Friday, February 03, 2012

مڪي جي زيارتن جو احوال - الطاف شيخ


مڪي جي زيارتن جو احوال
 الطاف شيخ
مڪي ۾ رھائش دوران ماڻھو شھر کان ٻاھر نڪري اوس پاس جون اھم مذھبي، تاريخي ۽ يادگار جاين جي زيارت ڪن ٿا. ھڪ ڏينهن آئون به فجر نماز بعد نيرن ڪري اھي جايون ڏسڻ لاءِ رستي تي اچي بيٺس، جتان ٽئڪسيون، وئگنون ۽ پرائيوٽ ڪارون ھر ماڻھو کان ڏهه ٻارھن کن ريال وٺي وڃي رھيون ھيون. ڪيترا مسافر ته ٽئڪسي وارن سان اڳھين طئي ڪري پوءِ ٿي چڙھيا ته ھي ھي جايون ڏيکاريڻيون اٿانوَ. آئون اھڙي ٽئڪسي ڊرائيور جي ڳولا ۾ ھوس ، جيڪو اڙدو ڳالھائي سگھي، جيئن ھو مون کي ھر شيءِ چڱي طرح سمجھائي سگھي. مديني ۾ ته کوڙ آھن پر مڪي ۾ به سنڌي ۽ پنجابي ڊرائيور ڳولڻ سان مليو وڃن. مون اڌ منو ڪلاڪ کن ان ڳولا ۾ وڃايو. پوءِ نيٺ ھڪ ٽئڪسي ۾ ويھي رھيس، جيڪا ھڪ پرائيويٽ ڪار ھئي ۽ حج جي موسم ۾ چار پئسا ڪمائڻ لاءِ ھو ڀاڙي تي ھلائي رھيو ھو. ڊرائيور عربي ڊريس يعني توب (جبي) ۾ ھو پر اڙدو به آيس ٿي، ويھڻ سان سندس حال احوال ورتم ته ھن ٻڌايو ته سندس نالو حسن عبدالحڪيم آھي. اصل بنگالي آھي، پر ھو چاليھن سالن کان مڪي ۾ رھي ٿو ۽ مڪي جي پوليس ۾ ترجمو ڪرڻ جا فرض ادا ڪري ٿو. سعودي عرب اچڻ کان اڳ جڏھن ھو ننڍو ڇوڪرو ھو ته ڪراچي ۾ پڻ ٽي سال پورھيو ڪيائين. ان ڪري کيس اڙدو به آئي ٿي. بنگالي ته سندس مادري زبان ئي ۽ عربي ھتي رھي سکيو. سندس زال به عرب آھي.


