Friday, February 03, 2012

حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ ڪجهه ٻيا نبي - الطاف شيخ


حضرت ابراھيم عليه السلام ۽ ڪجهه ٻيا نبي
الطاف شيخ  
قرآن مجيد ۾ حضرت ابراھيم عليه السلام جو نالو 69 دفعا آيو آھي.
حضرت ابراھيم عليه السلام حضرت نوح عليه السلام جي اولاد مان آھي. (ابراھيم بن تارخ بن ناحور بن سروج بن رعو بن فالغ بن عابر بن شالخ بن ارفخشد بن سام بن نوح)
چون ٿا ته حضرت ابراھيم عليه السلام جي والد جا ٻه نالا ھئا. ھڪ آزر ٻيو تارخ. قرآن شريف ۾ آزر آيل آھي.


حضرت ابراھيم عليه السلام ڌرتي جي جنهن حصي تي جنم ورتو، اھو اڄ جو عراق آھي. انهن ڏينهن ۾ بابل سڏبو ھو، جنهن تي نمرود نالي ھڪ ظالم بادشاهه جي حڪومت ھئي.
نمرود بادشاهه ھڪ رات خواب ڏٺو ته آسمان تي ھڪ تاري جو اڀرڻ ڪري سج ۽ چنڊ جي روشني ختم ٿي وئي آھي. نمرود جي دربار جي جادوگرن ۽ ڀوپن ان خواب جو اھو تعبير ڪڍيو ته ان سال ھڪ نينگر ڄمندو، جيڪو وڏو ٿي نمرود جي بادشاھي ناس ڪندو.
اھو ٻڌي نمرود ان سال جيڪي به ڇوڪرا ڄمندا ويا، انهن کي مارائي ڇڏيو. الله تعاليٰ جي قدرت سان حضرت ابراھيم عليه السلام ان ئي سال ڄائو پر زندھ رھيو. وڌي جوان ٿيو. نمرود جو مقابلو ڪيائين ۽ ھن جي تباھي جو ڪارڻ ٿيو.
نمرود پاڻ کي به توبه نعوذ باالله خدا ٿي سمجھيو ۽ سندس رعيت کيس سجدو ڪيو ٿي. حضرت ابراھيم کيس نه مڃيو ۽ ھن نمرود کي توڙي عوام کي اھو ئي چيو ته نمرود ۽ بتن جي پوڄا نه ڪريو، الله ھڪ آھي. جنهن اسان کي پيدا ڪيو آھي ۽ اسان جو موت توڙي حياتي ھن جي وس ۾ آھي.
قرآن شريف ۾ سورة البقرة ۾ پکين جو احوال آھي ته حضرت ابراھيم الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته تون مري ويلن کي وري ڪيئن ٿو جيارين. پوءِ الله جي حڪم سان حضرت ابراھيم چئن پکين کي ڪُھي قيمو ڪري انهن کي سڏ ڪيو ته ھو جيئرا ٿي ھن وٽ ھليا آيا.
نمرود کي حضرت ابراھيم عليه السلام جي ڳالهه بلڪل نه آئڙي ته الله ھڪ آھي، جيڪو سڀني جو خلقڻھار آھي ۽ سڀني کي ھلائي ٿو. نمرود حضرت ابراھيم عليه السلام کي سزا ڏيڻ لاءِ باهه جو ھڪ وڏو مچ ٻارائي حضرت ابراھيم کي ساڙڻ لاءِ ان ۾ اڇلايو، پر باهه حضرت ابراھيم کي ساڙڻ بدران گلزار ٿي وئي.
نمرود جو موت به ٻين لاءِ عبرت جو مقام بڻيو. اھو بادشاهه جنهن پاڻ کي بي پناهه طاقت جو مالڪ سمجھيو ٿي، تنهن کي ھڪ خصوصي منڊڙي مڇر جنهن نمرود کي رلائي رلائي ماريو. ھو نمرود جي نڪ مان گھڙي سندس ميڄالي کي چڪڻ لڳو، جنهن سان نمرود سخت تڪليف ۾ اچي ويو ۽ کيس فرحت فقط ان وقت آئي ٿي، جڏھن ھن جي مٿي تي جوتن جو وسڪارو ڪيو ويو ٿي. نمرود چاليهه ڏينهن اھا سزا ڀوڳي ڀوڳي نيٺ موت جو شڪار ٿي ويو.
