هيءُ ڏيهه شائسته عالماڻيءَ جو
الطاف شيخ
يونان،
اٽلي، اسپين، فرانس ۽ پورچوگال جهڙا ملڪ يورپ کنڊ ۾ ضرور آهن پر ڏٺو وڃي ته اتي ڪا
اهڙي گهڻي ٿڌ نٿي پوي. اتي جو سيارو ڪو اهڙو سخت ناهي. ڇو جو اهي ملڪ يورپ جي ڏکڻ
۾ آهن. رڳو سنڌ ۾ ئي ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ ڪو اهڙو سيءُ نٿو ٿئي جهڙو سکر ۽
جيڪب آباد ۾. يورپ جا مٿيان ملڪ ته ائين آهن جيئن آفريڪا جا الجيريا، لبيا، ٽيونيشيا
وغيره. وچ ۾ فقط ڀؤنچ (Mediterranean)
سمنڊ آهي.
يورپ کنڊ
جي وچ ۾ جرمني، آسٽريليا، رومانيا، هنگري، بلغاريا جهڙا ملڪ آهن. انگلئنڊ به ڪافي
اتر ۾ آهي، ان ڪري اتي وڌيڪ سيءُ پوي ٿو. اسان جي ننڍي کنڊ تي انگريزن حڪومت ڪئي ۽
اسان جا ماڻهو انگريزي سکيا. ان ڪري هنن کي جڏهن به نوڪري، گهمڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ يورپ کنڊ ڏي وڃڻ جو ارادو ٿيو ته هنن انگلئنڊ کي ئي ترجيح ڏني ٿي، نه ته موسم جي لحاظ کان
اسان ماڻهو يونان، اٽلي يا اسپين جهڙن ملڪن ۾ وڌيڪ Comfirtable
محسوس ڪريون ٿا.
يورپ کنڊ
جي بلڪل آخر ۾ يعني اتر ۾، جتي يورپ کنڊ وڃيو ٿو اتر قطب سان ملي، ناروي ملڪ آهي.
نالي مان ئي اهو ملڪ اتر وارو لڳي ٿو يعني North May.
حالت اها آهي جو اونهاري
جي موسم ۾ جڏهن اسان جهڙن ملڪن ۾ لُڪون ۽ جهولا ٿا لڳن، تڏهن به هتي سيءَ ٿين ۽
ماڻهو ڪوٽ پائي هلن ۽ هتي جي سياري جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! چوڌاري برف ئي برف
هوندي آهي. وري به ٿڌي هوا کان برف بهتر آهي جو برف ٿڌي ٿڌي ته به ڪاٽو چار (4-)
کان ته ٿڌي نه هوندي. هوا جو ٽيمپريچر ته ڪاٽو ويهه تائين به وڃيو پهچي. اهڙي ٿڌ ۾
برف گرم لڳندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ههڙي ٿڌي ماحول کان پاڻ کي بچائڻ ۽ گرم رکڻ
لاءِ ڪيڙا مڪوڙا، چچيون ۽ ڪوئا برف جي ڇپن هيٺان يا انهن جي اوسي پاسي ۾ لڪندا
وتندا آهن. سياري ۾، هنن ملڪ ۾ ڏينهن به ننڍو ٿئي. رڳو رات ئي رات ۽ اونداهه ئي
اونداهه رهي ٿي. اونهاري ۾ وري ڏينهن وڏو ٿئي ٿو. آڌيءَ رات جو به سج بيٺو هوندو
آهي. ان ڪري هنن پَٽن جو نالو The land of
Vikings ۽ The land of midnight
Sun پڻ آهي. وائيڪنگ هتي جا باشندا، سمنڊ تي ۽ اوسي پاسي جي مُلڪن ۾،
ٻيڙين ذريعي وڃي ڦُرون ڪري ايندا هئا پر ناروي جا ماڻهو هنن کي هيرو ۽ سٺا
نيويگيٽر سمجهن ٿا جو هو طوفاني راتين ۾ پنهنجين سنهين ۽ ننڍين ٻيڙين ذريعي جرمني،
پولنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم پاسي کان وڃي نڪرندا هئا.