”پر افسوس جو مون کي سعودي عرب جو پاسپورٽ ناھي“. ھن ٻڌايو ”جڏھن ڪاغذ پٽ ٺھي رھيا ھئا ته مون ڪڏھن انهن ڳالھين ڏي ڌيان به نه ڏنو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن کي خبر ھئي ته شناختي ڪارڊ يا پاسپورٽ ايڏي اھم شيءِ آھي. منهنجي ته زال به ھتي جي ھئي، سو مون کي ته سعودي عرب کان ٻاھر ڳوٺ وڃڻ جو ارادو نه ھو، سو پاسپورٽ ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ نه ٺھرائي سگھيس. سچي ڳالهه اھا آھي ته مون سڄي جواني دوستن سان ڪچھريون ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ۾ برباد ڪري ڇڏي ۽ اھڙين اھم ڳالھين ڏي ڌيان وڃي نه سگھيو“.
”پوليس کاتي ۾ ڪھڙي نوعيت جي ڊيوٽي ڪريو؟“ مون پڇيومانس: ٽرئفڪ جئم ھجڻ ڪري اسان اڃا مڪي شھر جي گھٽين ۾ ئي ڦاٿا پيا ھئاسي ۽ مون اھو ئي بهتر سمجھيو ته جيسين اتي ئي آھيون، تيسين آئون ٻين ڳالھين بابت ڪچھري ڪندو ھلانس. ٻاھر نڪري پوءِ پاڻ مختلف جاين بابت Explain ڪري.
”آئون ھتي ڏوھارين کان پڇيل سوال جواب عربي ۾ ترجمو ڪندو آھيان“. حسن عبدالڪريم ٻڌايو. ”اھي ننڍي کنڊ (بنگلاديش)، انڊيا، پاڪستان، افغانستان جا ڏوھاري جن جو سر قلم ڪيو ويندو آھي ۽ انهن کان سندن زبان اردو يا بنگالي ۾ پڇي  عربي ۾ ترجمو ڪري ھتي جي پوليس کي ٻڌائيندو آھيان. خاص ڪري وصيعت بابت، ڏوھارين کان سر ڪپڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ وصيعت پڇي ويندي آھي ته ھنن تي قرض آھي يا نه، جي آھي ته اھو ڪير لاھيندو، جيئن ان کي اطلاع ڪيو وڃي ۽ پٺيان ھو ڪھڙي ملڪيت ڇڏي پيو وڃي، جيڪا سندس ڪھڙن مٽن مائٽن کي ڏيڻي آھي، وغيره“.
”ڪھڙن ڏوھن تي سِر ڪپيو وڃي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
”وڏن ڏوھن تي، جھڙوڪ خون، زنا، چرس جي اسمگلنگ وغيره. باقي ننڍن تي چھن سان ماريو وڃي ٿو يعنيCaning  ڪئي وڃي ٿي“.
”ھر مھيني ڪيترن جا ڪنڌ ڪپيا وڃن ٿا؟“ مون پڇيومانس.
”مھيني جي حساب سان نه پر سال جي حساب سان لڳايو وڃي ٿو، جو ھي ٻه مھينا کن حج وارا محرم تائين سزا نه ڏني ويندي آھي. ھونئن سال ۾ فقط مڪي جي علائقي ۾ سئو سوا سئو کن ڏوھارين جا سر ڪپيا وڃن ٿا، پر اھو آفيشل تعداد آھي. جيڪو ٽي وي، ريڊيو تي ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سر ڪپڻ کان اڳ انهن جي ڏوھن جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. ھونئن تعداد ان کان تمام گھڻو رھي ٿو“.
جنهن عمارت (عمارت الاشرف) ۾ اسان رھيل آھيون، ان جي سامھون واري الجياد اسپتال جي ھڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ٻڌايو ته گذريل مھيني (ذوالقعد) کان ان ڏينهن (2 ذوالحج) تائين جيڪو مھينو کن ٿئي ٿو، سر ڪپڻ وارن ڏوھارين جو تعداد 400 ٿي چڪو آھي، پر انهن سڀني کي محرم کانپوءِ سزا ملندي، ڇو جو  ذوالحج ۽ محرم جي مھينن ۾ ڪنهن کي به سزا نه ڏيندا آھن، محرم بعد انهن ڏوھارين کي گھڻو ڪري ملڪ عبدالعزيز دروازي جي ٻاھران بيھاري ھنن جو ترار سان ڌر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو آھي“.
ھن ڪار واري کان منهنجي پڇڻ تي ته سڀ کان گھڻي سزا ڪھڙي ملڪ جي ماڻھن کي ملي ٿي. ٻڌايو ته افغاني ۽ پاڪستان جي پٺاڻن کي گھڻي سزا ملي ٿي، جيڪي چرس، ھيروئن وغيره جو ھتي ڪاروبار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا خونريزي  ۾به سندن ھٿ آھي پر بهرحال انهن جو اعلان نه ٿو ٿئي.
”ڇو ڀلا؟“ مون ھن کان پڇيو.
”ان ڪري جو اعلان ڪرڻ سان سعودي حڪومت جا انهن ملڪن سان ڊپلوميٽڪ تعلقات خراب ٿي سگھن ٿا ۽ بين الاقوامي طور به رڙ پئجي ويندي ته ھي ماڻھن جو نه پر ٻڪرين جو ڪوس پيو ھلي“. ڪار جي مالڪ ٻڌايو.
”ايتري ۾ اسان شھر کان ٻاھر نڪري آياسين ۽ جبل نور وٽ اچي پھتاسين، جتي غار حرا آھي. ڪار جي ڊرائيور حسن عبدالحڪيم مون کي ھڪ ھڪ شيءِ  سمجھائڻ لڳو. ھو چاليهه سالن کان ھن علائقي جو واقف ھو، کيس سٺي اڙدو آئي ٿي ۽ منهنجي دوستاڻي رويي ڪري ۽ اھو معلوم ڪري ته آئون اخبارن، رسالن ۾ لکندو رھان ٿو، ھو پنهنجي ٽائيم جي پرواهه نه ڪندي، مون کي ھڪ ھڪ شيءِ چڱي طرح لھي يا گاڏي بيھاري ڏيکارڻ لڳو. جيتوڻيڪ ھفتي کن کانپوءِ حج لاءِ اسان کي منى ۽ عرفات وغيره اچڻو ھو پر منهنجي شوق تي ھن انهن ئي پئسن ۾ مون کي منى ۽ عرفات جو به چپو چپو ڏيکاريو، جتي انهن ڏينهن ۾ بنگلاديش ۽سريلنڪا جي مزورن تنبو پئي ھنيا ۽ رستا پئي صاف ڪيا، آخر ۾ واپسي تي حضور ﷺ جن جي رھائش مولود نبي ڏيکاري گھر وٽ لاھي ويو. ھتي مڪي جي ڪجهه اھم جاين ۽ ھنڌن جو احوال لکان ٿو:

جبل نور
ھن پھاڙي تي اھا مشھور ۽ مبارڪ ”غار حرا“ آھي، جنهن ۾ حضور ﷺ جن نبوت کان اڳ ڪيترائي سال عبادت ۾ گذاريا، جبل نور مڪي شھر جي اتر اوڀر  ۾ آھي ۽ حرم پاڪ کان جتان مون کي ڪار کنيو، ويهه ڪلوميٽر (يعني ٻارھن ميل) پري آھي. ھي جبل (جبل نور) اسان جي روحاني تاريخ جو اھم نشان آھي. جبل جي چوٽي تي غار حرا آھي، جتي الله تعاليٰ پنهنجي ملائڪ جبريل عليه السلام جي معرفت قرآن جون پھريون آيتون حضور ﷺ جن تي نازل ڪيون. ان ڪري ھر مسلمان جون ھن جبل سان خاص Feelings وابسته آھن.
حضور اڪرم ﷺ جن جنهن دور ۾ ولادت ورتي، ان دور ۾ عيسائي ھئا. يھودي ھئا ۽ ٻيا سندن قبيلي، شھر ۽ علائقي جا عرب ھئا، جن ڪعبي ۾ رکيل بتن جي پوڄا ڪئي ٿي. پاڻ ڪريم ﷺ جن  انهن ڳالھين کان پري رھي ھن جبل جي چوٽيءَ تي ٺھيل غار ۾ اڪيلو اچي ان پروردگار جو سوچيو ٿي، جنهن ھن سڄي جھان کي خلقيو آھي. پاڻ کاڌي پيتي جو سامان گھران کڻي ھن غار ۾ ڪجهه ڏينهن اچي رھندا ھئا. ان بعد وري بيبي خديجه رضه وٽ واپس ايندا ھئا، جيڪا کين وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جو سامان مھيا ڪندي ھئي. ھڪ ڏينهن جڏھن پاڻ غار حرا ۾ ھئا ته اوچيو مٿن وحي نازل ٿيو ۽ ملائڪ کين پڙھڻ لاءِ چيو. حضور ﷺ جن فرمايو ته آئون ته پڙھيل نه آھيان. پوءِ ملائڪ کين سورة العلق جون پھريون پنج آيتون جيڪي ”اِقرا بِاسِمِ رَبِڪ“ کان  شروع ٿين ٿيون پڙھي ٻڌايون.
ترجمو: پڙهه (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي سان، جنهن پيدا ڪيو، ڄميل رت مان انسان جي تخليق ڪئي، پڙهه ۽ تنهنجو رب وڏو ڪريم آھي. جنهن قلم جي ذريعي علم سيکاريو، انسان کي اھو علم ڏنو، جنهن کان ھو اڻ ڄاڻ ھو.
ھن جبل کي ڏسڻ لاءِ نه فقط حج ۽ عمري تي آيل ڌارين ملڪن جا ماڻھو پر مڪاني عرب باشندا به ٻارھوئي ايندا رھن ٿا، جبل جي چڙھائي ڪا ايڏي سولي نه آھي جو بيحد کڙکٻائتا ۽ اڀکڙا پٿر آھن. تنهن ھوندي به جبل جي قدمن کان وٺي چوٽي تائين ھزارين ماڻھو نظر آيا ٿي ۽ اھڙا ٻيڻا ٽيڻا ھيٺ بيھي دعا گھري رھيا ھئا. انهن ۾ جوان توڙي پوڙھا ۽ مختلف ملڪن جا ھئا. ان ڏينهن گھڻائي ترڪن، ملئي ۽ پاڪستانين جي ھئي. آئون مٿي چوٽي تائين نه ويس پر منهنجي ڊرائيور ٻڌايو ۽ آئون پاڻ به محسوس ڪري رھيو ھوس ته جوان ماڻھو کي چوٽيءَ تائين پھچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳيو وڃي ۽ بهترين وقت فجر نماز بعد آھي، جيئن وڌ ۾ وڌ نائين بجي ڌاري ماڻھو واپس ھيٺ پھچي وڃي. ڇو جو نائين بجي ڌاري سج جي سخت تپش ٿيو وڃي ۽ مٿي چڙھڻ ۾ تمام گھڻي ٿڪاوٽ ٿئي ٿي.
حسن عبدالحڪيم ٻڌايو ته جبل جي چوٽي تائين پھچڻ ۾ ٽي منزلون آھن. پھرين منزل ڏکي آھي ۽ اتان شروع ٿئي ٿي، جتي انگريزي، اڙدو ۽ عربي زبانن ۾ زيارت لاءِ آيل مھمانن لاءِ نوٽيس لڳل آھي ته ھو جبل تان ڪنهن به قسم جي خاڪ، پٿريون، ٻوٽا وغيره نه کڻن. چوٽي تائين پھچڻ جو ٻيو مرحلو ڪجهه گھٽ ڏکيو آھي جو پير رکڻ لاءِ اڇي رنگ سان پٿرن تي نشان ٿيا پيا آھن. يعني مٿي چڙھڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي قدم رکندو وڃجي. ھن اسٽيج تي پير رکڻ لاءِ ويجھا ويجھا پٿر آھن ۽ ڪٿي ڪٿي ته انهن کي ڏاڪن جي صورت ڏني وئي آھي. آخري ۽ ٽيون مرحلو تمام سولو آھي، رضاڪارن طرفان پٿرن جا ڏاڪا ٺاھيا ويا آھن، جن تي پير رکي مٿي وڃي سگھجي ٿو. ھن حصي ۾ ريسٽ ھائوس ٺھيل آھي، جتي زيارتي پاڻي، شربت، چانهن وغيره وٺي پي سگھن ٿا. ان کان علاوه ننڍڙيون ننڍڙيون سوغاتون، تسبيحون، منڊيون، مصلا وغيره وڪامن ٿا.
ڊرائيور کان ٻڌي تعجب لڳو ۽ پوءِ ساڳي ڳالهه 9 مارچ 2000ع جي سعودي عرب مان نڪرندڙ عربي اخبار ۾ به پڙھيم ته ”ڪجهه پاڪستاني ھڪ اٺ کي جبل جي چوٽي تائين وٺي ويا آھن ۽ پولرائيڊ ڪئميرا سان ماڻھن جا اٺ سان گڏ في فوٽو ڏھين ريالين ڪڍي رھيا آھن ۽ جيڪو پنهنجي ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ چاھي ٿو ته ان کان پنج ريال وٺن ٿا“. ان قسم جون ڳالھيون اسان پاڪستانين لاءِ ڪھڙي قسم جو Image ڏين ٿيون، ان جو اندازو توھان پاڻ ڪري سگھو ٿا. اخبار ۾ ان بابت مضمون ڏيندڙ عرب ليکڪ عمر الضمواحيءَ اھو لکيو آھي ته:
The camel, wearing a decorated saddle, belongs to some Pakistanis who have made a business using the unfortunate animal.
”جبل نور جي چوٽيءَ تان جيڪا سطح سمنڊ کان پنج سئو کن ميٽر مٿانهين آھي، سڄي مڪي شھر جو خوبصورت نظارو ٿئي ٿو“. ضرور ٿيندو ھوندو جو ھڪ ته مڪو شھر بلڪل سامھون آھي ۽ ٻيو ته ھتي نه يورپ جھڙو ڌنڌ آھي ۽ نه اسان جھڙن ملڪن جي شھرن جھڙو دونهاٽيل ماحول. ڪراچي ۽ ڪلڪتي جھڙن شھرن ۾ ايترو دونهون رھي ٿو جو ھوائي جھاز ٽي چار ميل ويجھو پھچي ٿو ته به عمارتون چٽيون نظر نه ٿيون اچن.
ڊرائيور ٻڌايو ته ان جبل (جبل نور) تي ڪيترائي گھر آھن، جيڪي سعودي عرب جي ھڪ اصل ۽ جھوني قبيلي ھدئيل جي ماڻھن جا آھن، جبل جي چوٽي چھنبائتي ھجڻ بدران سڌي (Flat) آھي ۽ پوءِ اتي غار جو منهن آھي.
اسان جي ھڪ پاڪستاني جيالاجسٽ مسٽر نصرت ڪمال صديقي جو به سال کن اڳ Dawn اخبار ۾ غار حرا بابت مضمون پڙھيو ھوم. ھو غار حرا تاريخ، آرڪلاجي ۽ جيالاجي جي خيال کان گھمڻ ويو. ھو نه فقط جبل نور جي چوٽي تي ويو پر اندر غار حرا  پڻ ويو. ھن جي مضمون موجب: ”ھي غار اھڙي ته لڪل ۽ خاموشي واري ھنڌ تي آھي، جو ڀلي کڻي ڪو جبل جي چوڌاري ڦيرو ڪري پر ھن کي ھيٺان خبر نه پئجي سگھندي ته ھن جبل جي چوٽيءَ تي ڪا غار آھي . مٿي پھچڻ بعد به اھا يڪدم نظر نه ٿي اچي. غار جو منهن ٽڪنڊو آھي .جنهن جو  120Base سينٽي ميٽر آھي ۽ Base کان مٿين ڪنڊ 175 سينٽي ميٽر آھي. بهرحال ماڻھو سوڙھو سنگھوڙو ٿي اندر وڃي سگھي ٿو. ڊگھي قد جو بيھي نه ٿو سگھي پر وڏا پٿر اھڙي طرح آھن، جو انهن تي آرام سان ڪرسيءَ وانگر ٽيڪ ڏيئي ويھي ۽ ليٽي سگھجي ٿو. ھتي ويھي حضور اڪرم ﷺ جن سوچيو ھوندو. پنهنجي خلقڻھار بابت، ان وقت معاشري ۾ موجود خرابين، بابت ڪعبي ۾ موجود بتن کي ختم ڪرڻ بابت. ھن مڪمل ماٺ ۽ اڪيلائي ۾ ھڪ اھڙي ھنڌ ويھي قدرت جو سوچيو، جتان کين سامھون مڪو شھر نظر آيو ٿي پر ساڳي وقت ھي جبل ڪو مڪي جي ويجھو به نه آھي. پکي وانگر سڌو اڏامي وڃجي ته به 5 ڪلوميٽر پري آھي“.
ھن غار جون ڪيتريون ئي خوبيون چيون وڃن ٿيون. غار ۾ ويھي سامھون ڪعبي تي نظر پوي ٿي. بيحد سانتيڪي غار آھي، جنهن کي ڪنهن جو ڳولڻ ۽ ان تائين پھچڻ سولو ڪم ناھي. جبل جي چوٽيءَ تي پھچڻ بعد به غار ۾ اندر گھڙڻ سولو ڪم ناھي. ھي غار بيحد ھوادار آھي، جنهن مان ھوا جو لنگهه آرپار ٿئي ٿو .سج جا ڪرڻا اندر تائين پھچن ٿا. ھي جبل ۽ غار جن پٿرن (Granitic Rocks) جو ٺھيل آھي. ان تي عربستان جھڙي سخت موسم ۾ به اثر نه ٿي ڪري سگھي ۽ جيئن ھيرن لاءِ چيو ويندو آھي ته:
Dimond are for ever
تيئن ھن قسم جي پٿرن لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته:
Granitic rocks are for ever
۽ ھي پٿر اڄ به ان اصلي حالت ۾ موجود آھن، جڏھن حضور اڪرم ﷺ جن ھن غار ۾ ويھي عبادت ڪندا ھئا ۽ انشاءَ الله دنيا جي خاتمي تائين اھي ان ئي صورت ۾ رھندا. ھنن پٿرن وٽان لنگھندي احساس ٿئي ٿو ته اڄ کان چوڏھن کن صديون اڳ حضور ﷺ جن ھتان لنگھيا ھئا، ھنن پٿرن کي ڇھندي زيارت لاءِ آيل ماڻھن کي اھو سوچڻ کپي ته انهن ئي پٿرن کي اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن ڇھيو ھوندو.
غار حرا يا جبل نور وٽ پھچي ھڪ مسلمان کي اھا به سوچ دماغ ۾ اچي ٿي ته ھي سڀ ڪجهه ھتان شروع ٿيو. حضور اڪرم ﷺ جن تي پھريون وحي 610ع ۾ ھتي لٿو. ان بعد ھنن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي. پھرين پنهنجن ويجھن عزيزن، مائٽن ۽ دوستن وٽ ۽ پوءِ 613ع ۾ ٻيو دفعو وحي لھڻ تي پاڻ ڪريم ﷺ جن کليو کلايو عام پبلڪ ۾ اسلام جي پرچار شروع ڪئي.
انسان جي تاريخ ۾ ھڪ صدي ڪا وڏي ڳالهه ناھي. اسان رڳو پنهنجو جائزو وٺون ته اڌ صدي ۾ ڇا ڪري سگھيا آھيون. جڏھن ته اڄ جي دور ۾ سائنس جي ترقي ڪري ھر سھولت موجود آھي پر اڄ کان چوڏھن صديون اڳ اسلام جو سوچجي ٿو ته ھڪ صدي اندر ڪٿان کان ڪٿان پھچي ويو. بقول پروفيسر ڪمال جي:
The spread of Islam was so phenomenal that in less than a centurythe Arab Bedouins, inspired by the Holy Quran and the examples of the Holy Prophet (PHUB), had carved out than empire streatching from sindh to Southern fance the largest empire the world had seen till then.

