يورپ جي ملڪن ۾ تبليغ ڪندڙ
الطاف شيخ
سئيڊن جي
ڏاکڻي شهر مالمو ۾، تعليم دوران جڏهن پهريون دفعو مالمو جي وڏي مسجد ۾ جمعي نماز
تي ويس ته مون کي ٻن ڳالهين جي بيحد حيراني ٿي. هڪ ته سڄي مسجد نمازين سان ڀرجي
وئي آهي پر ان جي اڱڻ تي ۽ مين گيٽ کان ٻاهر به صفون ٺهي ويون آهن. مون نٿي سمجهيو
ته مالمو جي هڪ ننڍڙي شهر ۾، جنهن جي آدمشماري ٽنڊو آدم يا شهدادپور جيتري مس آهي،
ان ۾ ايترا مسلمان رهن ٿا جيڪي نماز جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ ٻاهر ٿڌ ۾ ويهي رهندا،
جيتوڻيڪ اهو مهينو مارچ جو هو، جنهن ۾ آئون ٻن سالن لاءِ مالمو آيو هوس. سخت سيءَ
گذري چڪا هئا پر تڏهن به ٻاهر جو ٽيمپريچر 3 ڊگريون هو، جيتري ٿڌ ڪوئٽيا ۽ ڪوهه
مري ۾ سياري ۾ ٿئي ٿي. ان کان علاوه هنن ملڪن جي لڳندڙ تيز هوا جسم کي ڄڻ ڪٽيو ٿي.
مون نماز بعد شڪر ادا ڪيو ته جلدي اچڻ ڪري مون کي مسجد جي اندر بند درن ۽ هيٽنگ
سسٽم واري هال ۾ نماز پڙهڻ جي جاءِ ملي وئي نه ته مون جهڙو سنڌ جهڙي نيم بياباني ۽
گرم علائقي جو رهاڪو، هن مسجد جي اڱڻ ۾ نماز ختم ٿيڻ کان اڳ قلفي ٿي وڃي ها. هن
کان اڳ آئون فقط سنڌ جي ماڻهن کي شاباس ڏيندو هوس، جيڪي جمعي نماز، مسجد ننڍي هجڻ
ڪري ٻاهر نٽهڻ اس ۾ ڏامر جي رستن تي پڙهندي نظر آيا ٿي.
ٻي ان
ڳالهه جي حيرت ٿي ته هيڏي وڏي هجوم ۾ مون کي گهڻي کان گهڻا يورپين ٽائيپ گورا نظر
آيا. نماز شرع ٿيڻ کان اڳ، سڄي هال ۾ ۽ نماز بعد، ٻاهر نڪري مون نظر ڊوڙائي ته مون
کي پاڻ جهڙا ايشين يا آفريڪن ڪارا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس نظر آيا. هنن کان اڳ
يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن جي مسجدن ۾ نماز پڙهي چڪو هوس. جتي اڌ کان وڌيڪ
ننڍي کنڊ جا ۽ باقي ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ آفريڪا جا ماڻهو نظر ايندا هئا. هتي سئيڊن
جي هن مسجد ۾ هي ڪير گورن جي ملڪن جا ماڻهو ٿي سگهن ٿا؟ نماز بعد گاڏيءَ ۾ ويهڻ
کان اڳ ڪيترن کان پڇڻ جي ڪوشش ڪيم پر هنن هتي جي سئيڊش زبان ڳالهائي ٿي يا پنهنجي
مادري زبان، جن کي انگريزي آئي ٿي انهن کان معلوم ٿيو ته هو يوگو سلاويا، بلغاريا،
البانيا جهڙن ملڪن جا هتي لڏي آيل مسلمان آهن يا ڪيترا ئي هتي اچي مسلمان ٿيا آهن.
بهرحال سال اڌ رهڻ بعد خبر پيئي ته نه فقط اوڀر يورپ جا پر ڪيترا ئي اهڙا نؤ مسلم
هتي رهن ٿا جن جو واسطو اسڪينڊينويا جهڙن ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن) جرمني ۽
فرانس سان به آهي.
