Friday, February 03, 2012

جدي ايئر پورٽ تي - الطاف شيخ


جدي ايئر پورٽ تي
 الطاف شيخ
حج جي سفر کي مختلف ڏاڪن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
1. گھر کان حاجي ڪئمپ جنهن کي بيت الحجاج به سڏجي ٿو. سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جا ماڻھو پنهنجي گھرن کان ڪراچي جي حاجي ڪئمپ ۾ پھچن ٿا، جتي ھو ٻه يا ٽي ڏينهن رھي حج بابت تربيت وٺن ٿا ته حج ڪيئن ڪجي. آخري ڏينهن تي حج جي سفر جا ڪاغذ پٽ، پاسپورٽ ۽ غير ملڪي ناڻو وٺن ٿا.
2. بيت الحجاج (حاجي ڪئمپ) ڪراچي کان ڪراچي جي ايئر پورٽ ڏي روانگي.
ڪيترا ئي حاجي خاص ڪري ڪراچي جا حاجي ڪئمپ وڃڻ بدران گھر کان سڌو ايئر پورٽ پھچن ٿا. حاجي ڪئمپ مان ھو فقط ڪاغذ پٽ وغيره ھڪ ڏينهن اڳ وٺيو ڇڏين.
3. جدي ايئر پورٽ تي پھچڻ ۽ بس ذريعي مڪي روانگي.
4. مڪي شريف کان مديني منور ڏي بس ذريعي روانگي ۽ ھفتي ڏيڍ بعد وري مڪي واپس اچڻ.
5. مڪي شريف کان منى، عرفات، مزدلفه ڏي بس ذريعي (يا ڪٿي ڪٿي پنڌ) روانگي ۽ پنجن ڏينهن بعد مڪي واپسي.
6. مڪي شريف کان وطن واپس موٽڻ لاءِ جدي ايئر پورٽ تي پھچڻ ۽ ھوائي جھاز رستي ڪراچي موٽڻ.
اھي مسافر جيڪي حج جي ويجھن ڏينهن ۾ مڪي پھچن ٿا، اھي حج ڪرڻ بعد سفر جا، آخري ڏينهن مديني ۾ گذارين ٿا ۽ پوءِ مديني مان ئي وطن ورن ٿا، يعني مديني کان سڌو جدي ايئر پورٽ تي اچن ٿا.
جدو مڪي جي ويجھو ھئڻ ڪري ۽ ڪراچي وانگرCommercial City  (واپاري شھر) ھجڻ ڪري ڪيترا حاجي خريداريءَ لاءِ پنهنجن مٽن مائٽن سان ملڻ لاءِ مڪي کان جدي بس يا ٽئڪسي ذريعي ايندا ويندا رھن ٿا. پر ھاڻ سعودي عرب جي حڪومت ان تي به سختي ڪئي آھي ۽ ھن سال ڪيترن حاجين کي جدي شھر ڏي ويندي يا جدي کان سندن مائٽن کي مڪي ايندي ڏنڊ ھنيو آھي. ٿي سگھي ٿو ٻئي سال کان حاجين جي ان غير قانوني چرپر تي اڃا به وڌيڪ سختي ٿئي.


حاجين کي اھو معلوم ھئڻ کپي ته ھو حج جي پاسپورٽ تي فقط مڪي ۽ مديني شھرن ۾ رھي سگھن ٿا. وڌ ۾ وڌ انهن شھرن جي اوس پاس جون مذھبي ۽ تواريخي شيون (زيارتون) ڏسي سگھن ٿا. جيئن ته غار حرا، غار ثور، مسجد عائشه، مسجد قبه وغيره وغيره. جدي فقط موٽڻ مھل وڃي سگھن ٿا، سو به سڌو ايئر پورٽ جي حج ٽرمينل تي. شھر ۾ گھمڻ جي اجازت نه آھي، جيڪڏھن ڪو جدي شھر ۾ وڃي به ٿو ھو اھو غير قانوني ڪم ڪري ٿو.
