Friday, November 11, 2011

قدرت جو ئي ڪمال آهي - الطاف شيخ


قدرت جو ئي ڪمال آهي
الطاف شيخ

هنن Migratory   (لڏ پلاڻ وارن) پکين جو سوچجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته هو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، اوٽ موٽ جو سفر ڪن ٿا ۽ ائين به ناهي ته ڪو هو اسان انسانن وانگر هوائي جهازن ۾ سفر ڪن ٿا. هوائي جهاز، جيڪو هلائي ڪو ٻيو ٿو، اسان مسافر آرامده ڪرسين تي ننڊون ڪندا، ڪافيون پيئندا ۽ هاڻ ته T.V جا مختلف چئنل ڏسندا، سفر پورو ڪريون ٿا ته به منزل تي پهچڻ وقت ٿڪ محسوس ڪريون ٿا. توهان ڪراچي کان اسلام آباد، ممبئي، دبئي يا جده تائين ٻن ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪريو ٿا، ته توهان کي مزو اچي ٿو، پر انهن مسافرن کان پڇو، جيڪي ڪراچيءَ کان ٽوڪيو، ڪوپن هيگن، ٽورنٽو يا نيويارڪ تائين سفر ڪن ٿا، پوءِ ڀلي هنن کي رستي تي ڪنهن هڪ يا ٻن ايئرپورٽن تي لهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ جو موقعو ملي، هنن جي ڇا حالت ٿئي ٿي!