جبل ثور
ھي جبل مڪي شريف کان اٽڪل چار پنج ميل کن پري آھي. چڙھائي تمام اڀکڙي (Steep) اٿس ۽ جبل جي بلندي اٽڪل ڏيڍ ميل آھي، ھن جبل جي چوٽي وٽ اھا مشھور غار آھي، جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن ھجرت جي موقعي تي حضرت ابوبڪر صديق رضه جن سان گڏ ٽن راتين تائين قيام فرمايو ھو ۽ ڪافرن کين گرفتار ڪرڻ لاءِ چئني طرف سواريون موڪليون ھيون. ان کان علاوه ھڪ سئو اٺن جو انعام به مقرر ڪيو ھو. انهن مان ڪجهه سوار قدمن جي نشانن کي ڏسي غار جي منهن تائين اچي پھتا به ھئا، انهن مان شايد ھڪ ڄڻي اھو به چيو ته شايد ھن غار ۾ محمد ﷺ جن لڪل ھجن. ان تي ٻئي جواب ڏنس ته ھن ۾ ڪنهن جو به اندر وڃڻ نه ٿيو آھي، ڇو جو غار جي منهن وٽ ڪوريئڙي جي ٺھيل ڄار  قائم آھي ۽ ڪبوترن جا آکيرا پڻ آھن. ھي اھي ٻئي ڳالھيون ڏسي ٻئي پاسي ڳولا لاءِ ھليا ويا.
جبل ثور جي ھي غار ھڪ وڏي متبرڪ جاءِ آھي. چون ٿا ته دل سان گھربل دعا ھتي قبول ٿئي ٿي.