حضرت ابراھيم عليه السلام پھريون انسان ھو، جنهن ماڻھن کي تمام گھڻي صفائي ۽ سٺائي سيکاري. طھر جي شروعات به ھن جي ڏينهن کان ٿي. ان ڪري طھر کي سنت ابراھيمي پڻ سڏيون ٿا، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ھلندي اچي.
حضرت ابراھيم عليه السلام اٽڪل 175 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ فلسطين ملڪ ۾ حبرون يا الخليل شھر وٽ دفن ٿيل آھي.
حضرت لوط عليه السلام حضرت ابراھيم عليه السلام جو ڀائيٽو ھو، يعني ھاران جو پٽ ھو. يتيم ھجڻ ڪري ھن ننڍپڻ حضرت ابراھيم عليه السلام سان گذاريو. وڏو ٿي الله جي حڪم ۽ حضرت ابراھيم عليه السلام جي صلاح سان سدوم شھر ڏي لڏي ويو، جيئن اتي جي ماڻھن کي نصيحت ڪري سگھي، جنهن جا ماڻھو نهايت بداخلاق ۽ بڇڙا ھئا. سدوم شھر بحرِ مردار (Dead Sea) وٽ آھي.
حضرت ابراھيم عليه السلام کي ٻه گھر واريون ھيون. بي بي ساران جيڪا سندس سئوٽ ھئي ۽ ٻي بي بي حاجران، جيڪا ننڍي زال ھئي ۽ مصر جي رھاڪو ھئي.
حضرت ابراھيم عليه السلام کي 86 ورھين جي ڄمار ۾ننڍي زال بي بي ھاجران مان پٽ ڄائو ۽ نالو رکيائونس اسماعيل (عليه السلام) حضرت اسماعيل عليه السلام اڃا ٻن چئن ڏينهن جو مس ٿيو ته الله تعاليٰ حضرت ابراھيم عليه السلام تي ھڪ آزمائش آندي. ھن کي حڪم مليو ته ھو پنهنجي معصوم پٽ اسماعيل کي سندس والده بي بي ھاجران سميت پاڻ کان پري رھائي ڇڏي. يعني ٻنهي کي فلسطين (جتي ھو انهن ڏينهن ۾ رھيل ھئا) مان وٺي ڪعبي شريف واري جاءِ تي ڇڏي اچي، جتي انهن ڏينهن ۾ ڪجهه به نه ھو.
حضرت ابراھيم پنهنجي رب جو حڪم مڃيو ۽ اٺ تي چڙھي مڪي پھتو ۽ ڪعبي واري جاءِ تي بي بي ھاجران ۽ ننڍڙي اسماعيل کي ڇڏي واپس موٽيو. بي بي ھاجران کي يقين ھو ته رب پاڪ سندس سار سنڀال ضرور لھندو.
ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ آندل پاڻي ۽ کاڌي جون شيون ختم ٿي ويون ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري سندس ٿڃ به سڪي وئي. معصوم ٻار کي اڃ ستائڻ تي بي بي ھاجران صفا ٽڪري ڏي وڃي وري مروه ٽڪري ڏي وئي ٿي. ھو ٻار کي ڇڏي گھڻو پري به نه ٿي وڃي سگھي، متان ڪو جانور معصوم ٻار کي نقصان پھچائي. ھن پاڻي جي ڳولا ۾ صفا کان مروه ۽ مروه کان صفا ڏي ست ڦير ا ڪيا. بي بي ھاجران جو معصوم ٻار جي لاءِ پاڻي جي ڳولا ۾ ائين ڊوڙڻ الله تعاليٰ کي ايڏو ته پسند آيو جو حج ۽ عمري ڪرڻ وارن لاءِ اھو حڪم ڪيو ويو ته ھو صفا ۽ مروه جبلن جي وچ ۾ ست چڪر ھڻن.
صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ھڪ ھنڌ تي ڌرتي تمام ھيٺاھين ليول تي ھئي، جتي پھچڻ تي بي بي ھاجران کي پنهنجو ٻار نظر نه ٿي آيو .ان ھيٺان ٽڪري تي ھوءَ تکو تکو ڊوڙي آھي، اھو حصو ھينئر ليول ڪرايو ويو آھي پر ان ٽڪري جي ڄاڻ لاءِ سائي رنگ جا ٿنڀا آھن، جن تي سائي رنگ جون بتيون ٻرن ٿيون ،انهن ساون رنگن جي ٿنڀن جي وچ ۾ جتي بي بي ھاجران ڊوڙ پائي لنگھي ھئي، مردن ان کي سعي دوران ھر ڦيري ۾ تکو ڊوڙڻو آھي. باقي عورتن کي ساڳي رفتار رکڻي آھي.