ناروي پاسي
آئون پهريون دفعو 1972ع ڌاري ويو هوس. اسان جو جهاز ناروي جي به اتراهين بندرگاهه
ٽرنڍاهم ۾ ويو هو. سياري جي ڪري ناروي ۾ ڪا خاص پوک نه ٿئي. تنهن ڪري اسان سڪل
گوار سان جهاز کي، پاڪستان مان ڀرائي، اتي پهتا هئاسين. ههڙي ٿڌي ۽ اتراهين شهر ۾،
پوءِ به ڪيترا دفعا وڃڻ ٿيو جتي پوءِ ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو تعداد وڌيل نظر
آيو. جڏهن ته پهرئين دفعي اسان کي فقط ٻه ڄڻا پاڪستاني مليا هئا، جن اتي جي ڪنهن
فئڪٽريءَ يا ڍڳين جي وٿاڻن (Ranches)
۾ ڪم ٿي ڪيو. ٻئي دفعي اسان جي ڪاليج جو هڪ پراڻو ساٿي، سکر جو سيد عاشق حسين شاهه
پڻ مليو هو. هُو مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرڪ ۾ B.E ڪري ناروي جي
هن اتراهين شهر ٽنڍام جي يونيورسٽيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ آيو هو. عاشق شاهه بعد
۾ سنڌ حڪومت جو سيڪريٽري به ٿيو.
ناروي چڱو
خاصو وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ايراضي (پکيڙ) 385000 چورس ڪلوميٽر آهي. سنڌ ۽ پاڪستان
جي پنجاب صوبي کي ملائجي ته 347000 چورس ڪلوميٽر ايراضي ٿئي ٿي. سنڌ ۽ پنجاب جي اڄ
ڪلهه جملي آدمشماري 13 ڪروڙ آهي پر سڄي ناروي جي فقط اڌ ڪروڙ آهي! شروع کان ئي هنن
ملڪن ۾ گهٽ ماڻهو رهيا ٿي. اڄ ڪلهه ته کڻي
اليڪٽرسٽي ٿي پئي آهي نه ته هڪ سؤ سال کن اڳ جو سوچيو؛ جڏهن لائيٽ نه هئي ته ههڙن
ملڪن ۾ رهڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم هو! ڇهن مهينن کان ڊگهي سياري ۾ ته برف کي ڀڃي، باهه تي وٽڙائي،
پوءِ پاڻي پيتو ويو ٿي. هينئر به اهي گهر جيڪي سينٽرلي هيٽيڊ نه آهن، انهن جي باٿ
روم ۾ گهڙڻ سان ميڄالو به ٿڌو ٿيو وڃي. ڀتين کي هٿ لائڻ سان هٿ يخ ٿيو وڃن. ٿڌي
ڪموڊ تي ويهڻ ته وڏي منزل هوندو آهي! جيئن اسان وٽ سياري ۾ ٻڪرين کي به پراڻا
سئيٽر پارائبا آهن. تيئن يورپ جي غريب گهرن ۾، جن جا باٿ روم هيٽر بنا هوندا آهن،
انهن جي ڪموڊن تي پراڻا ۽ ڇنل سئيٽر چڙهيل هوندا آهن.
ناروي سان
ئي لڳو لڳ يورپ جو هڪ ٻيو ملڪ سئيڊن آهي. ٻئي ملڪ اتر کان ڏکڻ تائين هڪ ٻئي سان ڄڻ
ڀاڪرين مليا پيا آهن. سئيڊن جي بندرگاهن ۾ نه فقط جهازن کي وٺي وڃڻ جو موقعو مليو
پر سئيڊن جي هڪ ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه مالمو ۾، مون کي ٻه سال لڳاتار رهڻ جو موقعو
پڻ مليو. مون هن شهر جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ مان مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ
گرئجوئيشن ڪئي هئي. سئيڊن، ناروي کان به وڏو ۽ امير ملڪ آهي. سندس ايراضي 450000
چورس ڪلوميٽر آهي. آدم شماري ناروي کان کڻي گهڻي اٿس پر ته به هڪ ڪروڙ کان گهٽ
آهي. بقول اسان جي دادوءَ واري جهازي انجنيئر ظهير بابر قريشي جي، هنن ملڪن جي
ماڻهن جي اميري ۽ خاموش طبع هجڻ جو هڪ اهو به ته سبب آهي ته؛ ملڪ جي اُپت گهڻي
آهي، عوام گهٽ آهي ۽ اونهاري ۾ به ٿڌ لڳي پئي آهي. اسان جي ملڪ جهڙي گرمي ۽ گهِمَ،
هُٻس ۽ ڪاڙهو ٿئي ته ڪيئن نه ٿا ڇِتا ٿين!
