ڪعبو: الله جو گھر
الطاف شيخ
ھڪ ڳالهه ھتي واضح طور لکڻ چاھيان ٿو، جيئن ھڪ عام ماڻھوءَ
کي اھا غلط فھمي نه رھي جيئن مون کي پڻ ڪنهن زماني تائين ھئي ته حضور ﷺ جن کي نبوت
ملڻ کان اڳ مڪي جي عربن ڪعبي کي الله جو گھر نٿي سمجھيو. مختلف روايتن ۽ قصن مان
صاف ظاھر ٿئي ٿو ته عربن جيتوڻيڪ ڪعبي ۾ بت رکي بت پرستي ڪئي ٿي پر ھنن کي دل ۾
اھو احساس ضرور ھو ته ھي الله جو گھر آھي ۽ مشڪل وقت تي ھنن بتن کي ڇڏي الله کان
ئي دعا گھري ٿي. جيئن يمن جو حبشي سردار ابرھ 71ــ570ع ۾ 60 ھزار فوج وٺي مڪي ڏي
روانو ٿيو ته مڪي جي ماڻھن الله اڳيان ھٿ ٽنگيو، جنهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۽ انهن
ڏينهن جي شاعري ۾ پڻ آھي ته ھنن جي دعائن ۾ الله واحد کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو نالو نه
ھو. ھو بتن جي پوڄا ضرور ڪندا ھئا پر ھنن کي حجر اسود (ڪاري پٿر) جي مان ۽ شان جو به
احساس ھو جو مٿئين قصي کان ويھارو سال کن پوءِ جڏھن ڪعبي جي مرمت ڪرائي وئي ته مڪي
جي سڀني قبيلن جو ان تي اچي بحث ھليو ته اھو پاڪ پٿر ڪير کڻي مقرر جاءِ تي رکندو.
(جنهن جو فيصلو حضور ﷺ جن ڪري سڀني کي خوش ڪيو.) ۽ ھي اھي ڏينهن ھئا جڏھن حضور ﷺ
جن اڃا اسلام جي پرچار شروع نه ڪئي ھئي.
ابرھ جو ڪعبي تي حملي جو قصو جنهن جو ذڪر قرآن شريف جي
سورة الفيل ۾ آيل آھي، پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ھتي لکڻ ضروري سمجھان ٿو. ھي
واقعو ان سال ٿيو جنهن سال حضور صلعم جن جنم ورتو. ڪعبي ۾ جيتوڻيڪ بت رکيل ھئا پر
عرب دنيا جا ماڻھو ھر سال ذوالقعد ۽ ذوالحج وارن مھينن ۾ ڪعبي جو طواف ۽ حج ڪرڻ
مڪي اچي پھچندا ھئا. پوءِ اھا ٻي ڳالهه آھي ته ھو ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ بدران ڪعبي
۾ رکيل بتن جي پوڄا ڪندا ھئا ۽ ڪيترا ته اگھاڙا ٿي طواف ڪندا ھئا ۽ عجيب جاھل
واريون رسمون اختيار ڪندا ھئا. بهرحال ھر سال انيڪ ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا ۽ ھن
ميلي ۾ مذھب کان وڌيڪ تجارت جو پھلو ھو. جيئن اڄ به ڪو ميلو لڳرائي ٿو ته زيارت
کان وڌيڪ ھن کي ڪمائيءَ جو خيال رھي ٿو. ٽي ڏينهن کن لڳل ميلي ۾ جيڪي عارضي طور
دڪان کلن ٿا ۽ ٻيون جيڪي شرطون ۽ جانورن جون ويڙھيون لڳن ٿيون، ان مان وڏي ڪمائي
ٿئي ٿي.
