Sunday, September 29, 2013

بڪنگهم پيلس جا دلڪش نظارا - عبدالحي پليجو

بڪنگهم پيلس جا دلڪش نظارا
ڪارا گلاب خريد ڪرڻ وارو شوق
عبدالحي پليجو
پنهنجي گذريل ڪالم ۾ لنڊن جي مکيه بازارن ۽ تفريحي ماڳن جو ذڪر ڪيو هئم. هن ڀيري اسان انگلينڊ جي راڻيءَ جي گهر وڃڻ جو سوچيو. مِنا پڇيو ته، اڄ جو ڇا پروگرام آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته، اڄ انگلينڊ جي راڻيءَ جي گهر ٿا هلون، پاڻ کِلي چيائين ته، سچ ٻڌائي ته اڄ ٻاهر گهمڻ جو ڪهڙو پروگرام آهي؟! مون وري کيس ساڳيو جواب ڏنو ۽ سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ته، انگلينڊ جي راڻيءَ جي لنڊن واري سرڪاري رهائشگاهه ٿا هلون، پاڻ پُڇيائين ته، اُتي اچڻ ڏيندا، پوءِ مون کيس سڄو احوال ٻڌايو ته، ۱۹۹۲ع ۾ بڪنگهم پيلس جي هڪڙي حصي کي زبردست باهه لڳي، جنهن ۾ محل جو هڪڙو حصو سڙي ويو، محلات ۽ ان ۾ رکيل نوادرات، فرنيچر، پردا، ڪارپيٽ ۽ بجليءَ جي فٽنگ کي به تمام گهڻو نقصان پهتو. باهه کانپوءِ بڪنگهم پيلس وارن حڪومت کي لکيو ته، محل جي مرمت ڪرايو ۽ سڙيل سامان به وٺي ڏيو، حڪومت کين جواب ڏنو ته، اسان چريا آهيون جو راڻيءَ جي ذاتي گهر جي مرمت ڪريون. راڻيءَ کي حڪومت جيڪو ساليانو ڀتو ٿي ڏئي. راڻيءَ کي چئو ته، انهيءَ مان محل کي ٺهرائي. راڻيءَ وري کين جواب ۾ چيو ته، حڪومت جيڪو مونکي الائونس ٿي ڏئي انهيءَ مان ته منهنجو گذر سفر ئي مس ٿو ٿئي، سو آئون هي هيڏو سارو خرچ يعني محل جي مرمت ۽ سامان سڙو ڪيئن وٺي سگهنديس؟!

ويڙا ٿر اڪري! - حسين ڪپري

ويڙا ٿر اڪري!
حسين ڪپري
هيل مينهن اهڙا ته مست ٿي وٺا، جو ٿر سڄو سُر سارنگ ٿي پيو. هي دنيا جو زرخيز ترين صحرا آهي، جنهن جو انگ انگ برسات کان پوءِ ڦٽي سائو چهچ ٿيو وڃي. هر طرف ڏسڻ لاءِ اهڙا حسين نظارا هوندا آهن، جو اکين جو ڍءُ ٿيو وڃي. هن سال اهڙو ڪو ماڻهو نه رهيو، جنهن ٿر وڃي فوٽو نه ڪڍايو هجي. يار دوستن فيس بڪ کي تصويرن سان ڀري ڇڏيو. مٿان ڪڪر ڪارونڀار به ڀريو بيٺو هو، سو پنهنجو به روح نه رهيو، تنهن ڪري رومانٽڪ موسم جي حساب سان سفر جو سامان کڻي روانا ٿياسين.

ننگر جا نظارا - جبار ڌاريجو

ننگر جا نظارا
جبار ڌاريجو
جڏهن برساتون وسن ٿيون ته انسان پنهنجي علائقن، فصلن، زميني حقيقتن جي حساب سان React ڪري ٿو. زرعي ۽ آباد علائقن جا ماڻهو بارش ڏسي خوش ضرور ٿين ٿا، پر حد اندر. ڇاڪاڻ جو انهن جا فصل ۽ مال، ٻنيون ۽ گهر گهڻي برسات برداشت نه ٿا ڪن ۽ نعمت مان ڦري مصيبت ٿيو وڃي. جابلو ۽ ريگستاني ماڻهو، جتي زمينون هموار ناهن، اتي جا ماڻهو ٻارهوئي بارش لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. سندن وڏي ۾ وڏي خوشي مينهن (برسات) سان وابسطه آهي. انهن علائقن ۾ پاڻيءَ جو ايريگيشن بندوبست آهي ڪو نه. جيڪو به فصل، گاهه ۽ پيئڻ جو پاڻي گهڻو ڪري برسات هوندو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جو ٿر وارو پاسو به برسات ۾ سائو ٿيو پوي اها ساواڻ ڌرتي، مال ۽ جانور، پکين ۽ انسانن سڀني لاءِ بي حد خوشي ۽ زندگي جو باعث هجي ٿي.

Sunday, September 22, 2013

دنيا جو پرامن ملڪ آئيس لينڊ ۽ هٿيارن جي ريل پيل - عبدالله مورائي

دنيا جو پرامن ملڪ آئيس لينڊ ۽ هٿيارن جي ريل پيل
عبدالله مورائي
توڙي جو هر ٽئين ماڻهو وٽ هٿيار آهي، پر تنهن هوندي به آئيس لينڊ (Iceland) جو شمار دنيا جي پرامن ملڪن ۾ پهرئين نمبر تي آهي. اهي هٿيار ماڻهن تي استعمال ٿيڻ بدران رڳو شڪار ڪرڻ جي ڪتب آندا وڃن ٿا. هتي ائين هرگز نه آهي ته هٿيار ڪي طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ هجن، پر هتي سندن تعليم ئي ايتري آهي جيڪا کين هٿيار ڪنهن انسان تي هلائڻ لاءِ بنهه ڪانه اڪسائي. هونءَ اسان جي معاشري ۾ طاقت جو توازن ضروري آهي، هٿيار شوبازي سان گڏوگڏ گهڻن ماڻهن کي حفاظت به مهيا ڪري رهيو آهي، جن معاشرن ۾ حڪومت حفاظت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته اتان جي عوام کي پورو پورو حق آهي ته هو پنهنجو پاڻ حفاظت ڪن.