سئيڊن جي
گاديءَ جو شهر ”اسٽاڪهوم“ آهي ۽ ناروي جو ”اوسلو“ آهي. ننڍا ننڍا بندرگاهه ۽ شهر
ڪيترا ئي آهن جيڪي وڃيو اتر قطب سان ملن، جتي ڇهه مهينا ڏينهن ٿئي ته ڇهن مهينن جي يڪي رات. بهرحال ناروي يا سئيڊن جي انهن شهرن
مان ڪنهن جي به آدمشماري،
ٽنڊو آدم يا شهدادپور جيتري ته ڇا پر اڏيرو لعل يا جنگشاهيءَ جيتري به ناهي.
اتر قطب کان جي شروع ٿجي ته ناروي ۽ سئيڊن سان گڏ هڪ ٽيون ملڪ فنلئنڊ به شروع ٿئي ٿو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ هيلسنڪي آهي. فنلئنڊ به موسم ۾ سئيڊن ۽ ناروي جهڙو
آهي. فنلئنڊ ۾ سندن زبان ”فنش“ کان علاوه ”سئيڊش“ به ڳالهائي وڃي
ٿي. هيءُ ملڪ روس جو پاڙيسري هجڻ ڪري، هن ملڪ جي ڪلچر
تي روس جو به اثر رهيو آهي ۽ ماضي ڏور ۾ فنلئنڊ ڪڏهن روس سلطنت هيٺ هو ته ڪڏهن
سئيڊن جي شهنشائيت هيٺ.
ناروي،
سئيڊن، فنلئنڊ، آئس لئنڊ ۽ ڊئنمارڪ اتر يورپ جا ملڪ آهن جيڪي انگريزيءَ ۾ Nordic
ملڪ سڏجن ٿا. يعني اتر وارا ملڪ.
”ڊئنمارڪ“، ناروي ۽ سئيڊن ملڪن جي بلڪل ڏکڻ ۾
واقع آهي. وچ ۾ فقط سمنڊ جي سنهي پٽي آهي. جتي ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ پاڻ ۾ مليل
آهن، اتي ڊئنمارڪ انهن کان ڌار آهي ۽ اهو باقي ڏاکڻي يورپ جي ملڪن جرمني، پولنڊ،
فرانس ۽ سئٽرزر لئنڊ سان
ڳنڍيل آهي. يعني توهان ڪار ذريعي ناروي کان سئيڊن ۽ فنلئنڊ ته وڃي سگهو ٿا پر
ڊئمنارڪ وڃڻ لاءِ فيري يا جهاز
ذريعي سمنڊ جي اها پٽي ٽپڻي پوندي. مالمو (سئيڊن) ۾ رهائش دوران جڏهن اسان مالمو
کان جرمني جي ڪنهن شهر هئمبرگ يا برلن ڪار رستي ويندا هئاسين ته فيري ذريعي سمنڊ
ٽپي، پهرين ڪوپن هيگن ايندا هئاسين، جتان
پوءِ جرمنيءَ جي شهر فريزنبرگ
پهچي پوءِ هئمبرگ جو رخ اختيار ڪندا هئاسين يا اڳتي فرانس جي شهر پئرس روانا ٿيندا
هئاسين. فنلئنڊ جيتوڻيڪ سئيڊن ۽ ناروي سان گڏيو پيو آهي پر ڪلچر ۽ مزاج ۾ انهن کان
مختلف آهي. سندس زبان به بنهه مختلف آهي، جيئن ڪنهن پنجابي ڳالهائڻ واري لاءِ بنگالي يا تامل.
