ڪنگ جي خدمت ڪندو رهيس
الطاف شيخ
گذريل
مضمون ۾
پاڻ يورپ جي ٿڌن ملڪن جي پکين جي ڳالهه پئي ڪئي ته هتي جي سخت سياري اچڻ کان اڳ، هتي جون ڪيترن ئي قسمن جون
بدڪون، ڪاز، هنج، سارس، چيڪلا، رتابا، سينڌر ۽ قسمين قسمين جهرڪيون، ٽيٽيهر ۽ ٻيا خشڪيءَ جا ۽ پاڻيءَ
جا آبي پکي ٽولا ٺاهي ڏکڻ ڏي اڏامڻ شروع ڪن ٿا ۽ اهو ڪم آگسٽ کان ئي شروع ٿيو وڃي. مزي جي ڳالهه اها ته هر پکي پنهنجو پنهنجو
ٽولو ٺاهي ٿو. ڪڏهن به آڙين (Coots) جي جهڳٽي ۾ تليهر (Rosy Pastor) يا تلور (Houbara) پکي نظر نه ايندا. ڪو پکي ڪنهن سبب رهجي ويندو ته ٻئي يا ٽئين ڏينهن ٻئي قسم جي ٽولي سان ڪُوچ هرگز
نه ڪندو. پٺيان ٿڌ ۾ ترسي Freeze ٿي مري ويندو،
پر پنهنجي ٽولي کانسواءِ گهر نه ڇڏيندو. شاهه لطيف به شايد اها ئي Phenomena
ڏسي چيو ته:
وَلرَ ڪيو وتن، پرت نه ڇنن
پاڻ ۾...
هي
پکي جيڪي
سياري جا ٽي چار مهينا کن،
ڏکڻ ۾ گذارڻ لاءِ نڪرن ٿا، ڪوشش ڪري اڳواٽ ٽولا ٺاهيو وٺن ۽ پوءِ رستي تي ڪو ڪونج
جهڙو پکي پنهنجي ولر کان وڇڙي ٿو ته هن جون ڏک ڀريون صدائون ۽ سڏ ٻڌڻ وٽان ٿين ٿا. هونءَ به ڪونج پکي جيڪو سائبيريا ۽ وچ ايشيا جي اتراهن ملڪن کان سنڌ ۾ اچي ٿو،
اڏامڻ وقت
ماٺ ۾ سفر نٿو ڪري. ڪونجون هميشه آواز ڪنديون وينديون آهن ۽ هن پکيءَ لاءِ چوندا
آهن ته کين
سندس ئي آواز مارائيندو آهي. ڪونج شڪل ۾ سهڻي پر طبيعت ۾ سادڙي ٿئي ٿي، بلڪل ڪانگ جي ابتڙ يعني عقل
۾ ابتڙ ٿئي ٿي!
ڪجهه
سال اڳ مهراڻ رسالي ۾ پير علي محمد راشدي صاحب جو پنهنجي ننڍپڻ جو احوال پڙهيو هوم
ته هڪ صبح جو سندس ميربحر نوڪر ڪونجن جا آواز ٻُڌي پير صاحب کي چيو ته، ”ڀر واري کيت ۾ اڄ ڪونجون
لٿيون آهن،
رائيفل کڻ ته هلي ٺڪاءَ ڪري اچون.“ هو رائفل کڻي ڪڻڪ واري کيت ۾ لهي پيا. هنن کي
پري کان ئي ڪونجون نظر اچي ويون، جن جو پوک جي ليول کان جسم گهڻو مٿي هو ۽ ڳچيون به
ڊگهيون هئن. پير صاحب کي حيرت ٿي ته ڪونجون هنن کي پري کان ايندو ڏسي هرگز نه
اڏاڻيون.
”هي
ته پري کان پيون ڏسن، اسان کي ڏسي اجهو ڪي اجهو ٿيون پَر سوئن.“ پير صاحب ميربحر
کي چيو.
”پرواهه
نه ڪريو سائين، ويساهي پکي آهي.“ ميربحر وراڻيو.
