Friday, February 03, 2012

مختلف شين جي ڄاڻ - الطاف شيخ


مختلف شين جي ڄاڻ
 الطاف شيخ
ڪجهه اھڙيون شيون آھن جن جي ڄاڻ / معلومات ھر حاجيءَ لاءِ ضروري آھي ۽ انهن شين سان ھن جو ھر وقت واسطو پوي ٿو. حج جون ڳالھيون ٻڌڻ يا ھن قسم جا سفر ناما پڙھڻ وارو ان وقت ھيڪاندو گھڻو شوق رکي ٿو، جڏھن ھن کي حج سان واسطو رکندڙ شين جي ڄاڻ آھي. انهن جي تاريخي يا مذھبي حيثيت کان آگاهه آھي. جيئن گذريل چئپٽر ۾ احرام ۽ ميقات بابت لکي چڪو آھيان. اھڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آھن، بلڪ ڪيترا ته عربي جا لفظ آھن. جن سان حج دوران واسطو پوي ٿو. مثال طور: طواف، سعي، رمل، رمي، صفا مروه، ملتزم، مقام ابراھيم، منى، مزدلفه، عرفات، حطيم، ميزاب رحمت وغيره وغيره. ھتي ڪجهه شين جي معنى، سمجھاڻي، تاريخي حيثيت وغيره لکڻ ضروري سمجھان ٿو، ڇو جو آءٌ پڻ حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ جڏھن حج بابت ليڪچر ٻڌندو ھوس يا ڪتاب پڙھندو ھوس ته سمجهه ۾ نه ايندو ھو ته رمي، رمل، سعي، ملتزم، استلام، اضطباع وغيره ڇا آھي ۽ پوءِ اھو ليڪچر يا ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ نه ايندي ھئي. انڪري جلد ئي اھي اھم لفظ معلوم ڪرڻا پيا.


مسجد الحرام
مڪي شريف جي اھا مسجد جنهن ۾ ڪعبو يعني بيت الله (الله جو گھر) آھي. ھن مسجد لاءِ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ اڪثر Grand Mosque of Mecca لکيل ھوندو آھي.

ڪعبو يا بيت الله
الله تعاليٰ جو گھر جنهن جو حج ۽ طواف ڪيو وڃي ٿو. ھن مقدس گھر کي خانه ڪعبه يا ڪعبة الله پڻ سڏجي ٿو. ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان پھريون ھي گھر آھي. جيئن قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آھي.
”بيشڪ سڀ کان پھريون گھر جو ماڻھن (جي عبادت) لاءِ تجويز ڪيو ويو، اھو آھي جيڪو مڪي ۾ آھي“.
ھڪ روايت موجب ھي گھر پھرين ملائڪن ٺاھيو. ان بعد حضرت آدم عليه السلام ملائڪن جي مدد سان ھن جي تعمير ڪئي. ٽيون دفعو شيث عليه السلام جو نالو ڪعبي جي ٺاھيندڙن ۾ اچي ٿو.
طوفان نوح ڪري ھيءَ عمارت غائب ٿي وئي. چوٿون دفعو حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي ھٿن سان بيت الله جي تعمير ٿي.
پنجون دفعو جرھم قوم(جن ۾ حضرت اسماعيل عليه السلام جي شادي ٿي) نئين سنئين ڪري ٺاھيو.
ڇھين دفعي عمالقه (جيڪو مصر ۽ شام جو حاڪم ھو) ڪعبو شريف ٺھرايو. ستين دفعي اھا سعادت مڪي جي قريش جي حصي ۾ آئي. ان وقت حضور ﷺ جن 24 سالن جا ھئا. ان تعمير ۾ پاڻ به حصو ورتائون.
اٺون دفعو، بيت الله کي حضرت عبدالله بن زبير حضور ﷺ جن جي خواھش مطابق حضرت ابراھيم عليه السلام جي قائم ڪيل بنيادن تي ٺاھيو ۽ حطيم کي ڪعبي شريف سان ملائي ڇڏيو. ان وقت ڪعبي شريف جا ٻه دروازا رکيا ويا ھئا. ھڪ اندر داخل ٿيڻ جو ٻيو ٻاھر نڪرڻ جو.
نائين دفعي حجاج بن يوسف ڪعبي شريف کي قريش جي رکيل بنيادن تي تعمير ڪرايو ۽ ڏکڻ وارو دروازو بند ڪرائي ڇڏيو ۽ حطيم کي وري الڳ رکيو. اھڙي طرح ڪعبو شريف عھد نبوي صلعم واري تعمير تي اڄ تائين قائم آھي ۽ ان کانپوءِ ڪعبي شريف ۾ ڪابه ردوبدل نه آئي آھي. البت ھن جي مرمت ۾ ترڪ حاڪم سلطان مراد شاندار حصو ورتو.
ھاڻ موجوده دور  ۾ويهه پنجويهه سال اڳ شاهه سعود جي حڪومت ۾ ڪعبي جي مرمت ٿي. ان دفعي ڇت سڄي بدلائي وئي ۽ ڪعبي جو دروازو سون چانديءَ جو ٺھرايو ويو.
حجر اسود جي ساڄي پاسي بيت الله جو دروازو آھي، جيڪو زمين کان اٽڪل ست فوٽ مٿي آھي. ڪعبي ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڻ رکي وڃي ٿي.

