. سامان ۾ ڇا ڇا کڻجي، ان لاءِ توھان کي اھا ڳالهه ۾ ذھن ۾ ھجڻ کپي ته ھن سفر ۾ توھا نکي پنج ڏينهن چار راتيون مڪي شھر کان ٻاھر گذارڻيون پون ٿيون، جن مان ٽي راتيون منى ۾ تنبوءَ ۾ جنهن ۾ ھرھڪ ماڻھو جي حصي ۾ مڪي واري رھائش کان به گھٽ جاءِ ملي ٿي ۽ ھڪ رات مزدلفه ۾ ته کلي آسمان ھيٺان پٽ تي گذارڻي پوي ٿي. سمھڻ لاءِ توھان چاھيو ته ملٽي فوم جا گاديلا، پٿراڻيون، بلاڪيٽ، چادريون ۽ ٻه ٻه وھاڻي کڻي سگھو ٿا پر ياد رکو ته اھي سڀ شيون مڪي کان منى، منى کان عرفات، عرفات کان مزدلفه، مزدلفه کان منى ۽ پوءِ آخر ۾ منى کان مڪي تائين پنهنجي مٿي تي ڍوئڻيون پون ٿيون. بس ۾ جاءِ ملڻ جو ايڏو مسئلو ٿو ٿئي جو اھا جاءِ ماڻھن لاءِ پوري مس ٿئي ٿي، اتي گھڻو بار ڪٿي رکجي ۽ ڪيترن مرحلن تي سخت گرمي ۾ لوھ جي بس ۾ قيد ٿي (جنهن جو نٽھڻ اس ۾ ايئر ڪان به ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏئي. ھلڻ کان ھرڪو پيرين پنڌ ھلڻ بهتر سمجھي ٿو). خاص ڪري مزدلفه کان منى ۽ منى کان واپس مڪي، سو جيترو سامان گھٽ ھجي اوترو سٺو.
منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق ھنن پنجن ڏينهن لاءِ مڪي ڇڏڻ وقت ھي سامان پڻ ساڻ کڻجي. سامان لاءِ پاٺي جي سخت بئگ بدران ڪپڙي جو ڪو ٿيلھو کڻجي. سڀ ۾ بيسٽ ٻن ٽن ريالن وارو ريگزين جو يا ٿلھي پلاسٽڪ جو اھو ٿيلھو آھي، جنهن ۾ Zip به لڳل ٿئي ٿي ۽ 8 ذوالحج کان اڳ، توھان کي ڪيترائي حاجي ان قسم جو ٿيلھو خريد ڪندي نظر ايندا ۽ پنجن ريالن وارو پلاسٽڪ جو تڏو به Ideal شيءِ آھي. پلاسٽڪ جي ھن ٿيلھي کي توھان وھاڻي طور استعمال ڪري سگھو ٿا ۽ ھيٺان وڇائڻ لاءِ پلاسٽڪ جو ھي تڏو ھلڪو پڻ ٿئي ٿو ۽ سمھڻ لاءِ ٺيڪ ٺاڪ رھي ٿو. ھونئن به 1998ع ۾ منى ۾ باهه لڳڻ بعد اتي نه فقط بهترين قسم جا تنبو ٺاھيا ويا آھن پر ھر تنبو ۾ ايئر ڪنڊيشنر لڳايو ويو آھي. پٽ تي چڱا ٿلھا غاليچا وڇايا ويا آھن، جن مٿان سنهي چادر به ڪافي آھي پر ان کان بهتر ۽ ھلڪو ھي پلاسٽڪ جو تڏو آھي. جنهن سان گڏ ڦوڪڻي جھڙو وھاڻو به چنبڙيل ٿئي ٿو، جنهن ۾ ھوا ڀري سگھجي ٿي پر ان ھوا ڀريل وھاڻي کان ٿيلھو يا احرام ڪنڌ ھيٺان رکي سمھڻ بهتر آھي. اھو ئي تڏو مزدلفه لاءِ  به صحيح آھي. جتي پھرين جو وڇيل ڪو گلم غاليچو ناھي. پٿريلو پٽ آھي. ڪي ڪي ماڻھو اسپنج جا نرم گاديلا ۽ ھنڌ کڻي ھلن ٿا پر پوءِ ھو انهن کي ڍوئڻ ۾ پورا ھوندا آھن. مزدلفه ۾ پھچندي پھچندي ۽ نمازون پڙھندي ٻارھن ھڪ ٿيو وڃي ۽ فجر پڙھي وري منى لاءِ نڪريو پوي ٿو. سو رات جو پھر ٻه پٿريلي پٽ تي سمھڻ ڪو مشڪل ڪم نه آھي. البته ھڪ ٿلھي ڪپڙي جي چادر مٿان وجھڻ لاءِ ضرور کڻو جو مزدلفه ۾ به رات ٺري ٿي ۽ منى جي تنبن ۾ به ايئر ڪولر ھلڻ ڪري رات جو سيءُ پوي ٿو.
سامان ۾ پاڻ سان ھڪ احرام ضرور کڻجي، جسم تي پھريل خراب ٿي پوي ته ٻيو اوڍي سگھجي. ھڪ ڪاٽن جو وڳو (شلوار قميص) جو آخري ٻه ڏينهن پائي سگھجي. 10 ذوالحج تي شيطان کي پٿريون ھڻڻ، قرباني ڪرڻ ۽ وار ڪوڙائڻ بعد احرام کان آجو ٿيو وڃجي ۽ باقي ٻه ڏينهن سٿڻ قميص ۾ رھڻو پوي ٿو. پاڻ سان ٿلھي ڪپڙي جي ڌوپ ڇٽي به ضرور کڻجي جو عرفات جي ميدان تي توڙي منى ۾ پاڻ کي اس کان بچائجي. ھن سال (2000ع) ۾ حج مارچ جي وچ ۾ ٿيو ته به ڏينهن جو سخت گرمي ھئي. ھڪ فالتو چمپل کڻجي، جو منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ وقت رش ۾ پوئين ماڻھو جو پير توھان جي چمپل تي اچڻ تي اھو توھان کان جدا  ٿيو وڃي ۽ اھڙي صورت ۾ ڪڏھن به، جھڪي نه کڻجي جو اھڙين حالتن ۾ ايندڙ ماڻھن جو ريلو چپيو رکي. ساڳي وقت اس ۾ پير ساڙڻ بدران ڪٿي کلئي پٽ تي ڪنهن جو اڇلايل چپل نظر اچي ته في الحال پائي ڇڏجي، چاھي ڪھڙي به رنگ يا ڊزائين جو ھجي، پوءِ تنبوءَ ۾ پھچي پنهنجو فالتو آندل چپل پائجي يا ڪنهن دڪان تان خريد ڪجي. پاڻ سان پاڻي جو ٿرماس ضرور کڻجي. مڪي مان نڪرڻ وقت يا شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ منى جي تنبو مان نڪرڻ وقت ڪيترن کي ائين ٿو لڳي ته کين اڃ نه لڳندي پر سخت گرمي ۽ ماڻھن جي رش ۽ اٻس ڪري ڪيترائي سخت پريشان ۽ بيمار ٿيو پون يا رستي تي ٿڌي پاڻي جي ڪولرن مان يڪساھي ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري گلي جي تڪليف ٿيو پوين. ان ڪري پاڻ سان ٿرماس کڻڻ ضروري آھي ۽ جيتري قدر ٿي سگھي پاڻي جون ٿڌيون بوتلون ۽ کٽا مٺا جيوس Avoid ڪجن. پاڻ سان ننڍو ٽوال کڻجي ۽ منى عرفات ۽ مزدلفه ۾ کائڻ لاءِ خشڪ قسم جون ڪجهه شيون بسڪٽ، صوف، ڪيڪ وغيره کڻجن، جيئن جيسين ڪا شيءِ ڪنهن دڪان يا ھوٽل تان ملي، تيسين کائي سگھجي. روزمره جي استعمال جون دوائون ۽ ھلڪي ۽ پوري پني سائيز جي جاءِ نماز به کڻجي.
اٺين ذوالحج تي مڪي کان منى وڃڻ لاءِ اسان جي گروپ ليڊر بس جي بندوبست لاءِ ڏينهن ٻه اڳ معلم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ٻڌايو ته اسان لاءِ ھن جيڪا بس مقرر ڪئي آھي. اھا اسان کي صبح جو ساڍي اٺين بجي اسان وري بلڊنگ وٽان اچي کڻندي. رات جي ماني تي اسان جي گروپ ليڊر ھڪ دفعو اسان کي وقت جي پابنديءَ جي تاڪيد ڪئي. ”بس لاءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو“ اسان جي گروپ ليڊر احسان الاھي شيخ چيو ”بس وارا اسان جو انتظار نه ڪندا. ان ڪري صبح جو اٺين کان اڳ ھرھڪ تيار ٿي پوري اٺين بجي سامان سان رستي تي ھلي انتظار ڪرڻو آھي“. گروپ ليڊر ٻه ٽي نوجوان مقرر ڪيا، جن جو ڪم پنهنجو سامان کڻڻ کان علاوه کاڌي پيتي جو سامان کڻڻ پڻ ھو. کاڌي پيتي جي سامان جا به اٺ ڏهه کن دٻا ٿيا، جن ۾ ڊبل روٽي، جئم، بسڪيٽ، ڪيڪ، صوف، ڀڳڙا، چونئرا، کجور، کير جا دٻا، کنڊ، چانھن جي پتي، ويندي چانهن ٺاھڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڪيٽل کنيائون جو منى جي تنبوءَ ۾ اليڪٽرسٽي جا سئچ لڳل آھن، جنهن سان Extension wire ڳنڍي ڪٽلي ۾ گرم پاڻي ڪري چانهن ٺاھي سگھجي ٿي. ڪنهن زماني ۾ حاجي منى جي تنبن ۾ گئس جا چلھا کڻي ھلندا ھئا، جن تي رڌپچاءُ ڪندا ھئا پر ھاڻ انهن چلھن ۽ رڌ پچاءَ تي بندش وڌي وئي آھي، جو گئس جي سلينڊرن جي ڦاٽڻ ڪري باهه لڳڻ جا واقعا ٿيا ٿي. سڀ کان وڏو واقعو 1998ع  ۾ ٿيو، جنهن ۾ ھزارين جانين کي نقصان رسيو ۽ تنبو سڙي خاڪ ٿي ويا. ان واقعي کانپوءِ ھاڻ تنبو به Fire Proof ڪپڙي جا استعمال ٿي رھيا آھن ۽ رڌ پچاءُ بدران ھرھڪ خشڪ سامان کائڻ لاءِ کڻيو ھلي ٿو. منى ۾ چوڌاري ڪيترائي دڪان به کلن ٿا، جن جو تعداد پڻ سون ۾ آھي پر حاجين جو ايڏو وڏو تعداد آھي جو ھر دڪان تي وڏي رش رھي ٿي ۽ ھر ويلي تي ڊگھي قطار ۾ بيھڻ وقت جي بربادي آھي. ان ڪري بهتر اھو آھي ته ھرھڪ پاڻ سان کائڻ جي خشڪ شيءِ کڻي ھلي، جنهن مان ڪجهه عرفات جي ميدان ۽ مزدلفه  ۾به کائي سگھي ٿو. عرفات جي ميدان تي ڪيترائي نيڪ ۽ سخي مڙس ويندي سعودي جي حڪومت حاجين لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست مفت ڪري ٿي پر حاجين جو ايڏو وڏو تعداد آھي. جو صحيح طرح ورھاست ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ڪن ھنڌن تي کاڌي جون شيون بچيون پيون ھونديون آھن ته ڪن ھنڌن تي کٽل ھونديون آھن. ان ڪري ھر صورت ۾ پاڻ سان کاڌي جون ڪجهه شيون ۽ پاڻي جو ٿرماس رکجي.