لنڊن جون مکيه بازارون ۽ تفريحي ماڳ - عبدالحي پليجو

لنڊن جون مکيه بازارون ۽ تفريحي ماڳ
عبدالحي پليجو
اسان لنڊن ٽاور جي تاريخي ماڳَ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ کانپوءِ پنڌ ئي پنڌ ٽيمس نديءَ جي ڪپرن تي هلندي هلندي اچي لنڊن برج تي بيٺاسين، جتي اسان بيشمار تصويرون ڪڍيون، جنهن کانپوءِ اسان لنڊن برج ٽپي ٻئي ڪپ تي کليل ڇت واري بس تي چڙهي گهمندا ڦرندا اچي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي پهتاسين. لنڊن ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ بيشمار بازارون ۽ مارڪيٽون آهن پر هر سياح کي لنڊن جون مکيه بازارون ۽ مارڪيٽون گهمڻ ڦرڻ گهرجن. انهن مکيه بازارن ۾ چند هيٺيون آهن.
۱. آڪسفورڊ اسٽريٽ ۲. ريجنٽ اسٽريٽ  ۳. بانڊ اسٽريٽ
۴. پڪڊلي  ۵. ڪئيران بائي اسٽريٽ  ۶. جيرمين اسٽريٽ
۷. سوهو ۸. نائيٽس برج  ۹. سلون اسٽريٽ ۱۰. والٽون اسٽريٽ
لنڊن جون مشهور مارڪيٽون:
۱. ڪانوينٽ گارڊن مارڪيٽ ۲. جوبلي مارڪيٽ ۳. ايپل مارڪيٽ ۴. چيلسا مارڪيٽ  ۵. مارٽن-ان-دي-فيلڊس مارڪيٽ ۶. بروڪ مارڪيٽ ۷. پورٽو بيلو مارڪيٽ.

ڏينهن ڏٺي جو درياءُ جو سير شوڪت لوهار

ڏينهن ڏٺي جو درياءُ جو سير
شوڪت لوهار
سنڌي ٻولي عظيم آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي بلڪ شڪ جي ڪا به گنجائش نه آهي پر اهو جملو ۽ اهڙا ٻيا جُملا اسان صرف درسي ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ به ايتري ٿولهه آهي جو ٻي ڪنهن دليل جي بلڪل به گنجائش نه آهي...! اهڙين ڳالهين جو ڪڪڙين جي ٽنگن ۾ تريل مقامي پڪوڙن ۽ سموسن تي گرما گرم بحث جاري و ساري هو جو اوچتو منهنجي ڳوٺ مان آيل منهنجي ”ڪٽنب“ اسرار ڪيو ته اسان کي درياءُ بادشاهه جو سير ڪرڻو آهي. مون کين گهڻو ئي سمجهايو ته درياءُ بادشاهه هن وقت بدهضمي جو شڪار آهي، جو ڪڏهن ان جو پيٽ سڪل ٺوٺ ته ڪڏهن ڪنن تائين ڇولين ۾ ڇلڪندڙ- سو درياءُ بادشاهه کي پنهنجي طبيعت پاڻ کي به سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ توهان وري ان ڳالهه کي چيگم جيان چنبڙيا پيا آهيو ته اسان کي درياءُ بادشاهه جو سير ڪرڻو آهي سو به ڏينهن ڏٺي جو...! حيرت آهي ڇاڪاڻ ته مون درسي ڪتابن ۾ جيڪي به سهڻي سنڌي ۾ لکڻ لاءِ ڏنل موضوعن تي سوالن ۾ هميشه اِهو ئي پڙهيو آهي ته هيٺين مان ڪنهن به هڪ تي سهڻي، خوبصورت من موهيندڙ، سنهڙي سيپڪڙي هرڻي جي چال جهڙي چيتي جي چيلهه جهڙي ۽ قطرينا جي ڪرائين جهڙي سنڌي ۾ مضمون لکو: ”چانڊوڪي رات ۾ درياءُ جو سير“ هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجن، ڪيڏانهن مُنهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار، مان چوان اٽو تون چئو گهوٻاٽو، ڪجهه ٻيا به آهن پر ائين نه ٿئي جو پڙهندڙ وجهن پادر ۾ هٿ!

Saturday, September 21, 2013

هوءَ چرچا پيئي ڪري - الطاف شيخ

هوءَ چرچا پيئي ڪري
الطاف شيخ

”گهڻو ڏوهه هنن ٿائي ڇوڪرين جو آهي.“ ڊئوڊ چيو، ”هتي جي غربت ۽ پورهئي واري زندگيءَ کان ڀڄڻ ۽ وڌيڪَ خوشحال ۽ آسائشي رهائش لاءِ هو واقعي جيڪو پئسي وارو ڏسن ٿيون ان کي چنبڙيو پون. پوءِ کڻي اهو پوڙهو هجي، بيمار هجي، اڌ چريو هُجي، جرائم پيشه هجي يا هن وٽ اڳهين زالن جو ڌڻ ويٺو هجي.“
”خاص ڪري گوري کل واري کي ته هي الائي ڇا ٿيون سمجھن. اهو ڀلي کڻي خالي کيسي واروڳ رومانيا، بلغاريا، البانيا جهڙي ڪنهن کٽل ملڪَ جو هجي پر هي ڇوڪريون هن کي امير آمريڪن ئي سمجھن ٿيون، جيڪو هنن جي سپنن کي ساڀيان ڏئي سگهي.“ هاشم چيو.

SEKARANG SAYA TAKUT - الطاف شيخ

SEKARANG SAYA TAKUT
الطاف شيخ


هاشم وارن سامونڊي شيون کائي بس ڪيون ۽ جنهن پني ۾ اهي ويڙهيل هيون ان سان هٿ اگهي پنو ڪچري جي بارديءَ ۾ اڇلايو. گاڏي واري ڇوڪريءَ هاڻ ويجھو اچي کانئن آرڊر پڇيو. جيڪو سنگاپوري چيني همراهه ڊئوڊ، ٿائي زبان ۾ ترجمو ڪري هن کي ٻڌايو. هاشم کير بدران چانهه جو آرڊر ڏنو.
”ڇو ڳئون جو کير نٿو پين؟“ ڊئوڊ هاشم کان پڇيو.
”ڳئون جو کير هندو پيئندا آهن.“ هاشم وراڻيو.
”پر توهان مسلمان ڳئون جو گوشت ته کائو ٿا.“
”اهو وري هندو نٿا کائين.“ هاشم کلندي ٺهه پهه جواب ڏنس.