حُسين نالي
هڪ سئيڊش نوجوان کان پڇيم ته، هو مسلمان ڪيئن ٿيو؟ هيءَ 1992ع جي ڳالهه آهي. هن
نينگر جي ماءُ سئيڊن جي گوري هئي ۽ پيءُ آمريڪا جو ڪارو. هنن جي طلاق ٿي چڪي هئي ۽
حُسين پنهنجي ماءُ وٽ مالمو ۾ رهيو ٿي. جن ڏينهن ۾ منهنجي حُسين سان ملاقات ٿي، هو
18 سالن جو ٿي چڪو هو ۽ بيروزگار هجڻ ڪري هن کي سرڪار طرفان فلئٽ مليل هو. هن
ٻڌايو ته، هو اڃا ماءُ وٽ رهيل هو ته بلال فلپ جا ليڪچر ٻُڌي مسلمان ٿيو. ”بلال
فلپ ٻه دفعا آمريڪا کان هتي سئيڊن اچي چڪو آهي. هو منهنجي دلپسند شخصيت آهي. هينئر
به هن مون کي اسلام بابت ڪجهه آڊيو ڪيسٽ
موڪليا آهن.“ حُسين ٻڌايو.
حُسين جون
ڳالهيون ٻڌي، مون کي به بلال فلپ سان ملڻ جو شوق ٿيو، جيڪو ابو امينه جي نالي سان
به سڏجي ٿو. حُسين چيو ته، هو جڏهن به سئيڊن ۾ ايندو ته مون کي ٻُڌائيندو پر مالمو
شهر جا مسلمان ڪڏهن ڪڏهن جمعي نماز پڙهڻ ۽ شاپنگ لاءِ ڪوپن هيگن ويا ٿي جو انهن
ڏينهن ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڪيتريون ئي شيون ڊيوٽي فري ۽ سستيون مليون ٿي ۽ ڊئنمارڪ ۾
پاڪستان جو سفارتخانو، پي آءِ اي جي آفيس ۽ بزنيس سينٽر ۽ وڏو هوائي اڏو هجڻ ڪري
ڪيترن ئي هم وطنين سان ملاقات ٿي وئي ٿي. هڪ هفتي آئون سئيڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني
پروفيسر ممنون سان گڏ جمعي نماز تي ڪوپنگ هيگن ويس ته اتي بلال فلپ به آيل هو،
جنهن نماز بعد ليڪچر ڏنو. هو اسان جي ئي عمر جو لڳي رهيو هو ۽ هو جيتوڻيڪ
گهُنڊيدار وارن ۽ ٿُلهي نڪ چپ ڪري ويسٽ انڊيز پاسي جو پڻ لڳي رهيو هو. پاڻ سٺي
انگريزيءَ ۾ هڪ سٺو عالماڻي قسم جو ليڪچر ڏنائين، جيڪو انگريزي سمجهڻ وارن
پاڪستانين ۽ ٻين کي ڏاڍو وڻيو. سندس ليڪچر بعد ڊئنمارڪ جي مسلم ايسوسئيشن طرفان
چانهه تي مون کي به ساڻس خبر چار ڪرڻ جو موقعو مليو.
ڊاڪٽر ابو امينه بلال فلپ ٻڌايو ته هو 1947ع ۾ جئميڪار ۾ ڄائو ۽ سندس ننڍپڻ
ڪئناڊا ۾ گذريو، جتي هو 1977ع ۾ يعني 25 سالن جو هو ته مسلمان ٿيو. ان بعد هن
1979ع ۾ مدينا يونيورسٽيءَ مان عربي سکي ۽ B.A جي ڊگري حاصل ڪئي. هن علم دين (Islamic Theology)
۾ MA سعودي عرب جي يونيورسٽي آف رياض مان 1985ع ۾ ڪئي ۽
انهن ڏينهن ۾ جڏهن منهنجي ساڻس ڪوپن هيگن ۾ ملاقات ٿي، هو انگلينڊ جي يونيورسٽي آف
ويلس مان ”علم دين“ سبجيڪٽ تي Ph.D ڪري
رهيو هو.
