اسان جي ماڻهن جون ڪار گذاريون
الطاف شيخ
اسڪينڊينيويا
جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اچي ٿا وڃن. هي
ٽئي يورپي ملڪ، يورپ کنڊ جي اتر ۾ آهن ۽ ناروي ۽ سئيڊن جا اتراهان شهر ته بلڪه اتر
قطب ۾ آهن، جتي ڇهه مهينا کن لڳاتار ڏينهن ۽ ڇهه مهينا يڪي رات ٿئي ٿي. اهڙن هنڌن
تي وڏي دل ۽ گردي وارا ئي رهي سگهن ٿا. گهڻو ڪري ايسڪيموز رهن ٿا يا وري دنيا جا
سائنسدان، جيڪي موسمياتي ۽ ٻيا تجربا ڪندي نظر اچن ٿا. ناروي جي گاديءَ واري شهر
”اوسلو“ ۽ سئيڊن جي اسٽاڪ هوم تائين وري به رهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه آهي، جتي مون به
تعليم دوران ٻه سال خير خوبيءَ سان گذاري ورتا، پر ان کان مٿي اتر ۾، ٽرنڍام جهڙن
شهرن ۾، جتي ڪيترا ئي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پيو ٿي، رهڻ ڪو ايترو آسان ڪم ناهي،
جتي جو اونهارو به ڏکائي ٿو، جتي رمضان جو روزو ويهه ويهه ڪلاڪ به هلي ٿو. ساڳئي
وقت ڪجهه سک به آهن. سيءَ ۾ صحت صحيح رهي ٿي. سياري جي موسم ۾ فقط ڪلاڪ ڏيڍ جو
روزو مس ٿئي ٿو ۽ ان ئي ڪلاڪ ڏيڍ ۾ پنج ئي وقت نمازون پڙهيو وٺجن ۽ شروع جي ڏينهن
۾ يعني اڄ کان چاليهه سال اڳ، جڏهن اسٽاڪ هوم ۽ اوسلو ۾ به ڪو پاڪستاني يا
هندستاني ورلي ٿي نظر آيو. سکر جي سيد عاشق حسين شاهه (منهنجي ڪاليجي دوست) جهڙا سخت
جان ۽ پڪي عزم وارا ٽرنڍام جهڙي اتراهين شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ اچي پوسٽ گريجوئيشن
ڪري ويا. پر هاڻ انهن برفاني ملڪن ۾ (جن لاءِ منهنجو هڪ ٿائي دوست هميشه چوندو آهي
ته ايسڪيموز ۽ ڀورا رڇ ئي رهن سگهن ٿا) نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جا هزارين ماڻهو
نظر اچن ٿا پر ڪيترا ئي عراقي، شامي، لبناني، مراقشي، ايراني ۽ فلسطيني عرب به نظر
اچن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن ايترا ته ڌاريا هنن ملڪن ڏي رخ رکڻ جا خواهشمند ٿيندا وڃن
جو هنن ملڪن جي حڪومت ڌارين ملڪن جي شهرين کي هتي رهڻ لاءِ سخت کان سخت قانون ويهي
ٺاهيا آهن. نه ته 1973ع تائين به هنن ملڪن ۾ رهڻ ۽ هتي جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڪو
ڏکيو ڪم نه هو. اهو ان ڪري ياد اٿم جو 1971ع ۾ شاديءَ بعد جڏهن 1973ع ۾ ناروي جي
بندرگاهن ۾ آيو هوس ته جهاز تي ڪم ڪارين سانگي ايندڙ مڪاني ڪيترن ماڻهن مون کي
ناروي ۾ رهي پوڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ هنن نه فقط ريزيڊنسي (سمجهو ته اگاما يا گرين
ڪارڊ) ان ئي وقت وٺرائي ٿي ڏني پر مهيني اندر پاسپورٽ ڏيارڻ جو واعدو ٿي ڪيو ۽ مون
به اهو سوچي ته هاڻي ٻار به ٿي ويا آهن، ڪيترا سال سمنڊ تي رهبو. هڪ ڏينهن ڪنهن نه
ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان سفر ۾ ناروي ايندي وقت بي آف بسڪي ۽ اتر
سمنڊ ڏاڍو خراب مليو هو. ايتري قدر جو ان Voyage ۾ هيلسنڪيءَ
کان اوسلو ايندي بالٽڪ سمنڊ به نه رڳو خراب مليو پر سخت طوفان لڳڻ ڪري جهاز جي
حالت هڪ طرف خراب هئي ته اسان، هلائيندڙن جي ٻئي طرف. سِي سڪنيس سخت بيزار ڪيو هو.