اسان پي. آءِ. اي جي ھوائي جھاز ذريعي جدي پھتاسين، اسان جي ڪراچي کان فلائيٽ صبح جو ستين بجي ھئي. چار ڪلاڪ گھٽ ۾ گھٽ اڳ پھچڻو ھو. يعني گھران ٽي بجي ڌاري نڪرڻو پيو. ڪلاڪ ٻه تياري ڪرڻ، احرام ٻڌڻ، نفل پڙھڻ ۾ لڳي ٿو. يعني اھا رات ڪير ستو ھوندو. دراصل صبح جو 6 يا 7 جھڙو اڏام جو وقت رکڻ انٽرنيشنل مسافر لاءِ به مصيبت آھي. يعني جيڪو گھمڻ لاءِ ٻئي ملڪ وڃي ٿو. ان لاءِ به اھو ڏکيو ٽائيم آھي پر ان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اھو ته سک آھي ته ھو سنگاپور، ڪوالالمپور يا دبئي تهران جي ھوائي اڏي تي پھچي سڌو ھوٽل روانو ٿئي ٿو ۽ سمھيو رھي.
حاجين جي اڏامن جو پروگرام ٺاھڻ وارن کي گھٽ ۾ گھٽ اھو سوچڻ کپي ته حاجين کي فقط جدي ايئر پورٽ تائين پھچڻو نه آھي. ھنن جو سفر ته اڃا به اڳتي مڪي تائين آھي ۽ مڪي شريف به پھچي ھنن کي لت کوڙي ٻارھن ڪلاڪ سمھڻو نه آھي پر طواف ۽ سعي لاءِ پنڌ ڪرڻو آھي. جماعت سان نمازون پڙھڻيون آھن ۽ پوءِ جنهن اسٽائيل ۾ ھنن کي رھڻو پوي ٿو. جنهن قسم جي ھنن کي زندگي گذارڻي پوي ٿي. اھا ھڪ قسم جي Camp Life  آھي.
سعودي عرب حڪومت، بنا ڪنهن شڪ جي حاجين جي سک لاءِ ڏاڍا اپاءَ ورتا آھن. ان لاءِ ھرڪو تعريف ڪري ٿو پر اڃا به ڪن ڪن ھنڌن تي ھنن جو نظام ۽ طريقو تمام ناقص ۽ اچرج ۾ وجھندڙ لڳي ٿو. انهن مان ھڪ ته جدي ايئر پورٽ تي حاجين جي Entry (داخل ٿيڻ) ۽ واپسي لاءِ Exit (ٻاھر نڪرڻ) آھي. عام طرح ڪنهن به ملڪ ۾ توھان وڃو ٿا ته ھيئن ٿئي ٿو: جھاز جي پھچڻ سان توھان ھٿ جو سامان کڻي ھوائي جھاز مان نڪري ايئرپورٽ ۾ گھڙو ٿا، جتي اميگريشن کاتي وارا توھان جو پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا. ھوائي جھاز جي سائيز مطابق ھڪ يا ٻه آفيسر چڪاس لاءِ بيھن، جن اڳيان ھر مسافر قطار ۾ ايندو ويندو آھي ۽ ھو بنا ڪنهن انتظار ڪرائڻ جي ھرھڪ جو پاسپورٽ، ويزا ۽ ھيلٿ ڪارڊ ڏسندو ويندو آھي.