خانه ڪعبي جو غسل
سال ۾ ٻه دفعا بيت الله شريف کي اندران غسل ڏنو وڃي ٿو. ھڪ دفعو حج جي موسم ۾ يعني ستين ذوالحج تي ۽ ٻيو دفعو محرم ۾ جڏھن سڀ حاجي پنهنجي وطن روانا ٿي وڃن ٿا. ھي رواج حضور ﷺ جن جي زماني کان ھلندو اچي. اڄ به بادشاهه ۽ سلطنت جا خاص خاص ماڻھو اچي ڪعبي شريف کي آب زم زم، گلاب، مشڪ عنبر سان غسل ڏين ٿا.

ڪعبي جو احرام
بيت الله شريف کي ستين ذوالحج واري ڏينهن تي غسل ڏيڻ کانپوءِ احرام ٻڌو وڃي ٿو. يعني بيت الله جي ھيٺين حصي ۾ سفيد چادر ٻڌي وڃي ٿي. پوءِ ڏھين ذوالحج تي نئون غلاف چڙھايو وڃي ٿو ۽ پراڻو غلاف ھونءَ ته وڪرو ڪيو ويو ٿي، يعني ماڻھو تبرڪ طور تي ننڍا ننڍا ٽڪر خريد ڪري ويا ٿي ۽ فريم ڪري گھرن ۾ رکيو ٿي. اڄڪلهه فروخت نٿو ڪيو وڃي. شاھي مھمانن کي تحفي طور پيش ڪيو وڃي.
ھڪ عرصي تائين ھي غلاف مصر جي حڪومت لکن جي خرچ تي تيار ڪرائي موڪليو ٿي پر ھاڻي 1962ع کان وٺي سعودي حڪومت ان جو بندوبست پاڻ ڪري ٿي.