انجن روم ۾ جيڪا هوا لڳندي هئي، ان ۾ به جهڙي مڇين جي کِکي ڌپ هئي. جهاز جي ڊيڪ تي
ته بيٺو نٿي ٿيو. ڪئبن (ڪمري) جي پورٽ هول (دريءَ) مان به سمنڊ ڏسڻ تي دل نٿي
چاهيو. پاڻيءَ بدران منجهس رڳو اڇي گجي ۽ ولوڙ هئي، جيئن ماٽيءَ ۾ مکڻ ٺاهڻ وقت Turbulence هوندي
آهي. ان ڪري منهنجي دل ناروي جي هن چانديءَ جهڙي برف سان ڍڪيل جبلن واري بندرگاهه
اسٽاونگر، سنڊس وال يا ٽرنڍام جهڙي بندرگاهه ۾ لهي ڪناري جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون
اڇلون کاڌيون. پنهنجي ملڪ ڪراچيءَ ۾ ايتريون نوڪريون نه هيون. رڳو ڪراچيءَ جو
بندرگاهه هو. پورٽ قاسم به پوءِ ٺهيو. پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ڌارين ملڪن ڏي لڏي
وڃڻ جو فئشن نه هو ۽ ساڳئي وقت اسان جو ملڪ، دنيا جي ملڪن ۾ نه فقط موسم جي لحاظ
کان بهتر هو پر امن امان ۽ سڪون ۾، سٺائي ۽ اخلاقي نقطي نگاهه کان پڻ اتم ۽ اتاهون
هو، آئون ناروي يا سئيڊن ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري نه سگهيس ۽ مون سان گڏ سفر ڪندڙ
منهنجي زال ته هرگز نٿي چاهيو ته هنن يورپي يا آمريڪي ملڪن، يا ڪنهن ٻئي ڌارئين
ملڪ ۾ رهجي. ان ڪري ان کان صلاح ورتم ته هن اهو ئي چيو ”ٿي سگهي ٿو ٻٽي (Dual) قوميت نه ملي ۽ اسان کي
پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ Surrender ڪرڻو پوي، ان ڪري جهاز تي
ئي هلندو رهجي، جيستائين ٻار وڏا ٿين.“ هونءَ به جهاز جو خاص ڪري پاڻيءَ واري سفر
جو لطف ئي پنهنجو آهي، بشرطيڪه هلائي ڪو ٻيو. جهاز هلائيندڙ آفيسرن جي زالن ۽
مسافرن کي، طوفان ۽ خراب سمنڊ جو ڪهڙو فڪر! جهاز جي اهڙن لوڏن ۾ پاڻ سٺي ۽ گهاٽي
ننڊ ٿي اچي. انسومنيا جو مريض به بنا ننڊ جي گوريءَ جي کونگهرا هڻي ٿو. جهاز جي
انجڻ خراب ٿئي يا طوفان اچي، اهڙين مصيبتن کي منهن ته اسان جهاز هلائيندڙن کي ڏيڻو
پوي ٿو ۽ اها پڻ حيرت جي ڳالهه آهي ته منهنجي زال توڙي ٻارن کي، اٺ سال سمنڊ تي
رهڻ دوران ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي! ٻار وڏا ٿيڻ تي اسان ملائيشيا ۾ رهي پياسين ۽
اتي جي ئي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو.