منى
مڪي معظم کان 5 ڪلوميٽر کن اوڀر ڏي جبلن جي وچ ۾ ھي ھڪ وادي ماٿري آھي، جتي حاجي حج وارا پنج ڏينهن گذارين ٿا. ھتي شيطانن (جمارن) کي پٿريون ھنيون وڃن ٿيون، جنهن کي رمي سڏجي ٿو. قرباني پڻ. ھتي (منى ۾) ڪئي وڃي ٿي.
اٺين8  ذوالحج تي ظھر نماز کان اڳ حاجي منى ۾ پھچي ويندا آھن ۽ ظھر (اڳھين) نماز کان وٺي ٻئي ڏينهن يعني 9 ذوالحج تائين ھتي پنج نمازون پڙھيون وڃن ٿيون. 9 ذوالحج تي حاجين کي منى کان عرفات وڃڻو پوندو آھي  ۽ رات جو واپس اچي مزدلفه ۾ ترسڻو پوندو آھي ۽ پوءِ 10 ذوالحج تي فجر نماز کانپوءِ مزدلفه کان وري منى لاءِ نڪرڻو پوندو آھي، جتي رمي جمار (شيطان کي پٿريون) ۽ قرباني ڪرڻي پوندي آھي. ان بعد مٿو ڪوڙائي احرام لاھڻو پوندو آھي ۽ مڪي وڃي طواف زيارت ڪبو آھي. طواف ۽ سعي ڪري وري رات اندر واپس منى موٽي اچڻو پوندو آھي ۽ باقي 2 ڏينهن 11 ۽ 12 ذوالحج جا به منى ۾ گذاربا آھن، ھي ٻئي ڏينهن ٽنهي شيطانن کي ست ست پٿريون ھڻڻيون پونديون آھن.
منى ۾ ٽن ھنڌن تي پٿرن جا چورس ٿنڀا ٺھيل آھن، جيڪي ٽن شيطانن کي Represent ڪن ٿا ۽ جمرات سڏبا آھن. پھرين کي جمرة الاوليٰ (وڏو شيطان) ٻئي کي جمرة الوسطيٰ (وچولو شيطان) ۽ ٽيون جمرة الصغرى (ننڍو شيطان) سڏجي ٿو. انهن شيطانن وٽ تختين تي عربي، اڙدو، انگريزي ۽ فارسي ۾ لکيل آھي ته ڪھڙو جمرو (شيطان) آھي. ھن وقت فقط وڏي شيطان جو فارسي نالو ”شيطان بزرگ“ ياد آھي.
منى ۾ تنبن کي باهه لڳڻ ڪري سعودي عرب جي حڪومت هاڻ Fire Proof ڪپڙي جا تنبو لڳرايا آھن. ھي تنبو 3 ملين چورس ميٽر ايراضي تي پکڙيل آھن، جن جي لڳائڻ تي جملي خرچ 2600 ملين سعودي ريال آيو آھي، پر اھو آھي ته ھاڻ منى وارا ڏينهن حاجي سڳورا سک ۾ گذارين ٿا. اٽڪل 44000 کن تنبو آھن، ھر تنبو کي ٿڌو رکڻ لاءِ ان ۾ Desert Cooler لڳل آھي. جيڪو ٿڌي ھوا مھيا ڪري ٿو. ڪولرن کي پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ 30 ڪلوميٽر ڊگھي پائيپ لائين آھي. سڄي ايراضيءَ ۾ ٻه لک کن بلب ٻرن ٿا ۽ اليڪٽرسٽي جي ورھاڱي لاءِ ٽي ھزار کن سئچ بورڊ آھن.
منى ۾ لڳل تنبن جي مختلف سائيز آھي. ڪي 8 باءِ 8 ميٽر چورس تنبو آھن. ڪي 8 باءِ 6 ميٽر آھن. ڪي 4 باءِ 4 ميٽر ته ڪي وري 12 باءِ 8 ميٽر آھن. انهن تنبن جي وچ ۾ ٿلھا پردا آھن، جيئن زالن لاءِ الڳ ۽ مردن لاءِ الڳ حصا ڪري سگھجن يا مختلف فئملين لاءِ ھڪ ئي تنبوءَ ۾ ڌار ڌار حصا ڪري سگھجن. تنبن جي ڇت اھڙي لاهه سان ٺاھي وئي آھي جو مينهن جو پاڻي تنبوءَ ۾ اچڻ بدران پاسي تي ٺھيل Catch Box ۾ گڏ ٿي پائيپ رستي Drain ٿيو وڃي. ھنن تنبن جي بناوت جو گھڻي ڀاڱي ڪم جپانين ڪيو آھي.
تنبن ۾ لڳاتار بجلي سپلاءِ ڪرڻ خاطر ٻه وڏا ايمرجنسي جنريٽر آھن. جيئن جيڪڏھن لائيٽ ھلي وڃي ته ھي جنريٽر آٽوميٽيڪلي ھلڻ شروع ڪري ڏين. منى ۾ پنج ڏينهن رھڻ دوران ماڻھن جي کاڌي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فقط انهن ڏينهن لاءِ 800 کن عارضي دڪان کوليا وڃن ٿا.
منى ۾ حاجين جي سھولت لاءِ 16000 غسلخانا ٺھيل آھن ۽ جملي 24000 صفائي ڪرڻ وارا ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا. پيئڻ جي پاڻي لاءِ مختلف ھنڌن تي 40 فوٽن جا 450 ڪولر لڳل آھن.
منى ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سلاٽر ھائوس ھن سال 2000ع کان شروع ٿيو آھي. جنهن ۾ ڏهه لک کن رڍون يا ٻڪريون ۽ 15 ھزار اٺ ۽ ڳئون نه فقط ذبح ڪري سگھجن ٿا پر صاف ڪري ورھائڻ لاءِ پڻ تيار ڪري سگھجن ٿا. ھر جانور ذبح ڪرڻ لاءِ فقط ڏهه ريال ورتا وڃن ٿا ۽ گوشت ٺاھڻ لاءِ 15 ريال في آھي.
قرباني کانپوءِ حاجين کي ٺوڙهه ڪرائڻي پوندي آھي. جنهن لاءِ ست سئو حجامن جي ويھڻ جو بندوبست جمرات واري پل ھيٺيان سعودي عرب جي حڪومت طرفان رکيل آھي. ٽيليفون جي سھولت لاءِ منى واري علائقي ۾ اٽڪل 16000 ٽيليفون لڳل آھن.
منى کي دنيا جو تنبن وارو شھر سڏجي ٿو ۽ منى اھو شھر آھي، جنهن ۾ سال جا فقط پنج ڏينهن لکھا ماڻھو رھن ٿا. (ھن سال انهن جو تعداد 30 لک ھو) پنجن ڏينهن بعد يعني 13 ذوالحج جي شام ڌاري اھو ھڪدم خالي نظر اچي ٿو. منى لاءِ مغربي دنيا ۾ اڪثر چيو ويندو آھي ته:
Mina is world's fastest populated city and fastest deserted city.
منى ۾ ٻه مسجدون آھن. ھڪ الخفيف مسجد جيڪا ڏاکڻي پاسي آھي. جنهن ۾ اڌ لک کن نمازي نماز پڙھي سگھن ٿا ۽ ٻي مسجد اتراھين پاسي ملڪ عبدالعزيز پل تي آھي، جنهن ۾ پندرھن ھزار کن نمازين جي جاءِ آھي.
مسجد الخفيف منى جي سڀ کان وڏي مسجد آھي. ھي اھا مبارڪ مسجد آھي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھتي ستر پيغمبرن نماز ادا ڪئي آھي. حضور اڪرم ﷺ جن ھن مسجد ۾ جتي وقوف فرمايو، اھا جاءِ محفوظ ڪئي وئي آھي. ان جاءِ تي نفل پڙھڻ سنت ۾ شمار آھي ۽ ھي جاءِ دعا جي قبول ٿيڻ جي آھي.