اسان مڪي جي الجياد اسپتال واري روڊ تي پوڻي اٺين وڳي کان بس جو انتظار ڪيو. ڪيتريون بسون اينديون رھيون ۽ مقرر ملڪ ۽ گروپ جا ماڻھو کڻنديون رھيون. ھڪ ٻئي پويان ايتريون بسيون آيون ٿي، جو پارڪنگ جي جاءِ نه ٿي ملي ۽ پارڪن ٿيڻ سان پوليس وارن سيٽيون وڄائي حاجين ۽ بس جي ڊرائيور کي خبردار ٿي ڪيو ته پئسينجر چاڙھي اڳتي روانو ٿيو. ماڻھو بلڊنگون ڇڏي مختصر ٿيلھن ۽ ھڙن سان رستي تي ائين اچي بيٺا ھئا، ڄڻ گھرن کي باهه لڳي ھجي ۽ ھرھڪ پنهنجي جان بچائي ٻاھر نڪري آيو ھجي. اڄ جو ڏينهن يعني 8 ذوالحج اھو ڏينهن آھي، جنهن جو ھرھڪ حاجي انتظار ڪري ٿو ۽ اڄ جي ڏينهن تي ھرھڪ کي مڪي کان منى ڏي سفر ڪرڻو آھي. اڄ جي ڏينهن تي اٽڪل ٽيهه لک انسانن کي اڇي رنگ جي ڪفن جھڙي ڪپڙي جي احرام ۾ ڍڪجي ڪنهن به صورت ۾ منى پھچڻو آھي. ھڪ طرف بسين ڏي نظر ٿي ڪئيسين ته تعجب ٿي لڳو ته ھيتريون بسيون پر وري ماڻھن ڏي نگاهه ٿي ڪئي سين ته اھي بسيون ٿوريون ٿي لڳيون. نَو ساڍا نَو ٿي ويا پر اسان واري مڪتب جي بس نظر نه آئي. رکي رکي ھرھڪ باٿ روم لاءِ پنهنجي پنهنجي فليٽ ڏي ويو ٿي يا ٿورو اڳيان دڪانن تان چانھن يا ڪوڪا ڪولا وٺڻ لاءِ ويو ٿي پر ھرڪو يڪدم موٽي آيو ٿي، جو ھرھڪ کي خبر ھئي ته ڪنهن وقت به بس اچي ويندي ۽ بس ايندي ته پوءِ ترسندي ڪا نه ۽ ڪنهن به پنهنجي گروپ کان ڇڄڻ نه ٿي چاھيو، ڇو جو پوءِ اڪيلو ٻي بس ۾ پھچي منى پھچي پنهنجي گروپ جو تنبو ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. جيتوڻيڪ ھاڻ ھر تنبو جو نمبر آھي، جنهن کان ھرھڪ واقف ڪيو وڃي ٿو، بلڪه ان تنبو جي نمبر جو ڪارڊ ڳچي ۾ وجھي ھلڻو پوي ٿو پر ٽيهه لک ماڻھن جا تنبو به سٺ ھزار کن ٿين ٿا، جيڪي ميلن تائين پکڙيل آھن.
آخر ڏھين بجي اسان جو گروپ ليڊر ۽ ھڪ ٻه ٻيا چڱا مڙس جن کي عربي زبان آئي ٿي. اھي معلم جي آفيس ۾ ويا، جنهن ٻڌايو ته ٽرئفڪ ايتري جئم آھي جو اھا بس اڃا پھريون ڦيرو ڪري نه آئي آھي. بهرحال ھن ٻي بس جيڪا ان وقت پھتي ھئي، اسان لاءِ ڏني ۽ اسان ٽپڙ رکي چڙھي پياسين. بس صحيح قسم جي ايئرڪنڊيشنڊ ھئي ۽ ويھڻ لاءِ 53 سيٽون ھيون ۽ اسان پنجاهه ڄڻا ھئاسين. سامان ڇت تي رکيو ھئوسين. ان ڪري وڏي آرام ۾ ھئاسين. فقط تلبيھ پڙھندا ھلياسين ۽ دري مان مڪي جون بازاريون (جيڪي ھاڻ سنسان ٿي رھيون ھيون جو سڀ حاجي مڪو ڇڏي منى روانا ٿي رھيا ھئا) ويڪرا رستا، ويڪرن رستن تي نئين ماڊل جون اوچيون بسيون، بسين ۾ ويٺل مختلف ملڪن جا ماڻھو، جبل، جبلن ۾ کوٽيل ٽنل ۽ ٽنلن (سرنگھن) ۾ بجلي ۽ گئس ڇڪڻ جا Exhasust پنکا ڏسندا ھلياسين. اڳتي ھلي ٽرئفڪ جئم به ٿي پر اھڙي نه ٿي، جھڙي ماضي ۾ ٿيڻ جو ٻڌو اٿئون. چپي چپي تي بيٺل شرطا (پوليس وارا) زوردار سيٽين ۽ ڇڙٻن سان ٽرئفڪ کي جئم ٿيڻ کان بچائيندا رھيا، مڪي کان منى ھونئن ته رستو 15 منٽن جو به نه آھي پر ان ڏينهن مڙيئي ڪلاڪ ڏيڍ لڳي ويو، خاص ڪري تنبن جي شھر منى جي گھٽين ۾ پنهنجي مڪتب ۽ ان ۾ پنهنجي تنبو نمبر 18 ڳولڻ ۾.
منى لاءِ جھونن حاجين کان ڏاڍيون ڀوائتيون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته اڄ کان چوٿون صدي کن اڳ تائين منى ۾ رھائش ڏاڍي تڪليف واري ھوندي ھئي ۽ واقعي ھئي. جتي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملي، اتي وضو ۽ غسلخاني لاءِڪٿان پاڻي اچي. عورتون توڙي مرد پاڻ سان پاڻي سان ڀريل دٻا ڪلھن تي رکي پيرين پنڌ منى پھچندا ھئا، ھڪ ھڪ گلاس پاڻي جو قيمتي ھوندو ھو. رڌ پچاءَ لاءِ چلھا، ديڳڙا ۽ گئس جا سلينڊر پڻ ڍوئيندا ھئا. غسل خانا ٺھيل نه ھئا. پوءِ گروپن ۾ ماڻھو کڏا کوٽي ان ۾ دٻو رکي سنداس نموني جو ڪاڪوس ٺاھيندا ھئا. جنهن کي پاسن کان انبن جي کوکن جھڙا تختا ھڻي ڀتيون ٺاھيندا ھئا ۽ در جو ڪم چادر کان ورتو ويندو ھو. باٿ روم ڏي وڃڻ وارو ھڪ ٻئي حاجي کي به پاڻ سان وٺي ويندو ھو، جيڪو پڙدو جھلي بيھندو ھو ۽ ماڻھن کي اندر وڃڻ کان جھليندو ھو. لالٽين ڏيا ۽ پوءِ گولا (گئس بتيون) ٻاريون وينديون ھيون. تنبن ۾ گرمي ۽ گھٽ اھڙي ٿيندي ھئي جو ھر وقت وڃڻي ھٿ  ۾ ھوندي ھئي.
ان مقابلي ۾ منى جي اڄ جي رھائش ڳالهه ٻي ٿي پئي آھي. فرسٽ ڪلاس ڇڪيل تنبو، جنهنجي ڍري ٿيڻ يا ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. چاھي اونهاري جون لڪون لڳن يا سياري جا واچوڙا، ھر تنبو ۾ ٿڌي پاڻي جو ڪولر ايئر ڪنڊيشنر (Desert Cooler)، ٿڌي روشني وارا ۽ اڌ ۾ لڪيل بلب جيئن سندن روشني سامھون اکين ۾ به نه لڳي، پٽ تي چڱو ٿلھو غاليچو، جنهن تي بنا چادر جي به سمجھي سگھجي. تنبن جي ڀتين جا مٿيان حصا رسين کي ڇڪڻ سان کلي به سگھن ٿا، جيئن ڪو ايئر ڪولر ھلائڻ نه چاھي ته ڀيتن کي کولي قدري ٽيمپريچر واري ھوا کائي، تنبو ۾ گھڙڻ سان ٿڪل ماڻھو فرحت ۾ اچيو وڃي.
اٺ ڏهه تنبن لاءِ اٺ ڏهه غسلخانن جي قطار، جن ۾ انڊين توڙي يورپي ڪموڊ لڳل، وھنجڻ لاءِ شاور ۽ وضوءَ لاءِ نلڪا ۽ نه فقط نلڪا لڳل آھن پر منجھن پنج ئي ڏينهن پريشر سان پاڻي کي ايندي ڏٺوسين.
تنبن ۾ ٿڌي پاڻي جا ڪولر ڏيڻ کان علاوه ھر تنبوءَ لاءِ پنج کن ڪلو (Ice Cubes  برف جا ٽڪرا) ۽ ھر روز مھيا ڪيا ويا ٿي. ھر تنبو جي ٻاھران گند ڪچرو ڦٽو ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي باردي رکيل  ۽اھي بارديون نه رڳو رکيل ھيون پر ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا خالي ڪري صاف ڪيون ويون ٿي. اسان تنبو ۾ گھڙي ان جو وچيون پردو ڇڪي تنبو کي ٻن حصن ۾ ورھايو. جيئن ھڪ ۾ عورتون ۽ ٻئي ۾ مرد گڏجي رھون. ان بعد ھرھڪ پنهنجا پنهنجا بسترا ٻن قطارن ۾ وڇايا. يعني ٻارھن کن مرد ھڪ قطار ۾ 12 يا 13 ٻي قطار ۾ ماچيس جي تيلين وانگر سڌا ٿي ليٽي پياسين. اسان جي گروپ جي چوڌري مھتاب ۽ سندس فرزند فھيم بجلي جي سئچ بورڊ ۾ پنهنجي فون جي بيٽري چارج ٿيڻ لاءِ ۽ پاڻي جي ڪٽلي چانھن ٺاھڻ لاءِ رکي خير جو ڪم ڪيو. يعني اسان ٿڪلن کي چانهن پياري ۽ ان سان گڏ بسڪٽ ۽ ڪيلا کارايا.
ڪلاڪ ڏيڍ ٿڪ ڀڃي وضو لاءِ اٿياسين ۽ ظھر نماز جماعت سان تنبو ۾ پڙھي سين. عورتن پنهنجي تنبو ۾ جماعت ڪئي. ان بعد فيروز، ڊاڪٽر شفيق ۽ اسرار گڏجي پئسن مان ڪجهه پئسا گروپ ليڊر کان وٺي ٻاھران ھڪ بنگالي جي ھوٽل تان ڀت ۽ دال وٺي آيا. چانور  ۽ دال بهترين جنس جا ھئا ۽ بنگالي رڌيو به بهترين نموني سان ھو. وڏي ڳالهه ته بک به بهترين لڳي ھئيسين. ڏاڍو مزو آيو، رکن چانورن مان به خوشبو پئي آئي ۽ سالن تائين منى جو اھو دال ڀت نه وسرندو. رات جي ماني تي نمڪو کاڌوسين. جيڪو نوراحمد ۽ ڀائي متين ڪراچي کان آندو ھو. رات جي سمھڻ مھل ايڏو سيءَ لڳو جو ايئر ڪولر بند ڪرڻو پيو.
