رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون
ــــ
سعودي عرب ۾ توهان ورلي ڪنهن کي
وڙهندي ڏسندائو. ڪو هٿن جي ويڙهه شروع ڪندو
ته ٻيو غم کائي پاسو وٺي ويندو يا ڪاوڙ ۾ کڻي هڪ ٻه ڌڪ وهائي ڪڍندو. پر
جھيڙي کي انگھائيندو هرگز نه ڇو جو هتي جي قانون موجب ٻن ڄڻن کي وڙهندو ڏسي پوليس
ٻنهي کي جيل ۾ وٺي وڃي ٿي. هوءَ اهو ڏسي ئي نه ٿي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي ۽ ڪنهن جو
ناهي. في الحال ٻنهي کي وڃيو جيل ۾ اڇلائين ــــ ڇا جي آيف.آئي.آر ڇا جا وڪيل ۽
ضمانت ــ پيا جيل ۾ سڙن. جيسين ان ساڳي پوليس واري (شرطي) کي دل ۾ اچي ۽ اچي جيل
مان ڪڍين. ڪيترين حالتن ۾ ته مٽن مائٽن کي به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي شهر جي جيل ۾
همراهه آهي. سعودي عرب کڻي سئيڊن ۽ سئزرلنڊ جهڙو ماڊرن ۽ سهڻو ٿي ويو آهي پر سندس
جيل اڄُ به سبي ۽ جيڪب آباد کان خراب آهن.
هڪ دفعي هڪ آمريڪن شيدي جهيڙي ۾
ٻئي سان ٺونشي بازي ڪري رهيو هو، اتي سامهون پوليس واري کي ايندو ڏسي سندس ڪنهن
ساٿيءَ خبردار ڪيس ۽ ٻئي کي مارڻ يڪدم ڇڏي مٿان لوئي وجھي تسبي هٿ ۾ جھلي ذڪر ۾
شروع ٿي ويو. مٿان اچي پوليس بيٺس. مزي جي ڳالهه اها جو جنهن مار پئي کاڌي ان به
پوليس کي دانهن نه ڏني.
دانهن به ڪيئن ڏئي. جھيڙي جي
معاملي ۾ پوليس ٻنهي کي کنڀي کڻي وڃي ها. پوليس جي تيز نگاهن جي جواب ۾ هو فقط
مرڪندو رهيو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ڪجهه به نه ٿيو، مون کي ٺونشا به نه پئي لڳا پر
پيار جا هٿڙا پئي گھمايائين.
ـــــــــــــــ
۽ حج تي آيل احمد يوسف نالي هڪ
سوڊاني سول انجينيئر ۽ سندس روسي زال لوبا موسائي پڻ هئي. احمد يوسف جڏهن
انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ خارتوم کان ماسڪو روانو ٿيو ته هن کي خواب خيال به نه هو ته
هو ڪو وطن کان ڏور رهندڙ هڪ ٻئي ملڪ ۽ زبان ڳالهائيندڙ سان شادي ڪندو. هن جي ملڪ
(سوڊان) جي رسم و رواج ۽ تهذيب و تمدن روس کان بلڪل مختلف هئي. پر پوءِ هن کي
سگھوئي اهو محسوس ٿيو ته اهو غلط آهي. هو پنهنجو ملڪ ۽ فيملي 1990ع ۾ سول
انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ ڇڏي روس روانو ٿيو هو. اتي هڪ سوڊاني فيمليءَ معرفت هن جي
ملاقات هڪ مسلمان روسي ڇوڪريءَ سان ٿي.
هو مليا، هڪ ٻئي سان ڳالهايائون ۽
1999ع ۾ روس جي هڪ شهر گورڪيءَ ۾ شادي رچائي.
”روسي مسلمانن جون رسمون رواج اسان
مشرقي ماڻهن جي رسم و رواج جهڙيون آهن. مون سمجھيو اهي مختلف هونديون پر مسلمان سڀ
هڪ جهڙا آهن.“ يوسف چيو: ”هن مون کي روسي سکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مون هن کي عربي سيکاري.“
احمد يوسف انگريزي ۽ هسپانوي (Spanish) پڻ ڳالهائي ٿو ۽ سندس روسي زال لوبا جرمن ڳالهائي ٿي، جو هو
جرمنيءَ مان پڙهي. هوءَ هاڻي عربي ۽ انگريزي سکي رهي آهي.