عرفات
مڪي معظم کان اڀرندي ڏي جبل رحمت وٽ اھو ميدان، جتي ھر سال 9 ذوالحج تي حج ٿئي ٿو. عرفات جي ميدان منى کان ست ميل (يارھن ڪلوميٽر کن) پري آھي.
نائين9  ذوالحج تي سج چڙھڻ بعد منى کان عرفات وڃڻ کپي ۽ بعد زوال کان 10 ذوالحج جي صبح تائين ڪجهه وقت اتي ترسڻ کپي. جنهن بابت تفصيل حج جي ڪتابن مان يا ديني معلومات رکندڙ عالمن کان معلوم ڪري سگھجي ٿو.
عرفات جي ميدان ۾ ترسڻ کي وقوف عرفات يا وقوف عرفه چئجي ٿو. عرفات جي ميدان ۾ ترسڻ حج جو رڪن اعظم آھي. ان بغير حج ٿي نه ٿو سگھي.

جبل رحمت
ھي جبل ميدان عرفات تي آھي، جنهن جي قدمن ۾ بيھي امام خطبو پڙھندو آھي ۽ جتي حضور اڪرم ﷺ جن حجت الوداع جو خطبو پڙھيو ھو. انهي جبل کي جبل عرفات به چون ٿا جو ھتي حضرت آدم عليه السلام ۽ بي بي حوا ٻنهي جي جنت مان نڪرڻ بعد ملاقات ٿي ھئي ۽ توبه قبول ٿي ھئي.

ضب
مسجد خفيف سان مليل ھڪ ٽڪري جتان عرفات ڏي ويندڙ حاجين جو گذر ٿيندو آھي.

مزدلفه
ھي عرفات ۽ منى جي وچ ۾ ميدان آھي. مزدلفه، منى کان اوڀر ڏي اٽڪل 2 ميل پري آھي.
حاجي نائين ذوالحج تي شام جو سج لھڻ بعد عرفات جي ميدان تان مزدلفه پھچندا آھن ۽ مزدلفه ۾ سانجھي ۽ سومھڻي نماز گڏي پڙھندا آھن. پھرين سانجھي جو فرض ۽ پوءِ سومھڻي جو فرض. ان بعد ھرھڪ جون سنتون ۽ آخر ۾ سومھڻي (عشاءِ) جو وتر پڙھبو آھي. رات مزدلفه ۾ گذارڻ بعد حاجي 10 ذوالحج تي سج اڀرڻ کان اڳ منى ڏي روانا ٿي ويندا آھن.

جنت المعلى
ھي مڪي شريف جو مشھور ۽ تاريخي قبرستان آھي. ھتي ڪيترن ئي صحابين، اوليائن ۽ بزرگن جون قبرون آھن. ھتي حضور اڪرم ﷺ جن جي پھرين گھر واري ام المومنين حضرت خديجة الڪبرى رضه جن به آرام فرما آھن.
ھي قبرستان مديني واري قبرستان جنت البقي کان پوءِ دنيا ۾ نهايت ڀلارو قبرستان آھي. وچ مان رستو وھڻ ڪري ھي قبرستان ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. اتراھين حصي ۾ جيڪو منى طرف آھي. ھڪ ڪمپائونڊ ٺھيل آھي. جنهن اندر حضرت خديجه رضه ۽ حضور جن جي وڏن جون قبرون آھن. عرب ۽ انڊو پاڪ جي مشھور عالم حاجي امداد الله مھاجر مڪي جي قبر پڻ ھتي آھي.
ھن قبرستان جي زيارت به مسنون آھي. اتي وڃي ماڻھو درود شريف، سورة فاتحه، سورة اخلاص ۽ ياسين شريف وغيره پڙھي ارواح مقدس کي ثواب پھچائين ٿا ۽ پنهنجي مغفرت لاءِ دعا گھرن ٿا.
ھي قبرستان مسجد الجن جي ڀرسان غازا روڊ تي آھي ۽ اھو رستو منى ڏي وڃي.