ان طرح مڪي ۾ سڄي عرب جا ماڻھو جڏھن ٻن ٽن مھينن لاءِ
اچي گڏ ٿيندا ھئا ته مڪي وارن جي خوب ڪمائي ٿيندي ھئي ۽ ان ڪمائيءَ مان سڄو سال
عيش ڪندا ھئا. مڪي يا عرب دنيا ۾ انهن ڏينهن ۾ نه ھو ايگريڪلچر نه انڊسٽري، ڪمائيءَ
جو واحد ذريعو حج ھو. عرب دنيا جي مختلف ماڻھن قبيلن جي نالي بت رکيل ھئا، جن جي
پوڄا پاٺ لاءِ ھو پري پري کان ڪھي ايندا ھئا. خوب ميلو لڳندو ھو ۽ مڪي وارن جي وڏي
ڪمائي ٿيندي ھئي ان ڪري ته جڏھن حضور ﷺ جن اسلام ۽ ھڪ الله جي ڳالهه ڪئي اھو پڻ ته
الله تعاليٰ جتي ڪٿي حاضر ناظر آھي ته مڪي جا ڪافر ڊڄي ويا ته ھاڻ ھنن بتن کي پوڄڻ
لاءِ ڪير ايندو.
بهرحال مڪي جي تجارت ۽ خوشحاليءَ جو ھي حال ڏسي يمن جي
حبشي سردار ابرھ يمن جي شھر صنعاءَ (Sanna) جيڪو اڄ به يمن جي
گادي جو ھنڌ آھي، ھڪ ڪليسا ٺاھيو. انهن ڏينهن ۾ يمن حبش جي ھٿ ھيٺ ھو. عيسائيت جو
زور ھو. حبش ۾ ته ڪيترائي ڪليسا گھر ھئا ابرھ نه فقط صنعا (يمن) ۾ ڪليسا گھر ٺاھيو
پر ھن جي اھا نيت ۽ خواھش ھئي ته عرب دنيا جا ماڻھو ھر سال مڪي وڃڻ بدران ھتي صنعا
اچن. ان پويان فقط مذھبي جذبو ھو پر معاشي ۽ سياسي غرض به ھئا. بلڪ اھي ئي ان جا
اصل محرڪ ھئا.
ظاھري طرح ابرھ جي ڪليسا کي باهه لڳي يا لڳائي وئي ۽ ھن
خانه ڪعبي کي ڊاھڻ جو پڪو پهه ڪيو. ھو 60 ھزار فوج ۽ تيرھن ھاٿي ساڻ کڻي مڪي ڏي
روانو ٿيو. رستي تي يمن جي ھڪ سردار (ذونفر) عربن جو ھڪ لشڪر گڏ ڪري ابرھ جو
مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن شڪست کاڌي ۽ گرفتار ٿي ويو. پوءِ خشعم جي علائقي ۾
ھڪ عرب سردار نفيل بن حبيب خشعمي پنهنجي قبيلي جي ماڻھن کي وٺي مقابلي لاءِ آيو پر
ھن به ھار کاڌي ۽ گرفتار ٿي ويو. سندس جان بچائن لاءِ اھو شرط رکيو ويو ته ھو ابرھ
جي فوج کي مڪي تائين رستو ڏيکاريندو.
انهن ڏينهن ۾ مڪي جو سڀ کان وڏو سردار حضور ﷺ جو ڏاڏو
عبدالمطلب ھو. مڪي جي ويجھو پھچي ابرھ اوسي پاسي جي ماڻھن جو چوپايو مال پنهنجي
قبضي ۾ ڪيو، جنهن ۾ عبدالمطلب جا به ٻه سو اٺ ھئا. ان کانپوءِ ھن پنهنجا ايلچي مڪي
موڪلي نياپو ڪيو ته آئون وڙھڻ لاءِ نه آيو آھيان پر ھن گھر (ڪعبي) کي ڊاھڻ لاءِ آيو
آھيان، جيڪڏھن توھان نه وڙھندائو ته توھان کي توھان جو مال موٽائي ڏيندس.