”هڪ عربي ڳالهائيندڙ سوڊانيءَ سان
شادي ڪري مون کي بيحد خوشي ٿي آهي.“ روسي زال لوبا ٻڌايو. ”هو منهنجي لاءِ وڏي مدد
آهي ۽ عربي سيکارڻ ڪري مون کي قرآن شريف پڙهڻ ۾ آساني ٿي آهي.“
ـــــــــــــــ
حج تي ويندڙ ڀلي کڻي ڪو امير هجي ۽
هو مڪي جي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهي ۽ منى، عرفات ۽ مزدلفه ۾ ته هن کي به ٻين
وانگر تنبوءَ ۾ کلئي آسمان هيٺ ڌرتيءَ تي سمهڻو پوي ٿو. حج وارن پنجن ڏينهن ۾ منى،
عرفات ۽ مزدلفه ۾ سڄي مخلوق هڪ ٿيو وڃي.
ـــــــــــــــ
پهرين به لکي چُڪو آهيان ته حرم
پاڪ جي در وٽ ڏٺم ته هرهڪ ماڻهو پنهنجا چمپل ۽ عهدادر کان ٻاهر ڦٽا ڪري ۽ پينو ٿي
اندر گھڙيو ٿي. حرم پاڪ ۾ بادشاهه توڙي فقير، فوجي جنرل توڙي سپاهي، امير توڙي
غريب، شهري توڙي ڳوٺاڻو، هرهڪ اصل بادشاهه اڳيان ٻڪ کڻي پني رهيو هو ۽ پنهنجن
گناهن بخشائڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو.
ـــــــــــــــ
حرم پاڪ جي ٻاهران اجياد اسپتال وٽ
۽ ترڪن جي پراڻي قلعي وٽ روز چادرون ۽ ڪپڙن جا کليا تاڪيا سُڪندا ڏسي تعجب لڳندو
هو ته هي ڇا آهي؟ يا ويجھڙائيءَ ۾ ڪو ڌوٻي گھاٽ آهي يا ڪپڙي ٺاهڻ جي فئڪٽري. جنهن
۾ ٺهيل ڪپڙي کي ڪلف ڏئي يا ڪنهن ڪئميڪل مان ٻوڙي سُڪايو وڃي ٿو ۽ جي ڌوٻي گھاٽ آهي
ته ڇا فقط احرام، چادرون ئي ڌوئي سڪايون وڃن ٿيون
ٻيا ڪپڙا نه. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن ڪمن لاءِ هي هنڌ ته صحيح جاءِ نه
آهي.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڄاڻ پيم ته هي
سُڪڻ لاءِ ڪپڙا نه ڪنهن ڌوٻي گھاٽ طرفان آهن ۽ نه ڪنهن فئڪٽريءَ طرفان. مختلف ملڪن
کان سفر ڪري هن ڀلي پٽ تي آيل حاجي پنهنجي
آخري سفر تي اوڍي وڃڻ جي ڊريس يعني ڪفن تيار ڪري رهيا آهن. ڪيترا ماڻهو ڪفن جو
ڪپڙو يا سڄو تاڪيو وٺي زم زم جي پاڻيءَ ۾ پسائي خدا جي گھر جي ٻاهران سُڪائي
پنهنجي وطن کڻي وڃن ٿا. مرڻ کان اڳ پنهنجي پونئرن کي اهائي وصيعت ڪن ٿا ته مرڻ بعد
کين هن ڪفن ۾ دفن ڪيو وڃي.
ـــــــــــــــ
ڪراچيءَ جو هڪ همراهه جيڪڏهن مڪي
يا مديني جي مارڪيٽن مان ڪوريا جا بلاڪيٽ ۽ ٿانو ٿپا، ترڪيءَ جا چمپل ۽ چادرون،
جپان جو سبيل ۽ اڻ سبيل ڪپڙو ۽ تائيوان، چين جا رانديڪا ۽ ٻيون شيون خريد ڪري رهيو
آهي ته معنى هن کي ڪراچيءَ جي مارڪيٽ جي وسعت جي خبر نه آهي. جتي هر شيءَ ملي ٿي ۽
سستي اگھه تي پڻ.