ڊئنمارڪ، جيتوڻيڪ سامونڊي نديءَ ڪري سئيڊن ۽
ناروي کان ڪٽيل آهي پر سندس ماڻهن ۽ ملڪ جو مزاج ناروي ۽ سئيڊن سان تمام گهڻو ملي
جلي ٿو. ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جون زبانون هڪ ٻئي لاءِ ائين آهن جيئن؛ پنجابي ۽
سرائڪي، يا اسپيني ۽ پورچوگالي زبانون. بلڪ منجهن ان کان به گهٽ فرق آهي. ايتري
قدر جو ڪڏهن مِڪسِڊ گڏجاڻين ۾ ناروي وارو نارويجن ۾ ڳالهائيندو ته ڊئنمارڪ وارو کيس
پنهنجي زبان ڊئنش ۾ جواب ڏيندو يا سئيڊن وارو سئيڊش ۾. فقط ڪجهه لفظن جو فرق آهي ۽
ٿورو گهڻو لهجي جو. سو به اسان ڌارين کي شروع ۾ محسوس نٿو ٿئي. ڪجهه مهينا رهڻ بعد
ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جي رهاڪن جا کاڌا پيتا ۽ سوچ جو انداز به ساڳيو
آهي. ڀر واري ملڪ فنلئنڊ جي ماڻهن جون شڪليون ۽ قد بت کڻي هنن سان ملن ٿا پرهنن جو
ڪلچر، زبان، سوچ وغيره مختلف آهي. ايتري قدر جو فنلئنڊ اسان وانگر ڌارين جي
غلاميءَ واري زندگي گذاري آهي. سئيڊن ۽ روس جو هر وقت فنلئنڊ وارن تي موچڙو رهيو
ٿي ۽ انهن جي حڪومت هيٺ رهيو ٿي. اڄ به هيلسنڪي جي روڊن رستن جا نالا سئيڊش زبان ۾
لکيل نظر اچن ٿا. فنلئنڊ جو سياسي ۽ سماجي نظام کڻي، ڪيترن يورپي ملڪن کان بهتر
هجي پر ان جي مقابلي ۾ ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جو تمام بهتر آهي ۽ اهي ملڪ پئسي
وارا به آهن. انهن جا ماڻهو قانون جو به تمام گهڻو خيال ڪن ٿا. دل کولي نه فقط سٺن
ڪمن لاءِ پئسو خرچ ڪن ٿا پر سرڪار کي ٽئڪس به پورو پورو ادا ڪن ٿا ۽ سرڪار به عوام
۽ ملڪ تي خوب خرچ ڪري ٿي. هڪ بيروزگار کي به رهائش، کاڌ-خوراڪ، لائيٽ ۽ گئس جي بلن
جي ادائگيءَ جو خرچ هر مهيني سرڪار کان مليو وڃي. ان ڪري دنيا جا ڪيترا ئي مظلوم
توڙي ٽوٽي ۽ هڏ حرام Immigrants هنن ملڪن ۾ رهائش اختيار
ڪرڻ ۾ پنهجي خوش نصيبي سمجهن ٿا. ٿڌ، برف باري، ڊگهين اونداهين راتين ۽ عيسائين جي
حڪومت ڪري، هنن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ اسان جي گرم ۽ مسلمان ملڪن جا ماڻهو نٿي آيا پر اڄ
هنن ملڪن ۾ نوي سيڪڙو مهاجر عراق، ايران، صوماليه، پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا جا
نظر اچن ٿا ۽ سائين ڇا ڳالهه ڪجي وڏي موج مزي ۾ رهن پيا. هڪ فسلطينيءَ هنن ملڪن جي
تعريف ڪندي چيو ته؛ ”سائين اسان کي جتي سعودي عرب جهڙن امير ۽ وڏي ايراضيءَ وارن
ملڪن به رهڻ نٿي ڏنو، اتي هنن ملڪن اسان کي ڇِت ۽ ٽن وقتن جو کاڌو مهيا ڪيو آهي ۽
هتي اسان سڪون جي ننڊ سمهون ٿا.“
ٽن وقتن جو
کاڌو ۽ سڪون جي ننڊ ته اسان وٽ، خاص ڪري سنڌ ۾، عوامي حڪومت هوندي به مهيا ناهي.