حجرا سود
ھي ڪاري رنگ جو پٿر آھي. روايت آھي ته حضرت آدم عليه السلام کي جڏھن جنت مان ڪڍيو ويو ھو ته ھن اھو پٿر نشاني طور پاڻ سان آندو ھو. پر ڪن جو چوڻ آھي ته ھي پٿر ڪعبي جي تعمير وقت حضرت جبرائيل عليه السلام حضرت ابراھيم عليه السلام کي آڻي ڏنو. جنت مان اچڻ وقت ھي پٿر کير جھڙو اڇو ھو پر آدم جي اولاد جي گناھن ھن کي ڪارو ڪري ڇڏيو آھي. ھي پٿر بيت الله جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ ۾ کتل آھي. ھن جي چئني پاسن کان چانديءَ جو فريم چڙھيل آھي.
موقعو ملڻ تي حجر اسود کي چمڻ مسنون آھي. يعني سنت جو ڪم آھي. چمڻ ممڪن نه ھجي ته ھٿ سان ڇھي ھٿ چمڻ کپن ۽ جي ھٿن سان به نه ڇھي سگھجي ته پري کان چمڻ جو اشارو ڪجي ته به مسنون آھي. حجر اسود کي ڇھڻ يا اشارو ڪرڻ وقت بسم الله الله اڪبر يا رڳو الله اڪبر چوڻ پڻ سنت ۾ شمار آھي.
حضرت عبدالله بن عمر رضه جو چوڻ آھي ته مون حضور ﷺ جن کي اھو فرمائيندي ٻڌو ته حجر اسود ۽ رڪن يماني کي ڇھڻ سان گناهه ميسارجيو وڃن. (اھو ابن خزيمه روايت ڪيو آھي).
حضرت عبدالله بن عمر رضه جن جو اھو پڻ چوڻ آھي ته نبي اڪرم ﷺ بيت الله شريف جي طواف لاءِ ايندا ھئا ته حجر اسود جو استلام (Receive) ڪندا ھئا ۽ ان وقت بسم الله الله اڪبر چوندا ھئا.
حضرت عبدالله بن عباس رضه جو چوڻ آھي ته، حضور ﷺ عليه وسلم جن حجر اسود بابت ھيءَ ڳالهه ارشاد فرمائي، ”الله جو قسم! قيامت واري ڏينهن تي الله تعاليٰ حجر اسود کي اھڙي طرح اٿاريندو ڄڻ ھن کي به اکيون ھجن جن سان ھو ڏسندو ۽ ھن کي زبان ھوندي جنهن سان ھو ڳالھائي سگھندو ۽ ھر ان شخص جي حق ۾ شاھدي ڏيندو، جنهن ايمان سان گڏ ھن کي ڇھيو ھوندو.“ (اھو ترمذي روايت ڪيو).
پاڻ ڪريم ﷺ وسلم جن طواف وقت رڪن يماني واري ڪنڊ کان وٺي حجر اسود تائين ھيءَ دعا گھرندا ھئا.
”ربنا آتنا في الدنيا حسنته و في الآخرت حسنت وقنا عذاب النار“
(اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا فرمائي ۽ آخرت ۾ به ڀلائي عطا فرماءِ ۽ باهه جي عذاب کان بچائجانءِ)

رڪن يماني
بيت الله جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ جنهن جو رخ يمن ڏي آھي.

رڪن عراقي
بيت الله جي اتر اوڀر واري ڪنڊ جيڪا عراق طرف آھي.

رڪن شامي
بيت الله جي اولهه اتر واري ڪنڊ جنهن جو رخ شام ڏي آھي.

حطيم
ڪعبة الله جي ناري واري ڀت جي سامھون ننڍڙي گول ڀت آھي. ان جي اندرين حصي کي حطيم سڏجي ٿو. ھي حصو خانه ڪعبه ۾ شامل آھي. نبي ڪريم ﷺ جن جي مبارڪ زماني ۾ ڪعبي جي تعمير وقت ڪنهن سبب ڪري ھيءَ جاءِ خالي ڇڏي وئي ھئي ھن حصي ۾ نماز ادا ڪرڻ خانه ڪعبه جي اندر نماز پڙھڻ برابر آھي. طواف ڪرڻ وقت ھن حصي کي ڪعبي سان شامل ڪرڻ واجب آھي. حطيم برڪتن واري جاءِ آھي. نفل نماز يا استغفار جو موقعو ھن جاءِ تي ملي وڃي ته ضرور ڪجي.
حضرت عائشه رضه سکا ڪئي ھئي ته جڏھن مڪو شريف فتح ٿيندو ته ڪعبي اندر ٻه رڪعتون نماز ادا ڪنديس. جڏھن مڪو فتح ٿيو ته ام المومنين رضه ڪعبي ۾ نماز ادا ڪرڻ چاھي ته حضور ﷺ جن فرمايو ته، تون حطيم ۾ ئي نماز ادا ڪر، ڇو جو حطيم ۾ نماز پڙھڻ ڪعبي جي اندر نماز پڙھڻ برابر آھي.