ٻيو ڏينهن نائين ذوالحج جو ھو. يعني عرفات جي ميدان تي وڃڻ جو منيٰ کان عرفات ڪو پري ناھي. عام حالت ۾ ھتي جا رستا اھڙا ته سٺا ۽ ويڪرا آھن جو ڏھن منٽن ۾ پھچي سگھجي ٿو پر جيئن ته ھي Movement به ھڪ ئي وقت تي سڀني حاجين کي ڪرڻي آھي.ان ڪري رستي تي رڳو بسيون  ۽ ماڻھو نظر اچن ٿا ۽ تر ڇٽڻ جي جاءِ نظر رڳو ھلي وارو حساب آھي. اسان جو جنهن بس سان حساب ڪتاب رکيل ھو. ان کي يارھين ٻارھين بجي ڌاري اچڻو ھو. ڪنهن زماني ۾ يعني اڄ کان ٻه ٽي سال اڳ تائين حاجين جي مرضي تي ڇڏيل ھو ته وڻين ته سواري جو بندوبست پاڻ ڪن يا معلم جي بس ۾ چڙھن پر ھاڻ ھن سال کان ھر حاجي لاءِ ضروري ڪري ڇڏيو اٿن ته معلم جي بس ۾ چڙھي ۽ جي ھو پنهنجو بندوبست ڪندا ته به معلم ھنن جو ڀاڙو ڪٽي ڇڏيندو. يعني ڪو به جدي پھچي معلم کان Claim نه ٿو ڪري سگھي يا مون تنهنجي بس Avail نه ڪئي. ان ڪري ان جي ڀاڙي جا پئسا واپس ڪر، جيڪي تو اڳواٽ اسان کان ورتا ھئا.
معلم وٽ ڪجهه پنهنجون بسيون آھن، ڪجهه ٻين بسن جي مالڪن کي ٺيڪا ڏئي ٿو ته منهنجي فلاڻي مڪتب جا ماڻھو منى کان عرفات پھچائجو. انهن کي زور زور سان ڌڪ ھڻي ماڻھن کي عرفات تي ھلڻ لاءِ اٿارين ٿا. جيتوڻيڪ منى ۾ پنجين نماز پڙھي پوءِ صبح جو نڪرڻ کپي پر جاھل ڊرائيورن کي پنهنجي ٺيڪي پوري ڪرڻ سان مطلب ٿئي ٿو ته جھٽ ماڻھن کي منى مان کڻي عرفات رسايون، پر اسان جي گروپ جي ليڊر اسان کي اڃا منى ۾ ئي ترسڻ لاءِ چيو ۽ جلدي ڪرڻ کان منع ڪئي. يارھين بجي ڌاري اسان سامان جو ٿيلھو، ڇٽي ۽ پاڻي جو ٿرماس کڻي اچي رستي تي بس جي انتظار ۾ بيٺاسين.
منى ۾ 8 ذوالحج جي نماز ظھر، عصر، مغرب، عشاءِ 9 ذوالحج جي نماز فجر، پنج نمازون مڪمل ڪرڻ مسنون آھن. يعني حضور اڪرم ﷺ جن پڻ ائين ڪيو ھو. حضرت جابر رضه کان حجة الوداع جي حديث ۾ روايت آھي ته جڏھن يوم ترويھ (يعني 8 ذوالحج) جو ڏينهن آيو ته اصحاب سڳورن (مڪي مڪرمه مان ئي) احرام ٻڌو ۽ منى لاءِ روانا ٿيا. رسول اڪرم ﷺ جن سواري تي نڪتا ۽ منى ۾ ظھر، عصر، مغرب ۽ عشاءَ ۽ 9 ذوالحج جي فجر نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ جڏھن سج اڀري مٿي آيو، ان بعد عرفات روانا ٿيا (اھا مسلم کان روايت ٿيل آھي).
دوران حج منى، عرفات، مزدلفه، ھر جاءِ تي مڪاني توڙي ڌارين ماڻھن کي سڀ نمازون قصر ادا ڪرڻ کپن . يعني سفر جي حالتن ۾ پڙھڻ کپن. مثال طور: ظھر نماز ۾ چئن بدران فقط ٻه فرض پڙھجن وغيره. حضرت حارث بن وھب رضه جن فرمائين ٿا ته ھن حجة الوداع جي موقعي تي نبي ڪريم ﷺ جن جي پٺيان نماز پڙھي، ان موقعي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ڪيترائي مڪاني ۽ ڌاريا ماڻھو ھئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن حج جو سڄو عرصو سڀني کي ٻه رڪعتون (يعني قصر) نماز پڙھائي. (ان کي پڻ مسلم روايت ڪيو آھي).
نائين9  ذوالحج (يوم عرفه) تي سج اڀرڻ بعد منى کان عرفات روانو ٿيڻ کپي ۽ رستي تي تڪبير (الله اڪبر) تهليل (لا الٰہ الا الله) ۽ تلبيھ (لبيڪ اللھم لبيڪ...) چوڻ کپي. اڄ جو ڏينهن حاجين جي عبادت ۽ حج جو اھم ڏينهن ٿئي ٿو. وقوف عرفات ـ يعني عرفات جي ميدان تي ترسڻ حج جي ارڪانن ۾ سڀ کان اھم ۽ ضروري رڪن آھي. ان بنا حج ٿي نه ٿو سگھي. ٻين ارڪانن جي مجبوريءَ ۾ پورائي نه ڪرڻ تي دم يا صدقو ڏئي پورائو ڪري سگھجي ٿو پر عرفات جي ميدان تي پوڙھي توڙي بيمار کي پھچڻو ئي پھچڻو آھي. ڪو ھلي چلي نه ٿو سگھي ته ھن کي پاڻ کڻائي به عرفات جي ميدان ۾ پھچڻ کپي.
حضرت عبدالرحمان بن يعمر رضه جو چوڻ آھي ته آئون حضور اڪرم ﷺ جن جي ويجھو بيٺو ھوس ته ڪجهه ماڻھو آيا ۽ حج جي باري ۾ پڇيو ته حضور اڪر م ﷺ جن فرمايو: ”حج عرفات ۾ ترسڻ جو نالو آھي، جيڪو ماڻھو مزدلفه جي رات (يعني 9 ۽ 10) ذوالحج جي وچ واري رات) طلوع فجر کان اڳ عرفات ۾ پھچي وڃي ته ان جو حج ادا ٿي ويو“. (اھو نسائي کان روايت ٿيل آھي).
ان بابت وضاحت آھي ته جيڪڏھن ڪو شخص ڀُل ۾ وادي عرفات جي بدران وادي نمره ۾ وقوف ڪيو ته ھن جو حج ادا نه ٿيندو ۽ جو ماڻھو 10 ذوالحج جي سج اڀرڻ کان اڳ گھڙي کن لاءِ به ميدان عرفات ۾ پھچي وڃي ته ھن جو حج ٿي ويو. (حج ۽ عمري جا مسئلا ـ موقف محمد اقبال ڪياني صفحو 140).
حضرت عبدالله بن عباس رضه جو چوڻ آھي ته رسول اڪر مﷺ جن فرمايو: ”ميدان عرفات سڄي جو سڄو موقف آھي پر وادي عرنه (يعني نمھر) کان بچاءُ ڪيو (يعني ان ۾ وقوف نه ڪريو) ۽ مزدلفه سڄي جو سڄو موقف آھي پر وادي محسر کان بچاءَ ڪريو ۽ منى سڄي جو سڄو قربان گاهه آھي.“ (ان کي طحاويءَ روايت ڪيو). واديءَ عرفان ۽ وادي نمره ٻئي ھڪٻئي سان مليل آھن ۽ ان بابت شروع ۾ پڻ لکي چڪو آھيان ته مسجد نمره جو ھڪ حصو وادي عرفات ۾ آھي ۽ ٻيو حصو وادي نمره ۾. مسجد جي اندر بورڊ ھڻي ان ڏي ڌيان به ڇڪايو ويو آھي. بهرحال مسجد نمره ۾ ترسڻ کان اڳ عرفات جي حدن جي خاطري اڳواٽ ڪري ڇڏڻ کپي، جيئن حج باطل نه ٿئي
بهرحال اڄ جي ڏينهن (9 ذوالحج) جو وقوف عرفات وارو رڪن حج جو اھم رڪن آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھو جيڪو حج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ان کي ھر صورت ۾ عرفات جي ميدان تي پھچڻو پوي ٿو. اسان کي عرفات جي ميدان تي وٺي ھلڻ لاءِ جيڪا بس ملي اھا ايئرڪنڊيشنڊ نه ھئي ۽ سج جي تپش به اوج تي ھئي. اڃا ته مارچ جو مھينو ھو، جيڪو چڱو ٿڌو ٿئي ٿو. انهن حاجين جو سوچي انهن کي داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي جيڪي جون جولاءِ آگسٽ سيپٽمبر جھڙن مھينن ۾ حج ڪري چڪا آھن يا ھن وقت ھزارن جي تعداد ۾ الله جا نيڪ ٻانها اس ئي اس ۾ پيرين پنڌ ڪري رھيا ھئا يا بسين جي لوھي ڇتين تي بنا ڌوپ ڇٽي جي سفر ڪري رھيا ھئا. اڃ ۾ اسان جي ٿرماسن جو پاڻي ختم ٿي چڪو ھو پر الله ڇڏي نٿو. رستي تي ڪيترن ئي سخي مردن رستي تان لنگھندڙ حاجين کي پاڻيءَ جون بوتلون ۽ جوس جا دٻا اڇلائي اڇلائي پئي ڏنا. ڪن بوتلن تي انگريزيءَ ۾ لکيل ھو ته ھي ملڪ جي بادشاهه طرفان الله جي مھمانن لاءِ گفٽ آھي. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ پڙھيم ته سعودي حڪومت جو شاھي خاندان ھر سال ڏيڍ لک پاڻي جون بوتلون حاجين ۾ ورھائي ٿو. اھڙيءَ طرح سان پاڻي ۽ جيوس ڪجهه بين الاقوامي شھرت جون ڪمپنيون پڻ ورھائي رھيون ھيون. ھڪ ھنڌ ته ھڪ بوھري (شايد ڪراچي يا بمبئي جو رھاڪو ھجي يا يورپ يا آمريڪا جو، جو ڪيترا بوھري اتان به اچن ٿا) پاڻيءَ جون بوتلون ۽ فروٽ ورھائي رھيو ھو.
ھزارين بسين ۽ لکين پيدل ھلندڙن جو قافلو عرفات جي ميدان ڏي چرندو رھيو. ھر ھڪ ماڻھو اڇي انگ جي احرام ۾ ھو. ٽيهه لک ماڻھو ڪو گھٽ عوام ناھي. ھوائي جھاز مان نڪتل فوٽن مان ھي عوام ماڪوڙين وانگر لڳي ٿو جن مٿان ڄڻ ته ڪنهن لوڻ يا پائوڊر جھڙي اڇي رنگ واري شيءَ ٻرڪي ڇڏي ھجي.