هنن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ڌارين ماڻهن کي سياسي پناهه ڏيڻ تي ڪافي سختي
ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ جيڪو هيڏانهن پهچي ٿو ان کي ڌار Isolated
جاءِ تي ترسائي، هن جي تحقيق ڪرڻ ۾ سال ٻه لڳايو ڇڏين، جڏهن ته شائسته عالماڻي
جهڙين مظلوم ڇوڪرين کي يڪدم پناهه ڏيئي جان بچايو وٺن. هوءَ سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي
ڇوڪري هئي، جنهن کي پيار جو پرڻو ڪرڻ سبب سندس مائٽن ئي، هن جو ۽ سندس مڙس جو جيئڻ
جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس ڪارو- ڪاريءَ جي چڪر ۾ ماري رهيا هئا. سنڌ جي گرم ۽ خشڪ
ڌرتيءَ جي نياڻي، اڄ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ناروي جي برفاني ۽ ٿڌي ملڪ ۾ سڪون جي
زندگي گذاري رهي آهي. ٻارن سان سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ پاڙي وارن سان نارويجن زبان.
ناروي جي جنهن ٻيٽ نما ڳوٺ ۾ رهي ٿي، اتي جا سادا ڳوٺاڻا پنهنجي وچ ۾ هنن ايشين
ماڻهن کي ڏسي حيرت کائين ٿا ته؛ ”هيءُ ڪهڙي اڻ سڌريل ڏيهه کان هتي آيا آهن، جتي ڪو
پنهنجي پسند جي شادي به نٿو ڪري سگهي ۽ ڪهڙي مذهب سان تعلق رکن ٿا، جتي عورت کي
جانورن وانگر ڪُٺو وڃي ٿو!“ جيتوڻيڪ ان ۾ سنڌ جي غريب عوام جو ڏوهه، ناهي ان کي
جنهن Systematic طريقي سان ڪجهه ڪٺور دل وڏيرن، وزيرن،
سياستدانن، پيرن ۽ ڀوتارن، جاهل ۽ ذهني طرح مفلوج ڪري رکيو آهي، ان جو دنيا فقط
اولڙو ڏسي ڊڄيو وڃي ۽ نه وري اسان جي مذهب اسلام ۾ خرابي آهي رڳو اسان نالي ڪٺين
مسلمانن، جاهل مُلن ۽ مولوين اسلام جهڙي خوبصورت ۽ يونيورسل مذهب کي پنهنجين
خواهشن ۽ مفادن مطابق Interpret ڪري خوار ڪيو آهي. بقول
اسان جي ايراني دوست جي:
اسلام بذات خود ندارد عيبي،
هر عيب ڪه هست از مسلمان ماست.
اسلام ۾ جي
ڏِنگ ۽ ور وڪڙ هجن ها ته اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل، ذهين گورو آمريڪن توڙي انگريز، فرينچ
توڙي جرمن ڪڏهن به مسلمان نه ٿئي ها. اڄ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن ۾ رهندڙ Minorities
۾ اسلام جا پوئلڳ تمام گهڻا آهن. آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو، اسلام جي دائري ۾
اچي رهيا آهن. سئيڊن جهڙو ملڪ، جتي ماڻهن جي مذهب سان گهڻي دلچسپي نه رهي آهي، اتي
جي شهرن ۾ اڄ مسجدون آهن، جن ۾ عيدن ۽ جمع نماز تي نمازين جون صفون مسجدن کان ٻاهر
تائين نظر اچن ٿيون ۽ چوڌاري نظر ڦيرائڻ سان انهن ۾ اسان جي ايشيائي ملڪن جا گهٽ
پر هتي جا گورا يورپي نؤ مسلم وڌيڪ نظر اچن ٿا.
بهرحال،
يورپ جي اتراهن ملڪن (Nordic Countries)
جو پنهنجو ڪلچر، ثقافت ۽ مزاج آهي ۽ انهن مان به وري ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جو
نمونو نرالو آهي. جنهن ڪري اهي اسڪينڊينيويا (Scandinavia) جا ملڪ سڏجن ٿا.