ملتزم
خانه ڪعبي جو اھو حصو جيڪو حجر اسود ۽ ڪعبي جي دروازي جي وچ ۾ آھي ان کي ملتزم سڏجي ٿو. ملتزم جي معنى چنبڙڻ جي آھي. ھتي ماڻھو ڪعبي جي ڀت جي ان حصي کي چھٽي رئندي رئندي رب پاڪ کان دعا گھرن ٿا. ان ڪري ان جو نالو ملتزم آھي ۽ ھيءَ دعائن جي قبوليت جي جاءِ آھي. پاڻ ڪريم ﷺ جن ھن جاءِ تي رئندي دعائون گھريون ھيون. ھيءُ بيحد متبرڪ جاءِ آھي ان ڪري ھن ھنڌ تي ھر وقت ماڻھن جو ھجوم رھي ٿو. توھان کي ھر ھڪ اھائي نصيحت ڪندو ته ٻين کي تڪليف ڏيڻ بنا توھان کي ملتزم وارو ھنڌ ڇھڻ جو موقعو ملي ته ھن کي چھٽي رب پاڪ کان نهايت عاجزي سان ضرور دعا گھرو. توھان الله جي گھر جي در جي چانئٺ وٽ ئي بيٺا آھيو.

استلام ڪرڻ
حج کان اڳ حج بابت اٽينڊ ڪيل ليڪچرن ۾ توڙي حج دوران ھي لفظ استلام ضرور ٻڌندائو. حجر اسود جي سامھون ٿي بيھڻ ۽ ان کي چمڻ يا ھٿن سان ڇھي ھٿن کي ڇھڻ يا لڪڻ سان ڇھڻ يا پري کان ھٿن جي اشاري سان ڇھي ھٿن کي چمڻ استلام ڪرڻ آھي. استلام ڪرڻ سنت آھي ۽ حضور ﷺ عليه وسلم جن مٿين طريقن سان ڪري ڏيکاريو آھي.
طواف، حجر اسود جي سامھون کان بيھي استلام ڪري شروع ڪجي ۽ طواف جي ستن چڪرن (شوطن) مان ھر چڪر (شوط) پورو ڪرڻ تي حجر اسود جي سامھون بيھي استلام ڪجي، حاجين جي سھوليت لاءِ حجر اسود جي سامھون فرش تي ٿلھي ڪاري رنگ جي پٽي ٺاھي وئي آھي، جيئن پري کان طواف ڪندڙ کي به خبر پئجي وڃي ته ھو ھاڻ حجر اسود جي سامھون اچي ويو آھي ۽ ان پٽي تي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ بيھي استلام ڪري وٺي. اتي ڪاري پٽي کان علاوه سائي رنگ جي ٽيوب لائيٽ به ٻرندي رھي ٿي، رش ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن ٿيڻ يا گم ٿيڻ تي اڪثر اھا سائي بتي نشاني طور رکي ويندي آھي ته گم ٿيل ماڻھو اتي اچي ترسي ۽ پنهنجي ساٿين جو انتظار ڪري.

ميزاب رحمت
ڪعبة الله جي ڇت تي ٺھيل نارو (نيسارو) جتان مينهن جو پاڻي ھيٺ ڪري ٿو، ان ھنڌ کي ميزاب رحمت سڏجي ٿو. ھن ناري جي ھيٺان قبوليت لاءِ دعائون گھريون وڃن ٿيون.