بهرحال اڄ،
ڊاڪٽر ابو امينه (بلال فلپ) Peace ٽي وي چئنل ڪري سڄي دنيا ۾
مشهور آهي، جنهن چئنل تان هن جا ليڪچر ڪروڙين ماڻهو ٻڌن ٿا. ساڳئي وقت پاڻ ’عجمان
يونيورسٽي‘ ۽ دبئي جي ’آمريڪن يونيورسٽيءَ‘ ۾ عربي زبان ۾ اسلامڪ اسٽيڊيز جو
ليڪچرر آهي. منهنجي ساڻس مهينو کن اڳ دبئي ۾ ’اسلامڪ انفارميشن سينٽر‘ ۾ ملاقات ٿي
جيڪو ‘Discover Islam’ پڻ سڏجي ٿو ۽ اهو ڊاڪٽر
ابو امينه جي ڪوشش سان ئي قائم ڪيو ويو آهي. پاڻ ٻڌايائين ته هن يونيورسٽي آف ويلس
مان 1994ع ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد ڪيترا ئي سال (اٽڪل ڏهه سال) سعودي عرب جي گاديءَ
واري شهر رياض جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ عربي ۽ اسلامي تعليم پڙهائي، ان بعد فلپين جي SKC ڪاليج ۾ MAجي شاگردن کي پڻ پڙهايو. فلپين جو هي ڪاليج SKC (شريف ڪَبن
سئان ڪاليج) فلپين جي ڏاکڻي صوبي مندا نائو جي ڪوٽا باتو شهر ۾ آهي، جتي جي
آدمشماري مسلمان آهي ۽ مباح، سراوڪ ۽ برونائي جي مسلمانن وانگر ملئي زبان ڳالهائي
وڃي ٿي.
بهرحال پاڻ
ڊئنمارڪ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جتي جي مسجد ۾ نه فقط ڊاڪٽر بلال فلپ پر ٻيا به
ڪيترا ئي اسلام جا داعي ليڪچر ڏيڻ ٿي آيا ۽ اهي ليڪچر نه فقط ڪوپن هيگن ۽ سئيڊن جي
اوسي پاسي ۾ رهندڙ مسلمانن وڏي شوق سان ٻُڌا ٿي پر غير مسلمانن به اٽينڊ ڪيا ٿي.
انهن ٻُڌندڙن ۾ منهنجو يونيورسٽي جو هڪ هندو ساٿي، ڪئپٽن وجي به هوندو هو، جيڪو
سائوٿ آفريڪا کان ايندڙ هڪ گجراتي داعي
احمد ديدات جو ليڪچر ڪڏهن به مِس
نه ڪندو هو. مون کي هڪ ڏينهن چيائين ته؛ ”تون ڪهڙو مسلمان آهين جو پنهنجي مذهب
بابت ڄاڻ حاصل نٿو ڪرين، آئون هندو ٿي ڪوپن هيگن ليڪچر ٻڌڻ وڃان ٿو.“
مون کلندي
چيومانس: ”مون سمجهيو ته تون ڪوپن هيگن شاپنگ لاءِ وڃين ٿو، ڇو جو تون ليڪچر ٻڌڻ
بعد به اڃا ته مسلمان نٿو ٿئين؟“
”ڳالهه
ٻڌ!“ هن چيلهه تي هٿ رکي چيو؛ ”منهنجو فڪر گهٽ ڪر. آئون جي هڪ ڏينهن مسلمان ٿيس ته
اسلام بابت آئون ٻين کي به ليڪچر ڏئي سگهان ٿو جو مون اسلام تي ايترا ڪتاب ۽ ليڪچر
ٻڌا آهن پر توهان، مسلمانن جي گهرن ۾ ڄمڻ تي، اسلام قبول ڪيو آهي، ناليج نه اٿوَ.“
منهنجي
خيال ۾ هن صحيح ٿي چيو. بلڪل صحيح چيو. مون جهڙو ماڻهو، جنهن جو ننڍپڻ انگريزي
اسڪولن جي مغربي ماحول ۾ گذريو ۽ جواني يورپ جهڙن ملڪن ۾، ان کي اسلام جي ڄاڻ ڳوٺ
جي مُلي مولويءَ کان نه پر ههڙن دين جي داعين کان ليڪچر ٻُڌي ٿي.
احمد ديدات
جو آواز ٿورو گُهڻو (نَڪان) هجڻ ڪري هڪ نئين ماڻهوءَ کي پهريان ڏهه پنڌرهن منٽ
سمجهه ۾ نٿو اچي پر پوءِ مون کي به هن جا ليڪچر وڻڻ لڳا. هن اسان ٻڌندڙن جي هر
سوال ۽ مونجهاري جو جواب ٿي ڏنو. قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ۽ اهو ئي ڪئپٽن وجي
چيو، جڏهن هن کان پڇيم ته؛ ”تنهنجي اسلام ۾ ايڏي دلچسپي ڪيئن ٿي؟“ هن وراڻيو: ”ان
ڪري جو اسلام ۾ منهنجي هر سوال جو جواب موجود آهي، جيڪو مون کي مطمئن ڪري ٿو.“
احمد ديدات
جو سڄو نالو، شيخ احمد حسين ديدات هو. پاڻ 1918ع ۾ انڊيا جي صوبي گجرات ۾ ڄائو.