عبدالمطلب ايلچيءَ کي چيو ته ابرھ جي ھيڏي لشڪر سان وڙھڻ
جي اسان کي طاقت نه آھي. ڪعبو الله جو گھر آھي. ھو چاھيندو ته پنهنجي گھر کي بچائي
وٺندو. ايلچيءَ چيس ته مون سان گڏ ابرھ وٽ ھل. ھو ان تي راضي ٿي ويو ۽ ايلچيءَ سان
گڏ ابرھ وٽ پھتو. عبدالمطلب شڪل صورت ۽ قدبت جو اھڙو ته ٺاھوڪو ھو جو ابرھ به ھن
مان متاثر ٿي ويو ۽ تخت تان لھي اچي ھن جي ڀرسان ويٺو ۽ پوءِ عبدالمطلب کان پڇيو: ”توھان
ڇا چاھيو ٿا؟“
”منهنجا
اٺ جھليا ويا آھن، اھي مون کي واپس ڪيا وڃن.“ عبدالمطلب چيو.
ان تي ابرھ چيو: ”آئون توھان کي ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ھوس. پر توھان جي ان ڳالهه توھان کي منهنجين نظرن ۾ ڪيرائي وڌو آھي. توھان پنهنجن اٺن
جو مطالبو ڪري رھيا آھيو ۽ ھي گھر (ڪعبو) جيڪو توھان جي دين جو آبائي قبلو آھي ان
جي باري ۾ توھان ڪجهه به نٿا چئو؟“
عبدالمطلب وراڻيو: ”آئون ته فقط پنهنجن اٺن جو مالڪ آھيان
۽ انهن جي لاءِ ئي عرض کڻي آيو آھيان. اھڙي طرح ھن گھر (ڪعبي) جو به ھڪ مالڪ رب آھي. اھو پاڻ ھن جي حفاظت ڪري وٺندو“.
ابرھ چيو: ”تنهنجو رب ھن ڪعبي کي منهنجي ھٿن مان نه
بچائي سگھندو.“
عبدالمطلب وراڻيو: ”اھو توھان ڄاڻو ۽ ھو ڄاڻي.“ اھو چئي
اھو ابرھ وٽان اٿيو ۽ ھن کي سندس ٻه سو اٺ موٽائي ڏنا ويا.
ڪجهه روايتن ۾ آھي ته عبدالمطلب سان گڏ قريش جا ڪجهه ٻيا
سردار به ھئا، جن ابرھ جي اڳيان اھا رٿ پيش ڪئي ته جيڪڏھن ھو بيت الله سان ھٿ
چراند نه ڪري ۽ واپس موٽي وڃي ته ان جي بدلي ۾ کيس سڄي تهاما (حجاز) جي پيداوار جو
ٽيون حصو خراج طور ڏنو ويندو. پر ابرھ ان ڳالهه کي نه مڃيو. عبدالمطلب ابرھ جي
لشڪرگاهه کان موٽي قريش وارن کي چيو ته پنهنجن ٻارن ٻچن کي وٺي جبلن تي ھليا وڃو
جيئن انهن جو قتل عام نه ٿئي. پوءِ ھو ۽ قريش جا چند سردار حرم ۾ حاضر ٿيا ۽ ڪعبي
جي دروازي جو ڪنڍو جھلي ھنن الله تعاليٰ کان دعائون گھريون ته ھو پنهنجي گھر ۽ ھن
جي خادمن جي حفاظت فرمائي.
ان وقت ڪعبي ۾ 360 بت موجود ھئا، مگر ھنن ماڻھن ان نازڪ
مھل تي انهن سڀني کي وساري ڇڏيو ۽ ھنن فقط الله جي اڳيان ٻڪ کنيا. عبدالمطلب شاعر به
ھو. ان وقت جا چيل شعر ابن ھشام سيرت ۾ نقل ڪيا آھن، جن مان پڻ ان جي شاھدي ملي ٿي.
لاھُمَ اِنَ العَبد يَمنع رَحلھ فَامنع حِلالَڪ
(يا الله! انسان پنهنجي گھر جي حفاظت ڪري ٿو، تون به پنهنجي گھر جي حفاظت فرماءِ).