بي بي ھاجران جي ستين چڪر تي جنهن ھنڌ تي ننڍڙو اسماعيل اڃ ۾ پاهه ٿي کڙيون ھڻي رھيو ھو. اتي پاڻي جو چشمو ڦٽي آيو. بي بي ھاجران پاڻي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي. ھن ھٿ آلا ڪري ننڍڙي اسماعيل جي چپن تي رکيا. ان کي پياري پوءِ ٻڪ ڀري پاڻ پيتائين. پاڻي آھستي آھستي وڌندو رھيو. بي بي ھاجران پٿريلي مٽي سان پاڻي جي چوڌاري ٻنو ٻڌي ان کي وھڻ کان روڪي چوڻ لڳي زم زم معنى بيهه بيهه. ان ڪري ھن چشمي مان نڪتل پاڻي جو نالو پئجي ويو زم زم.
حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني وارو واقعو به مشھور آھي. اسان مسلمان ان قرباني جي ياد ۾ ذوالحج جي ڏھين تاريخ عيد ملھايون ٿا ۽ قرباني ڪريون ٿا.
حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي پيءُ حضرت ابراھيم عليه السلام سان گھمڻ ڦرڻ جھڙو ٿيو. (اٽڪل ستن سالن جي عمر جو ٿيو) ته حضرت ابراھيم کي خواب ذريعي الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيو ته پنهنجي پٽ کي قربان ڪر. حضرت ابراھيم عليه السلام  پنهنجي پٽ سان ڳالهه ڪئي. تنهن وراڻيس: ”تون الله جو نبي سڳورو آھين، توکي الله تعاليٰ جيڪو حڪم ڪيو آھي، اھو ضرور پورو ڪر. آئون انشاءَ الله سڀ ڪجهه صبر سان سھندس“. (ان قصي جو احوال قرآن مجيد جي سورة صفت ۾ آھي).
مڪي کان منى ٽي چار ڪلوميٽر پنڌ آھي. ھي ٻئي پيءُ پٽ اوڏانهن پنڌ ڪندا ويا. واٽ تي ٽن جاين تي حضرت ابراھيم عليه السلام کي شيطانن ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تنهنجو اڪيلو پٽ آھي. ان کي قربان نه ڪر پر حضرت ابراھيم عليه السلام  ھر دفعي شيطان کي پٿريون ھڻي ڀڄائي ڪڍيو. انهن جاين تي اڄ به ”جمرا“ ٺھيل آھي. يعني پٿرن جا ٿنڀا نشاني طور ٺھيل آھن، جتي ھر سال ذوالحج جي ڏھين، يارھين ۽ ٻارھين تاريخ انهن ٿنڀن (جمرات) کي حاجي ست ست پٿريون ھڻي ابراھيمي سنت پوري ڪن ٿا.
۽ پوءِ جڏھن حضرت ابراھيم عليه السلام جو حڪم مڃي پٽ جي مٿان ڪاتي ڦيري ته الله جي حڪم سان ڪاتيءَ ھيٺيان گھيٽو اچي ويو. اھڙي طرح الله تعاليٰ حضرت ابراھيم عليه السلام سان ڀال ڪيا. کيس پٽ به بچائي ڏنائين ته قرباني به قبول ڪيائين.
ڪجهه عرصي کانپوءِ حضرت اسماعيل عليه السلام ڪجهه وڏو ٿيو ته حضرت ابراھيم عليه السلام الله جو حڪم سان زم زم جي کوهه ڀرسان ڪعبو ٺاھيو، جنهن جي ٺاھڻ ۾ حضرت اسماعيل عليه السلام به سندس مدد ڪئي.
حضرت اسماعيل عليه السلام کي ٻارھن پٽ ۽ ھڪ نياڻي اولاد ٿيو، قرآن مجيد ۾ آھي ته ”ڪَنا يَامَرُ اَھلَہٗ بالصلواة والزڪواة) يعني اسماعيل عليه السلام پنهنجي اھل و عيال کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو ھو. ھو الله جو پيارو ٻانهو ۽ وڏو سچار ھو.