مقام ابراھيم
ڪعبة الله جي دروازي کان ڪجهه وکن تي ھڪ شيشي جو خانو رکيل آھي، جنهن ۾ چانديءَ جي فريم ۾ ڍڪيل ھڪ پٿر آھي. ھن پٿر تي حضرت ابراھيم عليه السلام جي پير مبارڪن جا نشان ٺھيل آھي. پاڻ ھن پٿر تي بيھي ڪعبي جي تعمير فرمائي ھئي. روايت آھي ته ھن پٿر لفٽ طور ڪم ڪيو ٿي ۽ اھڙي طرح حضرت ابراھيم عليه السلام کي ڪعبي جون ڀتيون ٺاھڻ وقت ھيٺان کان مٿي تائين پٿر رکڻ ۾ آساني رھي. ھن جاءِ کي، جتي اھو پٿر رکيل آھي، مقام ابراھيم سڏجي ٿو.
ھيءَ اھا متبرڪ جاءِ آھي جتي دعائون قبول ٿين ٿيون. طواف پورو ڪرڻ بعد زائرين مقام ابراھيم وٽ (جيڪڏھن مڪروه وقت نه آھي ته) ٻه رڪعتون نماز واجب الطواف ادا ڪن ٿا. (ھونءَ مقام ابراھيم وٽ جاءِ نه ملي ته زوريءَ ڌڪا ٿيلھا ڏئي ٻين کي ھٽائي اتي نماز پڙھڻ بدران مسجد الحرام ۾ ڪٿي به نماز ادا ڪري سگھجي ٿي).
رب پاڪ قرآن مجيد ۾ مقام ابراھيم جو ٻن ھنڌن تي ذڪر فرمايو آھي.
”۽ مقام ابراھيم کي نماز جي جاءِ ٺاھي ڇڏيو.“ (البقرت: 125)
” ھن (خانه ڪعبه ۾) ظاھر ظھور نشانيون آھن. جن مان ھڪ مقام ابراھيم آھي. (آل عمران: 97)

مقام جبرائيل
ڪعبي جي دروازي جي سامھون اٺ کن چورس فوٽ جاءِ آھي. جتي رسول الله ﷺ جن حضرت جبرائيل عليه السلام سان گڏ نماز ادا فرمائي ھئي.

باب السلام
عھد نبوي ۾ باب السلام اھو دروازو ھو جنهن مان لنگھي ماڻھو حرم پاڪ ۾ آيا ٿي. اڄڪلهه اھو دروازو نه آھي پر ان جاءِ تي سنگ مرمر جا ٻه ٿنڀا ۽ انهن مٿان خوبصورت محراب ٺھيل آھي. اڄڪلهه جيڪو دروازو ھن محراب جي بلڪل سامھون آھي اھو باب السلام سڏجي ٿو. عمري جي طواف لاءِ ھن دروازي مان حرم پاڪ ۾ داخل ٿيڻ افضل آھي.

