Friday, November 18, 2011

ممبئي ۾ يورپي ٽائون - الطاف شيخ


ممبئي ۾ يورپي ٽائون
الطاف شيخ

اسان جي ميزبان، ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو ممبئي جي جنهن علائقي انڌيريءَ ۾ گهر آهي، اتي ئي چند وکن تي يش راج چوپڙا جو فلم اسٽوڊيو YRF ۽ ٿورو اڳيان ڀوائتيون(Horror)  فلمون ٺاهڻ وارن رامسي برادرز جي فلمي پروڊڪشن جي عمارت ”پنج وتي“ ۽ ايڪتا ڪپور وارن جو بالاجي اسٽوڊيو آهي. ڊاڪٽر ٻلديو جي، انهن ٽنهي ڌرين سان سٺي ڏيٺ ويٺ آهي. هن نه فقط انهن فلمي اسٽوڊين ۾ فوٽوگرافر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي، پر الهاس نگر ۽ ممبئي جي ڪاليجن ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ انهن جي مالڪن جي ٻارن کي پڙهايو به آهي.


ڊاڪٽر ٻلديو جي گهران منجهند جي ماني کائي نڪتاسين، ته هن مون کان ڪنهن اسٽوڊيو ۾ هلي ٽي وي ۽ فلم سان واسطو رکندڙ فنڪارن سان ملڻ لاءِ پڇيو. ڪيترن پاڪستانين وانگر مون به اسڪرين تي نظر ايندڙ چهرن کي سامهون جيئرو جاڳندو ڏسڻ چاهيو ٿي، پر هن وقت مون پوائي (Powai) وڃي هيراننداڻي گارڊنس جون عمارتون ۽ انهن کي ٺهرائڻ واري دماغ نرنجن ايل هيراننداڻيءَ سان ملڻ چاهيو ٿي. هڪ ڏينهن اڳ نرنجن کان فون تي وقت وٺڻ تي هن ڊاڪٽر ٻلديو کي چيو ته، هو ڪنهن به ڏينهن شام جو پنجين بجي کان اڳ، پنهنجي مهمان سان گڏ هن سان پوائي واري آفيس ۾ ملي سگهي ٿو. ڊاڪٽر ٻلديو، قد ڪاٺ ۾ تمام هلڪو ڦلڪو ۽ سنهڙو جوان آهي، پر طبيعت ۾ بيحد ميٺاج وارو ۽ ادب اخلاق وارو آهي. ڪنهن سان تکي ڳالهائڻ يا جهيڙي جهٽي مان ته هو ڄاڻي به ڪو نه. امير ۽ غريب کي لک عزتون پيو ڏيندو. سندس هر هڪ سان هٿ-جوڙ وارو وهنوار آهي. سندس قربائتي طبيعت ڪري، کيس هر هڪ پسند ڪري ٿو. نرنجن هيراننداڻي جهڙي مشغول ماڻهوءَ کي به ڊاڪٽر ٻلديو لاءِ هر وقت ٽائيم آهي. مون کان اڳ ۾ پاڪستان کان آيل آغا سليم، مظهر صديقي ۽ ٻين صاحبن کي پڻ ڊاڪٽر ٻلديو ممبئي جي خوبصورت عمارتن ۽ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي بي تاج بادشاهه نرنجن هيراننداڻيءَ سان ملرايو هو.
ممبئي اچي رهيو هوس ته منهنجي ملائيشيا جي دوستن، جن جو جهازراني جي سلسلي ۾ ممبئي اچڻ ٿيندو رهي ٿو، مون کي اهو ئي چيو هو ته؛ ممبئيءَ ۾ مون کي ٻي ڪنهن شيءِ لاءِ وقت ملي يا نه ملي، پر پوائيءَ ۾ هيراننداڻي گارڊنس ضرور ڏسجانءِ، جيڪو هڪ نئون ۽ ماڊرن ٽائون آهي. هن ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن وانگر هر قسم جون رهائشي ۽ ڪمرشل سهولتون رکيون ويون آهن. منجهس ماڊرن قسم جو هيراننداڻي اسڪول، هيراننداڻي اسپتال، پارڪ، ڪلب، ڪال سينٽر، بليئرڊ، بائولنگ، مني گولف ڪلب، بمپر ڪارس، جاگرس پارڪ، ٽينس، بيڊمنٽن، اسڪوائش، سوئمنگ پول، جمنازيم ۽ گئليريا شاپنگ مال جهڙيون سهولتون آهن. وري Powai جهڙِي هن ٽائون جهڙو ئي نئون ۽ خوبصورت ٽائون ممبئي جي ڀر واري شهر ٿاني ۾ آهي، جيڪو هيراننداڻي اسٽيٽ سڏجي ٿو. بلڪ اهو ته پوائي واري گارڊن کان به تمام وڏو آهي.