پئسينجر اميگريشن وارن کان پاسپورٽ تي Entry جو ٺپو ھڻائي ٻئي ھال ۾ پھچندو آھي ته سامان اچڻ شروع ٿي ويندو آھي،جيڪو گول پٽي تي پير ڦرندو آھي. ھر ڪو پنهنجو سامان ٽراليءَ تي رکي ڪسٽم وارن کان چيڪ ڪرائي ٻاھر ھليو ويندو آھي ۽ آجو ٿي ويندو آھي. ڪنهن وٽ اعتراض جوڳو سامان ھوندو آھي ته ھو ترسي ٽيڪس يا ڊيوٽي ڀريندو آھي. اھڙي طرح حاجين جي به Entry ٿي سگھي ٿي. پر جدي ايئرپورٽ تي حج لاءِ آيل مسافرن کي ھوائي جھاز مان لھي ھڪ ھال ۾ اچي انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جتي جيتوڻيڪ پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيون آھن پر ايتريون نه آھن جو سڀ ويھي سگھن ۽ جيتوڻيڪ ايئرڪنڊيشنر ھلندو رھي ٿو پر ماڻھن جي وڏي تعداد ڪري گھٽ (Suffocation) رھي ٿي. ھرڪو ان انتظار ۾ رھي ٿو ته اجھو ٿي جان ڇٽي ۽ ٻاھر ڪڍن، ان آسري تي ھو ھر وقت نماڻيون اکيون کڻي ڪلف لڳل وردين ۾ بي نياز ٿي ھلندڙ سعودي اميگريشن پوليس ڏي نهاريندو رھي ٿو. آخر اڌ ڪلاڪ کن بعد پوليس ٿورا ٿورا ڪري ٻئي ڪمري ۾ ماڻھو موڪلي ٿي جتي پاسپورٽ چيڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ ھيلٿ ڪارڊ ڏٺا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ھيئن کپي (جيئن ٻين ايئرپورٽن تي ٿئي ٿو) ته ھوائي جھاز مان جيڪو لھندو وڃي اھو پاسپورٽ ڏيکاري ٺپو ھڻائيندو وڃي پر ھتي تيسين پاسپورٽ جي چڪاس جو ڪم شروع نٿا ڪن جيسين سڄي جھاز جا مسافر اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ به ڪافي دير ويھاري پوءِ پاسپورٽ جو ڪم شروع ڪن ٿا.
بهرحال پاسپورٽ ۽ ويزا وغيره جي چڪاس لاءِ ڏهه ڏهه ويهه ويهه ڪري ٻئي ڪمري ۾ گھرايا وڃن ٿا. جن جا ھيلٿ ڪارڊ صحيح نه آھن ۽ سيون لڳل نه آھن انهن کي اتي لڳرائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن کي ٽئي ڪمري ۾ موڪليو وڃي ٿو جتي ھوائي جھاز مان لھندڙ سامان ايندو رھي ٿو يا اچي گڏ ٿي چڪو آھي. ھاڻي ان ٽئي نمبر ڪمري ۾ جيڪو اڌ کان وڌيڪ ته سامان سان ڀرجي چڪو آھي، آيل مسافرن کي پنهنجو پنهنجو سامان کڻي اڳتي وڌڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي پر انهن کي اتي وري انتظار ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، جتي ويھڻ لاءِ اڃان به گھٽ ڪرسيون رکيل آھن. پوءِ ويچارا مجبور مسافر ڪڏھن ھڪ ٽنگ تي ته ڪڏھن ٻي ٽنگ تي بيٺا رھن ٿا. ڪيترا ويچارا پوڙھا، ڪمزور ۽ بيمار پٽ تي ويھو رھن،جيسين ڏهه ڏهه ويهه ويهه ٿيندا سڄي ھوائي جھاز جا مسافر ان ٽئي ڪمري ۾ گڏ ٿين، ڪو پنهنجي سامان ۾ ھٿ وجھندو آھي يا اونڌي ٿيل بئگ کي سڌو ڪندو آھي ته سامان لاھڻ وارا انچارج، پوليس، ويندي پورٽر (Coliee)جيڪي اسان جي تر وارن ملڪن (بنگلاديش، سائوٿ انڊيا ۽ سريلنڪا) جا آھن، اھي به ان مسافر کي دڙڪو ڏيندا آھن ته صبر ڪر صبر، ٿورو پٺيان ٿي بيهه ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد نه پويان بيھڻ جي جاءِ ھوندي آھي نه اڳيان وڌڻ جي ماڻھوءَ جي ساهه سان ساهه پيو ملندو آھي.Suffocation گُھٽ ايڏي وڌي ويندي آھي جو ھلندڙ ايئرڪنڊيشنر ۾ به پگھر پيو ايندو آھي ھڪ ٻن عورتن کي ته ان حالت ۾ اٻڙاڪ ۽ الٽيون ڪڍندي ڏٺم.