طواف
خانه ڪعبه جي چوڌاري ست ڦيرا ڪرڻ کي طواف سڏجي ٿو. ھر ڦيري کي ”شرط“ سڏجي ٿو. حج توڙي عمري لاءِ طواف ڪرڻ ضروري آھي. ان کان علاوه به ڪو چاھي ته ڪيترا به طواف ڪري سگھي ٿو. طواف حجر اسود کان شروع ٿئي ٿي، جتي نشاني خاطر زمين تي ڪاري ليڪ نڪتل آھي ۽ مٿان سائي بتي پڻ ٻري ٿي ۽ تختيءَ تي عربي، اڙدو ۽ انگريزي ۾ لکيل آھي ته: ”طواف ھتان شروع ٿئي ٿو.
عمري لاءِ آيل زائرين مڪي پھچڻ سان طواف ڪن ٿا. اھو طواف احرام جي حالت ۾ احرام وارين چادرين ۾ ڪيو وڃي ٿو. حج تي آيلن لاءِ 10 ذوالحج کان 12 تائين طواف ڪرڻ کپي. حج لاءِ پڻ اھو طواف عمري وانگر فرض آھي. ان طواف کي طواف زيارت، طواف فرض، طواف حج ۽ طواف رڪن پڻ سڏجي ٿو.
ڏھين ذوالحج تي منى ۾ وڏي شيطان کي ست پٿريون ھڻڻ کان پوءِ قرباني ڪئي وڃي ٿي. جنهن بعد مٿي جا وار لھرائي احرام جو وڳو لاھي عام ڪپڙا پائي ھر ڪو مڪي اچي ھي طواف ڪري ٿو، ڪو ڏھين تاريخ ھي طواف (طواف زيارت) نٿو ڪري سگھي ته ھو يارھين يا ٻارھين به ڪري سگھي ٿو. بهرحال اھي ٽئي ڏينهن بيحد گھڻي رش رھي ٿي جو انهن ٽن ڏينهن اندر حج لاءِ آيل  سڀني حاجين کي طواف ڪرڻو پوي ٿو.
طواف اھڙي شيءَ آھي جيڪو جنهن وقت وڻي ۽ جيترا دفعا وڻي ڪري سگھجي ٿو، جنهن جو تمام گھڻو اجر آھي. آخر ۾ مڪي مان رخصت ٿيڻ وقت طواف وداع ڪرڻ ضروري آھي. ھي طواف ھر آفاقي تي واجب آھي. آفاقي اھو ماڻھو آھي جيڪو مڪي جي حدن کان ٻاھر رھي ٿو، جيئن اسين پاڪستاني آفاقي ٿياسين.
طواف جي ستن ڦيرن مان پھريان ٽي ڦيرا ٿورو تکو تکو ھلڻ کپي، تڪڙين تڪڙين ۽ ننڍين وکن سان ڪنڌ لوڏي فوجين وانگر ھلڻ کپي. ان عمل کي رمل سڏجي ٿو.
ياد رھي ته ذوالقعد 7 ھجري ۾ رسول اڪرم ﷺ عمري لاءِ مڪي شريف آيا ته مشرڪين مڪه مسلمانن کي ڏسڻ  لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن کي اھو شڪ ھو ته مديني منوره جي آبهوا مسمانن کي ڪمزور بنائي ڇڏيو ھوندو بهرحال حضور ﷺ جن صحابن رضه کي دوران طواف پھرين ٽن چڪرن ۾ تکو تکو ڊوڙڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي رمل چئجي ٿو. مشرڪن جڏھن مسلمانن کي ائين چاق و چوبند ڏٺو ته چوڻ لڳا، ”ھي ماڻھو جن جي باري ۾ اسين سمجھي رھياھئاسين ته بخار ۽ بيمارين ھنن کي ڳاري رکيو ھوندو، ھي ته طاقتور ماڻھن کان به وڌيڪ طاقتور ۽ چست لڳي رھيا آھن.“ اھڙي طرح حضور ﷺ جن جي حڪمت عملي سان مشرڪن جي غلط فھمي دور ٿي وئي.