عرفات جي ميدان ۾ جنهن تنبوءَ ۾ اسان کي به ترسڻو ھو ان ۾ اڳ جي آيل ماڻھن اسان جي اچڻ تي پھرين ٿورو گھڻو Resist ڪيو جو ھو اڳواٽ آيل ھئا ۽ چادرون وڇائي ڪي مانيون کائي رھيا ھئا ته ڪي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ليٽيا پيا ھئا. اسان جي ٽولي (پنجاهه کن ماڻھن) جي اچڻ ڪري ھنن کي ڪجهه ڪجهه جاءِ ڏيڻي پيئي. ڪن خوشيءَ سان اسان کي ڀر ۾ ويھاريو، ڪن کي ٿورو سمجھائڻ سان ته اسان سڀني کي ھتي فقط چند ڪلاڪ ترسڻو آھي ۽ ھي تنبو اسان سڀني لاءِ معلم طرفان مقرر ٿيل آھي ۽ ھتي نه ترسنداسين ته ڪيڏانهن وينداسين ۽ پوءِ اسان اڃان سولا ٿي ويٺاسين ته اسان واري تنبوءَ ۾ ترسڻ وارن جي ٻي بس، پوءِ ٽي ۽ چوٿين بس به اچي پھتي. تيسين ڪجهه شام به ٿي وئي ۽ پاڇا لڙڻ ڪري تنبوءَ کان ٻاھر نڪري پٽ تي ويٺاسين. گرميءَ ڪري ھر حاجيءَ جي ھٿ ۾ وڃڻي يا دفتري ھئي. ھتي جا تنبو ڪپڙي جا ۽ ننڍا ھئا. ھڪ حاجي ٻڌايو ته اڳ ۾ منى ۾ ههڙا تنبو ۽ گرمي ھوندي ھئي.
اسان جي تنبوءَ ۾ گھڻي ڀاڱي سنڌ ۽ پنجاب جي ٻهراڙيءَ جا ماڻھو ھئا. منهنجي ساڄي پاسي ٿر پاسي جا ٽي سنڌي ويٺل ھئا، جن مان ھڪ عمرڪوٽ جو پلي ھو. ھو به ٻين وانگر تسبيحون پڙھي رھيا ھئا. دعائون گھري رھيا ھئا. معلم يا حڪومت طرفان سڀني کي ورھائي مليل ماني کائي رھيا ھئا. ھڪ لنگھندڙ گاڏيءَ مان سڀني اٿي ڌوري جا پيالا ۽ ڊبل روٽي ۽ بن ورتا، جيڪي ھو حاجين جي مھماني خاطر ورھائي رھيا ھئا. اسان جي گروپ جي ھڪ ساٿي فيروز جنهن کي ھنن پنهنجي چادر تي ويھڻ جي جاءِ ڏني ھئي، تنهن کانئن پڇيو ته ڪير آھيو ۽ آيا حج تي پھريون دفعو آيا آھيو يا ھن کان اڳ به حج ڪري چڪا آھيو.
”سائين اسان ڪي امير ماڻھو نه آھيون.“ انهن مان ھڪ سنڌي گاڏڙ اڙدوءَ ۾ فيروز کي ٻڌايو. آئون به ماٺ ڪري پنهنجي جاءِ تي ويٺي ٻڌندو رھيس. ”ھڪڙو ننڍڙو ھٽڙو اٿم. پائي پائي ڪري ڏهه سال بچائي پوءِ حج تي آيس. سائين يقين ڪريو حج بعد مون کي دڪان جي ڪمائيءَ ۾ ايڏي برڪت ٿي جو ٽن سالن ۾ مون وٽ ايترا پئسا گڏ ٿي ويا جو آئون ٻيو دفعو حج تي آيو آھيان. سائين ھي سڀ قدرت طرفان آھي پروردگار جو ٿورائتو آھيان جنهن مون کي ھي خوشيون ڏنيون آھن.
ھن ٿر جي ڳوٺاڻن جي ڳالھين ۾ ڪيڏو توڪل ھو. ھو ڪيڏو خوش ھو. ھن پنهنجي پوٽڙي کولي ان مان ٿوري دير اڳ ورھايل صوف ۽ جوس جا دٻا ۽ ڪيڪ جو سلائيس ڪڍي اسان کي کائڻ لاءِ آفر ڪيو. ”ڏسو سائين ههڙي رڻ پٽ بيابان ۾ به رب پاڪ ههڙا مال ويٺو کارائي. اھڙا مال ته ڳوٺ گھر ۾ به نه ڏٺاسين“.
اڳئين ۽ وچين نماز سڀني گڏجي تنبوءَ ۾ جماعت سان پڙھي. وچين نماز بعد آئون تنبوءَ جي آخري حصي ۾ وڃي ويٺس. اتي به ڪجهه سنڌي ڳوٺاڻا ويٺا ھئا. منهنجي دل ڳالھائڻ لاءِ چاھيو ٿي پر سمجھيم پئي ته سخت ٿڪ ڪري ساڻن گھڻي دير ڳالھائي نه سگھندس ان ڪري اڙدو ۾ پڇيو مان ته ڪير آھيو ۽ ھتي ڪھڙي وقت پھتائو. ھو دادو پاسي جا ھئا، بلڪ خيرپورناٿن شاهه جا. ”سائين اسان ٻارھين بجي ڌاري ھتي عرفات جي ميدان تي پھچي ويا ھئاسين.“ ھنن به گاڏڙ ساڏڙ اڙدوءَ ۾ جواب ڏنو.
”ڪهڙي بس ۾ آيائو؟“ مون پڇيو مان.
”سائين اسان منى کان پنڌ آياسين.“ ھنن مان ھڪ وراڻيو.
”پنڌ آيائو؟“ مون تعجب مان پڪ ڪئي.
”ھا سائين بس ھلندا آياسين فرحت وٺندا آياسين، تان جو اچي ھتي نڪتاسين. ھن واٽ جو ڪو پنڌ ماريندو ڇا“.
مون دل ئي دل ۾ ھنن جي ھمت ۽ عشق کي داد ڏنو.
عرفات تي ھرڪو ڪجهه گھڙيون ھيڏانهن ھوڏانهن جي ڪنهن سان ڳالهه ڪري وري عبادت ۾ لڳي ويو ٿي. ھر ھڪ ڪجهه نه ڪجهه پڙھي رھيو ھو. ڪو قرآن مجيد جي تلاوت ڪري رھيو ھو ته ڪو تسبيح پڙھي رھيو ھو. ھر ھڪ پنهنجو پاڻ کي رب پاڪ جي ويجھو محسوس ڪري رھيو ھو. دلين تي ھڪ عجيب خوف طاري ھو. ھي ڀلاريون گھڙيون، ھر ھڪ پنهنجي مالڪ کان دعا پنڻ، توبه زاري ڪرڻ ۽ گناهه بخشائڻ ۾ خرچ ڪرڻ چاھيون ٿي. ھر ھڪ پنهنجي زندگيءَ جي سٺن برن ڪمن جي بئلنس شيٽ جو سوچي رھيو ھو. ھن گھڙي ۽ ھن ڏينهن تي به ڪو نه سوچيندو ته ٻيو ڪڏھن سوچيندو. ۽ جتي نيڪ ماڻھو ئي اھو چئي ھن دنيا ۾ قدم کڻن ٿا ته ڪتڻ ۽ ان سان گڏ ڪنبڻ جو مقام آھي. اتي اسان جھڙا گنهگار جن جو بقول شاهه لطيف جي ”پڃرو پاپن جو چوٽيءَ تائين چور“. رب پاڪ اڳيان اھو ئي عرض ڪري سگھن ٿا ته ھو شل اسان تي رحم ڪري، ٻاجهه ڪري ڇو ته ”عدل ڇٽان آئون، نه ڦيرو ڪج فضل جو“ واري حساب ۾ ئي اسان جھڙن جي ڀلائي ٿي سگھي ٿي ۽ انهيءَ اميد تي ته الله وڏو ٻاجھارو آھي، ھن جي رحمتن مان اميد نه لاھجي، ھتي اچي گڏ ٿيا آھيون منهنجي سامھون ويٺل پنجاب جي ھڪ ڳوٺاڻي مون کي عرفات تي سو سو دفعا پڙھڻ لاءِ ڪجهه دعائون ڏنيون، پني جي مٿان انگريزيءَ ۾ Arfat (Wazifa) Prayer لکيل ھو ۽ ھيٺان ھي دعائون، سورون، ڪلما ۽ درود ۽  آيتون لکيل ھيون:
·                    لبيڪ اللھم لبيڪ...
·                    چوٿون ڪلمون
·                    قل ھُوَ الله...
·                    درود شريف ابراھيمي
·                    استغفر الله الذي لااِلٰہَ اِلا ھُواَلحَي القَيُوم وَاتُوابُ اَلِيہِ
·                    پھريون ڪلمون
·                    لاالٰہ الا انت.....
·                    حسبنا الله ونعم الوڪيل
·                    فاالله خير حافظا...
·                    حسبي الله...
ھر ھڪ وٽ دعائن جا پنا ھئا يا زباني پڙھي رھيا ھئا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد آھي ته ڪوبه ڏينهن اھڙو ناھي جنهن تي الله تعاليٰ عرفه جي ڏينهن کان گھڻن ٻانهن کي جھنم جي باهه کان نجات ڏيندو ھجي. يعني جيتري گھڻي تعداد ۾ عرفه (عرفات) جي ڏينهن تي گنهگارن کي نجات بخشي وڃي ٿي ايتري وڏي تعداد ۾ ڪنهن به ٻئي ڏينهن تي نٿي ٿئي.
اسلام جو پنجون رڪن حج آھي، جيڪو 9 ھجري ۾ فرض ٿيو. ان ئي سال نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه کي امير الحج مقرر ڪيو ۽ ٽي سو صحابي سڳورن کي ساڻن گڏ موڪليو، جيئن انهن کي حج ڪرائين. ان بعد بيت الله ۾ مشرڪين جي وڃڻ تي بندش وڌي وئي ۽ اگھاڙو ٿي طواف ڪرڻ تي پڻ سختيءَ سان منع ڪئي وئي.
ڏھين10 ھجريءَ ۾ رسول اڪرم ﷺ جن چوڏھن ھزار (يا شايد وڌيڪ) صحابي سڳورا پاڻ سان وٺي حج جي سفر تي روانا ٿيا. حضور اڪرم ﷺ جن جو ھي پھريون ۽ آخري حج ھو. ھن حج کي ان ڪري حجة الوداع سڏين ٿا. حج سڄي زندگي ۾ فقط ھڪ دفعو فرض آھي.
حضرت ابوھريره رضه کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن اسان کي خطبو ڏنو ۽ فرمايو: ”اي انسانو! توھان تي حج فرض ڪيو ويو آھي ان ڪري حج ڪريو“.
ھڪ ماڻھوءَ پڇيو: ”يا رسول اللهﷺ! ڇا ھر سال حج ڪريون؟“ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن خاموش رھيا. ايتريقدر جو ان صحابي ٽي دفعا اھو ئي سوال ڪيو. ان تي پاڻ ﷺ فرمايو: ”جيڪڏھن آئون ھا چئي ڏيان ھا ته توھان تي ھر سال حج ڪرڻ فرض ٿي وڃي ھا ۽ توھان نه ڪري سگھو ھا. وري فرمايو، جيڪا شيءَ توھان کي ٻڌائڻ ڇڏي ڏيان ٿو ان بابت توھان مون کان سوال نه ڪندا ڪريو. توھان کان اڳ جا ماڻھو پنهنجن نبين کان گھڻا سوال ڪرڻ ۽ انهن سان اختلاف ڪرڻ ڪري ختم ٿي ويا. بهرحال آئون جنهن شيءَ کي توھان کي حڪم ڏيان ته ان تي پنهنجي استطاعت موجب عمل ڪريو ۽ جڏھن ڪنهن کي منع ڪريان ته ڇڏي ڏيو (يعني سوال جواب نه ڪندا ڪريو). (ان کي مسلم روايت ڪيو.)