پير
علي محمد راشدي وڌيڪ لکي ٿو ته ويجهو وڃي، وجهه وٺي، مون گولي ڇوڙي. ولر منجهان هڪ
ڪونج گهائجي وئي. ٻيون بروقت ته اڏاڻيون، پر پوءِ ڪيتري وقت تائين وڃايل ساٿيءَ جي
ڦوڙائيءَ ۾ مٿان ڦرنديون ۽ ڪوڪون ڪنديون رهيون!“
مئل
پکي کي منهنجي سامهون رکي ميربحر چيو: ”ڪونج ويساهي ۽ مورک پکي آهي. الله تعاليٰ
ڳچي ڊگهي ۽ ڄنگهون به وڏيون ڏنيون اٿس،
ان لاءِ ته مَدي ميري کي پري کان ئي پروڙي پنهنجي جان جو بندوبست ڪري. پر ٿي پئي آهي تمام ويساهي. سمجهڻ لڳي ته جڏهن هوءَ پاڻ ڪنهن شيءِ جي مَدي ڪونهي، تڏهن ٻيو به ڪو ساڻس
ڇو مدائي ڪندو؟ نتيجو اهو نڪتو جو اڄ تنهنجي اڳيان ٽنگون ٽيڙيو پئي آهي.“
ڪونج
هميشه پنهنجي ڪڙم سان، پنهنجي ڪڙم اندر رهندي. ڪڙم کان جدا ٿي پکين جي ٻيءَ ڪنهن به ذات سان نه ملندي، نه واهپو رکندي، نه انهن جي
ٻولي ٻوليندي. جيڏانهن وڃڻو هوندس، پنهنجي ولر سان ويندي. اٿندي، وهندي، اڏرندي، لهندي هميشھ پنهنجن سان گڏ هوندي. ولر
کان وڇڙڻ ڪونج لاءِ قيامت آهي.
بهرحال
مهمان پکي توڙي Residential پکين کي تنگ ڪرڻ، مارڻ يا ڀڄائڻ اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ هيڪاندو
آهي، بلڪ
عام
آهي. يورپ جي ملڪن ۾ خاص ڪري هيڏانهن ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ جتي سڀ
پکي يا مهمان آهن يا هتي جا اصل رهاڪو، تن جي وڏي سار سنڀال لڌي وڃي ٿي. ڏکڻ انگلنڊ، فرانس، اسپين،
پورچوگال يا اٽلي وغيره ۾ ته وري به ڪيترائي پکي اهڙا آهن، جيڪي سياري ۾ اتي رهي سگهن
ٿا، پر هيڏانهن اتر قطبي ملڪن ۾، يعني هيڪاندن اتراهن ملڪن ۾ ڪهڙو پکي آهي، جو ڊيپ فريز جهڙي ٿڌ ۾ رهي
سگهندو. ياد رهي ته هي پکين جون ڳالهيون
آئون اتراهن ملڪن: ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ مان لکي رهيو آهيان. سيارو
شروع ٿيڻ سان آبي ۽ خشڪيءَ جي
پکين جا ٽولن جا ٽولا ڏکڻ ڏي اڏرڻ شروع ڪن ٿا، جيڪو رهجي ويو، ان کي چُڳائڻ ۽ گرم رکڻ جو
ذمو ڪو انسان ئي کڻي سگهي ٿو. هر شيءِ برف سان ڍڪيل هجڻ جي صورت ۾ غريب پکي ڪٿان
ٿا ڪا اَنَ لپ حاصل ڪري سگهن! سارس، پيليڪان، ڪاز، هنس، هنجر، چيڪل توڙي سينڌر،
رتابا ڪٿان ٿا ڪا مڇي هٿ ڪري سگهن، جڏهن سڀ ڍنڍون ڍورا ته ڇا درياهه، نديون ۽ سمنڊ
به برف ٿيو وڃن، جن
مٿان هتي جا ٻار اسڪيٽنگ پيا ڪندا آهن.