سندس ڄمڻ بعد سگهو ئي سندس والد ڏکڻ آفريڪا لڏي آيو، جتي هن جي پڙهائي ٿي ۽ ڪاليج
بعد هن سائوٿ آفريڪا جي شهر ناتال ۾ هڪ فرنيچر جي دڪان تي سيلز مئن جي حيثيت سان
ڪم ڪيو ۽ اتي هن جو مذهب ڏي گهڻو لاڙو ٿيو. سندس چوڻ آهي ته هن کي فرنيچر جي دڪان
تي رحمت الله ڪئرانهوي جي ڪتاب ”اظهار الحق“، دين جي ڪمن لاءِ ڪافي اتهاس بخشيو
هو. هو مسلم ۽ غير مسلم کي دين اسلام تي ليڪچر ۽ هنن جي سوالن جا جواب ڏيڻ لڳو. هن
پهريون ليڪچر دربن شهر جي سئنيما هال “Avalon” ٿيٽر ۾ ڏنو، جنهن ۾ ٻڌڻ لاءِ فقط 15 ماڻهو آيا
هئا پر پوءِ وقت سان گڏ سندس ليڪچر ٻڌڻ وارن جو تعداد وڌندو ويو. آهستي آهستي احمد
ديدات کي ٻين ملڪن ۾ به ليڪچر ڏيڻ جي دعوت ملڻ لڳي. هو هڪ ٻه دفعا ڪراچيءَ ۾ به
ليڪچر ڏيڻ آيو هو، جن تقريرن جا وڊيو اڄ به Peace نالي ٽي وي چئنلن تان ڏيکاريا وڃن ٿا.
احمد ديدات کي 1986ع ۾ سعودي عرب جي بادشاهه بهترين داعي هجڻ جو ايوارڊ ڏنو هو.
مئي 1996ع
۾ احمد ديدات کي ڏينهن لڳڻ ڪري، سندس هيٺيون ڌڙ اڌ - رنگ (Paralysis) جو شڪار ٿي پيو. هو نه
ڳالهائي سگهيو ٿي، نه کائي سگهيو ٿي. فقط اکين جي اشارن سان Communicate
ڪري سگهيو ٿي. ان حالت ۾ هن نَوَ سال سائوٿ آفريڪا ۾ پنهنجي ڳوٺ ويرو لام ۾
گذاريا، جتي هن جو گهر ”ٽري وينن روڊ“ تي هو. 8 آگسٽ 2005ع تي سندس وفات ٿي ۽ ويرو
لام ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. اڄ ڪلهه سندس شروع ڪيل دعويٰ جو ڪم سندس شاگرد، ذاڪر
نائيڪ ڪري ٿو، جيڪو ان وقت جڏهن اسان 1992ع ۾ پهريون دفعو احمد ديدات کي ڏٺو ته
ذاڪر نائڪ 28 سالن جو نوجوان هو. هڪ سال اڳ ’ٽوپي وال نئشنل ميڊيڪل ڪاليج‘ مان MBBS ڊگري حاصل ڪئي هئائين.
ڊاڪٽر ذاڪر
نائيڪ جا ليڪچر گهڻي عرصي کان ملائيشا ۽ سنگاپور ۾ ٻڌندو رهيس ۽ اڄ ڪلهه Peace
ٽي وي چئنل تان پاڪستان ۾ به ڏيکاريا وڃن ٿا. اسلام بابت معلومات ڏيڻ ۽ سوالن جا
جواب سٺي نموني سان ڏيڻ جو اندازو تقريباً ساڳيو احمد ديدات جهڙو اٿس. بلڪ سندس گهڻي يادداشت (Memory Power)
ڪري هو ٻڌندڙن ۾ بيحد مقبول آهي. ننڍپڻ کان سندس محنت، يادگيري ۽ خلوص نيتي ۽
مقبوليت کي ڏسي سندس داعي ٽيچر، احمد ديدات هن نوجوان داعي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ لاءِ
چوندو هو ته ’هي احمد ديدات پلس آهي.‘
No comments:
Post a Comment