آرامَ لاءِ هزار ڪلوميٽر هلڻ - الطاف شيخ

آرامَ لاءِ هزار ڪلوميٽر هلڻ
الطاف شيخ

هاتيائي ريلوي اسٽيشن جي هوٽل ”راڄ ڌانيءَ“ ۾ چانهه پيئڻ ۽ اتي جي ڪلارڪ ڇوڪري سي راڻيءَ سان خبر چار ڪرڻ بعد پنهنجي هوٽل Sakol جي ڪمري ۾ آيس. اڃا ڏهه منٽ ڪي مس گذريا ته هاشم اچي سهڙيو.
”ڪر خبر اچي ويائو. Sudah Makan ـــ ماني کاڌانو؟“ مون ملئي زبان ۾ پڇيو مانس.
Belum Lagi Lah. اڃا نه. جنهن هوٽل ۾ وياسين سا بند هئي. هتان هُتان رلي پني اچي نڪتا آهيون. هيٺ هڪ اسٽال ڏسي آيا آهيون هاڻ اتي ئي ٿا کائون. تون به هل. ڪجهه ٿڌو يا ڪوسو هلي پيءُ.“ هاشم هلڻ لاءِ زور ڀريو.

سي راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي - الطاف شيخ

سي راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي
الطاف شيخ

سي راڻيءَ جي ڪائونٽر اڳيان ئي چانهه جي ريسٽورينٽ آهي. هڪ ڪرسي تي ويهي چيومانس: ”چانهه پيئڻ لاءِ آيو آهيان. تون به پيئڻ چاهين ته صلاح اٿئي. پر هڪ مهرباني ڪر. ان Serve ڪرڻ واري ڇوڪريءَ کي ٿائي زبان ۾ سمجھاءِ ته ففقط ڪوسي پاڻيءَ بدران ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ چانهه جي پتي وجھي اچي.“
هٿ جي اشاري سان ها ڪري، چانهه لاءِ ڇوڪريءَ کي سمجھائين ۽ پاڻ جلدي جلدي ڪاغذ پٽ صحيح ڪرڻ لڳي. سندس ڊيوٽي ختم ٿيڻ جو وقت اچي ڀريو هو.

ٿائي ماڻهن جي منجھائيندڙ مُرڪَ - الطاف شيخ

ٿائي ماڻهن جي منجھائيندڙ مُرڪَ
الطاف شيخ

هاتيائي شهر ۾ مون سان گڏ پينانگ جو واقفڪار ملئي هاشم هو ۽ ٻيو هاشم جو پاڙيسري ۽ دوست قاسم ـــ جيڪو پڻ نالي مان ئي ظاهر آهي ته ملئي آهي. هن غريب جو مائٽن ڄمڻ وقت نالو غلط لکرايو. يا ڳوٺ جي رجسٽريشن آفيس ۾، ان وقت ڊيوٽي تي پوليس وارو لکڻ پڙهڻ ۾ صفا ڪو چٽ هو، تنهن سندس نالو ڄم جي رجسٽر تي قاسم (Qasim) يا Kasim لکڻ بدران خاسم (Khasim) لکي ڇڏيو. ملائيشيا جيڪو نالو ڄمڻ مهل لکائجي ٿو اهو ئي نالو ان ئي اسپيلنگ سان، سڄي ڄمار قائم رکڻو پوي ٿو. پاسپورٽ توڙي شناختي ڪارڊَ تي به ائين لکائڻو پوي ٿو ۽ آخر ۾ مرڻ تي ڪانڌي دفن ڪري قبر جي ڪتبي تي ”ڪمبالي ڪپادا رحمة العالمين“ سان گڏ واري جو نالو ان ئي اچار سان لکرائي هڻن ٿا. (ڪمبالي ڪپادا ملئي لفظ آهي جنهن جي معنا آهي: واپس وريو ـــ الله جي رحمت ڏانهن.) ملائيشيا ۾ مسلمانن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي اهي لفظ، دفن ٿيل همراهه جو نالو، ۽ مرڻ جي تاريخ لکڻ جو دستور عام آهي.

ٿائي عورت جي سمگلنگ - الطاف شيخ

ٿائي عورت جي سمگلنگ
 الطاف شيخ

بهرحال هاڻ وري ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون ملائيشيا گهمڻ جي ارادي سان پهچي، ڪنهن امير يا اثر رسوخ جون سرتيون (Keeps) ٿي رهن ٿيون. يا وري ملائيشيا جا چيني گڙنگ، جيڪي ملائيشيا ۾ سختي هجڻ جي باوجود اٽڪل بازيءَ سان شراب، جوا ۽ عياشي وغيرا جا اڏا هلائين ٿا، سي مختلف نمونن سان ٿائي ڇوڪرين کي ملائيشيا گهمڻ جي ويزا تي يا ڪنهن ٻئي بهاني سان، ملائيشيا آڻي پوءِ ڏورانهن هنڌن تي کين لڪايو ڇڏين. پوءِ وقت بوقت کين خاص گراهڪن آڏو پيش ڪري پئسو ڪمائين ٿا. ان قسم جا به ڪيترا ئي پاٿاريدارَ پڪڙيا ويا آهن جن جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو.

ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي لائق آهن.- الطاف شيخ

ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي لائق آهن.... 
الطاف شيخ

ملڪ جي هن وهنوار ۽ هن قسم جي ريتن رسمن کان بيزار ٿي هي بي وس ٿائي  ڇوڪريون موقعي ملڻ تي ٿائلنڊ مان ڀڄي ڀر واري ملڪ ـــ ملائيشيا ڏي وڃن ٿيون. جيڪو ٿائلنڊ کان پوءِ به سکيو ستابو ۽ امن امان وارو آهي. يا جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور گهمڻ جو بهانو ڪري اتي ٽڪي پون ٿيون. پوءِ جيڪو محنت مزدوريءَ جو کين ڌنڌو ملي ٿو ـــ گهر آفيس جي صفائيءَ کان فئڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو، ته ان ۾ هي راضي رهن ٿيون. پر اڻ پڙهيل هجڻ ڪري اتي به کين اهوئي جسم جو وڪرو ڪرڻو پوي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ لاءِ اتي به کين ڪنهنجو سهارو وٺڻو پوي ٿو جيئن هو هنن لاءِ ڪو ڌنڌو ڳولي ۽ کين اميگريشن پوليس کان لڪائي رکي. پر ان قسمَ جو سهارو ڏيڻ وارو ورلي ڪو صحيح ماڻهو نڪري ٿو. نه ته اهڙين ڇوڪرين جي ڳولا ۾ ڪيترا ئي لوفر غنڊا واجھائيندا رهن ٿا جيئن کين ٻاهرينءَ زبان جي مک چک سان، کين ڌتاري کانئن غلط پورهيا ڪرائي، انهن جي ڪمائيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿجي. پوءِ هنن مجبور ڇوڪرين کي هر ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ۽ ٿوري به چون چران ڪرڻ تي جپاني پوليس به ساڻن همدردي ڪرڻ بدران کين غير قانوني رهڻ جي جرم ۾ جھلي ٿي ۽ ويتر جي کين سندن ملڪ موڪليو وڃي ٿو ته اتي ٿائي پوليس به کين ماري ڪٽي جيلن ۾ بند ڪري واپس ساڳين ٿائي مالڪن/مائٽن حوالي ڪري ٿي جن جي ظلم کان هو ڀڄي نڪتيون هيون.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هي ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي جي لائق آهن جن جي پيٽ خاطر سڄي زندگي لڳاتار جدوجهد ۾ گذري ٿي. جن جي زندگي ڄمڻ کان وٺي ڏکن سورن ۾ پوري ٿئي ٿي. غريب گهر ۾ ڄمڻ ڪري هنن جو ننڍپڻ پڙهڻ بدران ٻنين ٻارن ۾، اڌ بک اڌ ڍؤ تي، پورهيو ڪندي گذري ٿو. جوان ٿيڻ تي هنن جا مائٽ کين ڍورن وانگر وڪڻيو ڇڏين ۽ نون خريدارن وٽ هنن جي زندگي گراهڪن کي زور ڏيندي، نچندي، شراب پيئاريندي يا پنهنجو جسم هنن جي حوالي ڪندي گذري ٿي. معصوم منهن تي ميڪ اپ جو ليپ ڏيئي هر ايندڙ گراهڪ جو مرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪندڙ، ٿائلنڊ جون هي ڇوڪريون، هر وقت گراهڪن ۽ سندن نون آقائن جي موڊَ جو شڪار رهن ٿيون. مرڪ بدران کين موٽ ۾ مار موچڙو ۽ Sexual Diseases (جنسياتي بيماريون) ملن ٿيون.
ان سڄي عذاب کان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جڏهن ڪڪو پوڙهو پڪو يورپي يا ڀرواري ملڪ ــ ملائيشيا جو، کين شاديءَ لاءِ چوي ٿو ته ان وٽ گولي ٿي گذارڻ لاءِ به تيار ٿيو وڃن. ٻئي ملڪ هلي ڪنهن آبرو واري پورهئي ڪرڻ لاءِ ڪو کين آسرو ڏئي ٿو ته ان کي سچ سمجهي، بنا ڪنهن اڳتي جي خوف جي، يا پوءِ جي انجامَ سوچڻ جي، نڪريو پون.
”مستقبل جي خطري جو خوف انهن کي ٿي سگهي ٿي جن جو حال سک ۾ گذرندو هجي.“ هڪ ان قسم جي ٿائي ڇوڪريءَ ٻُڌايو.
حالتن جي چنبي ۾ ڦاٿل هنن ٿائي ڇوڪرين کي ٻئي ڪنهن وٽ ٿورو گهڻو به سک مليو وڃي ته هو پاڻَ کي خوش نصيب سمجھن ٿيون. جيترو وقت سڪون سان گذرين ٿو ان کي هو غنيمتَ سمجھن ٿيون. پر پوءِ ڪن جي بدبختيءَ جو اهو ڏينهن جلد اچيو وڃي جڏهن پوليس جي پڪڙ ڌڪڙ يا شادي ڪندڙ جي مار موچڙي يا طلاق ڏيڻ تي، هڪ دفعو وري پنهنجي ساڳي زندگيءَ ۾ موٽي اچڻو پوين ٿو.
ملائيشيا جا ڪيترا شادي شده ملئي مسلمان (ان ڪري جو ٻي يا ٽي شادي لاءِ هو اسلام کي سولائيءَ سان Exploit ڪن ٿا) هڪ يا ٻن زالن هوندي، ٿائلنڊ شاپنگ جي ارادي سان پهچي، موڊ  ٿيڻ تي ڪنهن ٿائي ڇوڪريءَ کي نئين ڪنوار ٺاهي پنهنجي ملڪ وٺيو وڃن. پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد، دل کٽي ٿيڻ تي، (يا پهرين زال جي باه ٻاري ڏيڻ تي) ٿائي زال تي ئي مصيبت اچي ٿي، جو هن جو ڪو اوهي واهي ناهي. پوءِ هوءَ ٿائلنڊ موٽي واري ساڳي سورن جي زندگي گذاري ٿي.
هاڻ ملائيشيا ۾ اهو شاديءَ جو چڪر البت گهٽجي رهيو آهي جو حڪومت روز بروز سخت قاعدا ڪڍي رهي آهي جن موجب هڪ ته ٻاهرين ملڪ مان آندل ڪنوار کي ملائيشيا جي قوميت نه ملندي. ٻيو ته شادي کان اڳ، مڙس کي پهرين زال کان ٻن شاهدن اڳيان لکت ۾ موڪل وٺڻي پوندي. ٽيون ته جنهن ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻي آهي، سال اڌ اڳ ان جو نالو ۽ پتو رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو جيئن خبر پوي ته پهرين کان ڄاڻ سڃاڻ آهي ۽ هو صحيح طرح شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ائين نه ته پهرين زالَ ۽ ٻارن کان اهو چئي موڪلائي نڪري ته توهان لاءِ ٿائلنڊ مان عيدَ جا ڪپڙا ۽ رانديڪا ٿو آڻيان، موٽي هڪ عدد ٿائي جوان جماڻ  عورت سان.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻَ جو شوق ناهي - الطاف شيخ

ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻَ جو شوق ناهي
الطاف شيخ

هن پاسي جي ملڪن ۾ جتي ڪنهن زماني ۾ چيني، ملئي ۽ ٿائي زور ڏيڻ وارا سَنڌ سَنڌ مان سور نچوڙي ڪڍڻ ۾ مشهور هُئا اتي اڄ انهن جي ساک ۽ آڙَ ۾ هاڻ جسمن جو واپار ٿئي ٿو. پوءِ ڪي ڇوڪريون ائين ڪاروبار ڪن  ته ڪي حجام جي دڪانن (Beauty Parlor) يا مساج پارلرن جي نالي سان ڪم هلائين. سوخنٿا (Sukhontha) هوٽل جي پٺيان هتي جو Pink-Lady نالي مساج پارلر اهڙن ڪمن کان پري پري تائين مشهور آهي. ان کان به وڏو نورا هوٽل ۾ Chao-Phraya مساج هائوس آهي جنهن ۾ ٽي سؤ کن ڇوڪريون زور ڏيڻ (مساج) جو ڪم ڪن ٿيون.  بقول هتي جو ٽوئرسٽ گائيڊ ڪتاب موجب:

سيڪس ڪو چاڪليٽ ناهي - الطاف شيخ

سيڪس ڪو چاڪليٽ ناهي
الطاف شيخ

اڄ رات هاشم وري ان پاڪستاني هوٽل يا ان جهڙي ڪنهن ٻي مسلم ريسٽورينٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ تيار ٿيو هو. مون ساٿ نه ڏنومانس. قاسم ۽ پاڻ ”ٽڪ ٽڪ“ واري کي چار چار باٿ ڏيئي روانا ٿيا. آئون ڀر واري روڊ تي هڪ پراڻن ڪتابن ۽ اخبارن جي دڪان تان اڌ قيمت تي ڪجهه پراڻا ڪتابَ ۽ اخبارون وٺي پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏي موٽيس. لفٽ ۾ اڪيلو ڏسي. ”لفٽ بئاءِ“ هڪ دفعو وري پنهنجي مال جي اگهه جي خوبيءَ جو بيان جاري رکيو.

کچهه پاکستان نو کچهه قبرستان چلي گئي - الطاف شيخ

کچهه پاکستان نو کچهه قبرستان چلي گئي
الطاف شيخ

واپس موٽڻ لاءِ، رستو ٽپي، ٻئي پاسي پاڪستان مسجد جي در وٽ ٽُڪ ٽُڪ (سواريءَ) لاءِ اچي بيٺاسين. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن: هانگ ڪانگ، برما کان ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سري لنڪا وغيره ۾ ڪيترا ئي پاڪستاني پنجابي ۽ پٺاڻ رهن ٿا. اهي هينئر کان نه پر ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ انگريز فوج سان آيا ۽ پهرين ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ بعد هتي ئي ترسي پيا. ڪي ته واپار وڙي ڪارڻ آيا، ٻي وڏي جنگ بعد حالتن جي مجبوريءَ ڪري هن پاسي رهي پيا. بهرحال انهن ڏينهن ۾ هن پاسي رهڻ ڪو چرچي ڀوڳ جو ڪم نه هو. ان زماني ۾ هي ملڪ، پاڪستان هندستان کان به وڌيڪ غَريب هئا. موسم به ڪا خاص سٺي نه هئي. مڇرن ۽ جيتن جڙن کان  علاوه  هنن جھنگلي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ صحيح پاڻي به نه هو. جيڪي واپس موٽيا ٿي تن مان ڪي پهتا ٿي ته ڪي تن ڏينهن جي ڪمزور ٻيڙن سميت سمنڊ جو اَجل ٿي ويا ٿي. هتي رهندڙن جيئڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪيا. مٽن مائٽن کان پري هنن ڪئين سالَ غربت جي زندگي گذاري. ڏکي کان ڏکيا پورهيا ڪيا. سندن روزيءَ ۾ رب برڪت وڌي. ان سان گڏ هن پاسي جا ملڪ به سکيا ستابا ٿي ويا. هاڻ اهي تن ڏينهن جا پنجابي توڙي پٺاڻ، اڄ چاهي ٿائلنڊ ۾ آهن يا ملائيشيا ۾، هانگ ڪانگ ۾ آهن يا سنگاپور ۾، پنهنجي زبان، ڪلچر ۽ مذهب قائم رکندا اچن. ڏهٽن پٽن پوٽن وارا ٿي ويا آهن واپار ۽ نوڪرين ۾ پنهنجو نالو ڪڍي رهيا آهن.  ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر زمان خان پٺاڻ آهي جيڪو هاڻ هن ملڪ جو شهرري آهي ۽ ملائيشين سڏائي ٿو. ڪوالالمپور جي باتو روڊ ۽ سنگاپور جي آرچرڊ روڊ تي مشهور ڪارپيٽن جي دڪانن جا مالڪ پنجابي ۽ پٺاڻَ آهن. هو وڏا ماڻهو ٿي وڃڻ بعد به پنهنجن غريب مائٽن کي ياد رکندا اچن. جيڪي بچين ٿو، اهو پاڪستان موڪلين ٿا. عيد برات تي انهن سان ملڻ پاڪستان وڃن ٿا. سنگاپور ۽ ملائيشيا کان PIA ۽ MAS جي هوائي جهازن ۾ پاڪستان ايندڙ ويندڙ اڌ کان وڌيڪ پنجابي ۽ پٺاڻ پاڪستاني پاسپورٽ نه پر ملائيشيا، سنگاپور يا ٿائلنڊ  جو پاسپورٽ رکن ٿا. پر هنن جي دل اڄ به پنهنجي اصلي وطن جي رهواسين سان گڏ ڌڙڪي ٿي. سندن نئين ٽهي هنن نون ملڪن ۾ هري مري ويئي آهي پر جھوني جڳ جا بچيل هي ماڻهو اڄ به پنهنجن ڳوٺن جون ڳالهيون ياد ڪري هنجون هارين ٿا. هاتيائي شهر جي هيءَ مسجد اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ اهڙن غريب مسلمانن پائي پائي چندو ڪري ٺهرائي. هنن گاري ۽ گچ جون تغاريون پنهنجن ڪلهن تي ڍوئيون. سرون ۽ ڪامون پاڻ کنيون. اهڙي طرح ٿورن وسيلن هوندي به هيءَ مسجد سهڻي کان سهڻي ۽ وڏي کان وڏي ٺاهي ورتي. ان جو نالو رکيائون ”پاڪستان مسجد“. جيئن ڪوالالمپور ۾ پاڪستانين جي ٺهيل مسجد ”پاڪستان ـــ مسجد“ سڏجي ٿي.