گذريل ٽن ڏهن ۾ نرنجن هيراننداڻيءَ جي رڻ پٽن ۾ تيار ڪيل هي ماڊرن قسم جون ۽ يوناني رومن نموني جون گهڻ-ماڙ واريون عمارتون نه فقط انڊيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويون آهن. اڳ ۾ اسان جڏهن به هيراننداڻيءَ جو نالو ٻڌندا هئاسين، ته اسان کي حيدرآباد جي مشهور اديب ۽ شاعره پوپٽي هيراننداڻي ياد ايندي هئي، پر اڄ هيراننداڻي جي نالي سان ٺٽي جي لکومل هيرانند هيراننداڻيءَ جو پٽ نرنجن لکومل هيراننداڻي ياد ٿو اچي، جنهن انڊيا ۾ عمارتسازيءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، جنهن پوائي جهڙن ٻڍاپور ۽ لڪي جهڙن جابلو ۽ ويران رڻ پٽن تي يورپ جهڙا شهر اڏي ڇڏيا آهن. پوائيءَ جو باقي حصو ٿو ڏسجي ته حيرت ٿي ٿئي، ته اهڙي کنڊر جي باقي اڌ کي، هڪ ماڻهوءَ جي دماغ، همت ۽ واپاري ڏانءَ ۽ ڏات اٽلي يا يونان جو ڪو ٽائون ٺاهي ڇڏيو آهي. هيراننداڻي وارن جي هنن گهڻ-ماڙ اتاهين بلڊنگ ۾ ڪي ٻن ڪمرن جا ته ڪي ٽن ۽ چئن ڪمرن جا خوبصورت فليٽ آهن، جن ۾ رهڻ لاءِ نه فقط انڊيا جا پر ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين، ممبئي اچي هيراننداڻي ڪمپنيءَ جي ٺهيل هنن فليٽ ۾ رهڻ جو خواب ڏسن ٿا. اڄ نرنجن هيراننداڻيءَ جي هيءَ ڪمپني، جيڪا نه رڳو فليٽ ٺاهي وڪڻي ٿي، پر غريب عوام لاءِ اعليٰ قسم جي تعليم ۽ صحت جي سهولت لاءِ اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ هوٽلون هلائي ٿي. هن ڪمپنيءَ جي مالڪ نرنجن لکومل ٻڌايو ته؛ اڄ هن وٽ هڪ هزار کن انجنيئر ۽ 6000 ورڪر ڪم ڪن ٿا ۽ ڪنسٽرڪشن جي ڪم لاءِ، اسپتالون ۽ اسڪول هلائڻ لاءِ، هن کي اڃا به 3000 ماڻهن جي ضرورت آهي.