سعودي عرب مان ڪو سون جا ڳهه اهو
سوچي وٺي رهيو آهي ته سعودي عرب ۾ سون سستو آهي ته اها هن جي سراسر اڻڄاڻائي ۽
ناداني آهي. هن کي اها به خبر نه آهي ته پاڪستاني زيورن ۾ 22 ڪرئٽ سون ٿئي ٿو (نج
سون 24 ڪرئٽ ٿئي) ۽ سعودي عرب جي ڳهن ۾ فقط 18 ڪرئٽ سون ٿئي. ان حساب سان نج سون
جو ليکو ٺاهيو وڃي ته سعودي عرب مان سونا زيور خريد ڪرڻ واري کي هر تولي پٺيان
اٽڪل چار، پنج سؤ نقصان ٿئي ٿو. جاءِ نمازون (مصلا)، چادرون ۽ تسبيحون پاڪستان ۾
ڪيترين ئي قسمن جا رکيا آهن. ڪنهن هڪ اڌ ورائٽيءَ کان علاوه هر شيءِ ملي ٿي ۽
ساڳئي مقابلي جي آهي. ڪو معمولي کڻي فرق هجي پر قيمت اسان وٽ گھٽ آهي. پوءِ
خريداري ڪري سفر ۾ پاڻ سان ايڏو بار ڍوئجي. سڀ ۾ ڳري شيءِ گلم، غاليچو، ڪپڙو ۽
جاءِ نماز ٿئي ٿي. بلاڪيٽ کڻي هلڪا ٿين ٿا، پر گھڻي واليوم هجڻ ڪري گھڻي جاءِ
والارن ٿا ـــــ خاص ڪري حج تي (مڪي شريف ۾) جتي توهان کي سمهڻ، ويهڻ پاسي ورائڻ
لاءِ ڪل جاءِ اڍائي فوٽ باءِ ڇهه فوٽ فقط مليل ٿئي ٿي، بلاڪيٽن جهڙيون
ويڪريون شيون پاڻ سان ڪمري ۾ رکي پاڻ جاءِ
جي سوڙهه پيدا ڪرڻ ڪهڙي ڏاهپ آهي ـــ جڏهن ته اهي شيون پنهنجي ملڪ ۾ به عام جام
ملي سگھن ٿيون
ـــــــــــــــ
جن ماڻهن کي سڄو ڏينهن آفيسن ۽
دڪانن ۾ ويهڻو پوي ٿو ۽ هن کي هلڻ چلڻ جي عادت بنهه ناهي، ان لاءِ بهتر آهي ته حج
تي روانو ٿيڻ کان ٽي چار مهينا اڳ پنهنجو پاڻ ۾ گھڻي کان گھڻي هلڻ جي عادت وجھن،
جو حج دوران خبر ناهي هنن کي حرم پاڪ کان ڪيترو پري گھر ملي ۽ جي رهائش ويجھي آهي
ته به پنج وقت نماز لاءِ اچڻ وڃڻ ۾ ٽوٽل ٽي چار ميل ٿيو وڃن. اهڙيءَ طرح طواف
(ڪعبي جي چؤڌاري ست چڪر) ۽ سعي (صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ست چڪر) اٽڪل ٽي چار ميل ٿيو
وڃن. حج وارن ڏينهن ۾ ته اڃا به گھڻو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. مزدلفه کان منى ته هرهڪ کي
پنڌ ئي وڃڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن منى ۾ پنهنجي تنبوءَ کان شيطان کي پٿريون
هڻڻ لاءِ پنڌ وڃڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ان ئي وقت طواف ۽ سعي ڪرڻ لاءِ ڀلي ڪو منى کان
مڪي پنڌ اچن ٿا، انهن جا ٽي چار ميل وڌيڪ ٿيا. ان ڪري بهتر آهي ته حج تي روانو ٿيڻ
کان اڳ پاڻ ۾ هلڻ جي عادت وجھجي. عورتون
پنهنجن گھرن ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين واڪ جي پرئڪٽس ڪري سگهن ٿيون.