حلال جو پورهيو ڇڏڻ نه کپي - الطاف شيخ

حلال جو پورهيو ڇڏڻ نه کپي
 الطاف شيخ

انڊيا جي رهاڪن کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور لاءِ به اڳواٽ پنهنجي ملڪ مان ويزا وٺي نڪرڻو پوي ٿو. ڪي ملڪ ته اهڙا آهن جيڪي رهڻ ته نٿا ڏين پر گهمڻ لاءِ به اچڻ نٿا ڏين. انهن ملڪن جي ويزا نه سندن ايئرپورٽ تي ملي سگهي ٿي ۽ نه سفارت خانن مان. سئيڊن، ناروي، ڪويت، برونائي ۽ ٻيا ڪيترا ئي عرب ملڪ ڌارين کي اچڻ نٿا ڏين ـــ منهنجو مطلب آهي اسان جهڙن غريب ملڪن جي رهاڪن کي. باقي ڪو آمريڪن، انگريز، فرينچ وغيره آهي ته بالم ٿيو پيو هلي. هن لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن جا دروازا کليل آهن. بلڪه انهن لاءِ اسانجو هر ايشيائي ملڪ واٽون پيو نهاري.

ويزا جي مون سان به جٺ ٿي - الطاف شيخ

ويزا جي مون سان به جٺ ٿي

الطاف شيخ

هڪ دفعو Visa جي مون سان به ٿوري گهڻي جٺ ٿي چڪي آهي جيڪا منهنجي بي ڌيانيءَ جو نتيجو هئي. اهو هن ريت: ٻه سال اڳ تائين ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. جڏهن دل چاهيندي هئي ته پاسپورٽ کڻي هليو وڃبو هو. بارڊر تي ٿائي اميگريشن جو آفيسر، پاسپورٽ تي داخلا (Entry) جي ٺپي سان گڏ مهينو رهڻ لاءِ ويزا جو ٺپو پڻ هڻي ڏيندو هو.

سفر لاءِ ويزا ضروري آهي - الطاف شيخ

سفر لاءِ ويزا ضروري آهي
الطاف شيخ
اتي هوٽل جو مالڪ طارق نماز پڙهي موٽيو. هو به شبير جي عمر جو لڳي رهيو هو. سلام دعا ۽ ڄاڻَ سُڃاڻ ڪرائڻ بعد پڇيو مانس: ”ٻئي ڪنهن ڌنڌي بدران توهان کي هوٽل کولڻ جو خيال ڪيئن آيوــــ؟“
”منهنجو هن ڌنڌي سان پهرين کان واسطو نه هو. منهنجي ساهرن (ٿائي زال جي پيءُ) کي بئنڪاڪ ۾ هوٽل آهي جتي منهنجي زالَ پڻ ڪم ڪيو ٿي. ان ڪري شاديءَ بعد مون هوٽل کولڻ بهتر سمجھيو.“
”پر بئنڪاڪ ۾ ڇو نه کوليائون؟ بئنڪاڪ کان هزار ڪلوميٽرن پري، هيڏانهن ڏکڻ ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ هوٽل کولڻ جو ارادو ڪيئن ٿيو؟“

هاتيائيءَ ۾ پهرين رات جي ماني - الطاف شيخ

هاتيائيءَ ۾ پهرين رات جي ماني
الطاف شيخ
ان پهرين رات وهنجي سهنجي پوءِ ماني لاءِ هيٺ لٿاسين. هوٽلون ڳولڻ وقت مون ڏٺو ته رستي تي ڪيترا ئي ننڍا وڏا اسٽالَ ۽ گاڏا هئا جن تي کائڻ پيئڻ جو شيون جامَ هويون. ٻن ٽن گاڏن تي چنڊ تارو ٺهيل هو يا ”بسم الله“ جو فريم لڙڪيل هو جتي حلال کاڌو هجڻ ڪري اسين کائي سگهياسين ٿي. بلڪه منهنجو ارادو هو ته هيڏانهن هوڏانهن مانيءَ لاءِ پري ڀٽڪڻ بدران اسٽالن تان ئي ڪجهه وٺي کائجي. پر هاشم ان جي فائدي ۾ نه هو. هو ڪنهن پاڪستاني هندستاني يا ملئي جي مسلم هوٽل ۾ پُر تڪلف ماني کائڻ جي موڊَ ۾ هو ـــ جتي پهرين به کائي چُڪو هو.

ڪا سستي هوٽل سجهنئي - الطاف شيخ

ڪا سستي هوٽل سجهنئي......
الطاف شيخ

”الطاف! هل ته مسلم هوٽل ۾ ماني کائي اچون.“
”مون هينئر فٽ پاٿ واري اسٽالَ تان ماني وٺي کاڌي آهي. هتي ڪيترا ئي حلال کاڌي جا گاڏا آهن. ڪنهن ڏورانهين هوٽل تي ڇو وڃجي.“ مون کين صلاح ڏني.
”يار اسين ته ڪالهه واري پاڪستاني هوٽل ۾ ئي وڃي ماني کائي اچون ٿا.“ ۽ هو مونکي اتي ئي ڇڏي وري هوٽل ڏي روانا ٿيا.