اسان جي ماڻهن جون ڪار گذاريون
اسڪينڊينيويا
جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ اچي ٿا وڃن. هي
ٽئي يورپي ملڪ، يورپ کنڊ جي اتر ۾ آهن ۽ ناروي ۽ سئيڊن جا اتراهان شهر ته بلڪه اتر
قطب ۾ آهن، جتي ڇهه مهينا کن لڳاتار ڏينهن ۽ ڇهه مهينا يڪي رات ٿئي ٿي. اهڙن هنڌن
تي وڏي دل ۽ گردي وارا ئي رهي سگهن ٿا. گهڻو ڪري ايسڪيموز رهن ٿا يا وري دنيا جا
سائنسدان، جيڪي موسمياتي ۽ ٻيا تجربا ڪندي نظر اچن ٿا. ناروي جي گاديءَ واري شهر
”اوسلو“ ۽ سئيڊن جي اسٽاڪ هوم تائين وري به رهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه آهي، جتي مون به
تعليم دوران ٻه سال خير خوبيءَ سان گذاري ورتا، پر ان کان مٿي اتر ۾، ٽرنڍام جهڙن
شهرن ۾، جتي ڪيترا ئي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پيو ٿي، رهڻ ڪو ايترو آسان ڪم ناهي،
جتي جو اونهارو به ڏکائي ٿو، جتي رمضان جو روزو ويهه ويهه ڪلاڪ به هلي ٿو. ساڳئي
وقت ڪجهه سک به آهن. سيءَ ۾ صحت صحيح رهي ٿي. سياري جي موسم ۾ فقط ڪلاڪ ڏيڍ جو
روزو مس ٿئي ٿو ۽ ان ئي ڪلاڪ ڏيڍ ۾ پنج ئي وقت نمازون پڙهيو وٺجن ۽ شروع جي ڏينهن
۾ يعني اڄ کان چاليهه سال اڳ، جڏهن اسٽاڪ هوم ۽ اوسلو ۾ به ڪو پاڪستاني يا
هندستاني ورلي ٿي نظر آيو. سکر جي سيد عاشق حسين شاهه (منهنجي ڪاليجي دوست) جهڙا سخت
جان ۽ پڪي عزم وارا ٽرنڍام جهڙي اتراهين شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ اچي پوسٽ گريجوئيشن
ڪري ويا. پر هاڻ انهن برفاني ملڪن ۾ (جن لاءِ منهنجو هڪ ٿائي دوست هميشه چوندو آهي
ته ايسڪيموز ۽ ڀورا رڇ ئي رهن سگهن ٿا) نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جا هزارين ماڻهو
نظر اچن ٿا پر ڪيترا ئي عراقي، شامي، لبناني، مراقشي، ايراني ۽ فلسطيني عرب به نظر
اچن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن ايترا ته ڌاريا هنن ملڪن ڏي رخ رکڻ جا خواهشمند ٿيندا وڃن
جو هنن ملڪن جي حڪومت ڌارين ملڪن جي شهرين کي هتي رهڻ لاءِ سخت کان سخت قانون ويهي
ٺاهيا آهن. نه ته 1973ع تائين به هنن ملڪن ۾ رهڻ ۽ هتي جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڪو
ڏکيو ڪم نه هو. اهو ان ڪري ياد اٿم جو 1971ع ۾ شاديءَ بعد جڏهن 1973ع ۾ ناروي جي
بندرگاهن ۾ آيو هوس ته جهاز تي ڪم ڪارين سانگي ايندڙ مڪاني ڪيترن ماڻهن مون کي
ناروي ۾ رهي پوڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ هنن نه فقط ريزيڊنسي (سمجهو ته اگاما يا گرين
ڪارڊ) ان ئي وقت وٺرائي ٿي ڏني پر مهيني اندر پاسپورٽ ڏيارڻ جو واعدو ٿي ڪيو ۽ مون
به اهو سوچي ته هاڻي ٻار به ٿي ويا آهن، ڪيترا سال سمنڊ تي رهبو. هڪ ڏينهن ڪنهن نه
ڪنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان سفر ۾ ناروي ايندي وقت بي آف بسڪي ۽ اتر
سمنڊ ڏاڍو خراب مليو هو. ايتري قدر جو ان Voyage ۾ هيلسنڪيءَ
کان اوسلو ايندي بالٽڪ سمنڊ به نه رڳو خراب مليو پر سخت طوفان لڳڻ ڪري جهاز جي
حالت هڪ طرف خراب هئي ته اسان، هلائيندڙن جي ٻئي طرف. سِي سڪنيس سخت بيزار ڪيو هو.