مون سان گڏ رهندڙ ڊاڪٽر روزانو
طواف ڪري اچڻ بعد پنهنجن پيرن کي زيتون جي تيل سان مالش ڪندو هو. زيتون جو تيل
پاڪستان ۾ به ملي ٿو يا مڪي پهچي پهرين ڏينهن ئي ٻه چار جھاجي گڏجي تيل جي ننڍي
شيشي يا دٻي مالش لاءِ وٺي سگھن ٿا. بهرحال ڪنهن به تيل جي مالش سان پيرن تي سوڄ
نٿي ٿئي.
ـــــــــــــــ
مديني ۾ رهندڙ هڪ پراڻي باشندي
چيو:
”مڪي ۾ جلال آهي ۽ مديني ۾ جمال
آهي.“
هڪ ٻئي، ٻن شهرن ۾ ڀيٽ ڪندي چيو:
”مڪي ۾ بندو ۽ رب آهي، مديني ۾
امتي ۽ رسول آهي.“
ـــــــــــــــ
رش ۾، خاص ڪري منى (جتي لکها ماڻهو
هڪ ئي وقت شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ اڳتي وڌن ٿا) ڪا شيءِ پٽ تي ڪري پوي ته هيٺ
جھُڪي هرگز نه کڻجي. ايڏي رش ۾ توهان جي پويان ايندر فقط هڪ ماڻهو ته کڻي توهان جو
خيال رکي ٿوري دير لاءِ بيهي رهي يا توهان کي هيٺ جھُڪندو ڏسي کڻي ترسي پر ان جي
پويان هزارين ماڻهو ٿيلها ڪندا (Momemtum ۾) پيا اچن اهي ترسي نه سگھندا ۽ توهان کي چپي ويندا. ان ڪري اهڙي
گپاگيهه ۾ توهان جي پيرن مان چمپل نڪري وڃي يا هٿن مان ڇٽي يا ٿرماس نڪري وڃي ته
ان جو فڪر هرگز نه ڪيو ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر انهي ئي رفتار سان اڳتي وڌندا رهو،
ڇو جو توهان جي اوچتي جھڪڻ تي پويان ايندڙ ٽي چار ڄڻا ٿاٻڙجي توهان مٿان ڪري پوندا
۽ ان مٿان هزارين ماڻهن جو سيلاب توپان کي
چپي ويندو.
ـــــــــــــــ
مڪي شريف يا مديني منوره جهڙي مٺي
ٻانگ مون ڪٿي نه ٻڌي. ائين لڳندو هو ڄڻ آسمان مان آواز گونجي رهيو هجي.
ـــــــــــــــ
حج جي لغوي معنى ارادو ڪرڻ يا ڪنهن
جاءِ تي پهه ڪري وڃڻ آهي. پر شريعت جي اصطلاح ۾ مڪي شريف ۾ پهچي بيت الله جو طواف،
منى ۾ رهڻ، عرفات جي حاضري، مزدلفه ۾ رات ٽڪڻ ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ست ڦيرا) ڪرڻ آهي.
ـــــــــــــــ
مڪي ۽ مديني ۾ پاڻ وڪڻڻ توڙي کائڻ
تي سخت بندش آهي. رستي تي سگريٽ ڇڪڻ کان به جھل آهي. توهان پان يا سگريٽ جا عادي
آهيو ته ان ڳالهه جو ڌيان رکجو.
ـــــــــــــــ
هوائي جهاز رستي ۽ وقت کي سسائي
ڇڏيو آهي. اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته ڳوٺ جا ماڻهو پاڻيءَ جي جهاز تي حج لاءِ
ويندا هئا. پاڻيءَ جي ڊگھي سفر ۾ حاجين جي ورتل سستي قسم جي ڪتل (کجور) سُرجي
ويندي هئي. تڏهن به مڪي مديني کان آيل هيءَ سوغات اسان لاءِ اهم هوندي هئي. ڪتل کي
صاف ڪري، اکين تي رکي، چپن سان چُمي کائي ڇڏيندا هئاسين. ڪڏهن به گلا نه ڪئيسين.