امير نه چاهيندو - الطاف شيخ

امير نه چاهيندو.......
الطاف شيخ

هاشم ۽ قاسم تيار ٿيندا رهيا. ايتري ۾ اسماعيل اچي ويو ۽ مون سان خبر چار ڪرڻ لڳو.
ڪن ڪن ملڪن ۾ سواريءَ جا خاص نمونا ٿين ٿا. جيئن ڪراچي، حيدرآباد ۾ رڪشا سڀ کان مشهور آهي. ڪوالالمپور ۾ مني بس، جيڪا هوبهو بس جهڙي ٿئي پر ننڍي سائيز جي. پينانگ ۾ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ سائيڪل رڪشا (ٽرائشا). منيلا ۾ جيپني. اهڙي طرح هتي ٿائلنڊ جي وڏن شهرن ۾ ٽڪ ٽڪ (Tuk – Tuk) سڀ ۾ سستي، سولي ۽ هر وقت موجود سواري آهي. شهر جي هڪ ڪنڊَ کان ڀلي ٻي ڪنـڊ تائين وڃو يا هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ تائين. هي ننڍڙيون سوزوڪي پڪ اپون فقط چار باٿ وٺي مُسافر کڻن لاهين. سندن ڪا به مقرر روٽ نه ٿئي. رستي تي جيڪي مُسافر ملندن سي پٺيان ٺهيل ڪاٺَ جي ٻن بينچن تي وهاريندا ويندا. ڪڏهن فقط هڪ ملندن ته به هلندا رهندا. ڪُر ڪُر نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون جهڙن ڊگھن لاءِ اُنَ ۾ وهڻ به عذاب ته چڙهڻ لهڻ به عذاب مٿي تي هٿ رکي ٽڪ ٽڪ ۾ وهڻو پوندو آهي جو رکي رکي جمپ کائڻ تي منهنجي بنا وارن واري گنج سوزڪي جي ڇت واري ڏنڊي سان وڃي لڳندي آهي. ان کان علاوه اڻ تجربيڪار مسافر اوچتو بريڪ لڳڻ تي بينچن تان اٿل کائي اڳيان وچ تي ڍير ٿي پوندا آهن. بهرحال اها هڪ اهڙي نارمل ڳالهه آهي جو هڪ ٻئي  مٿان ڪرڻ يا ڇيڀاٽجڻ تي ڪو به “Sorry” چئي معافي نٿو وٺي. هر هڪ پاڻ ڇنڍي جهڙا ميڙا جت تهڙا ميڙا تت ٿي ٿو وهي.

پهرين ۽ آخري منزل- الطاف شيخ

پهرين ۽ آخري منزل
الطاف شيخ

منجھند مهل هاشم ٻڌايو ته کين رستي جي پاسي واري هڪ مسلمان هوٽل ”ماريا مسلم ريسٽورينٽ“ ۾ اسماعيل نالي ٿائلنڊ جو ملئي همراهه مليو. هن کي پنهنجي ٽڪ ٽڪ (ٽئڪسي) آهي جنهن ۾ هو کين سونگڪلا گهمائڻ وٺي هلي ٿو. هنن مونکي به ساڻ هلڻ جي دعوت ڏني. ”سونگڪلا اڄ ئي هلي ڇا ڪجي؟“ مون پڇيو جو جهڙا دڪان ۽ خريداري هاتيائيءَ ۾ آهي اهڙي سونگڪلا ۾.
”سئمنگ لاءِ ڇو ته سونگڪلا سمنڊ جي ڪناري تي آهي.“ هاشم چيو.
”اها سئمنگ ۽ سمنڊ جا ڪنارا ته ڇڏي هاتيائي ۾ آيا آهيون.“ نه ته ملاڪا نه ويٺو هجان ۽ توهانجي پينانگ ٻيٽ جي ته چوڌاري سمنڊ آهي مون کلندي وراڻيومانس.

ترقيءَ جي رفتار ٻُڙي ٻُڙي - الطاف شيخ

ترقيءَ جي رفتار ٻُڙي ٻُڙي .......

الطاف شيخ

مٿين گاڏن/اسٽالن کان علاوه ڪن تي تريل مڇيون ۽ گانگٽ پڻ وڪامي رهيا هُئا. ڪن تي چانهه، بسڪٽ، ڪُمين، بدڪن، ڪڪڙين ۽ ڪبوترن جا اوٻاريل بيضا پڻ هُئا. هن پاسي جا ماڻهو بيضو گهڻو کائين ٿا. پاڻ وٽ ڪڪڙين جا بيضا هلن ۽ ائين اوٻاريل بيضا مون فقط ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي يا رمضان جي مهيني ۾ پاڪستان چوڪ ۽ برنس روڊ جي چوراهي تي وڪامندي ڏٺا آهن.

زردي رنگ جو شربت- الطاف شيخ

زردي رنگ جو شربت.....

الطاف شيخ

ڀر واري گاڏي  تي هڪ ٿائي ٻڌ ڇوڪري هيڊي رنگ جو شربت ۽ ناريل جو پاڻي وڪڻي رهي هئي. سمجھ ۾ نه آيو ته شربت ڇا جو آهي. سخت اڃ ۽ گهڻي هلڻ ڪري ڪجهه ڪجهه دماغ پڻ سوچڻ کان نابري واريو بيٺو هو. سو To be on safe side اهو هيڊو زردو شربت وٺي پيئڻ بدران ناريل ڏي اشارو ڪيم. ملائيشيا ۾ ڪن هنڌن تي سڄو ناريل وڪامي ته ڪن هنڌن تي هڪ ناريل مان ٻه گلاس ڀَري، ڪجهه مٺي چاش ملائي ڏين. هونءَ ملائيشيا جا ناريل ايترا مٺا نه آهن جيترو هي سيامي (ٿائلنڊ) جا ناريل. قيمت پڻ اڌَ جيتري اٿن. ڇوڪريءَ ناريل جي ٽوپيءَ وٽان پنهنجي ٺونٺ جيڏي پرانگ (ڪات) سان چٿر لاهي، منجس چوسڻ جي ڪاني (Straw) ٽنبي ڏني.