ڳالهه جو
مطلب هيءُ آهي ته هي اتر قطب جا يورپي ملڪ جن کي Scandinavian ملڪ به
سڏجي ٿو ڏورانهان ۽ بيحد ٿڌا ملڪ آهن، جن جي آدمشماري اڄ به نَهَه برابر آهي ۽ اڄ
کان چاليهارو سال کن اڳ تائين ته هنن ملڪن جون حڪومتون ۽ ماڻهو، ڌارين ملڪن کان
ايندڙ (توڙي کڻي اسان جي ايشيا جا سانورا ماڻهو هجن يا آفريڪا جا ڪارا) کي پنهنجي
ملڪ توڙي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ٿي. جيڪو ناروي يا سئيڊن پهتو ٿي، ان کي ان
ملڪ جي Citizenship ملي ٿي ۽ انهن ملڪن کان به اڳ ڊئنمارڪ ۾ ملي ٿي.
ڊئنمارڪ ۾ ته اسان جي کنڊ جا تمام گهڻا ماڻهو آهن. اڄ به ڪوپن هيگن جهڙي شهر ۾
نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان به گهڻا پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور آهن. بهرحال آهستي آهستي ٿي
هنن کي اسان لاءِ نفرت شروع ٿي آهي. ڪجهه اسان ماڻهن جي غلط ڪرتوتن ڪري، ڪجهه هتي
جي مڪاني ماڻهن جي خوف ڪري. خاص ڪري هتي جي نوجوان ٽهي اهو محسوس ڪري رهي آهي ته
عرب ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ مسلمان، پنهنجو پاڻ کي مڪاني ڪلچر ۽ ثقافت ۾
ڍالڻ بدران پنهنجو نئون ڪلچر پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن ڳالهه کان هنن کي ڊپ ٿو ٿئي
ته ڪٿي هنن جي به شهر شهر ۾ مسجد نه ٺهي وڃي. هنن جون ڇوڪريون مني اسڪرٽ پائڻ
بدران مسلمان ڇوڪرين وانگر حجاب نه ٻڌن. اهو به شڪر آهي جو هنن ملڪن جي حڪومتن پاڻ
ئي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺندي ته؛ شراب ۽ ويندي ڪوڪا ڪولا جهڙيون ڪولائون صحت لاءِ
خراب آهن، ڪيترا شراب خانه ۽ جوا خانا بند ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي کليل آهن، اهي به
سڄي رات کلڻ بدران ٻارهين هڪ تائين کليل رهن ٿا. نوجوان ٽهيءَ کي شراب پيئڻ کان
روڪيو وڃي ٿو پر بار ۾ جيڪو هنن کي بيئر Serve ڪيو وڃي ٿو، ان
۾ نارمل بيئر کان گهٽ سيڪڙو الڪوحل رکيو وڃي ٿو ۽ ڪوڪا ڪولا، سيون اپ جهڙن شربتن
جي قيمت ايڏي گهڻي رکي وئي آهي جو، ان کي پيئڻ لاءِ هڪ امير به ٻه دفعا سوچي ٿو.
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته انهن جا يهودي مالڪ، سئيڊن جا ئي رهاڪو آهن.
بهرحال
هونءَ جو هر ملڪ کان نڪما، ناڪارا، بيروزگار ۽ ٽوٽي سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي پهچي
پاڻ کي سياسي يا مذهبي مظلوم سڏائي، سياسي پناهه وٺڻ جي گهر ڪندا هئا ۽ باقي زندگي
هنن ملڪن ۾ گهر ويٺي Social
(خيرات جي پئسي) تي عيش ڪندا هئا، تن کي هيڏانهن رهڻ جي جلدي اجازت نه ملڻ لڳي.
ڪجهه مهينا ڪئمپن اندر پاسپورٽ فقط انهن ايڪڙ ٻيڪڙ عراقين، ايرانين، سري لنڪن،
تاملن، پاڪستانين، لبنانين ۽ ٻين کي ڏنو ٿي ويو، جن لاءِ حڪومت تحقيق ٿي ڪيو ته
واقعي هنن کي جي سندن ملڪ ۾ موڪلبو ته هنن جي جان خطري ۾ اچي ويندي.
No comments:
Post a Comment