سامان به جيئن جيئن ايندو آھي، تيئن تيئن پھرين جو آيل سامان دٻجي ويندو آھي ۽ ھر ھڪ پريشان ھوندو آھي ته چار سو کن مسافرن جي ڇهه سو کن ننگن مان پنهنجي بئگ ۽ ٿيلھو ڪيئن ڳولجي، ھر ھڪ جو ٿَڪُ ۽ پريشاني وڌندي رھندي آھي. گھر کان ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ھوائي جھاز ۾ سڄو سفر جن الله جي بندن تازگي محسوس پئي ڪئي اھي به ھاڻ ٿڪاوٽ محسوس ڪن ٿا. ھوائي جھاز مان لھڻ تائين جيڪا بلند آواز ۾ تلبيھ ٻڌڻ ۾ اچي رھي ھئي ان ۾ نستائي اچي وڃي ٿي. رکي رکي لبيڪ اللھم لبيڪ... آئون حاضر آھيان يا الله آئون حاضر آھيان.... جو آواز ته اچي ٿو پر ھر ھڪ جون اکيون ۽ ڌيان پنهنجي سامان ڏي رھي ٿو. اتي پوليس وارو وڏي شان سان اشارو ڪري ٿو ته پنهنجو پنهنجو سامان کڻي ڪسٽم چيڪنگ لاءِ ھلو. پوليس جي اشاري ڏيڻ سان ھر ھڪ مسافر سامان تي ڪري پوي ٿو. منهنجي بئگ، منهنجو ٿيلھو، فلاڻا منهنجي فلاڻي رنگ واري پيتي ڏٺئي، عجيب حال رھي ٿو ۽ ھي حال ڇا ھن دفعي ٿي رھيو آھي؟ مون سوچيو. ھرگز نه لڳي ٿو ھي ڪم سالن کان ائين ٿي رھيو آھي جو ممتاز مفتي 1968ع ۾ ڪيل حج جي ”لبيڪ“ نالي سفرنامي ۾ پڻ ان ڳالهه جو نظارو چٽيو آھي جو سندس اکرن ۾ ھن ريت آھي:
”ھٿن ۾ ٿيلھا، ٽوڪريون، پاڻيءَ جون بوتلون، ڪلھن تي رکيل ڪمبل لوئيون ۽ ھر ھر ھيٺ سر ڪندڙ احرام جي مٿين چادر کي سنڀاليندا ھو سڀ بئگن، سوٽ ڪيسن، ٽرنڪن ۽ ھنڌ بستري ڏي وڌيا ۽ پوءِ ھڪ گوڙ مچي ويو. ”ھيءَ بئگ منهنجي آھي.“ ”منهنجي بئگ ڪيڏانهن وئي؟” ”منهنجي ٽوڪري ھتي پئي ھئي؟“ ”منهنجو سامان نه آيو؟“ ”منهنجو سامان نظر نه پيو اچي“ لڳاتار ٻن ڪلاڪن تائين نفسا نفسيءَ جو عالم رھيو. مسلسل ٻه ڪلاڪ سامان سامان، سامان، سامان جو آواز گونجندو رھيو. ”سامان ڪيڏانهن ويو؟“ ”سامان سنڀال.“ ”سامان چيڪ ڪر.“ ”سامان گم نه ڪجانءِ“ ”سامان جھلجانءِ“. ”سامان ڏجانءِ.“ ”منهنجو سامان.“ ”ھاءِ منهنجو سامان“۔
اھي چپ جيڪي ھوائي جھاز ۾ چري رھيا ھئا اھي ھتي اچي ھڪ ھنڌ بيھي رھيا. تسبيحون جيڪي سفر دوران آٽرين ۾ سريون پئي اھي ڪراين تي واچن وانگر چڙھي ويون. چھرا جيڪي تقدس سان ڀريل اميدن سان منور ھئا سامان جي چاهه ۾ فڪرمند ٿي وسامي ويا.