بهرحال دعائون گھري عبدالمطلب ۽ ھن جا ساٿي جبلن ڏي ھليا
ويا. (مڪي ۾ چوڌاري جبل ئي جبل آھن.) ٻئي ڏينهن ابرھ مڪي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڳتي
وڌيو پر سندس خاص ھاٿي ”محمود“ جيڪو اڳيان اڳيان ھو، ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ ھنڌ بيھي
رھيو. ھن کي گھڻي ئي چٽ ۽ لٺ ڏيکاريائون پر ھو اڳتي وڌڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رھيو.اتر،
ڏکڻ ۽ اوڀر ڏي موڙين تي ھلي پر مڪي ڏي ھڪ وک به نه کڻي. ڪيترو ئي مارڻ ڪٽڻ تي به نه
ھلي. ايتري ۾ پکين جون قطارون نظر آيون، جن مان ھر ھڪ وٽ ٽي پٿريون ھيون. ھڪ چھنب
۾ ۽ ٻه چنبن ۾. واقعي جي روايت آھي ته ھي پکي عجيب قسم جا ھئا جيڪي ھن کان پھرين
ڪڏھن به ڏٺا نه ويا. ھو قد بت ۾ ڪبوتر کان ڪجهه ننڍا ھئا. سندن چھنبون پکين جھڙيون
ھيون ۽ پير ڪتن جي پيرن جھڙا. پکين جي ھنن ولرن ابرھ جي لشڪر تي پٿريون ھڻڻ شروع
ڪيون. لڳو ٿي ته پٿرين جي ڄڻ بارش ٿي رھي ھجي. جنهن کي به ھيءَ پٿري لڳي ٿي ته جسم
مان پار ٿي وئي ٿي ۽ ان جو جسم ان ئي وقت ڳرڻ ۽ سڙڻ لڳو ٿي.
حضرت ابن عباس رضه کان ھڪ روايت آھي ته، پٿريءَ جي لڳڻ
سان ان ماڻھوءَ جي جسم مان گوشت ۽ رت پاڻيءَ وانگر وھڻ لڳو ٿي، ابرھ جي لشڪر ۾
افراتفري مچي وئي. لشڪر جا ماڻھو يمن ڏي ڀڄڻ لڳا. نفيل بن حبيب خشعمي جنهن کي ابرھ
وارا سونهين (Guide) طور وٺي آيا ھئا، تنهن کي ڳولي
منٿون ڪيائونس ته اسان کي ھتان ڪڍي يمن ڏي ويندڙ رستو ٻڌاءِ. پر ھن صاف صاف انڪار
ڪندي ھنن کي چيو ته ھاڻ ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿان آئي، جڏھن ته خدا توھان جي پٺيان آھي ۽
نڀاڳو (ابرھ) ھاڻ ھار ۾ آھي سوڀ ۾ نه.
ھي واقعو مزدلفه ۽ منى جي وچ ۾ وادي محسب جي ويجھو محسر
نالي جاءِ تي پيش آيو. صحيح مسلم ۽ ابو دائود کان روايت آھي ته، رسول الله ﷺ جي حجتة
الوداع جو قصو، جيڪو امام جعفر صادق پنهنجي والد امام محمد باقر کان ۽ انهن حضرت
جابر بن عبدالله کان نقل ڪيو آھي، ان ۾ ھو فرمائين ٿا ته، حضور ﷺ جن جڏھن مزدلفه
کان منى ڏي روانا ٿيا ته محسر وٽ ھلڻ جي رفتار وڌائي ڇڏي ھئي. ان ڪري سنت اھا آھي ته
ھن ھنڌ تان جلد نڪري وڃجي.
حج کان ٻه ڏينهن اڳ آئون ٽئڪسي ڪري مڪي جي آسپاس جون
زيارتون ڏسڻ ويس. مزدلفه کان منى ڏي ھلڻ وقت وادي محسب مان ٽيڪسي ڊرائيور گاڏي تکي
ڪري ڪڍي ويو ۽ ھن به اھو ئي ذڪر ڪيو ته ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي اڄ تائين ڦٽڪار
وسندي رھي ٿي.
امام مالڪ کان روايت آھي حضور ﷺ جن فرمايو ته مزدلفه سڄو
ئي آرام لاءِ ترسڻ جو ھنڌ آھي پر محسر جي واديءَ ۾ ترسڻ نه کپي.