حضرت اسماعيل عليه السلام جو نالو قرآن مجيد جي اٺن سورتن ۾ ڪل يارھن دفعا آيو آھي.
بيت المقدس گھڻو پوءِ حضرت ابراھيم جي پوٽي ۽ حضرت اسحاق جي پٽ حضرت يعقوب جوڙايو. بيت المقدس مسلمانن، عيسائين توڙي يھودين لاءِ ڀلاري جاءِ آھي. ان جي ڀرسان ڏکڻ ۾ مسجد الاقصيٰ آھي. جتي اسان جو پيارو نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ معراج واري رات ڪعبة الله کان آيو. بيت المقدس ڪيترن نبين سڳورن جو مرڪز رھيو آھي. اھو اردن (Jordan) ملڪ جي ڀرسان فلسطين واري علائقي ۾ آھي، جيڪو اڄڪلهه اسرائيل جي قبضي ۾ آھي. بيت المقدس جي معنيٰ آھي مقدس گھر يعني پاڪ گھر.
حضرت يعقوب عليه السلام (حضرت يوسف عليه السلام جي والده ۽ حضرت ابراھيم عليه السلام جي پوٽي) جا ٻه نالا ھئا: ھڪ يعقوب جيڪو نالو قرآن شريف ۾ 16 دفعا آيو آھي ۽ ٻيو اسرائيل جيڪو نالو قرآن شريف ۾ ٻه دفعا آيو آھي. اسرائيل عبراني ٻولي جو لفظ آھي. اسر معنيٰ ٻانهو يا عبد ۽ ايل معنيٰ الله. يعني الله جو ٻانهو يا عبدالله. ان نالي ڪري حضرت يعقوب عليه السلام جي اولاد کي بني اسرائيل چون ٿا يعني اسرائيل (يعقوب) جو اولاد.
حضرت يعقوب عليه السلام جو پٽ يوسف عليه السلام  پڻ نبي ٿيو. حضرت يوسف جو قصو قرآن شريف جي سورة يوسف ۾ آھي ۽ ھن کي ”احسن القصص“ يعني سڀني قصن ۾ سھڻو قصو چيو ويو آھي.
حضرت يوسف عليه السلام کي ھي شرف به حاصل آھي ته پاڻ، سندس والد يعقوب، ڏاڏو اسحاق ۽ پڙ ڏاڏو ابراھيم سڀئي نبي ھئا. يعني سندن چار پيڙھيون نبوت سان نوازيل آھن.
حضرت يوسف عليه السلام جي باقي زندگي مصر ۾ ئي گذري. پاڻ 120 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون. کين ٻه پٽ افرائيم ۽ منشا ھئا ۽ ھڪ ڌيءَ رحمت نالي اولاد ھو. حضرت يوسف عليه السلام مصر ۾ نيل ندي جي ڪناري تي دفن ٿيل آھي.
حضرت يوسف جي وفات کان ڪجهه سئو سال پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام پيدا ٿيو، جنهن بني اسرائيل کي آزادي ڏياري ۽ کين مصر مان وٺي وري اچي فلسطين آباد ڪيو.
حضرت موسيٰ عليه السلام کانپوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام  پيدا ٿيو. يعني اڄ کان ٻه ھزار سال اڳ پيدا ٿيو. حضرت موسيٰ جي ڄمڻ جي ڪا صحيح تاريخ نه ٿي ملي پر اندازو آھي ته اڄ کان چار پنج ھزار سال اڳ فرعونن جي ڏينهن ۾ ڄائو. جن جي اھا تاريخ مصر جي احرامن مان معلوم ٿئي ٿي ۽ اھڙي طرح اندازي مطابق حضرت ابراھيم عليه السلام اڄ کان اٽڪل پنج ڇهه ھزار سال اڳ پيدا ٿيو. يعني مقام ابراھيم واري پٿر کي. ڪعبي جي نئين سنئين ٺھڻ کي (يعني حضرت نوح عليه السلام جي زماني جي ٻوڏ ۾ ڊھي وڃڻ بعد وري ٺھڻ ۾) زم زم جي پاڻي کي ھلندو ھلڻ ۾ اڄ اٽڪل ڇهه ھزار سالن کان مٿي اچي ٿيا آھن.

No comments:

Post a Comment