”ان وقت ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان سڀني ھيڏو ڊگھو سفر فقط ان لاءِ اختيار ڪيو ھو ته جدي ايئرپورٽ تي پھچي پنهنجو سامان حاصل ڪري سگھون. ان وقت سامان کانسواءِ ڪائنات ۾ڪجهه به نه ھو. سامان اسان جي منزل ھو سامان اسان جي مراد ھو. سامان لاءِ اسان جون اکيون واجھائي رھيون ھيون ڪنهن کي اھو ياد نه پئي آيو ته اسين مسافر آھيون ۽ حج جي غرض سان آيا آھيون. ڪنهن کي شعور نه پئي ٿيو ته ھيءَ اھا سرزمين آھي جتي بي سرو ساماني سامان بڻجيو وڃي. ھو سڀ رڙيون ڪري رھيا ھئا: ”اي سامان آئون حاضر آھيان. تنهنجو ڪو شريڪ ناھي. اي سامان آئون حاضر آھيان“۔
بهرحال مس مس مسافرن کي سامان ملڻ شروع ٿيو ۽ جنهن جو ھڪ يا ٻه ننگ ھئا اھي جلد آزاد ٿيندا ويا جو ھنن کي ٻين کان اڳ ملي پئي ويا جن جا وڌيڪ ننگ ھئا، خاص ڪري انهن مردن جا جن سان گڏ عورتون ھيون يا پوڙھو پيءُ، چاچو ھو. انهن کي ٻين جون به بئگون ڳولڻيون پيون ٿي. بلڪ ڳولھي انهن پوڙھن ۽ عورتن وٽ گڏ ڪندا ويا، پوءِ ڪسٽم واري وٽ پھتا ٿي. ڪسٽم واري ڪنهن جو چڱي طرح سامان کولي ڏٺو ٿي ته ڪنهن جو فقط مٿاڇري انداز ۾، جن جو سڄو سامان ٻاھر ڪڍيو ويو ٿي انهن لاءِ ان ساڳي بئگ يا سوٽ ڪيس ۾سامان واپس وجھڻ مسئلو ٿي پيو ٿي. زمين ۾ کڏ کوٽي وري ساڳي مٽي واپس وجھڻ سان ڪجهه مٽي ضرور بچي پوندي آھي. بئگ مان نڪتل سامان به مٽيءَ وانگر آھي. گھر ۾ ته ھڪ ھڪ شيءَ چڱي طرح ھڪ ٻئي سان ملائي بئگ ۾ رکي وڃي ٿي. ھتي تڙ تڪڙ ۾ ڪٿي ٿي ائين سيٽ ٿي سگھي. ان ڪري ھميشه چوندا آھن ته بئگ سامان کان ڪجهه وڏي ھجڻ کپي. جيئن رستي تي پاڻ کولي ڪو سامان ڪڍڻ تي يا ڪسٽم چيڪنگ بعد سمورو سامان بئگ ۾ اچي وڃي. يا ٻي صورت ۾ ھڪ يا ٻه ٿلھي پلاسٽڪ جا شاپر کڻجن، جيئن بئگ ۾ نه ويندڙ سامان انهن ٿيلھين ۾ کڻي سگھجي.
بئگن جي اٿل پٿل ڪري ڪن ھمراھن جون بئگون کلي پيون يا تالو ٽٽڻ ڪري سامان ٻاھر نڪري آيو. ويچارا سخت پريشان ھئا. عجيب نفسا نفسيءَ جو عالم ھو جنهن ۾ ھر ھڪ مجبور نظر آيو ٿي، ھو ڇا ٻئي کي مدد ڪري. انهي ڪري شروع ۾ سامان جي لسٽ ۾ لکي آيو آھيان ته بئگ  ۾ ڀلي کڻي تالو ھجي پر نئلان جي رسيءَ سان ضرور ٻڌجي يا بئگ ۾ ڪجهه رسي ضرور رکجي، جيئن ههڙي ايمرجنسيءَ ۾ ڪم اچي سگھي.
