فنلئنڊ جو مَان تعليم وڌايو آهي
الطاف شيخ
اتراهين يورپ جي هن ملڪ فنلئنڊ ۾
مون کي ٻه ٽي دفعا جهاز ذريعي وڃڻو پيو، جنهن تي آئون مئرين انجنيئر هوس. فنلئنڊ
جو سامونڊي ڪنارو، تمام گهڻو کاڌل آهي ۽ ٿوري ٿوري پنڌ تي ننڍو يا وڏو بندرگاهه
آهي. پاڻيءَ واري جهاز ذريعي جڏهن اسان جو سئيڊن يا ناروي اچڻ ٿيندو هو ته فنلئنڊ
جي به هڪ ٻن بندرگاهن ۾ سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ ايندا هئاسين. خاص ڪري هيلسنڪي،
ترڪو (Turku) واسا، ميري ڪارويا وغيره. تڏهن رڳو ٻه ٽي ڏينهن رهي
هليا ويندا هئاسين. بندرگاهه کان پري وڃڻ نه ٿيندو هو، پر پوءِ سئيڊن ۾ پوسٽ
گرئيجوئيشن ڪرڻ دوران اسان کي فيريون ۽ هوور ڪرافٽ جي ڪنسٽرڪشن سکڻ لاءِ مهينو کن
هيلسنڪيءَ ۾ رهڻو پيو. فن لئنڊ، ايسٽونيا، پولنڊ، جرمني، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن وغيره هڪ
ٻئي سان سمنڊ ذريعي ايترو ته ڳنڍيا پيا آهن جو، پاڻيءَ جي جهازن يا ٻيڙين رستي هڪ
ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃڻ ۾ ٿورو وقت ۽ ٿورو خرچ اچي ٿو. ان ڪم لاءِ پاڻيءَ جا جهاز يا
ٻيڙيون جيڪي هلن ٿيون، اهي ٻن قسمن جون آهن. هڪ فيريون (Ferries) جيڪي
وڏا پئسينجر جهاز سمجهڻ کپن، ايڏا وڏا جو ان ۾ ڪارون، ٽرڪون ۽ بسون ته ڇا ٻه ٻه ٽي
ٽي ريل گاڏيون به اچيو وڃن، جن لاءِ انهن فيرين تي ريل جا پٽا ٺهيل آهن ۽ ايڏا
خوبصورت آهن جو انهن ۾ سئمنگ پول، ريسٽورنٽون ۽ ڪلب آهن. سئيڊن جي جنهن شهر مالمو
۾ آئون تعليم وٺندو هوس اتان ڪوپن هيگن، هيلسنڪي، گڊانيا (پولئنڊ)، اسٽاڪهوم وڃڻ
لاءِ فيريءَ ۾ چڙهندو هوس، ڇو جو ان جو هوائي جهاز کان ڀاڙو به گهٽ ٿئي ٿو ۽ سمنڊ
جو نظارو به سٺو ٿيو وڃي. فيرين کان علاوه، سامونڊي سفر جي ٻي بهترين سواري هوور
ڪرافٽ آهي، جنهن لاءِ هنن ملڪن جي سفرنامي واري ڪتاب ”يورپ جا ڏينهن“ ۽ ”اڇن جي
ملڪ ۾ اسين ڪارا“ ۾ لکي چڪو آهيان ته Hoover Craft خچر وانگر، نه گڏهه آهي نه گهوڙو آهي! اهو نه هوائي
جهاز آهي ۽ نه پاڻيءَ جو جهاز! اهو ٻنهي جي وچ جي هڪ شيءِ آهي. منجهس ويهڻ لاءِ
هوائي جهازن وانگر سيٽون ٺهيل آهن. ايئر هوسٽس وانگر خذمتگار ڇوڪريون مسافرن کي
ماني ٽِڪي کارائين ٿيون ۽ هنن جي سک جو خيال رکن ٿيون. کيس هوائي جهاز وانگر
ٽربائين آهن، جن ذريعي جهاز اڳيان وڌي ٿو. کيس پاڻيءَ واري جهاز وانگر انجڻ ۽
پروپيلر نه ٿئي! پر هوور ڪرافٽ جي شڪل پاڻيءَ جي جهاز جهڙي ٿئي. هيءُ جهاز سمنڊ تي
ضرور هلي ٿو پر پاڻيءَ تي ترڻ بدران پاڻيءَ کان فوٽ ٻه مٿي اڏامي ٿو. (خبر ناهي ان
کي اڏامڻ چئجي يا هلڻ) ۽ مزي جي ڳالهه ته هوور ڪرافٽ نه فقط پاڻيءَ تي پر خشڪيءَ
تي به هلي ٿو، خاص ڪري لسن پٽن، بيابانن ۽ ريتيءَ مٿان. سعودي عرب ۽ ٻين به ڪيترن
ملڪن وٽ واريءَ مٿان هلائڻ لاءِ هي جهاز آهن. هيءُ جهاز ڪيئن ٺهي ٿو، ڪيئن هلي ٿو،
منجهس ڪهڙين ڳالهين جو ڌيان رکيو وڃي ٿو، اهي سڀ ڳالهيون سکڻ لاءِ مون کي ۽ منهنجي
ڪجهه ڪلاس ميٽن کي هيلسنڪيءَ ۾ رهڻو پيو هو.