بهرحال ھجرت جي نائين سال يعني 613ع ۾ حج جي موقعي تي بت پرستن به مسلمانن سان گڏوگڏ ڪعبي جي زيارت ڪئي پر اھو سال بت پرستن لاءِ خانه ڪعبي جي طواف جو آخري سال ثابت ٿيو جو ان کانپوءِ الله تعاليٰ جي طرفان مشرڪين لاءِ خانه ڪعبي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي ٿي وئي. خدا جو ھي حڪم قرآن مجيد جي نائين سورت جي 28 آيت ۾ ھنن لفظن ۾ موجود آھي:
ترجمو: ”اي ايمان وارو! سمجھي وڃو ته مشرڪ نجس (ناپاڪ) آھن ۽ اڄ کان انهن کي مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناھي“.
ھجرت جي ڏھين سال يعني جنهن سال کان مشرڪين لاءِ خانه ڪعبه جي زيارت ممنوع قرار ڏني ويئي، پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم حج جي موقعي تي مديني کان مڪي روانا ٿيا. پاڻ حج جا سمورا ارڪان سرانجام ڏنا. احرام ٻڌو، ست دفعا خانه ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي جو عمل به انجام ڏنو. بهرحال پيغمبر اسلام ذوالحج جي نائين تاريخ تي حج جي غرض سان آيل سڀني مسلمانن سان ھن عرفات جي ميدان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي (خطبو ڏنو) ھي اھو خطبو آھي جنهن کي اسين خطبة الوداع چئون ٿا. اھو خطبو ھجري سال ڏھين ۾ ۽ عيسوي سال 632ع ۾ ھن ميدان تي ڏنو ويو ھو. اڄ ان کي 1410 ھجري سال (۽ 1368 عيسوي سال) گذري چڪا آھن.
ماڻھن جي ھجوم اڳيان حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: ”اي انسانو! منهنجي ڳالهه ٻڌو. بيشڪ آئون نٿو ڄاڻان. ٿي سگھي ٿو ھن سال کانپوءِ ھن ھنڌ تي منهنجي توھان سان وري ملاقات نه ٿئي.
پاڻ ماڻھن کي پڇيائون: ”توھان کي خبر آھي ته ھي مھينو ڪھڙو مھينو آھي؟“
سڀني ماڻھن ملي ھڪ جواب ڏنو: ”ھي ذوالحج جو مھينو آھي جيڪو حرمت وارن مھينن مان ھڪ آھي“.
پيغمبر اسلام جن معلوم ڪرڻ چاھيو: ”ڇا توھان ڄاڻو ٿا ته ھيءَ سرزمين ڪھڙي سرزمين آھي؟“
حاضرين ھڪ ئي آواز ۾ چيو: ”ھيءَ عرفات جي مقدس سرزمين آھي يا رسول اللهﷺ.
ان بعد حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو، ”اي انسانو! توھان جو رت، توھان جو مال، توھان جي عزت ھڪ ٻئي لاءِ حرام آھن. جلد ئي توھان پنهنجي رب سان ملندائو. پوءِ ھو توھان کان توھان جي اعمالن متعلق پڇندو“.
”اي انسانو! آئون جيڪي ڪجهه چئي رھيو آھيان ان تي عمل ڪريو ۽ منهنجي توھان کي نصيحت آھي ته جنهن وٽ به ڪا امانت آھي ته ھو ان کي اصلي حالت ۾ موٽائي ڇڏي ۽ ڪڏھن به امانت ۾ خيانت نه ڪري. وياج کان پرھيز ڪريو، ٻئي جو خون نه ڪريو.... پنهنجين زالن متعلق الله کان ڊڄو. خدا جي نالي جي ذميواريءَ سان توھان انهن کي زال ٺاھيو آھي ۽ خدا جي ڪلام سان توھان ھنن جو جسم پاڻ لاءِ حلال ڪيو آھي...
”مسلمانو! نه ته مون کان پوءِ پيغمبر آھي ۽ نه ڪا جديد امت پيدا ٿيڻ واري آھي. چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو ته پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪريو ۽  پنج وقت نماز ادا ڪريو. سڄي سال ۾ ھڪ مھينو روزا رکو. پنهنجي مال جي زڪوات نهايت خوش دليءَ سان ڏيندا ڪريو. خانه خدا جو حج ڪريو....
”مسلمانو! قيامت جي ڏينهن توھان کان مون بابت پڇيو ويندو ته آيا آئون پيغمبر جي حيثيت ۾پنهنجو فرض ادا ڪري سگھيس يا نه؟“
سڀني چيو ته اسين ان جي شاھدي ٿا ڏيون ته توھان الله جا حڪم اسان تائين پھچايا. توھان رسالت ۽ نبوت جو حق ادا ڪيو. توھان اسان کي سٺي ۽ خراب جي چڱي طرح ڄاڻ ڪرائي.
ان وقت نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي ڏسڻي (شاھد) آڱر کي آسمان ڏي کڻي ۽ پوءِ ماڻھن ڏي جھڪائيندي چيو: ”اي خدا! تون ئي ٻڌ. تنهنجا ٻانها ڇا پيا چون. اي خدا! شاھد ٿجانءِ ته ھي ماڻھو ڪھڙي شاھدي پيا ڏين. اي خداوند! شاھد ٿجانءِ“.
پوءِ پاڻ ﷺ فرمايائون ته، ”توھان ھي سڀ ڳالھيون انهن ماڻھن تائين پھچائي ڇڏجو جيڪي ھن وقت ھتي موجود نه آھن“.
نبي ڪريم ﷺ جن جڏھن خطبي مان واندا ٿيا ته ان جاءِ تي ھيءَ آيت لٿي:
ترجمو: ”اڄ مون تنهنجي دين کي تنهنجي لاءِ ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ مون تولاءِ اسلام جو دين پسند فرمايو:
ان کانپوءِ حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي اٺڻي تان لٿا ۽ حضرت بلال رضه جن کي ٻانگ ڏيڻ لاءِ چيائون. اذان ڏني وئي ۽ پاڻ ﷺ نماز ظھر ۽ ٻه رڪعتون فرض پڙھائي. نماز کان فارغ ٿي قصواءِ (حضور صه جن جي اٺڻي) تي سوار ٿيا ۽ ميدان عرفات ۾ آيا جتي جبل جي قدمن وٽ پٿرن تي ڪعبي طرف منهن مبارڪ ڪري دعا و زاري شروع ڪئي ايستائين جو سج غروب ٿي ويو.
سج لھڻ کانپوءِ پاڻ مزدلفه ڏي روانا ٿيا. ساڻن گڏ قصوا تي پٺيان اسامه بن زيد رضه سوار ھو. پاڻ اٺڻي جي مھار ڇڪي رکي ھئي، جيئن ھوءَ آھستي آھستي ھلي. رستي تي پاڻ فرمايائون:
”اي مسلمانو! آھستي ھلو. ڊوڙڻ صحيح ناھي ۽ ڀڄ ڊڪ پرھيزگاري جي خلاف آھي، ”رستي تي ڪٿي ميدان آيو ٿي ته اٺڻي جي واڳ ڍري ڪئي ٿي جيئن ھوءَ ٿورو تکو ھلي سگھي ۽ پاڻ تلبيھ پڙھي ٿي: لبيڪ اللھم لبيڪ...
حاضر آھيان، اي الله حاضر آھيان،
حاضر آھيان تنهنجو ڪو شريڪ ناھي، حاضر آھيان
ھر قسم جي تعريف ۽ نعمت تنهنجي لاءِ آھي
۽ ملڪ به تنهنجو ئي آھي، تنهنجو ڪو شريڪ ناھي.
۽ اڄ اسان حج تي ويندڙ، ان کي Follow ڪريون ٿا، جيڪو الله جي رسول ﷺ پنهنجي حج (حجة الوداع) دوران ڪيو ۽ پنهنجي امت کي سمجھايو. منى ۾ رھڻ، عرفات جي ميدان ۾ پھچڻ، ان بعد رات کلئي آسمان ھيٺ مزدلفه ۾ گذارڻ، مزدلفه مان فجر بعد وري منى ڏي روانو ٿيڻ، وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ، قرباني ڪرڻ... حضور اڪرم ﷺ جن ھڪ ھڪ ڳالهه ڪري ڏيکاري ته حج ڪيئن ڪرڻ کپي. ساڻن گڏ جيڪي صحابي (ڪي چوڏھن ھزار چون ٿا ڪي چوويهه ۽ ڪي انهن جو تعداد لک کان وڌيڪ لکن ٿا.) حج ڪري رھيا ھئا، کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته حضور ﷺ جن کان پڇي ٿي ۽ ظاھر آھي حضور ﷺ جن اھو ڪجهه ڪندا رھيا جيڪو الله تعاليٰ پنهنجن بندن کان چاھيو ٿي اڄ چوڏھن سو کن سال گذرڻ بعد به حج جو اھو ئي طريقو ھلندو اچي. ڀلي کڻي اڳ ۾ ٿورا ماڻھو حج تي ھوندا ھئا، مشينون ايجاد نه ٿيون ھيون. ماڻھو اٺن تي سفر ڪندا ھئا. اڄ ٽيھارو لک ماڻھن جو حج تي پھچي ٿو ۽ بسين ڪارين ۾ سفر ڪن ٿا پر حج جو اھو ئي طريقو آھي ته منى بعد نائين ذوالحج تي عرفات تي اچڻو آھي. ظھر ۽ عصر جي نماز عرفات ۾ پڙھڻي آھي. جتان پوءِ سج لٿي کانپوءِ مزدلفه لاءِ نڪرڻو آھي پر مغرب جي نماز پڙھي نڪرڻ بدران مغرب ۽ عشاءَ جي نماز گڏي مزدلفه ۾ پڙھڻي آھي. جتان پوءِ ڏھين ذوالحج جي منى موٽڻو آھي ۽ وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ بعد قرباني ڪرڻي آھي. جنهن بعد مٿي جا وار ڪوڙائي احرام لاھي عام ڪپڙن ۾ طواف ڪرڻو آھي.... وغيره وغيره.
۽ ھاڻ اسان کي به عرفات جي ميدان ۾ شام ٿي وئي ھئي. سج لھڻ کان ٿورو اڳ ۾ سڀ اٿي بيٺاسين ۽ قبلي طرف منهن ڪري دعا گھريسين. اسان جي گروپ جي حافظ سعيد ٻڪ کڻي دعا گھري. ان پويان اسان به ٻڪ کنيا. سج لھڻ بعد ٻاھر نڪري بسين ۾ جاءِ ھٿ ڪئيسين اسان جي سڄي گروپ کي ھڪ يڪي بس ملي وئي. ڪجهه حاجين اسان جي گروپ جي حاجين کي چڙھڻ کان منع ڪري پاڻ چڙھڻ چاھيو ٿي. ان تي ٻنهي پاسن کان ھڪ ٻه تکا ٿي ويا ۽ ھڪ ٻئي تي چڙ ڪرڻ لڳا. اسان جي گروپ ليڊر جھيڙو ٽاريندي چيو ته ڪجهه خيال ڪريو، شيطان جي ڳالهه نه مڃيو. اتي جو اتي گناهه بخشائي وري شيطاني ڪم ٿا ڪريو. شيطان توھان کي نيڪ سمجھي ضرور ڌاڙو ھڻندو ۽ توھان جون نيڪيون برباد ڪندو، ان ڪري ڏاھا ٿيو ۽ ڪنهن سان به تکو ٿي نه ڳالھايو.