ـــــــــــــــ
اسلام فوٽوءَ جي اجازت ڏئي ٿو يا
نه ـــ منهنجي خيال ۾ ان جو دارومدار نيت تي آهي. پوڄا خاطر فوٽوءَ کا ٽنگڻ ظاهر
آهي شرڪ جو ڪم يعني گناهه آهي. پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ تي فوٽو يا پنهنجو ’فوٽو يا
پار پتا‘ ڳچيءَ ۾ هار وانگر وجھي هلڻ سڃاڻپ خاطر آهي جيئن ڏوهن کي گھٽائو وڃي ۽ حج
دوران گم ٿي ويل يا گذاري ويل جي ان مان سڃاڻپ ڪري سگھجي.
بهرحال سعودي عرب ۾ توهان ڳچيءَ ۾
فوٽو سميت سڃاڻپ ڪارڊ لڙڪائي سگھو ٿا پر تعويذ نه. ڇو جو تعويذ وغيره مان مطلب شرڪ
جو نڪري ٿو. توهان الله کان من جي مراد گھرڻ يا الله کان مدد گھرڻ بدران تعويذ،
ڌاڳن ۽ ٽوڻن ڦيڻن تي ويساهه ڪريو ٿا. مڪي ۾ هڪ ڏينهن ٽئڪسين جي چڪاس ٿي رهي هئي. پوليس وارا هڪ هڪ ڪار کي روڪي ان جا ڪاغذ
پٽ جانچي رهيا هئا. آئون جنهن ٽئڪسيءَ ۾ ويٺل هوس ان جو ڊرائيور پنجابي ڳالهائڻ
وارو پاڪستاني هو. ٽئڪسيءَ جا ڪاغذ چيڪ ڪندي عرب پوليس واري جي نظر ڪار جي آئيني ۾
لڙڪندڙ تعويذ تي پئي: ”هي ڇا آهي؟“ پوليس واري ٽئڪسي ڊرائيور کان پڇيو.
”گھڻو ڀاڙو ڪمائڻ لاءِ هي تعويذ
لکرايو اٿم.“ ٽئڪسي ڊرائيور عربيءَ ۾ وراڻيس.
پوليس واري سٽ ڏئي اهو تعويذ ڇني
ورتو ۽ ڪا دير پاڪستان پاڪستان جا لفظ دهرائڻ سان گڏ ڊرائيور کي دٻ ڪڍندو رهيو. جڏهن اسان کي ڇڏيائين ته ڊرائيور ٻڌايو ته هو اهوئي چوندو رهيو ته توهان پاڪستاني
خبر ناهي ڪڏهن سڌرندائو ۽ وارننگ ڏيندي
چيائين ته: ”آئيندي اهڙي شرڪ جو ڪم ڪيو اٿئي ته ڇهه مهينا جيل اماڻي ڇڏيندوسانءِ.“
ـــــــــــــــ
سعودي عرب ۾ چوري چڪاريءَ تان هٿ
ڪپيو وڃي ٿو ۽ وڏن ڏوهن تا سرقلم ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سزائن جو هڪ دفعو فيصلو ٿيڻ تي ڏوهاريءَ سان ڪابه همدردي
نٿي ڪئي وڃي. ويندي جو هن جو هٿ ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ ۽ سهوليت موجب ائين نٿو ڪپيو
وڃي، جيئن ڪو سرجن ڪنهن مريض جو اسپتال ۾ آپريشن دوران ڪپي ٿو.
هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن کي
سعودي عرب ۾ سٺي پگھار واري نوڪري ملي پر ”ڏوهارين جا هٿ ڪپڻ“ واري ڊيوٽيءَ تان
گھٻرائجي نوڪي ڇڏي ڏني. هن ٻڌايو ته ڏوهاريءَ جو بنا نشي Anaesthesia يا Pain
Killer دوا ڏيڻ جي
هٿ ڪپيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ٽمندڙ رت کي بند ڪرڻ لاءِ ڪپيل هٿ کي گرم تيل ۾ وڌو وڃي ٿو
۽ پوءِ ان بعد ئي مجرم کي اسپتال موڪليو وڃي ٿو.