عمري واري طواف، حج بعد طواف زيارت ۽ مڪو شريف ڇڏڻ وقت طواف وداع ۾ رمل ڪرڻ کپي جو انهن طوافن بعد سعي پڻ ڪجي ٿي. (صفا ۽ مروه جبلن جي وچ ۾ ڦيرا ڪرڻ کي سعي سڏجي ٿو.) انهن طوافن کان علاوه عام طواف ۾ رمل جي ضرورت ناھي. يعني ھر اھو طواف جنهن بعد سعي نٿي ڪجي ان ۾ رمل جي ضرورت ناھي. ٻي ڳالهه ته جنهن طواف بعد سعي ڪرڻ ضروري آھي ان طواف ۾ جيڪڏھن احرام ۾ آھي ته مٿين چادر ساڄي ڪڇ ھيٺان ڪڍي کاٻي ڪلھي تي رکڻ کپي. ان کي اضطباع سڏجي ٿو.
ڏٺو وڃي ته حج ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناھي. نماز پڙھڻ ۾ ئي اسين ڪيتريون ڳالھيون سکون ٿا، جيئن ته وضو ڪرڻ، نماز جي نيت ڪرڻ، نمازن جا مختلف قسم يعني فرض، سنت، نفل وغيره ۽ نماز ۾ مختلف Actions جيئن ته رڪوع، سجدو، سلام ورائڻ ۽ نماز لاءِ خاص ڪپڙن جو ھجڻ وغيره وغيره. اھڙي طرح حج جي فرض ۾ ته ڪيتريون ئي ڳالھيون اچن ٿيون، جن لاءِ بهتر آھي ته حج تي روانو ٿيڻ کان اڳ انهن جي تعليم ۽ تربيت وٺجي ۽ ان بابت حج جا ڪتاب چڱي طرح پڙھجن.
خانه ڪعبه جي چوڌاري ست ڦيرا ڪرڻ کي طواف سڏجي ٿو پر صحيح طرح طواف ڪرڻ لاءِ طواف جي نيت ڪرڻ، صحيح جڳهه کان شروع ڪرڻ، رمل ۽ اضطباع جھڙين شين جي ڄاڻ پڻ ضروري آھي. ھونءَ ڪا شيءَ رھجي وڃي ٿي ته الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آھي، ھو ضرور بخش ڪندو پر اسان  لاءِ اھو ضروري آھي ته ٿوري تڪليف وٺي حج سان واسطو رکندڙ ڳالھين جي ڄاڻ ۽ تربيت وٺي پوءِ حج لاءِ روانو ٿجي ته وڌيڪ افضل آھي، جيئن ھر ڳالهه صحيح ڪري وڌيڪ ثواب ماڻي سگھجي.
ڪعبة الله جي چوڌاري جتي طواف ڪجي ٿو ان جاءِ کي مطاف سڏجي ٿو. توھان اڪثر ماڻھن کان اھو ٻڌندائو ته اڄ مطاف ۾ نماز پڙھڻ جي سعادت حاصل ٿي ـ معنى ڪعبة الله جي بلڪل ويجھو جتي طواف لاءِ چڪر ھڻجن ٿا اتي نماز پڙھڻ جي جاءِ ملي وئي.
حديث شريف ۾ روايت آھي ته، ملائڪن ۾ الله جي نظر ۾ سڀ کان گھڻي بلند مرتبي وارو اھو فرشتو آھي، جيڪو ھن جي عرش مولى جو طواف ڪري ٿو ۽ زمين وارن ۾ سڀ کان بهتر اھو انسان آھي جيڪو خانه ڪعبه جو طواف ڪري ٿو.
طواف دوران مختلف دعائون گھري سگھجن ٿيون، جن جو تفصيلي احوال حج وارن ڪتابن ۾ ملي ٿو. ھي ڪتاب ھڪ عام قسم جو فقط سفرنامو آھي جنهن مان سفر بابت آئيڊيا لڳائي سگھجي ٿي.