بس ۾ ويٺي ويٺي وري دعائون پڙھيون ويون، ھڪ ٻئي کي حج جي مبارڪ ڏني وئي. ھڪ ٻئي کان گناهه بخشرائڻ جو سلسلو ھلندو رھيو. ڪلاڪ کن بعد بسون چرڻ لڳيون ۽ اڇي رنگ جي چادر (احرام) ۾ ملبوس ٽيهه لک حاجي عرفات جي ميدان کان ھڪ ئي وقت شفٽ ٿي مزدلفه ڏي وڌڻ لڳا. مزدلفه منى ۽ عرفات جي وچ ۾ آھي پر ھميشھ وانگر ھن ڀيري به ٽرئفڪ ايتري ھئي جو اسان کي پنڌرھن منٽن جي فاصلي طئه ڪرڻ ۾ پورا چار ڪلاڪ لڳا ۽ رات جو ٻارھين بجي مزدلفه ۾ پھتاسين ۽ اھو به ان ڪري جو اسان شروع جي بسين ۾ ھئاسين. ڪيتريون ئي بسيون ٻي بجي تائين اينديون رھيون.
مزدلفه ۾ اسان جي بس جلدي جلدي پھتي ھئي ته به اسان کان اڳ ھزارين بسيون پھچي چڪيون ھيون ۽ پري پري تائين ڪو زمين ڀور نه پئي مليو، جنهن تي سمھڻ لاءِ کڻي چادر وڇائجي. جيتوڻيڪ سڀني کي ھڪ ئي ڊريس سفيد احرام ٻڌل ھو پر شڪل شبيهه جسم جي رنگ ۽ قدبت ۾ ڪيترا سڃاڻپ ۾ آيا پئي ته ھي آفريڪا جي ملڪن جا شيدي آھن، ھي انڊونيشي، ملائيشي، ٿائي ۽ فلپين جا آھن. ھي ايراني آھن ھي ترڪ آھن. ھڪ ھنڌ برما جا حاجي ويٺل ھئا، اتي ٿوري جاءِ ملي پر اھا ايتري نه ھئي جو اسان جو سڄو گروپ (جنهن ۾ 25 کن مرد ۽ 24 عورتون ھيون) اتي ترسي سگھون. بهرحال چادرون وڇائي عورتن کي اتي جاءِ ٺاھي ڏنيسين ۽ اسان مرد ڪجهه قدم اڳتي جتي مالي ۽ موريطانيا ملڪن جا شيدي مرد ۽ عورتون ڇڙوڇڙ ھيڏانهن ھوڏانهن ليٽيا پيا ھئا، تن کي منٿ ميڙ ڪري ھڪ قطار ۾ سمھڻ جو چئي اسان پنهنجي تڏا تونئريون وڇائڻ جي جاءِ ٺاھي. باٿ روم ويجھي ھئي، جنهن جي ھر ھڪ نلڪي ۽ غلسخاني اڳيان ڊگھي قطار ھئي پر آخر ھر ھڪ جو وار اچي ويو ٿي. وضو ڪري مغرب ۽ عشاءَ نمازن لاءِ جماعت ڪئيسين، ان بعد بک کي منهن ڏيڻ لاءِ بچيل سچيل بسڪٽ ۽ پاپا ڪڍي کاڌاسين. اچڻ وقت ڪجهه حبشي عورتون ٽانڊن تي ڪڪڙيون پچائي ڀت سان گڏ وڪڻي رھيون ھيون. پر نماز بعد نظر ڪئيسين ته ھنن جي ھر شيءَ وڪامي چڪي ھئي ۽ ھاڻ باھيون وسائي ديڳڙا ٻڌي رھيون ھيون.ٿي سگھي ٿو ھي عورتون سعودي عرب جون رھاڪو ھجن يا حج لاءِ آيل ھجن ۽ چار پئسا ڪمائڻ لاءِ ھي پورھيو ڪري رھيون ھجن. جيئن صبح جو ھڪ عورت پنهنجن ٻن جوان پٽن سان گڏ چانهن ٺاھي وڪڻي رھي ھئي. ھن ٻڌايو ته ھو اٺن سالن کان سعودي عرب ۾ رھن ٿا. اصل برما جا آھن جتي مسلمانن سان ظلم ٿيڻ تي ھو سعودي عرب ھليا آيا. پاڻ ۽ سندس مڙس ھڪ عرب جي گھر ۾ پورھيو ڪن ٿا ۽ ٻار جدي جي مڪاني اسڪول ۾ پڙھن. پاڻ به جدي ۾ رھن ٿا پر ھي حج وارا چار پنج ڏينهن ھتي مزدلفه، منى ۽ عرفات ۾ چانهن بسڪٽ وڪڻي چار پئسا ڪمائين ٿا.
بهرحال ھن قسم جا ننڍا ننڍا دڪان ۽ ھوٽلون حاجين لاءِ وڏي غنيمت آھي ۽ صبح ساڻ گرم گرم چانهن پيئڻ کي اسان وڏي نعمت ۽ عياشي سمجھي، پر رات جو کائڻ لاءِ ڪا خاص شيءَ نه بچي ھئي. الله ڀلو ڪري شميم صاحب جو جيڪو پاڻ سان ڪوفتن جي ٻوڙ جا ٽي چار پئڪ ٿيل دٻا ڪراچيءَ کان کڻي آيو ھو. مڪي ۾ ته روز رڌ پچاءُ ٿي ھليو سو ڪنهن نٿي کاڌا پر ھتي ھن جيئن ئي ٿيلھي مان ٻاھر ڪڍيا ته سڀ لڙي ويا. دٻا کولڻ لاءِ ڪو اوپنر نه ھو پر مڙيئي ڇريءَ سان دٻن جي مٿين حصي جي اڌ کي چيري منجھائنس ڪوفتا ڪڍياسين ۽ عرفات مان مليل دٻل روٽيءَ سان پنجاهه ڄڻن چار دٻن جو ٻوڙ کاڌو. مڙيئي گرانهن اڌ ھر ھڪ کي نصيب ٿيو، باقي آڱريون چٽي خوش ٿياسين. ڪوفتن جو ٺريل ٻوڙ ھو جنهن جو گيهه به ڄميو پيو ھو پر بک ۾ ان گرانهن ٻن جو مزو اڄ به نٿو وسري.
مزدلفه ۾ ڪو تنبو ناھي. کليو ميدان آھي سو به لسو پٽ نه آھي پر کڙ کٻڙ وارو آھي ـ جيڪو چوڌاري پٿرن سان ڀريو پيو آھي. پوءِ جنهن کي جتي جاءِ ملي ٿي اتي ھو رات جو باقي پھر گذاري ٿو. ايندڙ ڏينهن تي منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ اسان ھتان ستر اسي کن چڻن جيڏيون پٿريون چونڊي ٿيلھي ۾ رکي پوءِ سمھي رھياسين. پيٽارو ۽ ڄامشوري جھڙي ٿڌي ھير پئي لڳي. ھونءَ به وارياسن رڻ پٽن تي ڏينهن جيترو گرم ٿئي ٿو. رات اوترو ئي ٿڌي ٿئي ٿي. ليٽڻ سان اک لڳي وئي. صبح جو ڀر ۾ ستل حافظ عدنان نماز تي اٿڻ لاءِ دانهون ڪيون ته اٿڻ ته دل نٿي چيو. دل چاھيو ٿي ته اھڙي گھاٽي ننڊ مان اٿجي ئي نه. ذري برابر به احساس نه ٿي رھيو ھو ته رڻ پٽ ۾ چادر وڇائي ستا پيا آھيون ۽ ھيٺان ايترا چھنبائتا پٿر آھن جو پاسو ورائيندي به چڀن ٿا. بهرحال غسلخاني لاءِ ڊگھي قطار کان بچڻ لاءِ ٽپ ڏئي اٿي کڙا ٿياسين. وضو ڪري گروپ جي ٻين حاجين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين ته جماعت سان فجر نماز پڙھي وڃي. جيسين ٻيا اچن تيسين گرم گرم چانهن پيئڻ لڳاسين. جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آھيان.
مزدلفه ۾ فجر نماز پڙھڻ بعد سڀ اٿي بيٺاسين ۽ دعا لاءِ ٻڪ کنياسين. حافظ سعيد دعا پڙھي ۽ اسان ان پويان آمين ثم آمين چوندا رھياسين. ان بعد سامان پئڪ ڪري منى ڏي روانا ٿياسين. ھي ڏھين ذوالحج جو ڏينهن ھو، جنهن ڏينهن تي وڏي شيطان کي پٿريون ھنيون وڃن ٿيون، ان بعد قرباني ڪئي وڃي ٿي. قربانيءَ بعد وار ڪوڙائي احرام لاھي عام ڪپڙا پائي پوءِ طواف ۽ سعي ڪيو وڃي ٿو.
ھڪ دفعو وري سڀ حاجي ھڪ ئي وقت ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ، يعني مزدلفه کان منى ڏي روانا ٿيڻ لڳا. ٽيهه لک کن حاجي فجر نماز بعد منى ڏي پيرين پنڌ ۽ بسين ۾ وڌڻ لڳا. ماڻھن جو درياهه ھو جو وھي رھيو ھو. رستي جي وچ تان ھڪ ٻئي پويان بسيون وڌي رھيون ھيون ۽ بسين جي ٻنهي پاسي، اڳيان پويان ماڻھن  جون قطارون ھيون جي پئي اڳيان وڌيون. بسين کان تکا پيادا وڌي رھيا ھئا. چڱو جو اسان بس نه ڪئي. منى جي اڌ ڌاري جيئن ئي اسان ٽي چار ماڻھو ڀلجي ويا پر اھي سڀ اھي ھئا جيڪي ٻه چار حج ڪري چڪا ھئا ۽ ھن سڄي علائقي کان واقف ھئا، شايد ان ڪري بي خيالي ۽ آرام سان ھلڻ ڪري ھيڏانهن ھوڏانهن ٿي ويا پر پوءِ ھنن کي پنهنجو تنبو نظر اچي ويو ۽ آخرڪار پھچي ويا. باقي اسان جھڙن نون جون اکيون گروپ جي ماڻھن ۾ ھيون يا ھٿ سندن احرامن، ڪپڙن ۾ کتل رھيا ٿي. گروپ جو اھو فائدو رھيو ٿي ته رش يا اوچتي ريلي اچڻ ۾ ھڪڙا ماڻھو اڳيان پويان ٿي ويا ٿي ته پنجاهه ڄڻن مان ڪي ٻيا اکين اڳيان اچي ويا ٿي، جن ۾ نظرون کپائي اڳتي وڌي رھيا ھئاسين.
ڪيترا ويچارا خاص ڪري پوڙھا مرد، پوڙھيون عورتون ۽ ڳوٺاڻا پنهنجن مائٽن کان وڇڙي ويا ٿي ۽ پوءِ ھنن جڏھن پنهنجن ساٿين کي دانهون ڪري سڏيو ٿي ته اسان سڀني کي ڏک ٿيو ٿي ۽ دعا ڪئي سين ته شل رب پاڪ کين جلد ملائي، ڇو جو منى توڙي عرفات تي سڀ تنبو ھڪ جھڙا ھجڻ ڪري ھوشيار ۽ سياڻا به ڪڏھن ڪڏھن توائي ٿيو وڃن. عرفات ۾ اسان جي گروپ جو ھڪ ساٿي عبدالمتين صاحب جيڪو سڀ ۾ پوڙھو ۽ ڪمزور ھو، سو بس مان لھڻ وقت رش ۾ اڳيان پويان ٿي ويو، ان وقت ته ڪنهن کي خبر نه پيئي، اسان جو تنبو، ڪجهه پرڀرو ھو، جيڪو پڇائي پڇائي جڏھن پھتاسين ۽ پگھر سڪائي ساهه پٽيوسين ته خبر پيئي ته عبدالمتين صاحب ته آھي ڪو نه، ھڪ رش، ڏينهن تتل، ھرھڪ ٿڪل ۽ عبدالمتين ته ويتر بيمار ۽ ڪمزور، ھرھڪ کي اھو فڪر ته ويچارو الائي ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ ھوندو. رکي رکي ٻه ٻه ڄڻا ڳولا ۾ نڪتا ٿي پر اھڙي رش ۾ الله ٻاجهه ڪري بندي جي جاءِ نه آھي. ٻن ڪلاڪن بعد اوچتو پاڻ اچي حاضر ٿيو، اسان جا جوان ساٿي کيس ڳولھي نه سگھيا، ھن پاڻ اسانکي ڳولي لڌو.