ھن واقعي کانپوءِ ٽن چئن سالن اندر يمن ۾ حبش حڪومت جو
راڄ ختم ٿي ويو. قصه فيل جي ھن واقعي کانپوءِ جتي ڪٿي يمني سردارن بغاوت جو جھنڊو
کڻي بلند ڪيو ۽ 575ع ڌاري حبشي حڪومت مڪمل طور يمن ۾ ختم ٿي وئي.
جنهن سال ھي واقعو ٿيو، يعني ابرھ ھاٿي تي چڙھي ڪعبي تي
حملي ڪرڻ جي نيت سان وڏو لشڪر وٺي آيو ھو. اھو سال عرب دنيا ۾ عام الفيل (ھاٿين جو
سال) سڏيو وڃي ٿو ۽ ان ئي سال حضور ﷺ جن جي ولادت مبارڪ ٿي. اصحاب الفيل جو واقعو
محرم ۾ پيش آيو ھو ۽ حضور ﷺ جن جي ولادت پورن 50 ڏينهن بعد ربيع الاول ۾ ٿي.
”عرب دنيا“
جا عرب ان ڳالهه سان سھمت ھئا ته ابرھ جي ان حملي مھل ڪعبي جي حفاظت ڪنهن ديوي يا
ديوتا نه ڪئي پر الله تعاليٰ پاڻ ڪئي. الله ئي کان قريش جي سردارن مدد لاءِ دعائون
گھريون ھيون ۽ ڪجهه سالن تائين قريش جا ماڻھو ان واقعي مان ايترو ته متاثر رھيا جو
ھنن الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نٿي ڪئي.
نوٽ
مٿي ذڪر ڪيل ملڪ حبش دراصل
Abyssinia (ائبيسينيا) آھي. تن ڏينهن ۾
ائبيسينيا (حبش)، مصر (Egypt)، شام (Syria)، يمن وغيره بلي بلي ملڪ ھئا. سعودي عرب اڃا وجود ۾ نه آيو ھو. بلڪ
اھو ته ھاڻ منو صدي کن اڳ نقشي تي ظاھر ٿيو آھي نه ته اھو سڄو علائقو جنهن ۾ يمن به
اچي وڃي ٿو، عربستان سڏبو ھو. اڄ جي سعودي عرب وارو علائقو نجد ۽ حجاز سڏبو ھو،
مڪي ۽ مديني (يثرب) وارو حصو حجاز ۾ اچي ويو ٿي. حبش جيتوڻيڪ آفريڪا کنڊ ۾ آھي پر
جيئن ته پراڻي زماني ۾ جڏھن ته اڃا ھوائي جھاز، بسون ڪارون ويندي سائيڪلون به
ايجاد نه ٿيون ھيون، تن ڏينهن ۾ ٻيڙين رستي سامونڊي سفر رڻ پٽ بيابانن ۾ ھلندڙ اٺن
کان به وڌيڪ سولو ھو ۽ حبش (Abyssinia) سامونڊي رستي عربستان کي ويجھو ۽ ڄڻ ته پاڙيسري
ملڪ ھو، بحر احمر جنهن کي اسين ڳاڙھو سمنڊ
(Red Sea) سڏيون
ٿا، ان جي ھڪ پاسي يمن ۽ حجاز ھو ته ٻئي پاسي حبش
(Abyssinia) ۽ مصر. ڳاڙھو سمنڊ دنيا جي وڏن
سمنڊن جي مقابلي ۾ ھڪ ڪئنال ئي آھي، جنهن جي گھڻي کان گھڻي ويڪر (سعودي عرب جي بندرگاهه
جيزان وٽ) ڏيڍ سو کن ناٽيڪل ميل (زمين وارا 180 کن ميل) آھي. جدي وٽان سوڊان جي
سرزمين ۽ مديني جي ڀرواري بندرگاهه ينبو کان مصر جي سرزمين مٿين فاصلي جي به اڌ
جيتري آھي جو انهن ھنڌن تي ڳاڙھو سمنڊ تمام سوڙھو ٿيو وڃي. ڳاڙھو سمنڊ به خراب ٿئي
ٿو. ان جو ويرون ۽ طوفان اڄ جي وڏن جھازن کي به منجھائين ٿا پر سال جو وڏو حصو