اسان وٽ ڪنهن سان کڻي ڪنهن بزنيس مئن جي ڪاميابيءَ جي ڳالهه ڪر، ته هو گهڻو ڪري چوندو؛ هن جا مائٽ وزير يا سياستدان هوندا يا هو امير آهن. اسان وٽ به اڻ ميو پئسو هجي ته اسان به دڪان ۽ ڪارخانا کولي ويهون. اسان مان ورلي ڪنهن کي ڌيان ۾ اچي ٿو، ته ڪيترن جي ڪاميابي پئسي ڪري نه پر سندن محنت، عقل، ڄاڻ، جستجو ۽ بهتر اصولن ڪري آهي. پنهنجي ”وايون وڻجارن جون“ (هانگ ڪانگ جي سفرنامي) ۾ هانگ ڪانگ جي ارب پتي سنڌي واپاري هري هريليلا جو احوال لکي چڪو آهيان، ته هن ۽ هن جي پيءُ شنگهائي (چين) ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ مٿي تي ٿالهه رکي شيون وڪڻي پيٽ-پالنا ڪيائون ۽ رهڻ لاءِ اجهو خريد ڪيائون. مڪاني ۽ سيڪنڊ ورلڊ وار ۾، ٻه دفعا هنن جو الهه تلهه برباد ٿي ويو، ته هنن وري وري گهٽين ۾ شيون وڪڻي پنهنجي لاءِ جياپو پيدا ڪيو. اڄ هري هريليلا هانگ ڪانگ جي ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۽ اسپتالون ٺاهي ڏنيون آهن، پر ننڍي هوندي هن جي پيءُ وٽ 3 هانگ ڪانگ ڊالر نه هئا جو کڻي ٻارن جي اسڪول في ڏئي سگهي يا مٿي ۾ سور يا بخار لاءِ دوا حاصل ڪرڻ لاءِ هنن وٽ پئسا نه هئا. هنن جيئن تيئن ڪري جيئڻ ڪارڻ رکي سکي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ٿي. اهڙي طرح اسان وٽ پاڪستان جي امير ترين بزنيس مئن جهانگير صديقي يا سندس ڀيڻ سلطانا صديقي (جيڪا سڄي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾) پهرين عورت آهي جا هم، Oye مصالحه ۽ 360 ڊگريون چئنل ۽ FM ريڊيو اسٽيشن جي مالڪ آهي، ان پٺيان سندن محنت ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪرڻ آهي. هنن ڪڏهن به وقت ضايع نه ڪيو. هنن ڪڏهن به اجايو خرچ يا شو-بازي نه ڪئي ۽ وس آهر هر هڪ جي مدد ڪئي ۽ اها ئي ڪهاڻي هانگ ڪانگ جي هريليلا ۽ ‘ڪي سيتل’ جي آهي ته دبئي جي مورج منگهناڻي ۽ حاجي الهه بچائي ڪوريءَ جي آهي. ساڳيءَ طرح هي هيراننداڻي وارا ڪي ابي ڏاڏي امير نه هئا. نرنجن جو پيءُ لکومل هيرانند هيراننداڻي 1917ع ۾ ٺٽي شهر ۾ هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. هن ننڍپڻ کان سخت محنت ڪئي ۽ ڊاڪٽر ٿي ڏيکاريو. پڙهائيءَ ۾ هن ايڏو ته نالو ڪڍيو، جو هن وٽ جڏهن وڌيڪ پڙهڻ يا ڀاڙي لاءِ پئسا نه هئا، ته سندس ڪاليج جي استادن چندا جمع ڪري هن کي FRCS لاءِ انگلينڊ موڪليو، جتان هو ڪن نڪ ۽ ڳلي (ENT)جو ماهر سرجن ٿي موٽيو. اسان وٽ پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر جعفري پهريون سرجن آهي جيڪو ENT جو ماهر ٿيو. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جنهن جي پهرين بئچ جو گرئجوئيٽ ڏيپلي جو ڊاڪٽر صالح ميمڻ ٿيو. ڊاڪٽر لکومل هيراننداڻي ان کان به اَٺَ سال وڏو آهي. حيدرآباد جي بيليئر اسپتال وارو ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ (ڄم جو سال 1924ع) ٻڌائي ٿو، ته هو جڏهن ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ممبئي ويو، ته ٺٽي جو هي ڊاڪٽر لکومل ENT جو سرجن ٿي ممبئيءَ ۾ آپريشنون ڪري رهيو هو.