ڪسٽم وارن کي سامان ڏيکاري، کانئن بئگ جي ٻاھران مارڪر سان منڌيئڙو ھڻائي ايئرپورٽ جي بلڊنگ کان ٻاھر نڪري رستي تي آياسين ته ڪجهه ھمراهه پاڪستاني اسان جو سامان کڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ آيا. ھو وڏيون ٽراليون کڻي آيا ھئا جن ۾ ٽيھارو کن بئگون، ٿيلھا اچي ويا ٿي. اسانکي ھاڻي جدي جي ان ھوائي اڏي کان بس ذريعي مڪي شريف پھچڻو ھو. مون سمجھيو ھي سامان سوڌو اسان کي بسن تي چاڙھيندا ۽ اسان کي مڪي پھچي اھو سامان ملندو. پر اسان کي اشارو ڪري ٻڌايو ويو ته توھان سامھون حاجي ڪئمپ ۾ ويھو سامان به اتي ٿو اچي.
جدي واري حاجي ڪئمپ وڏن تنبن جي ٺھيل آھي. جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سيڪشن آھن. ويھڻ لاءِ ڪيترائي ڪوچ رکيل ھئا. ٿوري ٿوري فاصلي تي مردن ۽ عورتن جا ڌار ڌار ڪيترائي غسلخانا نظر آيا ۽ وضوءَ لاءِ به ويھارو کن نلڪيون ۽ صندليون ھيون، جن تي ويھي وضو ڪري سگھجي ٿوري ٿوري فاصلي تي ڪارڊ وارا ٽيليفون ھئا. مختلف شين جا دڪان ھئا، وڏي ڳالهه ته ٿڌي ٿڌي ھوا پئي لڳي. ان ٿڌي ھوا ڪري يا ٿڪ ڪري، ھر ھڪ کي ننڊ پئي آئي. پر ان گھيرٽ مان ھر ھڪ پاڻ کي سجاڳ ڪري رکي رکي سامان جو ٿي پڇيو. آخر جواب اھو ئي مليو پئي ته سامان اچي ويندو، تيسين ھر ھڪ گروپ جا ڌار ڌار ٿي ويھو جو ھر بس ھڪ گروپ جيترا ماڻھو (يعني پنجاهه) کن کڻي مڪي ھلندي.
ماڻھو ھڪ ھڪ ٻه ٻه ٿيندا ايئرپورٽ کان ايندا ويا. صبح جو ستين بجي ڪراچيءَ کان ھوائي جھاز اڏاڻو ھو ۽ ٽن ڪلاڪن بعد جدي جي مقامي وقت مطابق اٺين بجي پھتو (يعني پاڪستان ۾ ان وقت ڏهه ٿيا ھئا، جو پاڪستان سعودي عرب جو وقت جي وچ ۾ ٻن ڪلاڪن جو فرق آھي.) ماڻھن جو حاجي ڪئمپ ۾ گڏ ٿيندي ٿيندي منجھند جا ٻارھن ٿي ويا ۽ پوءِ خبر پئي ته سڀني ماڻھن جو سامان ھڪ دفعو وري گڏوگڏ اچي رھيو آھي. ھڪ دفعو وري ماڻھن ٽرالين مٿان الرون ڪيون ۽ پنهنجو پنهنجو سامان کڻي پنهنجي گروپ واري ڪنڊ ۾ پنهنجي اڳيان اچي رکيو. ان بعد سڀني گڏجي جماعت سان ظھر نماز پڙھي. پي آءِ اي وارن ھوائي جھاز مان لھڻ وقت ھرھڪ کي کاڌي پيتي جي ٿيلھي ڏني ھئي، جيڪا کولي کائڻ شروع ڪئيسين.
اسان جي گروپ جي بس ٻي بجي ڌاري آئي، جنهن جي ڇت تي بس جي ماڻھن سامان چاڙھيو.