مٿين ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ذرا سوچيو ته هي مهاجر پکي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ۾ ڪيڏي جدوجهد ڪن ٿا. هنن کي نه فقط وڏن شڪاري پکين کان پاڻ بچائڻو پوي ٿو، پر منزل تي پهچڻ لاءِ صحيح راهه جو تعين ڪرڻو پوي ٿو. واٽ تي ملندڙ خراب موسم جو سوچڻو پوي ٿو. راهه (چونڊيل رُوٽ) تان ڀٽڪي وڃڻ جي صورت ۾ هنن کي وري ساڳي ٽرئڪ تي پنهنجو پاڻ کي آڻڻو پوي ٿو ۽ هي سفر ڪو ٽن، چئن يا چوويهه ڪلاڪن جو نٿو ٿئي، پر ڏينهن جا ڏينهن بلڪ هفتن جا هفتا هلي ٿو. علم فلڪيات (Astronomy) پڙهڻ وقت جيئن انسان حيران ٿيو وڃي ته ڇا ته ڪائنات آهي. اسان جي ڌرتيءَ کان گهڻو گهڻو وڏا سَيارا ۽ سج ۽ تارا، ملين به نه، پر بلين جي حساب سان، هن ڪائنات ۾ جنهن تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي رهيا آهن، انهن بابت هڪ علم فلڪيات جو شاگرد فقط سوچي اهو مڃڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي ته هي سڄو ڪاروبار هلائڻ وارو هڪ حڪيم، داناءُ، طاقت وارو، هر وقت هر هنڌ موجود، خبير ۽ عليم آهي ۽ جيڪو ماڻهو به انهن ڳالهين تي سوچي ٿو، ڄاڻ حاصل ڪري ٿو، عقل کان ڪم وٺي ٿو، ان کي اهڙيون ڳالهيون پنهنجي رب جي وجود جي خاطري ڏين ٿيون. هي سڀ ڳالهيون انسان لاءِ قدرت طرفان ڏنل نشانيون آهن. سالن کان سائنسدان اڃا ان جو ئي فيصلو ڪري نه سگهيا آهن ته پکي پنهنجو رستو ڪيئن ٿا ڳولهين؟ ڪو چوي ٿو ته سج ذريعي، ڪو تارن ذريعي ٻڌائي ٿو، ڪو ڌرتي جي چقمقي شعاعن (Magnetic Field) جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هاڻ اها به ٿيوري پيش ڪئي وئي آهي ته پکين کي سونگهڻ ۽ ٻڌڻ جي وڏي سگهه آهي، جنهن ذريعي هو سوين ميل اڳيان جا رستا ۽ موسم جو حال معلوم ڪري سگهن ٿا. بهرحال سڀ ڪو ڦِريو گِريو ان ڳالهه تي پهچي ٿو ته پکي هن قسم جا ڪرتب Instinctجي ذريعي ڪن ٿا. يعني، اهو سڀ علم رب پاڪ هنن کي وحي ڪيو آهي ۽ اها ئي ڳالهه اڄ کان 1400 سال اڳ قرآن ۾ آئي آهي ته:
وَاَوۡحٰى رَبُّک اِلَى النَّحۡلِ اَنِ اتَّخِذِىۡ مِنَ الۡجِبَالِ بُيُوۡتًا وَّمِنَ الشَّجَرِ وَمِمَّا يَعۡرِشُوۡنَۙ  (النحل 16، آيت 68)
۽ (ڏسو) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وجهي ڇڏي (وحي ڪري ڇڏي) ته جبلن ۾، وڻن ۾ ۽ انهن جاين ۾ جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ڪنهن مٿاهين جاءِ تي ٺاهيون وڃن ٿيون، پنهنجو مانارو ٺاهين...
سو اهڙي طرح هنن لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جي دلين ۾ به رب پاڪ اهي سموريون ڳالهيون وحي ڪري ڇڏيون آهن ۽ جيڪو جيڪو وقت اچي ٿو، هو ان تي اهو مقرر ڪم ڪن ٿا ۽ رستن، راهن، منزلن، موسمن وغيره جو علم، جيڪو اسان سالن جا سال ڪتابن ۽ ماهر ناکئن ذريعي حاصل ڪريون ٿا، هنن پکين جي دماغ ۾ اڳهين قدرت طرفان موجود آهي ۽ پکيءَ جو دماغ به وري ڇا ذري پرزي جيڏو آهي! ڪيترن پکين جي مٿي ۾ موجود ميڄالي کان سندن فقط هڪ اک وڏي ٿئي ٿي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون قدرت طرفان انسان لاءِ نشانيون (Signs)آهن، جيڪي نيو من لائين پريان سندي پار جو.
رب پاڪ ساڳيءَ مٿينءَ سورت ۾ مينهن وسڻ ۽ مردار زمين سرسبز ٿيڻ جو مثال ڏئي فرمائي ٿو ته، بيشڪ هن صورتحال ۾ انهن ماڻهن لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي (حق جي دعوت کي دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. يا ساڳي سورت ۾ چوپائي مال جو کير ڏيڻ ۽ انگورن مان نشو ڪندڙ عرق يا مفيد غذا حاصل ڪرڻ جو مثال ڏئي رب پاڪ فرمائي ٿو ته، بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ (فهم ۽ بصيرت جي) هڪ نشاني آهي، جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.
هنن Migratory (لڏ پلاڻ ڪندڙ) پکين وانگر جانورن ۽ مڇين جا به ڪي اهڙا ڪارناما آهن، جن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته هنن کي اهو علم ۽ ڄاڻ قدرت طرفان وحي ٿئي ٿو ۽ هنن جو هر ڪم بامقصد ٿئي ٿو. هڪ ماهرِ طيور (پکين جي ماهر سائسندان) جو چوڻ آهي ته هنن پکين جون هر سال هي ڊگهيون اڏامون، ڪي اجايون نه آهن، انهن پٺيان مقصد رکيل آهي. انهن جي حيثيت هڪ اعليٰ درجي جي جاگرافيائي بندوبست (Geographical Arrangement) هيٺ آهي. هنن پکين جو سفر ايترو ئي بامعنيٰ آهي، جيترو ڪنهن انسان جو سوچيل سمجهيل سفر.