ڊاڪٽر لکومل هيرانند هيراننداڻي هن وقت محمد ابراهيم جويو صاحب جيڏو ٿيندو يعني 93 ورهين جو آهي، جيتوڻيڪ هن کي دل جي تڪليف آهي. کيس Stent ۽ Cardiac Pacemaker لڳل آهي ۽ پرڪنسن جي بيماريءَ جو به اثر اٿس. پر ان هوندي به هو مريض ڏسندو رهي ٿو ۽ بيمارن جي خدمت ڪندو رهي ٿو. سندس خدمتن جي بدلي ۾ سال 1972ع ۾ صدر وي وي گريءَ، انڊيا حڪومت طرفان کيس پدما ڀوشن ايوارڊ ڏنو هو. ڊاڪٽر صاحب، غريبن جو علاج ڪرڻ ۽ گهٽ في تي يا مفت ۾ سندن آپريشنون ڪرڻ کان علاوه ٻيا خير جا ڪم به ڪندو رهي ٿو. خاص ڪري ممبئي ۾ سنڌين طرفان هلندڙ ڪاليجن جي هو وڏي مدد ڪري ٿو. مهاراشٽرا ۽ گجرات صوبا، الڳ ٿيڻ کان اڳ، اهي ٻئي هڪ ئي صوبي جا حصا هئا، جيڪو ممبئي صوبو سڏبو هو. ان کي الڳ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر لکومل سياسي طرح ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر چون ٿا ته؛ آخري وقت ۾ هڪ مرهٺا قومي تحريڪ خلاف ٿي بيٺي ۽ 1 مئي 1960ع تي ممبئي رياست ٻن ڌار ڌار صوبن مهاراشٽرا ۽ گجرات ۾ ورهائجي وئي. ڊاڪٽر لکومل جي زندگي بابت ڪو وڌيڪ معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، ته هن کي ڊاڪٽر لکومل تي لکيل بايوگرافي Dr. L.H.Hiranandani- Born to Heelپڙهڻ کپي، جيڪا سال 2004ع ۾ ڊاڪٽر سڀادرا آنند لکي ۽ نيو دهلي جي روپا ائنڊ ڪمپني پبلشرس ڇپي آهي. هن ڪتاب جي ڪاپي، خبر ناهي اصل آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي دو نمبري ڇپيل آهي، ڊفينس جي آچر بازار ۽ ريگل چوڪ وٽ به نظر ايندي آهي.
ممبئي ۾ رهندڙ، ٺٽي جي هن جهوني ENT سرجن ڊاڪٽر لکومل هيرانند هيراننداڻيءَ کي ٽي پٽ ٿيا: نوين، نرنجن ۽ سريندرا. ڊاڪٽر نوين 1940ع ۾ ممبئي ۾ ڄائو ۽ پيءُ وانگر Otolaryngology جو پروفيسر ۽ ڪن، نڪ ۽ ڳلي جو سرجن ٿيو. پاڻ ممبئي جي BYL نير اسپتال، بيچ ڪئنڊي اسپتال، جسلوڪ اسپتال ۽ پنهنجي پيءُ جيDr. L.H.Hiranandani اسپتال ۾ ڪم ڪيائين. ڏکيون ۽ پيچيده آپريشنون ڪرڻ ۾، سندس ڪاميابيءَ جي هاڪ، سڄي انڊيا ۾ آهي. ٽي چار سال اڳ 7 جولاءِ 2007ع تي، هن پنهنجي فليٽ ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. ان وقت سندس زال سنيتا ڀر واري ڪمري ۾ هئي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪمري ۾ ٽيبل تي رکيل هڪ پني تي سندس هٿ اکرن سان فقط هي لفظ لکيل هئا:
 “Heart Attack, no Publicity.”
چون ٿا ته؛ هن کي دل جي عارضي کان علاوه گذريل 20 سالن کان سخت قسم جي ڊپريشن هئي.
ڊاڪٽر نوين، ممبئي جي ڏاکڻي علائقي مالا بار پهاڙيءَ تي سندس ماءُ جي نالي سان ٺهيل ڪانتا بلڊنگ جي ڇهين ماڙ تي رهيو ٿي ۽ سندس پيءُ ڊاڪٽر لکومل ان ئي بلڊنگ جي پنجين ماڙ تي رهي ٿو. ڊاڪٽر نوين کي هڪ ئي پٽ سنجي آهي، جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو. ڊاڪٽر نوين جي چتا کي چندن واري شمشان گهاٽ ۾ جلايو ويو ۽ هندن جي ڌرمي رسم مطابق هن جي ارٿي کي سندس پٽ سنجي ۽ ڀاءُ سريندرا، ”بن گنگا حوض“ ۾ ٿڌو ڪيو. بن گنگا حوض، مالابار پهاڙي تي هڪ آڳاٽو حوض آهي، جيڪو اتي ٺهيل واڪيشور مندر جو حصو آهي.