سانت ۾ رھي ٿو ۽ ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون به آسانيءَ سان ڳاڙھو سمنڊ پار ڪري يمن ۽
سعودي عرب واري پاسي کان حبش، سوڊان ۽ مصر اينديون وينديون رھن ٿيون. اھو ئي سبب آھي
جو اڄ به ھيڏي سختي ھوندي حبش پاسي جا ماڻھو آسانيءَ سان غيرقانوني طرح سعودي عرب
۾ پھچيو وڃن. مڪي ۽ مديني جي رستن تي ڪيترا فقير (خاص ڪري عورتون) حبش پاسي جا آھن. مڪي جي گھٽين ۾ پٽ تي ويھي تسبيحون، منڊيون، ميندي، لونگ ۽ بوھي مڱ (pea Nuts) وڪڻندڙ عورتن ۾
ڪيتريون ئي حبش جون آھن، غيرقانوني آيل ماڻھن جي پڪڙ ڌڪڙ ۾ سعودي عرب جا سپاھي لڳا رھن ٿا پر پوليس
جي گاڏيءَ جو ھارن ٻڌي ھي سڀ پنهنجون گڊڙيون ۽ ھٽ ڇڏي لڪي وڃن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن ته
پوليس کين جھلڻ ۾ ڪامياب به ٿيو وڃي. ھڪ پوليس واري کان پڇيم ته حڪومت ھنن کي اچڻ
ئي ڇو ٿي ڏئي.
”بس لڪ ڇپ
۾ ھليا اچن.“ ھن ٻڌايو، ”سعودي عرب حڪومت طرفان جيتوڻيڪ خاص خاص بندرگاھن تي ڪوسٽ
گارڊ جو سخت پھرو آھي پر تنهن ھوندي به ڪيترا ڪامياب ٿيو وڃن جو جيزان کان وٺي
تبوڪ تائين اٽڪل ٻه ھزار ڪلوميٽر ڪنارو آھي ۽ ڪوبه رات جي اونداھيءَ ۾ ڪنهن به
ھنڌان ڳاڙھو سمنڊ اڪري پھچي سگھي ٿو.
بهرحال اسلام کان اڳ وارن ڏينهن ۾ حبش (Abyssinia) وڏي ڳالهه ھو. عيسائيت جو اتي وڏو زور ھو. ايتريقدر جو
يمن به سندن ھٿ ۾ ايئن ھو جيئن انگريزن يا فرينچن جي ھٿ ۾ ايشيا يا آفريڪا جا ملڪ ھئا. پر پوءِ جيئن جيئن يمن جھڙيون ڪالونيون ھنن جي ھٿن مان نڪرنديون ويون ۽ يورپي
قومون سامونڊي طاقت ۽ بارود حاصل ڪرڻ ڪري آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن کي پنهنجيون
بيٺڪون ٺاھينديون ويون، حبش (Abyssinia) به غريب
ٿيندو ويو. ويتر غلامن جي واپار ۽ قدرتي ڏڪارن ھن کي ترپٽ بڻائي ڇڏيو آھي. پنجين
ڇھين صدي ۾ حبش جو رھاڪو (حبشي) جيڪو وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو ھو ۽ قومن ۾ پير و
مرشد مڃيو ويندو ھو، اھو ڪوئلن ۽ ڇوڏن جيان غلامن جي بازارين ۾ وڪامڻ لڳو. سندن
اندروني جھيڙن جنگين مان فائدو وٺي يورپي ملڪن کين وڌيڪ ڪمزور بنائڻ لاءِ حصن پتين
۾ ورھائي ڇڏيو. اڄ حبش جو نالو نقشي تان ڊھي ويو آھي. ان جي جاءِ تي اٿوپيا (Ethiopia) ۽ اريٽريا
(Eritrea) ٿي ويو آھي. ٻنهي ملڪن جا ماڻھو ڏڪار ۽ ڏکين سياسي حالتن ڪري پنهنجي
ملڪ توڙي پناهه ڏيندڙ ملڪن ۾ جيئڻ لاءِ جتن ڪري رھيا آھن.
No comments:
Post a Comment