مسجد الجن
ھن تاريخي جاءِ تي حضور اڪرم ﷺ جن کان جنن ڪلام پاڪ ٻڌو ھو. ان ڪري ھن جاءِ جو نالو مسجد جن پئجي ويو. ھي مسجد مڪي شريف جي قبرستان جنت المعلى جي ڀرسان آھي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي ويو آھي. ھن مسجد کي بيعت مسجد پڻ سڏجي ٿو. ھن مسجد جي سامھون ھڪ ٻي تاريخي مسجد اشجره پڻ آھي.
جنن جو حضور پاڪ ﷺ جن کان قرآن شريف ٻڌي پنهنجي قوم ۾ اسلام جي تبليغ ڪرڻ جو واقعو تفصيل سان قرآن شريف جي سورة نمبر 72 الجن ۾ آھي.
بخاري ۽ مسلم ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضه کان روايت آھي ته رسول الله ﷺ جن پنهنجن ڪجهه اصحاب سڳورن سان گڏ بازار عڪاظ ڏي وڃي رھيا ھئا. واٽ تي نخله نالي ھنڌ تي پاڻ ڪريم ﷺ جن صبح جي نماز پڙھائي. ان وقت جنن جو ھڪ ٽولو اتان اچي لنگھيو. تلاوت جو آواز ٻڌي ترسي پيا ۽ غور سان قرآن پاڪ ٻڌندا رھيا. ان واقعي جو ذڪر سورة الجن ۾ آھي. ھي واقعو نبوت جي شروعات واري دور جو آھي.

جبل ابو قيس
ھي جبل صفا جي ويجھو بيت الله شريف جي بلڪل سامھون آھي ۽ مڪي جي پھاڙين ۾ سڀ کان گھڻو افضل آھي. حضرت ابن عباس رضه کان روايت آھي ته جبل ابو قيس سڀ کان پھريون جبل آھي، جيڪو دنيا جي سطح تي نظر آيو ۽ ٻي روايت موجب طوفان نوح عليه السلام کانپوءِ حجر اسود ھن ئي جبل تي امانت طور محفوظ رھيو. حضور ﷺ جن جي معجزي شق القمر ـ آڱر جي اشاري سان چنڊ جا ٻه ٽڪرا ڪرڻ جو جنهن مشھور واقعي جو بيان قرآن ڪريم ۾ پڻ آيو آھي. ھن ئي جبل تي دنيا وارن کي ڏيکاريو ويو ھو.
ھن جبل تي ھڪ ننڍي مسجد آھي، جيڪا مسجد بلال رضه جي نالي سان مشھور آھي. ھن مسجد ۾ نفل پڙھڻ ۽ دعا گھرائڻ ثواب جو ڪم آھي.

مسجد الڪبش
ھي اھا جاءِ آھي، جتي حضرت ابراھيم عليه السلام، حضرت اسماعيل عليه السلام کي ذبح ڪرڻ لاءِ وٺي آيو ھو. ان وقت ھتي ڪا مسجد نه ھئي ھڪ وڏو ڪاري رنگ جو پٿر رکيل ھو.
ھن مسجد جي زيارت ڪرائيندي بنگالي ٽئڪسي ڊرائيور چيو ته ھن ھنڌ تي ان دعا کان علاوه ٻي ڪھڙي دعا گھرجي ته الله تعاليٰ اسان کي به پنهنجي سچي محبت ۽ فرمانبرداري عطا فرمائي. جنهن جو ثبوت حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام ھن مبارڪ ھنڌ تي صديون اڳ ڏنو ھو.

دار خديجة الڪبرى
ھن مبارڪ مقام تي حضرت فاطمه رضه ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جو ٻيو اولاد حضرت قاسم رضه، حضرت عبدالله رضه، حضرت زينب رضه، حضرت رقيه، حضرت ام ڪلثوم رضه پيدا ٿيون ھيون.
ھي تاريخي جاءِ شارع فيصل تي ھڪ گھٽي ۾ موجود آھي. ھتي ھڪ دارالحفاظ قائم ڪيو ويو آھي، جتي ٻار قرآن پاڪ حفظ ڪن ٿا.

مولود النبي
يعني حضور اڪرم ﷺ جي جنم وٺڻ جي جاءِ. ھي گھر قشاشيه محلي ۾ شوق اليل نالي گھٽي  ۾آھي. ھن جاءِ ۾ پھرين ڊاهه ڊوهه اچي وئي ھئي پر ھاڻ الله جي فضل سان ھتي ھڪ شاندار عمارت ٺاھي وئي آھي، جنهن ۾ ھڪ ڪتبخانو ۽ ھڪ مدرسو قائم ڪيو ويو آھي ۽ ھي عمارت مڪتبه مڪةالمڪرمه پڻ سڏجي ٿي. جاءِ کي وڏو ڪرڻ ڪري ھاڻ اھو گھر رستي جي بلڪل ڪناري تي ٿي پيو آھي ۽ ھن رستي جو نالو شارع ملڪ سعود رکيو ويو آھي.

No comments:

Post a Comment