عرفات ۾ ئي عرب پوليس وارو ھڪ ٻار کي گڏ وٺي سندس مائٽن جي ڳولا ڪري رھيو ھو. مزدلفه ۾ رات جو ھڪ ڏيڍ بجي ڌاري ستاسين ٿي ته پري کان ڪنهن پوڙھي ترڪ عورت جون غمگين آھون، رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. ھوءَ ويجھو ايندي رھي ۽ اسان وٽان ٿيندي، ٻئي پاسي ڏي ويندي رھي. ساڻس گڏ عرب پوليس وارو کيس دلداري ۽ آٿت ڏيندو رھيو پر ھو ھينئين ڦاڙ رڙيون ڪري پنهنجي مڙس کي ترڪي زبان ۾ سڏيندي رھي. ھوءَ ڪافي پري کان وڃي نڪتي پر سندس سڏ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. منى ۾ ئي ھڪ پوڙھو ۽ ڪمزور ايراني پنهنجن ساٿين کان جدا ٿي ويو ۽ اڪيلي ھجڻ ڪري ۽ ان احساس ڪري ته ھاڻ ڇا ٿيندو، ھن ويچاري کان ڳالھايو نه پئي ٿيو ۽ اھڙي حالت ۾ ھرھڪ ٻئي جي ڏک کي پنهنجو سمجھي ٿو پر ساڳي وقت ھرھڪ مجبور به آھي ته ھڪ اھڙي ماڻھو کي جنهن کي اسان ڏٺو به نه آھي، ان کي ڪيئن ڳولجي. بهرحال سعودي حڪومت ۽ پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ۽ ايران جھڙن ملڪن طرفان ڪيترن ھنڌن تي اھڙا  گھر ٺاھيا ويا آھن، جتي اھڙا گم ٿي ويل حاجي پھچي پنهنجن ساٿين جو انتظار ڪن. اھا ٻي ڳالهه آھي ته اھڙين حالتن ۾ اھڙن پوڙھن ۽ ڪمزور ماڻھن کي پريشاني جي حالت ۾ سخت گرمي ۽ نٽھڻ اس ۾ اھي گھر ۽ آفيسون ڳولڻ ۾ به ڪافي تڪليف ٿئي ٿي ۽ ساڳي وقت ڪيترا اھڙا نيڪ ماڻھو به آھن، جيڪي پنهنجا ڪم به ڇڏي اھڙن ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا ۽ کين دڳ پھچائين ٿا.
اسان پنهنجي تنبوءَ ۾ اچي آرام ڪيو ۽ چانھن ٺاھي پيتي سين. فيروز ۽ سندس پٽ بلال ويا، جيڪي رش مان ٿيندا، البيڪ فاسٽ فوڊ اسٽور تان ھرھڪ لاءِ فراءِ ٿيل چڪن جا دٻا وٺي آيا. ظھر نماز ھڪ بجي ڌاري پڙھي ماني کائي پوءِ ٻي بجي ڌاري وڏي شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ نڪتاسين. عورتن کي وچ ۾ ھلڻ ڏنو ويو. اڳيان پويان مرد ٿياسين. ڪٿي گھڻي رش يا ٿيلھا (ماڻھن جا ريلا) اچڻ جو خوف ٿيو ٿي ته پاسي تي ٿي بيھي رھياسين ٿي ۽ پوءِ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ ٻه ٻه ڄڻا ٿي شيطان واري ٿنڀي (جمري) جي ويجھو اچي پٿريون ھنيوسين ٿي.
منى ۾ شيطان کي پٿريون ھڻڻ بعد پروگرام مطابق ڇهه ڄڻا قرباني لاءِ ٽئڪسي ۾ روانا ٿيا ۽ باقي اسين بس ذريعي رھائش تي مڪي پھتاسين.
قرباني لاءِ ھتي جون بئنڪون 340 ريال وٺي توھان کي رسيد ۽ ٽائيم ڏين ٿيون ته ان ٽائيم تي توھان جي قرباني ڪنداسين. جنهن مقرر ڪيل وقت کانپوءِ توھان مٿو ڪوڙائي احرام لاھي سگھو ٿا. ان طريقي جي ھتي جا مولوي به فتوى ڏين ٿا، جيڪا ھتي جي اخبار عرب نيوز ۾ به آئي ھئي ته توھان جي قرباني ٿيو وڃي ۽ جوابداري ان بئنڪ وارن جي رھي ٿي، پر اسان جي گروپ جي ليڊر ۽ ٻين پراڻن حاجين قرباني پاڻ ڪرڻ چاھي ٿي، جيڪو طريقو ھو گذريل سالن  ۾ به ڪندا آيا ھئا. ھنن ھڪ عرب سڃاتو ٿي، جيڪو حج کان ھفتو کن اڳ ٻڪريون ذبح ڪرڻ وارن (اسان جي حاجين) اسان کان پئسا اڳواٽ وٺي ڇڏيا ھئا، جيڪي پٿريون ھڻڻ بعد پاڻ سان کڻي ان عرب جي جاءِ تي پھچي ويا ۽ پنهنجون ۽ اسان پاران ٻڪريون ذبح ڪري موبائيل فون ذريعي اسان کي مڪي اطلاع ڪيو ٿي ته ھاڻ فلاڻي فلاڻي جي قرباني ٿي وئي. ان بعد مٿي جا وار ڪوڙائي احرام کان آجا ٿياسين ۽ وھنجي شلوار قميص پائي طواف لاءِ حرم پاڪ ڏي روانا ٿياسين. ھي طواف زيارت سڏجي ٿو. طواف بعد سعي ڪري پنهنجي جاءِ تي (مڪي آياسين)، ان وچ ۾ مغرب ۽ عشاءِ جون نمازون پڻ پڙھيون سين. گھر (مڪي واري ۾) پھچي ماني کاڌي سين، جيڪا ان رات پاڻ رڌڻ بدران ھوٽل تان گھرائي ھئي سين. قرباني ڪرڻ وارو ٽولو به شام جو ئي اچي شامل ٿيو ھو. رات جو يارھين بجي ڌاري بس گھرائي سين ۽ مڪي واري مسواڙي جاءِ کي تالا ھڻي منى ۾ پنهنجي تنبوءَ ۾ اچي نڪتاسين، جتي اڃا ٻه ڏينهن (يارھين ۽ ٻارھين ذوالحج) گذارڻا ھئا ۽ روزانو ٽنهي شيطانن کي پٿريون ھڻڻيون ھيون. پھرين ۽ ھاڻ مڪي بعد، منى اچڻ ۾ اھو فرق ھو جو پھرين احرام ۾ ھئاسين ۽ ھاڻ سٿڻ قميص ۾.
منى ۾ اسان واري مڪتب نمبر 9 جي تنبن ۾ گھڻي ڀاڱي پنجاب پاسي جا حاجي ھئا، ڪجهه ڪراچي جا به نظر آيا ٿي. ھڪ کي ٻئي سان سنڌي ۾ ڳالھائيندو، ٻڌي پڇيومانس ته ٻڌائين ته ھو ڏيپلي جو قاضي آھي. منهنجي عمر جو ٿيندو، سنڌ حڪومت جي ڪنهن کاتي ۾ ڊائريڪٽر يا ڊائريڪٽر جنرل آھي، مون پنهنجي ڏيپلي جي ڪلاس ميٽ بشير دين ميمڻ، محمد موسيٰ ميمڻ، نواز ميمڻ ۽ عبدالرحمان جو پڇيومانس، جن کي چڱي طرح سڃاتائين ٿي. ھن ٻڌايو ته اندروني سنڌ جا حاجي 18 نمبر مڪتب ۾ آھن، جيڪو ٻه ٽي ھزار تنبو لتاڙي ميل، ڏيڍ بعد مزدلفه وٽ آھي. مون پنهنجي ڳوٺ جي حاجين سان ملڻ چاھيو ٿي، جن سان پوءِ مڪي ۾ آخري ٻن ڏينهن ۾ ملاقات ٿي ھئي، جنهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آھيان ۽ ڪئپٽن رشيد ابڙو پڻ ان مڪتب  ۾ھو پر ان سان پوءِ مديني ۾ ملاقات ٿي. اسان به آخري ڏينهن تي، جيتوڻيڪ ھڪ گھٽي ۾ سندس ھوٽل ھئي ته ٻي گھٽي ۾ اسان جي منيٰ کان مڪي موٽڻ وقت رستي تي ھلندي ماڻھن جي انبوهه ۾ ڪنهن کي سنڌي ڳالھائيندو ٻڌي لوڻو ڦيريم ته ھڪ ٽيھارو ورھين جو ھمراهه زال سان گڏ پئي ويو، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ھن جو نالو الطاف شاهه آھي ۽ حيدرآباد ۾ ٽيليفون کاتي ۾ آھي. کانئس به مون پنهنجي لاپتا ٿيل ڪلاس ميٽ ۽ دوست شبير لغاري جو پڇيو، جيڪو پڻ ٽيليفون کاتي ۾ ڪنهن مٿانهين پوسٽ تي آھي.
منى جا ھي ٻه ڏينهن (يارھين ۽ ٻارھين ذوالحج وارا) ڪافي آرام ۾ گذريا. ايئر ڪنڊيشنڊ تنبو ۾ غاليچن تي ڪنڌ ھيٺان ٿيلھو رکي ليٽيا پيا ھوندا ھئاسين. نمازون پڙھڻ ۽ شيطان کي پٿريون ھڻڻ ئي اھم ڪم هوندو ھو. يارھين تاريخ شام جو چئين پنجين بجي ڌاري سڀ گڏجي شيطان کي پٿريون ھڻڻ وياسين. رش ڪري پنڌ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو ۽ اھڙو ھڪ ٻيو ڪلاڪ پٿريون ھڻڻ ۾، جو ھڪ ھڪ شيطان کي پٿريون ھڻڻ لاءِ پھرين ان جي ويجھو پھچي، پوءِ ٻن ٻن جي ٽولن ۾ اڳيان ڀرسان وڃي پٿريون ھڻي وري پنهنجي ٽولي سان اچي بيٺاسين ٿي ۽ جڏھن سڀ آجا ٿيا ٿي ته پوءِ ٻئي شيطان ڏي وڌياسين ٿي ۽ پوءِ ٽئي کي پٿريون ھڻڻ بعد وري واپس پنهنجي تنبو ۾ آياسين.