فيريون ۽ هوور ڪرافٽ سئيڊن ۽
ڊئنمارڪ به ٺاهي ٿو پر منهنجي معلومات ۽ تجربي موجب، ان ڪم ۾ فنلئنڊ گوءِ کڻي ويو
آهي. مهينو ڏيڍ رهڻ دوران، هنن جهازن کي هيلسنڪيءَ جي مختلف شپ يارڊن ۾ ٺهندو هڪ
طرف ڏٺوسين ته انهن ۾ سفر ڪري هلائڻ جو تجربو پڻ حاصل ڪيوسين. هفتي ۾ ٻه ڏينهن،
ڇنڇر ۽ آچر، موڪل هجڻ ڪري ڪيترا ئي موڪل جا ڏينهن ملي ويا جن ۾ نه فقط هيلسنڪي پر
اوسي پاسي جا شهر به گهمندا رهياسين. اسان
جو گهڻو واسطو هيلسنڪي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (TKK) سان
هو. جنهن کي مڪاني زبان ۾Kor Keakoulu Tekinillinen سڏيو وڃي ٿو. سئيڊن جو هن
ملڪ تي ڪيڏو اثر آهي، ان جو اندازو ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته يونيورسٽي، مڪاني
زبان فنش واري مٿئين نالي کان علاوه، سئيڊش زبان جي نالي سان Teknika Hogskolan پڻ سڏي وڃي ٿي. هيءَ
يونيورسٽي هتي پراڻن تعليمي ادارن مان هڪ آهي. جنهن جو بنياد 1849ع ۾ رکيو ويو.
کيس يونيورسٽيءَ جو درجو Status
1908ع ۾ مليو. يعني ان کي پورا 103 سال ٿي ويا آهن. هن يونيورسٽيءَ اندر داخلا
وٺندڙ، 19 مختلف ڊگرين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪن ٿا. بيچلر ۽ ماسٽرس آف انجنيئرنگ/
آرڪيٽيڪٽ کان سائنس ۽ فلاسافي جون ڊگريون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. گستاف ڪومپيا جنهن
ڪافور (Camphor) کي
سنٿيسز ذريعي ٺاهيو، نوبل انعام حاصل ڪندڙ آرتري ورتانين، ۽ الگورٿم جو نيٽ ورڪ
ايجاد ڪندڙ Teuvo Kohonen
هن يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جا پروفيسر هئا ۽ فنلئنڊ ۾ هن يونيورسٽيءَ
جهڙا ڪيترا ئي تعليمي ادارا آهن. تعليمي معيار ۾ نه فقط سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ
جهڙا ملڪ پر فنلئنڊ به اڳ کان اڳرو آهي ۽ هتي جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي
هڪ سؤ کان مٿي سال ٿي ويا آهن. سئيڊن جهڙي ملڪ جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي، جن جا
بادشاهه، فئمليءَ سان پبلڪ پارڪن ۾ پڪنڪ ملهائين ٿا جن جا صدر ۽
وزيراعظم، عوام جي بسين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ پوڙهن ماڻهن کي بس ۾ چڙهڻ جي ڏکيائي محسوس
ڪري ملڪ جي آٽو انجنيئرن کي حڪم ڏين ٿا ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ چڙهڻ وارو دروازو اهڙو
ٺاهيو جيڪو پوڙهن ماڻهن لاءِ بنهه هيٺ ٿي سگهي ۽ اهي سولائي سان سوار ٿي سگهن. اڄ
سئيڊن شهر جي هر عوامي بس، اميرن جي ڪارن کان وڌيڪ آرامده آهي. منجهس پوڙهن ۽ ننڍن
ٻارن سان گڏ سفر ڪندڙ، عورتن توڙي مردن لاءِ، سيٽون بنا ٽڪيٽ آهن. اڄ کان پوڻيون
چار صديون اڳ، 1631ع ۾ سئيڊن جي بادشاهه گستاورس اڊولفس جي راڻي صاحبه، ٻار ڄڻيندي
فوت ٿي ويئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هندستان جي عظيم الشان شهنشاهه شاهجهان جي راڻي ممتاز
محل به، گوهر آرا نالي ڇوڪري ڄڻي وفات ڪري وئي. شاهجهان هن جي غم ۾ روئندو رهيو ۽
سندس ياد ۾ تاج محل اڏرائي خزانو خالي ڪري ڇڏيائين. سئيڊن جي شهنشاهه کي به پنهنجي
راڻي ايتري ئي پياري هئي ۽ هو هيڪر ته غم ۾ غرق ٿي ويو پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي
پنهنجي زال جي موت تي غور ڪيائين ۽ جنهن وقت هندستان ۾ شاهجهان تاج محل ٺهرائي
رهيو هو، گستاورس ملڪ جي هر ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي هر پاڙي مان ٻه چست ۽ ذهين ڇوڪريون
گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم ۾ گهرائي، کين دائيءَ جي ڪم جي ٽريننگ ڏياري، پنهنجي
پنهنجي ڳوٺ موڪليو ته هو اتي وڃي ٻين کي به سکيا ڏين، جيئن اڄ کان پوءِ ڪا به عورت
اڻڄاڻائيءَ سبب ويم دوران نه مري. بهرحال اهو اڄ کان 377 سال اڳ جو دور هو. هينئر
ته هنن ملڪن ۾ خبر ناهي ڪهڙا انجنيئر ۽ ميڊيڪل جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن جو جهاز
رانيءَ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به اسان کي هيڏانهن اچڻو پوي ٿو. اسان جي ملڪ
۾ ، خاص ڪري سنڌ ۾، ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪو سنئون سبتو پرائمري اسڪول به نه آهي،
جيتوڻيڪ ڪاغذن تي اسڪول به آهن ته انهن جا ماستر به پگهار وٺي رهيا آهن. روزگار
ڪمائڻ لاءِ ڳوٺن ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾، ڪو ڪارخانو يا فئڪٽري ناهي، جيتوڻيڪ
ايوب دور کان وٺي ڏسبو ته اسان جي ڪيترن وزيرن ۽ سياستدانن کي فئڪٽريون لڳائڻ جون
پرمٽون مليون. چئن ڏوڪڙن جي لالچ ۾ هنن اهي ڌارين کي وڪڻي، پئسو عيش عشرت ۾ چٽ ڪري
ڇڏيو. ڳوٺن جا ڀوتار، اسڪولن کي اوطاقون ٺاهيو ويٺا آهن. هو چاهين ئي نٿا ته سندن
سنڌ جا ڳوٺاڻا پڙهن، لکن ۽ روزگار ڪمائي ٻه ويلا حاصل ڪري سگهن. ان قسم جي فلم،
ڪجهه سال اڳ سئيڊن ۾، ڪنهن جرمن ٽي وي چئنل تان جرمن زبان ۾ ڊپ ٿيل ڏٺي. جيڪا شايد
سنڌي يا اڙدوءَ مان ڊب ڪئي وئي آهي. ان ڊاڪيومينٽري فلم ۾ عطيه دائود يا ڪا ٻي
سنڌي وومئن Activist
آهي جيڪا ڪنهن طريقي سان سنڌ جي ڳوٺن جي ڪن اسڪولن ۾ داخل ٿي انهن جي بلڊنگ جو حال
ڏيکاري رهي آهي، جتي ٻارن جي پڙهڻ لاءِ بينچن بدران وڏيري جا وهٽ ۽ ڪتا ٻڌل آهن.
وڏيري جي چوڪيدارن کي شڪ پوڻ تي ته هن عورت جو واسطو ميڊيا سان آهي ۽ هوءَ متان
وڏيري جا پول پڌرا ڪري، هن کي بندوقون ڏيکاري ڌمڪيون ڏين ٿا ته هوءَ هتان يڪدم
نڪري وڃي. اها فلم رات جو هلائڻ بعد، ڏينهن جو به هلائي وئي هئي. مون کان رات واري
فلم ڏسڻ رهجي وئي هئي. صبح جو يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن ڪجهه يورپي شاگردن ٻڌايو ته رات
فلاڻي چئنل تان تنهنجي ملڪ جي فلم هلي هئي ته مون سمجهيو ته پڪ لاهور، ڪراچي يا
موهن جو دڙو جون تاريخي شيون ڏيکاريون هوندائون پر پوءِ ڏينهن جو سنڌ ۾ تعليم بابت
هيءَ ڊاڪيومينٽري فلم ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.
فنلئنڊ جي
گاديءَ واري شهر ۽ وڏي بندرگاهه، هيلسنڪيءَ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن
جن ۾ ڌارين ملڪن، خاص ڪري مشرقي يورپ ۽ بالٽڪ ملڪن جا به شاگرد اعليٰ تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. هيلسنڪي يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجيءَ جي ڪئنٽين ۾ توڙي، شهر جي
چوراهي تي، خاص ڪري اروٽاجن ڪاٽو ۽ اسپلانڊي وٽ، آچر ڏينهن تي ايشيا ۽ آفريڪا جا
شاگرد پڻ نظر اچن ٿا. منهنجي به پهرئين ڏينهن تي عبدالحڪيم نالي هڪ پنجاب
يونيورسٽي جي ليڪچرر سان ملاقات ٿي، جيڪو اسڪالر تي اعليٰ تعليم لاءِ هيلسنڪيءَ جي
ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو. هو ئي مون کي
هتي جي هڪ مسجد ۾ وٺي آيو، جيڪا پاڪستاني مسجد سڏجي ٿي. هفتي ڏيڍ بعد خبر
پيئي ته هيلسنڪي شهر ۽ اوسي پاسي ۾ ڪيتريون ئي مسجدون آهن، جيئن ته مسجد ترڪ،
پاسلا مسجد، مسجد الامام (هيءَ مسجد ڀر واري شهر Munkkiniemi
۾ آهي)، رابطه مسجد (جنهن جي ويب سائيٽ به آهي. WWW.rabita.fi).
No comments:
Post a Comment