گوٿابرگ يونيورسٽي سئيڊن جو سائڪالاجيءَ جو پروفيسر ميٽارڊ جانسن، جيڪو مالمو شهر ۾ منهنجو پاڙيسري آهي، سٺي انگريزي پڻ ڳالهائي ٿو، هڪ ڏينهن لانڊري روم ۾ ڪپڙا ڌوئڻ دوران هن کان پڇيم ته يار تون هر وقت Instinct جي ڳالهه ڪرين ٿو مون کي ان شيءِ جي آسان وصف  ٻڌاءِ. هن اهو ئي مثال ڏنو ته جيئن سامونڊي ڪُميون (Turtles) هر سال ڪناري تي کڏ کوٽي، آنا لاهي هليون وڃن ٿيون ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد انهن مان جيئن ئي ٻچا نڪرن ٿا ته اهي سڌو سمنڊ ڏي رُخ ڪن ٿا، هڪ نئون ڄاول ڪميءَ جو ٻچو جنهن کي نه ڪنهن سيکاريو ۽ نه هُن ڪنهن ٻئي کي ڏٺو، ڪيئن ٿو يڪدم سمنڊ ڏي رخ رکي! اها منجهس قدرت طرفان Inbuilt ڄاڻ ۽ Urge آهي، جيڪا هن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ اهو ئي Instinct آهي. هڪ گهوڙي جو ڦر ڄمڻ سان هڪ ڪلاڪ اندر اٿيو بيهي، هلي ۽ ٽپ ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح ماکيءَ جي مکين جي حيرت انگيز زندگي ۽ انهن جا عجيب ڪم آهن. يا کڻي چئجي ته پکي ڪيئن ٿا آکيرو ٺاهين ۽ هر پکي پنهنجي نموني جو آکيرو ٺاهي ٿو! اهي سڀ ڳالهيون هو اسان وانگر يونيورسٽين يا ورڪشاپن مان نٿا سکن ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏسي سکن ٿا، پر قدرت طرفان هنن کي اها ڄاڻ ڄائي ڄم کان مليل آهي ۽ هو مقرر ڪيل (Fixed) پئٽرن مطابق ڪم ڪن ٿا. ان شيءِ کي Instinct  سڏيون ٿا. هن جو مطلب هو ته:
Instinct is the in born behaviour of a living organism that is not learned. It is fixed action pattern which is inherited.
قرآن مجيد ۾ آيل لفظ وحي (وَاَوۡحٰى رَبُّک اِلَى النَّحۡلِ...) جي سمجهاڻي مولانا مودوديءَ تفهيم القرآن ۾ بهتر نموني سان ڏني آهي ته:
... وحي جي لغوي معنيٰ آهي ڳجهو ۽ لطيف اشارو، جيڪو اشارو ڪرڻ وارو ۽ اشارو حاصل ڪرڻ واري کان علاوه ٻيو ڪو محسوس نه ڪري. انهيءَ مناسبت سان هي لفظ اِلقاءَ (دل ۾ ڳالهه وجهڻ) ۽ الهام (لڪل تعليم و تلقين) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي جيڪا تعليم ڏئي ٿو، اها ڪنهن مڪتب يا مدرسي ۾ نٿي ڏني وڃي، بلڪه اهڙن لطيف طريقن سان ڏني وڃي ٿي، جو ظاهري طرح ڪو تعليم ڏيندڙ يا ڪو تعليم حاصل ڪندڙ نظر نٿو اچي، ان ڪري هن کي قرآن ۾ وحي، الهام ۽ القاءَ جي لفظن سان تعبير ڪيو ويو آهي. هاڻ اهي ٽئي لفظ ڌار ڌار اصطلاحن جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن. لفظ وحي نبين لاءِ مخصوص ٿي ويو آهي. الهام کي اوليائن ۽ خاص ٻانهن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ القاءَ انهن جي ڀيٽ ۾ عام مخلوق لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر قرآن ۾ اهو اصطلاحي فرق نٿو ملي. ماکيءَ جي مک کي هن جو پورو ڪم وحي (فطري تعليم) جي ذريعي سيکاريو وڃي ٿو ۽ هي وحي فقط ماکيءَ جي مک تائين محدود ناهي. مڇيءَ جو ترڻ، پکي جو اڏامڻ ۽ نئين ڄاول ٻار جو ٿڃ پيئڻ به قدرت وحي ذريعي سيکاري ٿي.
لڏ پلاڻ ڪندڙ Migratory پکين جو مطالعو ڪندڙ هڪ محقق لکيو آهي ته، هنن پکين جي هجرت لاءِ اڏام جا رستا مقرر ٿيل آهن. هنن جي ڊگهي سفر ۾ ڪئسپين سمنڊ، بحر اسود (ڪارو سمنڊ) ۽ ميڊيٽرينين (ڀؤنچ سمنڊ) ار ڪرڻو پوي ٿو. هي پکي ائين ويٺي ويٺي بي خبريءَ جي عالم ۾ نڪريو نٿا پون ۽ نه وري کين جيڏانهن اچي ٿو ڪاهيو پون. هن مقصد لاءِ هو نهايت خبرداري سان ان طرف جي چونڊ ڪن ٿا، جيڪو هنن لاءِ موزون ترين آهي. پکين جا اهي سفر بيحد حيرت انگيز آهن. اڄ جو انسان جڏهن هن قسم جو ڊگهو سفر ڪري ٿو ته هو ڪيترن ئي ڳالهين جي مدد حاصل ڪري ٿو، پر پکين جي اندر نه انساني ذهن آهن ۽ نه معلومات حاصل ڪرڻ جو انتظام. پوءِ هي پکي اهڙا ڊگها ۽ پيچيده سفر ڪاميابيءَ سان ڪيئن پورا ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته هن قسم جا واقعا ان عقيدي کي پوري طرح قابل فهم بنائين ٿا، جنهن کي آسماني مذهبن ۾ وحي سان تعبير ڪيو ويو آهي. بهرحال هي قدرت جو ئي ڪمال آهي، جنهن هڪ ننڍڙي ساهه واري کي ايڏو مفاصلو طئي ڪرڻ جي طاقت ڏيڻ کان علاوه هن کي جاگرافيءَ، علم فلڪيات، نيويگيشن، موسم جي ڄاڻ کان علاوه همت، عزم ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اڏامڻ جو جذبو ڏنو آهي.

No comments:

Post a Comment