ٻئي ڏينهن يعني ٻارھين ذوالحج تي ساڳي وقت شام جوجڏھن پٿريون ھڻڻ لاءِ نڪتاسين ته پنهنجو سامان به پاڻ سان کڻي ھلياسين، جيڪو شيطان (جمرن) وٽ رکي پٿريون ھڻڻ جو ڪم لاھي، پوءِ اتان ئي مڪي ڏي روانا ٿياسين. اسان مان ڪجهه مڪي ڏي پنڌ ھليا ٿي ۽ ڪجهه بس ۾ پر پنڌ ويندڙن جو به ان وقت ايڏو تعداد ھو جو ھلڻ ڪو سولو نه پئي لڳو. ان ڪري ھرھڪ بس ۾ چڙھي پيو، جيڪا ست سئو ريال ڏئي ڀاڙي تي ڪئي سين. بس ۾ به اھو ئي حال ٿيو. رستن تي ايڏي پيهه پيھان ھئي جو ھر ۾ بس ٻلي پير ھلڻ لڳي ۽ اسان واري جاءِ حرم پاڪ جي ويجھو ھجڻ ڪري اھي رستا نمازين سان ڀريل ھئا ۽ ٽريفڪ پوليس اسان جي بس کي انهن رستن تي لڙڻ جي اجازت ڏيڻ بدران ٻين رستن تي ھڪلي ڇڏيو ٿي. بهرحال چئن ڪلاڪن بعد بس اسان کي جتي ڇڏيو اھو ھنڌ به چڱو پري ھو ۽ سامان ڍوئي اڌ ڪلاڪ جي پنڌ بعد رات جو ڏھين يارھين بجي گھر اچي پھتاسين. مڪي ۾ حاجين جي رش ايترو ئي اوج تي ھئي، جيترو پنج ڏينهن اڳ منى ڏي روانو ٿيڻ وقت، ڇو جو حج بعد پنهنجي وطن موٽڻ کان اڳ ھرھڪ کي رخصتي طواف ڪرڻو ھو، جنهن کي طواف وداع سڏجي ٿو.
اسان جي گروپ جي پراڻن حاجين چيو ته ھاڻ ڏينهون ڏينهن رش گھٽبي ويندي، سعودي عرب جا مڪاني حاجي ۽ اوسي پاسي جي عرب ملڪن جا ٻن ڏينهن اندر ھليا ويندا، چار پنج لک مديني ھليا ويندا، جيڪي حج کان اڳ مديني نه ويا ھئا.
اسان حج بعد اٺ ڏينهن کن مڪي ۾ ھئاسين، حاجين جي رش ڪجهه گھٽ شروع ٿيڻ شروع ٿي ھئي ته به اسان جي مڪي جي آخري ڏينهن تائين ھجڻ دوران ايتري رش ھئي جو طواف وداع به مٿي ڪرڻو پيو ۽ سڄو حرم پاڪ (اندر توڙي ٻاھر) ته حاجين سان ڀريل ھوندو ھو پر نماز جي جماعت حرم پا ڪ جي چوڌاري گھٽين ۾ پري پري تائين ٿيندي ھئي. اسان جي گروپ جي ڪجهه حاجين ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته مديني بعد سڌو وطن وڃڻ بدران ھڪ يا اڌ ڏينهن مڪي موٽي اچي عمرو ڪجي ۽ حرم پاڪ جي حاضري ڀرجي پر اسان جي معلم اھا ڳالهه نه مڃي ۽ اسان کي سڀ سامان کڻي مديني ڏي روانو ٿيڻو پيو. آخري ڏينهن ٻه اسان جي گروپ جي حاجين مڪي مان مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن لاءِ تحفا سوغاتون ورتيون. بلڪه حج کان واندا ٿي ھاڻ سڀني حاجي جو زور مڪي جي بازارين ۽ بقالائن ۾ ھو. دڪانن اڳيان بيٺل بنگالي توڙي يمني نوڪرن جي مختلف زبانن ۾ گراھڪن کي سڏڻ جي رڙ پئي ھئي. ”آئو آئو، بهت سستا ھي“. يا ملئي زبان ۾: ”ماري سني لبيح مُورا“. خريدارن ۾ وڏو تعداد پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش، ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران ۽ ترڪي وارن جو نظر آيو ٿي. دڪان ۾ اندر گھڙ ته حاجي صاحب، حاجي صاحب چئي مخاطب ٿي ٿيا. حج کان اڳ حاجي نه ٿي چيائون، جيئن ئي عرفات بعد مڪي آياسين ته ھر دڪاندار توڙي ٽئڪسي وارو حاجي چوڻ لڳو، ان اوچتي تبديلي تي تعجب به لڳم پر پوءِ سمجھي ويس ته عرفات جي ميدان بعد ھرھڪ حاجي ٿي ويو، ڄڻ ايم بي بي ايس جي ڊگري ملي وئي ۽ ڪالهه جو شاگرد اڄ ڊاڪٽر ٿي ويو  ۽ھاڻ عرفات جي Attendence بعد ھرھڪ حاجي ٿي ويو جو وقوف عرفات حج جو رڪن اعظم آھي. ان رڪن بنا حج نه ٿو ٿئي. بهرحال رب پاڪ حاجين جا حج قبوليندو، جنهن لاءِ ھر حاجي ھر وقت اھا ئي دعا گھرندو رھي ٿو ته حج قبول ٿئي  ۽حج آسان ٿئي، پر مڪي ۽ مديني جي دڪاندارن لاءِ اسان حاجين ۾ به ڪي اھم حاجي آھن، ته ڪي گھٽ درجي جا، ملائيشيا ۽ برونائي جھڙ ن امير حاجين جي دڪان ۾ آمد تي دڪانن جا اڇن جبن ۾ مالڪ ٺريا ٿي ٺريا ۽ ساڳي وقت پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش جھڙي غريب ملڪ جي حاجي کي ڏسي مزو ڪرڪرو ٿي ٿين، جو ھو ھر شيءِ وٺڻ تي پڪائي ڪن ٿا، سوچي سمجھي وٺن ٿا ۽ دڪاندارن کي کين ڦرڻ جو موقعو گھٽ ملي ٿو.
دڪانن جا مالڪ عرب آھن يا انهن جي نالن تي ڌارين ملڪن جا ڌنڌو واپار ڪن ٿا. مڪي ۽ مديني جھڙن شھرن ۾ خاص ڪري حج جي موسم جا چار مھينا ۽ رمضان جھڙا مھينا (جن ۾ پڻ ايترائي ماڻھو اچن ٿا، جيترا حج تي اچن ٿا) دڪان ھلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، جنهن لاءِ ماڻھو جو سخت جان ھجڻ ضروري آھي جو صبح جو فجر کان وٺي رات جو ٻارھين ھڪ تائين، اٽڪل ارڙھن ڪلاڪ کن گراھڪن سان مغز ماري ڪرڻي پوي ٿي. وڏن دڪانن ۾ ته ايئرڪنڊيشنڊ آھن، باقي ننڍن دڪانن ۾ سخت گرمي ۽ ھٻس رھي ٿو. دڪاندار گھڻو ڪري پاڪستاني، ھندستاني، بنگالي، يمني، مصري وغيره آھن. گھڻو وقت ھتي رھڻ ڪري ھرڪو عربي ڳالھائي ٿو، ويتر عربن وارو لباس (ثوب) پائي بيھن ٿا ۽ ھرھڪو کين نه فقط عرب سمجھي ٿو پر گامون سچار پڻ! ھي واحد ملڪ آھي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي مسلمان دڪاندار به ڏٺم. نه ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رڳو ھندو سنڌي نظر ايندا آھن. ھڪ دڪان تي ٻن ڄڻن کي عربي لباس ۾ سنڌي ڳالھائيندو ٻڌي خبر چار ڪئي مان ۽ فوٽو ڪڍيومان، ٻئي نوابشاهه پاسي جا ڀائر ھئا. ھڪ جو نالو منظور لغاري ھو ۽ ٻئي جو اقبال، سندس دڪان جو نالو النور ھو، جنهن نالي جا الجياد واري علائقي ۾ ٻه دڪان آھن. مالڪ عرب آھي ۽ ھي ھتي ويھن سالن کان ڪپڙي جو بزنيس ڪن ٿا. سندس دڪان  ۾گھڻي کان گھڻو ڪپڙو انڊيا جو ھو. ٻئي نمبر تي جپان ۽ ڪوريا جو. پاڻ ٻڌايائون ته انڊيا واپار ۾ زور آھي. پاڪستان جا رڳو چانور ھلن ٿا، اقبال ٽي سال کن عراق ۾ به دڪان ھلايو آھي. کانئس پڇيم ته سندن سٺي ۾ سٺا گراھڪ ڪير آھن.
”برونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ مصر جا حاجي سٺا گراھڪ آھن پر سڀ کان ٽاپ جا مراڪش جا آھن“. ھن ٻڌايو.
”مراڪش ـ يعني موراڪو (المغرب) جا؟“ مون تعجب مان پڪ ڪرڻ چاھي.
”ھا موراڪو جا“ اقبال ٻڌايو، اھي جي ڪنهن سال حج تي نه اچن ته اسان جھڙا وڏا دڪان Loss ۾ ھليا وڃن“.
رکي رکي مختلف گراھڪ اچي رھيا ھئا، پاڻ ٻڌايائون ته کين اردو، انگريزي، سنڌي عربي سان گڏ فارسي، ترڪي ۽ ملئي زبانون به ايتريون اچن ٿيون، جو ھڪ گراھڪ کي منهن ڏيو وڃن.
”ھتي ڀلا ٻيا ڪھڙا سنڌ جا دڪاندار آھن؟“ مون پڇيو.
”سنڌي ته ڪيترا آھن جو سنڌ جي عربستان ڏي لڏپلاڻ صدين کان رھي آھي. ٻين ملڪن جا ته ھاڻ گذريل ٽيھارو سالن ۾ آيا آھن. جڏھن ھوائي جھاز ۽ پاڻي جا جھاز عام ٿيا“.
”ھتي رھندڙ ڪي اھم سنڌي؟“ مون پڇيومانس.
”اھي به ڪيترائي آھن، جن مان ڪجهه جو اولاد ته ھاڻ فقط عربي ڳالھائي ٿو، جو ھتي ھنن جا ڏاڏا، پڙ ڏاڏا آيا ۽ اچي رھائش اختيار ڪيائون. ڪيترا ته سنڌ کان پيرين پنڌ يا اٺن تي آيا. ڪيترا ديبل۽ لاري بندر کان محمد بن قاسم کان به گھڻو اڳ ٻيڙين ذريعي ايندا رھيا. ڪي سئو سوا اڳ ھتي آيا، اسان جھڙا ھاڻ آيا آھن. ڪويت ۽ عراق جي جنگ بعد اتان لڏي ھتي اچي رھياسين. اڄڪلهه مڪتب نمبر يارھين جو معلم احمد محمد سباغ به سنڌي عرب آھي پر کيس سنڌي ڳالھائڻ نه ٿي اچي. سندس والد سنڌي ڳالھائيندو ھو، نوشھري ۾ جڏھن وڏي ٻوڏ آئي، تڏھن ھن جا وڏا سنڌ کان لڏي ھتي آيا ھئا.
ھتي جي مشھور فئملي عبدالله ورڙ ماتلي جا عرب آھن، ھنن جو ڪجهه اولاد اڃا تائين سنڌي به ڳالھائي ٿو. ھنن جو ھڪ ڀاءُ وزارت خارجه ۾ آھي. ھڪ ٻيو سنڌي وڏو واپاري غلام رسول ڪلھوڙو آھي، جيڪو عزيزيه (مڪي) ۾ رھي ٿو. ڏيپلي جو ابوبڪر ميمڻ پڻ مشھور بزنس مئن آھي ۽ ”بزنس ڪميونٽي سعودي عرب“ جو چيئرمين آھي. سندس ڪاروبار اليڪٽرڪ جو آھي“.
”ڳوٺ ڪڏھن اچو؟“ مون منظور کان پڇيو.
”اسين ھر سال حج جي سيزن بعد، محرم جو مھينو پنهنجي ڳوٺ سڪرنڊ ۾ گذاريندا آھيون“. ھن ٻڌايو. پاڻ مڪي جو فون نمبر 5738039 ۽ سڪرنڊ جو نمبر 22967 ـــ 0241 پڻ ڏنائون.

No comments:

Post a Comment