ڊاڪٽر لکومل جي باقي ٻن پٽن، نرنجن ۽ سريندر، گڏجي بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جو ڪم شروع ڪيو. هنن ممبئي کان علاوه انڊيا جي ٻين شهرن ۾ به اڏاوتون ٺاهيون آهن، پر پوائي واري پوٺي تي يورپ جهڙو ٽائون ٺاهڻ جيڪو ’هيراننداڻي گارڊنس‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، ڏسڻ وٽان آهي. پوائي (Powai) ممبئي جي اتراهين حصي جو ٻهراڙي وارو علائقو آهي ۽ توهان اتي پهچڻ لاءِ اڌي شنڪر آچاريه روڊ کي فالو ڪري سگهو ٿا. سندس ويجهو ڪانجور مارگ ۽ وکرولي ريلوي اسٽيشنون آهن.
هيراننداڻي گارڊنس، اوچين ٽاور جهڙين ويهه ويهه ماڙ، اتاهين بلڊنگن جو ٽائون آهي، جنهن ۾ هر سهولت، ڌيان ۾ رکي، رهندڙن لاءِ مهيا ڪئي وئي آهي. هنن عمارتن جا نالا به انگريزي ۽ يورپي نموني جا رکيا ويا آهن. جهڙوڪ:
·                   Eternla
·                   Florentine
·                   Tivoli
·                   Norita
·                   Cypress
·                   Daffodil
·                   Lotus
·                   Verona
وغيره وغيره. هي 42 رهائشي عمارتون آهن ۽ اهڙيون 23 کن ڪمرشل بلڊنگون آهن، جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
·        گيٽ وي پلازه.
·        پوائي پلازه.
·        هائيڪو مال.
·        اولمپيا.
·        بيئر هائوس. جنهن ۾ گرائونڊ فلور تي نرنجن پنهنجي آفيس ٺاهي آهي.
·        سگما.
·        ڊيلٽا
·        وينتوارا.... وغيره وغيره.
پوائي ۾ هيراننداڻي وارن جي ٺهيل هن ”هيراننداڻي گارڊن“ وانگر، ٿاني شهر ۾ به ٻه ٽائون آهن، جيڪي ”هيراننداڻي ميڊوز“ ۽ ”هيراننداڻي اسٽيٽ“ سڏجن ٿا.
نرنجن ۽ سندس ڀاءُ سريندر، پهرين ڪپڙي جون ملون هڻي ٽيڪسٽائيل جو ڪاروبار شروع ڪيو. پر پوءِ ان ۾ سخت نقصان رسڻ ڪري، هنن ڪنسٽرڪشن جو ڪم شروع ڪيو، جنهن ۾ هنن جو ڀاڳ ڏينهون ڏينهن زور ٿيندو وڃي. سال 2005ع ۾ سريندر هي ڪاروبار ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري هاڻ سڄو بزنيس نرنجن هلائي رهيو آهي. نرنجن ٻڌايو ته؛ کيس ٻه ٻار آهن، جن مان پٽ دبئيءَ ۾ انٽرنيشنل قسم جا اتاهان رهائشي پروجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڌيءَ آمريڪا جي شهر فلاڊيلفيا ۾ پنهنجي زينٽا ڪمپني هلائي رهي آهي. نرنجن ٻڌايو ته؛ ايندڙ مهيني هو پاڻيءَ جي جهاز ذريعي مالديپ ٻيٽ گهمڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ ڪهڙي خبر هو سمنڊ جي وچ ۾ ڪا اتاهين عمارت تيار ڪرائي رڪارڊ قائم ڪري. هونءَ به بقول سندس دنيا ۾ عمارتون ٺهرائڻ جهڙو ٻيو بهتر ڌنڌو آهي ئي ڪو نه.
“Real estate is the best investment and even if the prices fall, you can still live in it and give it to your children.”

No comments:

Post a Comment