انجن روم ۾ جيڪا هوا لڳندي هئي، ان ۾ به جهڙي مڇين جي کِکي ڌپ هئي. جهاز جي ڊيڪ تي
ته بيٺو نٿي ٿيو. ڪئبن (ڪمري) جي پورٽ هول (دريءَ) مان به سمنڊ ڏسڻ تي دل نٿي
چاهيو. پاڻيءَ بدران منجهس رڳو اڇي گجي ۽ ولوڙ هئي، جيئن ماٽيءَ ۾ مکڻ ٺاهڻ وقت Turbulence هوندي
آهي. ان ڪري منهنجي دل ناروي جي هن چانديءَ جهڙي برف سان ڍڪيل جبلن واري بندرگاهه
اسٽاونگر، سنڊس وال يا ٽرنڍام جهڙي بندرگاهه ۾ لهي ڪناري جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون
اڇلون کاڌيون. پنهنجي ملڪ ڪراچيءَ ۾ ايتريون نوڪريون نه هيون. رڳو ڪراچيءَ جو
بندرگاهه هو. پورٽ قاسم به پوءِ ٺهيو. پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ڌارين ملڪن ڏي لڏي
وڃڻ جو فئشن نه هو ۽ ساڳئي وقت اسان جو ملڪ، دنيا جي ملڪن ۾ نه فقط موسم جي لحاظ
کان بهتر هو پر امن امان ۽ سڪون ۾، سٺائي ۽ اخلاقي نقطي نگاهه کان پڻ اتم ۽ اتاهون
هو، آئون ناروي يا سئيڊن ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري نه سگهيس ۽ مون سان گڏ سفر ڪندڙ
منهنجي زال ته هرگز نٿي چاهيو ته هنن يورپي يا آمريڪي ملڪن، يا ڪنهن ٻئي ڌارئين
ملڪ ۾ رهجي. ان ڪري ان کان صلاح ورتم ته هن اهو ئي چيو ”ٿي سگهي ٿو ٻٽي (Dual) قوميت نه ملي ۽ اسان کي
پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ Surrender ڪرڻو پوي، ان ڪري جهاز تي
ئي هلندو رهجي، جيستائين ٻار وڏا ٿين.“ هونءَ به جهاز جو خاص ڪري پاڻيءَ واري سفر
جو لطف ئي پنهنجو آهي، بشرطيڪه هلائي ڪو ٻيو. جهاز هلائيندڙ آفيسرن جي زالن ۽
مسافرن کي، طوفان ۽ خراب سمنڊ جو ڪهڙو فڪر! جهاز جي اهڙن لوڏن ۾ پاڻ سٺي ۽ گهاٽي
ننڊ ٿي اچي. انسومنيا جو مريض به بنا ننڊ جي گوريءَ جي کونگهرا هڻي ٿو. جهاز جي
انجڻ خراب ٿئي يا طوفان اچي، اهڙين مصيبتن کي منهن ته اسان جهاز هلائيندڙن کي ڏيڻو
پوي ٿو ۽ اها پڻ حيرت جي ڳالهه آهي ته منهنجي زال توڙي ٻارن کي، اٺ سال سمنڊ تي
رهڻ دوران ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي! ٻار وڏا ٿيڻ تي اسان ملائيشيا ۾ رهي پياسين ۽
اتي جي ئي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو.