پر هڪ ڳالهه آهي جيڪا آئون بار بار لکي چڪو آهيان ته هنن يورپي گورن کي اسان کڻي
ڇا به گهٽ وڌ چئون، کين ڪافر چئون، شرابي ڪوابي سڏيون، پر هنن جي دلين ۾ جيڪو اوڙي
پاڙي کان وٺي پکي پکڻ جو خيال آهي،
ان جو ڏور ايشيا يا آفريڪا جي ملڪن ۾ ڪو ويهي سوچي به نٿو سگهي. هتي يورپ ۾ ڪڏهن
ڪنهن کي ڪو لاوارث يا بيمار گڏهه يا ڪتو ٻلو ملي ويندو آهي ته ان جو به هو خيال
توڙي دوا درمل، پنهنجن ٻارن وانگر ڪندو. سئيڊن ۽ ناروي جي اخبار ۾ ڪيترا دفعا اهڙن
لاوارث گڏهن ۽ ٻين جانورن جا چندي لاءِ اشتهار ايندا رهن ٿا ته ”هر مهيني توهان جي
فقط هڪ سؤ ڪرونن (هزار کن رپين) مان هڪ بيمار گڏهه، رڇ يا ڀولڙي جي خوراڪ جو
بندوبست ٿي سگهي ٿو.“
ٿي
سگهي ٿو ته مون هن پاسي جي سفرنامن (اڇن جي ملڪن ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو.. وغيره) ۾ اها خبر لکي هجي يا نه ته سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ (جتي جي يونيورسٽيءَ
مان گهڻو اڳ، مون مئرين انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي) هڪ امير عورت هڪ ڪونج
پکيءَ کي،
جيڪو ڪن سببن ڪري ڏکڻ طرف لڏڻ کان رهجي ويو هو ۽ جنهن جي ڪڙم قبيلي جا پکي ڪڏهوڪو
روانا ٿي چڪا هئا، هوائي جهاز ذريعي اسپين موڪليو، ته جيئن هوءَ سئيڊن جي سخت
سياري کان بچي سگهي ۽ وڃي پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۽ سهيلن جيڏن سان اسپين جي ڍنڍن ۽
درياهه جي ڪپرن تي بهتر موسم جا چار مهينا گذاري. ان قسم جون ڳالهيون اسان جي
ايشيائي ملڪن جي ماڻهن کي ضرور عجيب ۽ اعتبار ڪرڻ جهڙيون نه لڳنديون، جو مون کي به
پنهنجي ٻنيءَ تي، بندوق ڪلهي ۾ وجهي، پکي ماريندي يقين نٿي آيو، پر هتي تعليم حاصل ڪرڻ دوران
يا جهاز کي بار بار ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ وٺي اچڻ بعد
سخت Guilty Conscience (احساس جرم) ٿئي ٿو ته هي مهمان پکي سخت سيءَ کان جان بچائڻ خاطر
اسان وٽ اچن ٿا ۽ اسان کين جيئڻ بدران موت ڏيون ٿا. هتي جي خاص ڪري سئيڊن ۽ ناروي
جي ملڪن جي ماڻهن جو، جن سان منهنجو گهڻو واسطو رهي ٿو ۽ هنن ئي پَٽن مان هي لکي
رهيو آهيان، جانورن توڙي پکين کي چريائپ جي حد تائين چاهين ٿا، خاص ڪري ڪتن کي ته!
دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي، جتي
جا ماڻهو اولاد نه هجڻ جي صورت ۾ پنهنجي ملڪيت جو اڌ ڪنهن اسپتال ۽ اسڪول جي حوالي
ڪرڻ جي وصيت لکندا هجن ته اڌ پنهنجي ڪتي نالي، جنهن سان گڏ هنن پيريءَ ۾ اڪيلائيءَ
جا ڏينهن گذاريا.