ـــــــــــــــ
مٿئين ڊاڪٽر ٻڌايو ته عورتن کي حج
وارن ڏينهن ۾ ماهاني تڪليف (Monthly Periods) کان بچڻ لاءِ کپي ته Primolut-N گوريون روزانو کائين.
ـــــــــــــــ
ڪن ڪن انگريزي شين جا عربيءَ ۾
نالا عجيب آهن ۽ انهن شين جي Slogans جا ترجما ان کان وڌيڪ حيرت انگيز آهن.
ٽمئٽو ڪئچپ جربيءَ ۾ طماطم کتشاب
ٿيو وڃي، ڇو جو عربي زبان ۾ نه ”ٽ“ آهي،
نه ”چ“ ۽ نه ”پ“. اهڙيءَ طرح چاڪليٽ شڪولاتہ ٿيو وڃي.
مديني ۾ مسجد نبوي جي ٻاهران
هرگھٽيءَ ۾ ڍير پبلڪ ٽيليفون بوٿ نظر اچن ٿا. اها خبر هيم ته ٽيليفون کي عربيءَ ۾
هاتف سڏجي ٿو پر هتي جتي ڪٿي وڏن اکرن ۾ ’مافي مشڪلہ‘ لکيل ڏسي، آخر هڪ ڏينهن
انگريزي ڳالهائڻ واري ڪارڊ وڪڻندڙ کان پڇيم ته هن جو مطلب ڇا آهي.
هن ٻڌايو ته اهو هن ٽيليفون
ڪمپنيءَ جو نئون سلوگن آهي. مافي مشڪلہ معنى ”ڪابه شيءِ ڏکي ناهي.“ يعني توهان هنن
ٽيليفونن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڳالهائي سگھو ٿا.
اهڙيءَ طرح اڄُڪلهه جيڪي پيپسي
ڪولا جا نوان دٻا وڪامي رهيا هئا، انهن تي نعرو لکيل هو: ”نفس الطعم الرائع“ جنهن
جي انگريزي ۾ معنى به لکيل هئي. Same Great Taste
ڪپڙن ڌوئن لاءِ پائوڊر صابڻ وٺڻ
ويس. صابڻ آمريڪن Tide هو پر دٻي
تي عربيءَ ۾ نالو لکيل هو ”تايد“ ۽ ان جي هيٺان لکيل هو ”نسيم الحدائق“ معنى Garden
Breeze.
فرزي مئنگوڊرنڪ جي دٻي تي ان جو
عربي ترجمو هو: فرزي شريف المانجو.
ـــــــــــــــ
ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي جتان حاجي
حج لاءِ روانا ٿيان ٿا اتي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي:
”عازمين حج خدا حافظ ــ قائد اعظم
انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ ۽ هيٺان هڪ شعر لکيل آهي:
جسے چاہا در پے بلالیا
جسے چاہا اپنا بنالیا
یہ بڑے کرم کے ہیں فیصلے
یہ بڑے نصیب کی بات ہے
ان کان علاوه ايئرپورٽ تي ڪيترن
هنڌن تي وارننگ طور لکيل آهي ”جيڪڏهن پنهنجي زندگي ۽ ملڪ سان پيار ڪريو ٿا ته نشي
جون شيون کڻي وڃڻ کان گريز ڪريو ۽ ملڪ ۽ قوم کي شرمندگي ۽ بدناميءَ کان بچايو.“
سعودي عرب ۾ منهنجي هڪ عرب دوست،
جيڪو اتي جي نيويءَ جو ڪمانڊر آهي، تنهن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته: ”ڪيڏي افسوس جي
ڳالهه آهي ته هن موذي ڌنڌي ۾ سڀ کان گھڻا پاڪستان ۽ افغانستان جهڙا مسلمان ملڪ
حصيدار آهن.“ اڄُڪلهه جي سخت مشيني چڪاس ۽ هوشيار ڪتن ڪري شايد ئي ڪو سمگلر بچي
سگھي ٿو پر ان هوندي به ڪيترا ئي نادان ان ڌنڌي ۾ پاڻ کي ڦاسائي رکن ٿا. هتي اچڻ
سان ايئرپورٽ تي جھليا وڃن ٿا ۽ سندن انجام سر قلم ئي ٿئي ٿو.
No comments:
Post a Comment