بهرحال جدي جي ايئرپورٽ تي چار پنج ڪلاڪ گذارڻ جي ڪٿا فقط ان ڪري بيان ڪئي اٿم ته جيئن ھن سفر جي مسافرن کي معلوم رھي ته ھيئن به ٿئي ٿو ۽ ھنن کي اھا ڳالهه ذھن تي ھجي ۽ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ ھو پاڻ ۾ اڳواٽ ھمت قائم رکن. بلڪ اھڙن موقعن تي جڏھن اسان سڀ سامان جي ھڻ وٺ ۾ بيٺا ھئاسين، ڪي ڪي مسافر ڪنڊ پاسو وٺي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي آرام پئي ڪيائون يا ويٺي ويٺي ننڊ پئي ڪيائون. سڀ ۾ بهتر اھي رھيا جو ھو ھر وقت فريش نظر آيا ٿي.
ٿي سگھي ٿو اڳتي ھلي سعودي حڪومت ان سلسلي ۾ ڪو نئون طريقو اختيار ڪري جنهن ۾ حاجين جو وقت به بچي پوي ۽ ساڳي وقت کين سامان ڳولڻ ۽ ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ، ھر ھر ڍوئڻ کان نجات ملي وڃي، تيسين ھر حج جي مسافر کي ھيءَ تڪليف Expect  ڪرڻ کپي ۽ صبر سان منهن ڏيڻ کپي. ساڳي حالت واپسيءَ تي به ٿئي ٿي ۽ چار پنج ڪلاڪ ضايع ٿيو وڃن. دراصل انهن ڳالھين ڪري حج لاءِ ايندي وقت ۽ حج ڪري ڪراچي واپس موٽڻ وقت، چڱا ڀلا ماڻھو به بيمار ٿيو پون.
جدي کان مڪي شريف واري سفر ۾ ھي ڳالھيون ٿين ٿيون:
سڀني کي پنهنجا پاسپورٽ، بس ۾ چڙھڻ کان اڳ ڊرائيور کي ڏيڻا پون ٿا، جيڪي مڪي پھچي اھي پاسپورٽ معلم حوالي ڪري ٿو. ھن سفر جو ڀاڙو مسافرن کي ڏيڻو ناھي. اھو حڪومت پاڪستان ادا ڪري ٿي ۽ اھو ڀاڙو توھان کان اڳواٽ درخواست سان گڏ وصول ڪيو وڃي ٿو.
مڪي پھچي معلم توھان کي توھان جي رھائشگاهه تي وٺي ھلي ٿو. جيڪو حڪومت پاڪستان طرفان توھان لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، (اسان جي گروپ رھائش جو پاڻھي بندوبست ڪيو ھو ان ھوندي به مڪي پھچي پھرين معلم جي آفيس ۾ کيس اطلاع ڪيوسين. بلڪ بس وارو پھررين معلم جي آفيس ۾ وٺي آيو) معلم سڀني جا پاسپورٽ پاڻ وٽ رکي، ان جي عيوض پاسپورٽ جو ھڪ صفحو ڦاڙي توھان کي ڏيندو، جيڪو توھان جو شناخت نامون ۽ مڪي ۾ رھڻ جو اجازتنامو ھوندو جيڪو توھان کي ھر وقت پاڻ سان رکڻو پوندو. ان کان علاوه توھان جو معلم توھان کي معلم ڪارڊ به ڏيندو، جنهن ۾ معلم بابت معلومات ۽ توھان جي مڪي جي رھائش جي ائڊريس ھوندي، ان ڪارڊ کي به توھان کي پاڻ سان رکڻو آھي.
مڪي ۾ پھچڻ بعد توھان کي پھريون ڪم اھو ڪرڻو آھي ته عمرو ادا ڪجي جيئن توھان احرام جي حالت مان نڪري سگھو. ھتي احرام بابت ڪجهه لکڻ بي محل نه ٿيندو

No comments:

Post a Comment