سعي
صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڦيرا لڳائن کي سعي سڏجي ٿو. صفا ۽ مروه دراصل ٻه ٽڪريون ھيون، جيڪي ھاڻي نه برابر وڃي رھيون آھن. انهن جي ڀرسان ئي اھا جاءِ ھئي جتي حضرت ابراھيم عليه السلام الله تعاليٰ جي حڪم جي پيروي ڪندي پنهنجي گھر واري حضرت ھاجره ۽ ٿڃ تي ٻار حضرت اسماعيل عليه السلام کي ڇڏي ويو ھو. پاڻيءَ جي ڳولھا ۾ بيبي ھاجره صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست ڀيرا ڊوڙون پاتيون، انهن ٽڪرين جي وچ ۾ زمين جو ڪجهه حصو ھيٺائين تي ھجڻ ڪري اتي پھچڻ مھل بيبي حاجره جي نگاهه معصوم اسماعيل عليه السلام تي نٿي پيئي. ان ڪري ان ھنڌ وٽان لنگھڻ مھل ھوءَ تکو تکو ڊوڙي ھئي. حضرت ھاجره جي ان سعي (ڊوڙ) کي الله تعاليٰ بيحد پسند ۽ مقبول فرمائي معصوم اسماعيل عليه السلام جي کڙين ھڻڻ واري جاءِ تان زمين اندران پاڻي جاري ڪيو. پاڻيءَ کي ائين وھندو ڏسي حضرت ھاجره ان جي چوڌاري مٽي ۽ پٿر ڏئي ان وھندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ زم زم (ترسي وڃ ترسي وڃ) چيو. ان تان ھن پاڻي جو نالو اڄ تائين زم زم آھي.ھي پاڻي اڄ ڏينهن تائين نٿو کٽي ۽ ھن جو کوهه ڪعبي ڀر ۾ ئي آھي. حرم پاڪ کي ھن سعودي حڪومت جيئن ته تمام وڏو ڪيو آھي ان ڪري ھي زم زم جو کوهه ۽ صفا مروه جون ٽڪريون حرم پاڪ اندر اچي ويون آھن.
حضرت ھاجره جي ان ڊوڙ جي ياد ۾ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ مردن توڙي عورتن کي ست چڪر ھڻڻا پون ٿا يعني صفا کان مروه تائين ھڪ چڪر، مروه کان صفا تائين ٻيو چڪر، وري صفا کان مروه تائين ٽيون چڪر ٿيون. اھڙي طرح ستون چڪر مروه تي ختم ٿئي ٿو.
ھاڻ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ سنگ مرمر جو ٻماڙ ورانڊو ٺھيل آھي، جيئن ڪجهه ماڻھو ھيٺ ته ڪجهه مٿي سعي ڪري سگھن ۽ رش گھٽ رھي. جنهن ھيٺاھين ھنڌ تي حضرت ھاجره کي حضرت اسماعيل عليه السلام نظر نٿي آيو ۽ ھوءَ ان ھنڌ تان تکو ڊوڙي ھئي، ان ھنڌ تي سائي رنگ جون بتيون لڳايون ويون آھن، جيئن مرد ماڻھو ھر ڦيري ۾ اتان لنگھڻ وقت ڊوڙ پائي گذرن. اڳئين زماني ۾ اھو ھنڌ ھيٺاھين تي ھو پر ھاڻي ان کي باقي پٽ سان ليول ڪيو ويو آھي. ان ھنڌ کي نمايان ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان ٻه سائي رنگ جا ٿنڀا پڻ لڳايا ويا آھن، جن مٿان سائي رنگ جون بتيون ٻرن ٿيون، انهن ٿنڀن کي ميلين اخضرين سڏجي ٿو. يعني ميلين اخضرين واري علائقي ۾ مردن کي ھلڻ بدران ڊوڙڻو آھي.
صفا کان مروه وارو پٽ جنهن تي سعي ڪجي ٿي ان پٽ کي مسعي سڏجي ٿو. مسعي واري ڊگھي پٽي جيڪا اڌ ميل کن ٿيندي ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. صفا کان مروه ويندڙ ساڄي پاسي کان ھلن ٿا ۽ مروه کان صفا موٽندڙ ٻئي پاسي کان ھلن ٿا. وچ وارو حصو مريض ۽ پوڙھن لاءِ آھي جيڪي Wheel Chair تي ھلن ٿا. اھي ڪرسيون حرم پاڪ مان به ملي سگھن ٿيون ته پنهنجيون به آڻي سگھجن ٿيون.

No comments:

Post a Comment