ڳالهه جو
مطلب هيءُ آهي ته هي اتر قطب جا يورپي ملڪ جن کي Scandinavian ملڪ به
سڏجي ٿو ڏورانهان ۽ بيحد ٿڌا ملڪ آهن، جن جي آدمشماري اڄ به نَهَه برابر آهي ۽ اڄ
کان چاليهارو سال کن اڳ تائين ته هنن ملڪن جون حڪومتون ۽ ماڻهو، ڌارين ملڪن کان
ايندڙ (توڙي کڻي اسان جي ايشيا جا سانورا ماڻهو هجن يا آفريڪا جا ڪارا) کي پنهنجي
ملڪ توڙي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ٿي. جيڪو ناروي يا سئيڊن پهتو ٿي، ان کي ان
ملڪ جي Citizenshipملي ٿي ۽
انهن ملڪن کان به اڳ ڊئنمارڪ ۾ ملي ٿي. ڊئنمارڪ ۾ ته اسان جي کنڊ جا تمام گهڻا
ماڻهو آهن. اڄ به ڪوپن هيگن جهڙي شهر ۾ نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان به گهڻا پاڪستاني
ٽئڪسي ڊرائيور آهن. بهرحال آهستي آهستي ٿي هنن کي اسان لاءِ نفرت شروع ٿي آهي.
ڪجهه اسان ماڻهن جي غلط ڪرتوتن ڪري، ڪجهه هتي جي مڪاني ماڻهن جي خوف ڪري. خاص ڪري
هتي جي نوجوان ٽهي اهو محسوس ڪري رهي آهي ته عرب ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن کان ايندڙ
مسلمان، پنهنجو پاڻ کي مڪاني ڪلچر ۽ ثقافت ۾ ڍالڻ بدران پنهنجو نئون ڪلچر پيدا ڪري
رهيا آهن، جنهن ڳالهه کان هنن کي ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي هنن جي به شهر شهر ۾ مسجد نه
ٺهي وڃي. هنن جون ڇوڪريون مني اسڪرٽ پائڻ بدران مسلمان ڇوڪرين وانگر حجاب نه ٻڌن.
اهو به شڪر آهي جو هنن ملڪن جي حڪومتن پاڻ ئي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺندي ته؛ شراب ۽
ويندي ڪوڪا ڪولا جهڙيون ڪولائون صحت لاءِ خراب آهن، ڪيترا شراب خانه ۽ جوا خانا
بند ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي کليل آهن، اهي به سڄي رات کلڻ بدران ٻارهين هڪ تائين کليل
رهن ٿا. نوجوان ٽهيءَ کي شراب پيئڻ کان روڪيو وڃي ٿو پر بار ۾ جيڪو هنن کي بيئر Serve
ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ نارمل بيئر کان گهٽ سيڪڙو الڪوحل رکيو وڃي ٿو ۽ ڪوڪا ڪولا، سيون
اپ جهڙن شربتن جي قيمت ايڏي گهڻي رکي وئي آهي جو، ان کي پيئڻ لاءِ هڪ امير به ٻه
دفعا سوچي ٿو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته انهن جا يهودي مالڪ، سئيڊن جا ئي رهاڪو آهن.
بهرحال
هونءَ جو هر ملڪ کان نڪما، ناڪارا، بيروزگار ۽ ٽوٽي سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي پهچي
پاڻ کي سياسي يا مذهبي مظلوم سڏائي، سياسي پناهه وٺڻ جي گهر ڪندا هئا ۽ باقي زندگي
هنن ملڪن ۾ گهر ويٺي Social
(خيرات جي پئسي) تي عيش ڪندا هئا، تن کي هيڏانهن رهڻ جي جلدي اجازت نه ملڻ لڳي.
ڪجهه مهينا ڪئمپن اندر پاسپورٽ فقط انهن ايڪڙ ٻيڪڙ عراقين، ايرانين، سري لنڪن،
تاملن، پاڪستانين، لبنانين ۽ ٻين کي ڏنو ٿي ويو، جن لاءِ حڪومت تحقيق ٿي ڪيو ته
واقعي هنن کي جي سندن ملڪ ۾ موڪلبو ته هنن جي جان خطري ۾ اچي ويندي.
No comments:
Post a Comment