هلندڙ چلندڙ هوٽلون - الطاف شيخ

هلندڙ چلندڙ هوٽلون

الطاف شيخ

هاتيائي شهر ۾ دڪانن ۽ هوٽلن اڳيان، فٽ پاٿ تي ننڍا ننڍا اسٽالَ سڄو ڏينهن کليل رهن. شامَ کان پوءِ ته ٻيا به ڪيترا ئي کاڌي جا اسٽالَ کليو وڃن. وڏا دڪان نائين ڏهين بند ٿين پر هي فٽ پاٿ وارا دڪان ۽ ريڙهي/گاڏن تي هلندڙ چلندڙ گاڏي جون ننڍڙيون هوٽلون ٻارهين هڪ تائين کليل رهن. هي دڪان ۽ هوٽلون گهڻو  ڪري عورتون ۽ ڇوڪريون هلائين. پاڻ سان ننڍڙا ۽ هلڪا فولڊنگ قسم جا ٽيبل ۽ ڪرسيون کڻي اچن جيڪي پنهنجي گاڏي جي ٻنهي پاسن کان گراهڪن جي وهڻ لاءِ رکن. جيئن پاڻ وٽ، اهڙن گاڏي ۾ ڪو شربت، ملڪ روز، ڳنڍا وڪڻن ته ڪي جيرا بڪيون ڪواب تري وڪڻن. خاص ڪري ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۽ بزنس روڊ وٽ، حيدرآباد ۾ مارڪيٽ ٽاور ۽ سول اسپتال ڀرسان اهڙا گاڏا (ريڙها) جام نظر ايندا. هتي انهن گاڏن تي، ڪي ماڻهو فقط کاڌي جون شيون وڪڻن ته ڪي رڳو پيئڻ جون. هڪ گاڏي تي مسلمان ٿائي عورت فرائي ٿيل ڪڪڙيون، بٽير ۽ پاڻي پسيا چانور وڪڻي رهي هئي. هن پاسي تتر نه برابر نظر اچن پر ٻٽير (Quail) پکي جام ٿين ٿا. ملائيشيا ۾ پڻ جام ٿين ۽ في بٽيرو اڌ رنگٽ (ٽين رپئي) جو عام جام مارڪيٽن، رستن ۽ هوٽلن ۾ وڪامي ٿو. مسلمان هوٽل وارو يا گاڏي وارو هوٽل اندر ۽ ٻاهر Halal Meat Foods لکي يا قرآن جي ڪا آيت. گهڻو ڪري ”بسم الله“ فريم ڪرائي ٽنگي. جنهن مان مسلمان گراهڪن کي خبر پوي ته آيا هن هوٽل يا دڪان تي حال کاڌو آهي يا نه.

ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي هاتيائي پهچڻ - الطاف شيخ

ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي هاتيائي پهچڻ
الطاف شيخ

هاشم کان هاتيائيءَ جي ٽڪيٽ وٺي چيومانس:
”في الحال سنگاپور کان هاتيائي تائين پهچڻ جو بندوبست ٿي ويو. اڳتي بئنڪاڪ تائين پهچڻ جو به گس پنڌ ٿي ويندو.“
”اسين هاتيائيءَ ۾ ئي ترسڻ چاهيون ٿا. تون ڀلي بئنڪاڪ مان ٿي اچجانءِ. پوءِ گڏ موٽنداسين.“
”موٽڻ ۾ ته مون کي تمام گهڻو وقت لڳندو.“ مون کين بئنڪاڪ ۾ هلندڙ ڪانفرنس ۽ ٻين شهرن گهمڻ بابت ٻُڌايو. ”چڱو في الحال اڳتي وڃڻ بدران توهان سان ڏينهن ٻه هاتيائي ۾ رهان ٿو پوءِ پينانگ واپس توهان کي ڇڏي اڪيلو اڳتي هليو ويندس.“ مون کين بئنڪاڪ ۽ اڃا به مٿي اتر چئانگ مائي هلڻ جي صلاح ڪئي جيڪو شهر ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ پشاور. پر ٻين ملئي ماڻهن وانگر هنن به فقط هاتيائي تائين هلڻ پسند ڪيو.

Wednesday, September 11, 2013

منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي - الطاف شيخ

منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي....!
الطاف شيخ
اسان وٽ پاڪستان ۾ به زور شور سان ”ارٿ اور“ ملهايو ويندو آهي. توانائي بچائڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪَ لاءِ غير ضروري لائيٽ کي بند رکيو ويندو آهي. ڪجهه سال اڳ، اهو ڪلاڪ پهريون دفعو ملهائيندي، مون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ڏٺو. مالمو شهر ۾ آ ٻه سال رهيس. فقط هڪ دفعو اسان جي فلئٽ جي رڌڻي جي لائيٽ هلي وئي هئي. اها به ان ڪري جو فلئٽ جي مالڪ، اسان کي نئون اوون وٺي ڏنو هو ۽ اليڪٽريشن پنج منٽ لائيٽ بند ڪري، نئين اوون جي تار کي فِٽ ڪيو هو. يورپ ته ڇا اڄڪلهه ايشيا جي ملڪن ۾ به لائيٽ نٿي وڃي.

Saturday, September 07, 2013

ڪوالالمپور کان بٽروٿ (پينانگ) الطاف شيخ

ڪوالالمپور کان بٽروٿ (پينانگ)
الطاف شيخ
ڪرشن جا ٿورا مڃي کانئس رات واري گاڏي جي 4-B نمبر واري سيٽ جي ٽڪيٽ ورتم ۽ پٽ تي رکيل بئگ ۽ ٿيلهو کڻي ٽڪيٽ واري هال کان ٻاهر نڪتس. گاڏي اچڻ ۽ ڇٽڻ ۾ اڃا پنجَ ڇهه ڪلاڪَ هُئا. ٽڪيٽ جو مسئلو ته حل ٿي ويو، هاڻ باقي سامان جو هو. سامان سان گڏ جهڙو ماڻهو ٻڌل ٻڌل. نه پاڻي پيشاب لاءِ وڃي سگهي ۽ نه بينچ تي ٽيڪ ڏيئي ننڊ ڪري سگهي ۽ نه وري ٻاهر نڪري واڪ ڪري سگهي.

باوا آتائو آتاس ـــ هيٺ يا مٿي؟ الطاف شيخ

باوا آتائو آتاس ـــ هيٺ يا مٿي؟
الطاف شيخ
ڌارين کي ڌڳ لائڻ جي معاملي ۾ ملائيشا جا ماڻهو چڱو پاڻ پتوڙين ٿا. اهو ڌارين جيڪڏهن اسان جهڙو ڪارو ـــ ڪراچي، ڪولمبو يا ڪلڪتي جهڙن غريب هنڌن کان آيل بدران ڪو چٽو گورو انگلنڊ آمريڪا يا اسپين آسٽريليا جهڙي سکئي ستابي ملڪ جو آهي ته پوءِ ته هي ملائيشين هن تي هيڪاندو گهڻو مهربان ٿيو پون. پر اهو به جس هجين جو اسان جو ايترو به خيال رکن ٿا. اهائي ڳالهه من ۾ رکي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ گهٽ پگهار تي ماستري جهڙي ڊمانڊنگ ۽ مٿي جو سور نوڪري ويٺو ڪريان. مون پنهنجو پاڻ کي ان وقت بور ۽ دلشڪستو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ان قسمَ جو روشن پهلو ڌيان ۾ آندو جنهن سان وقتي طور ٿوري تسڪين ۽ سڪون ضرور محسوس ڪيو.
”پوءِ ڀلا بٽرورٿ اسٽيشن تائين جي ٽڪيٽ ڏيان؟“