۽ ان
پوڙهي
سخي ۽ پنهنجي وقت جي بيحد سهڻيءَ
عورت بابت ته لکي چڪو آهيان،
جيڪا اسان جي فلئٽن واري بلڊنگ ۾ رهي ٿي ۽ اسان جي ڄڻ ”هوسٽ مدر“ هئي. هوءَ پنهنجي
ڀيڻ سان ملڻ لاءِ چار پنج هزار رپيا خرچ ڪري، پئرس جي ٽڪيٽ به وٺي آئي. مالمو کان پئرس جو ڀاڙو ۽ مفاصلو ڪراچي اسلام آباد کان به گهٽ آهي. هاڻ سندس وڃڻ ۾
باقي ڪي وڃي ٻه ڏينهن بچيا ته شام جو گهر موٽڻ وقت کيس ڏاڪڻ وٽ هڪ سيءَ کان سَٽيل
۽ کنڀڙاٽيءَ ۾ زخم رسيل هڪ ڪَنگ Godwit (Black Tailed) پکي مليو، جنهن کي پنهنجي فلئٽ ۾ کڻي آئي. ٻئي ڏينهن سندس پريشاني
جو سبب پڇڻ تي هن اسان سان ڳالهه
ڪئي ۽ پئرس وڃڻ جو به ارادو ٿي لاٿائين، جيئن هن زخمي پکيءَ جي ملم پٽي ڪري، هن جي جان بچائي. بهرحال ان
ڪم جي ذميواري مون کنئي، جو
سندس اسان تي به ڪيترائي ٿورا ٿيل هئا،
اهو ٻُڌي هوءَ خوش ٿي ۽ پئرس رواني ٿي وئي. آئون سندس غير حاضري ۾ سندس Instruction
مطابق سڄو هفتو هن ڪنگ کي صبح شام ملم به هڻندو رهيس ته داڻو به چڳائيندو رهيس،
جنهن کي هوءَ پنهنجي بيڊ روم واري باٿ روم جي ٽب ۾ ويهاري وئي هئي. هر ٻئي ڏينهن
پئرس مان فون ڪري پڇندي هئي ته سندس، يعني هن ڪَنگ جي صحت جو گراف بهتريءَ ڏي وڌي رهيو آهي يا نه. شام
جو کڻي واندو هوندو هوس پر صبح جي وقت جڏهن يونيورسٽيءَ کي دير پئي ٿيندي هئي ته هن
ڪنگ کي ملم هڻڻ ۽ چُڳائڻ تي ٻرو چڙهي ويندو هو. دل چوندي هئي ته موچڙو لاهي اچي
وٺانس. اڃا به ڪو طوطي، مور، مينا يا ڪونج ۽ هنج جهڙو ڪو سريلو پکي حوالي ڪري وڃي
ها ته به ڪا ڳالهه هئي. دل ته اهو به چوندي هئي ته هن پوڙهيءَ، امير پر رحمدل عورت کي،
ٿورو ماڻهو بنائڻ لاءِ شاهه جو ئي کڻي شعر ٻڌايانس ته هيءُ اهو نڪمو ڪنگ آهي، جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي
ته:
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو
ڪنگن...
سو
ان ڪني ڪنگ لاءِ هيءَ عورت مون تي ڊيوٽي هڻي وئي هئي ته سندس خذمت ڪريان. بهرحال
سور پي کڻي کيس ملم ته هڻندو هوس، داڻو به ڏيندو هوسانس، پر پوڙهيءَ جي چوڻ تي سندس
ٽب جي چوڌاري سندس ڪو فرينچ عطر اسپري ڪرڻ بدران روزانو پاڻ کي هڻي ويندو هوس. پوڙهيءَ جي موٽڻ بعد منهنجي هڪ ٻن ڪلاس ميٽن جيڪي اهڙن اوچن عطرن جي خوشبوءِ کان
واقف هئا ۽ منهنجي ان اوچتي شوق جي تعريف ڪرڻ ۽ داد ڏيڻ لڳا هئا، اهي حيرت مان پڇڻ
لڳا ته مون اوچتو ئي اوچتو عطر هڻڻ ڇو بند ڪري ڇڏيو آهي!؟
No comments:
Post a Comment