اسان کان اسان جا پکي رُسندا
وڃن
الطاف شيخ
ڪڏهن
ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته ڪي ڪي اهڙا جانور آهن، جهڙوڪ ياڪ ڍڳو، لاما، اورانگ
اُتان (ماڻهوءَ سان سڀ کان گهڻو ملندڙ ڀولڙو) پانڊا، ڪئنگرو يا وري ڪيترا ئي پکي، جهڙوڪ بهشتي پکي (Bird of Paradise) ۽
مختلف ڪاڪاتئا (وڏا طوطا (Cockatto، پينگئن وغيره وغيره، جن کي ڏسڻ لاءِ اسان کي انهن جي وطن نيپال،
برازيل، سراواڪ (ملائيشيا)، چين يا آسٽريليا وڃڻو پوي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته
اهڙن جانورن يا پکين مان ڪو هڪ ٻه کڻي اسان جي حيدرآباد، ڪراچيءَ يا لاهور واري چڙيا گهر ۾
هجي، پر
اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته مهمان پکي (لڏ پلاڻ ڪندڙ (Migratory Birds جن جو وطن کڻي سئيڊن، ڊئنمارڪ، آئس لينڊ، ڪئناڊا يا سائيبيريا هجي، انهن کي ڏسڻ لاءِ اسان کي
هنن جي ملڪ ۾ وڃڻو نٿو پوي. اهي سهڻا سهڻا ۽ رنگين پکي، هر سال پاڻ پسائڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾، هزارين ميل
اڏامي اچيو اسان وٽ نڪرن. ڇا ته قسمين قسمين بدڪون، ٻگهه، نيرڳ، چيڪلا، هنجر،
ٻهاڙون، ڳيڻا، لنج، هنج، هنس، ڊگوش ۽ پيڻ پکي آهن. هي سڀ اتراهن ملڪن کان اتي جي
پاري جهڙيءَ ٿڌ
کان ڀڄي، سياري جا چار مهينا اسان وٽ گذارڻ لاءِ اچن ٿا.
اتراهان
ملڪ؛ روس، ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ، پولينڊ جهڙا، جن ۾ منهنجو ڪيترائي
دفعا وڃڻ ٿيو آهي ۽ ڪيترن ۾ ته وڏو عرصو رهڻ به ٿيو آهي، اتي هي لڏپلاڻ ڪندڙ پکي اونهاري ۾ ضرور نظر اچن
ٿا، پر
انهن مان ڪهڙو ملڪ آهي،
جنهن ۾ ايترا سارا مڙيئي پکي نظر ايندا هجن، جيترا سياري ۾ سنڌ ۾ نظر اچن ٿا؟
ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ اهي پکي آهن ضرور، پر ڪي جنسون ڪنهن ملڪ ۾ ته
ڪي ڪنهن ۾. اهو اسان وارو سنڌ، ڪڇ، گجرات آهي، جتي مٿين مڙني ملڪن جا پکي
اچيو ٿا گڏ ٿين. پنهنجين مٺين لاتين سان اسان جو من لڀائين، پنهنجن سهڻين شڪلين ۽
رنگن سان ماحول کي وڻندڙ بنائين ۽ اسان خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو، جنهن بيدرديءَ سان
انهن جو قتلِ عام ٿا ڪريون، ان، هنن مهمان پکين کي پنهنجي جوءِ مٽائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اسان وٽ
شڪار ڪرڻ جو نه قاعدو قانون آهي ۽ نه ان تي عمل ٿئي ٿو. هر ڪو ڏاڍو ۽ گابو آهي. ڪنهن کي به ڪو
خيال نٿو ٿئي، ڪا همدردي نٿي ٿئي ته اسان
ڇو هر پکيءَ کي ماريندا وتون. پکي ڪي انب يا زيتون ته نه آهن، جو انهن کان ڀلي سڄو وڻ خالي
ڪري ڇڏيون، ته
به ٻئي سال اهي وري اوترا ڦٽي تيار
ٿيندا. هيڪاندا پکي مارڻ سان هنن جو نسل هڪ طرف ختم ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف هو ڊپ
ڪري اسان وٽ اچڻ ڇڏيو پيا ڏين. ساڳيو ٻه ٽي سو ميل پري ڪڇ، گجرات ۽ انڊيا جي ٻين
علائقن ۾ هي پرديسي پکي پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا. هو آهستي آهستي هيڏانهن اچڻ
بدران انڊيا وڃي رهيا آهن. هڪ پکي جيڪو سائيبيريا کان ٽي چار هزار ڪلوميٽر جو
فاصلو طئي ڪري
سنڌ جي آبي جڳهين تي لهي ٿو، ان کي وڌيڪ ٽي چار سوَ ڪلوميٽر سفر ڪري انڊيا وڃڻ ۾ ڪهڙي تڪليف،
ڪهڙي رنڊڪ؟ ۽ اهو ته اسين به ٽي ويءَ
۽ اخبارن ۾ پڙهون پيا ته انڊيا پکين ۽ جانورن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ايڏو سخت آهي، جو سلمان خان جهڙي مشهور ۽
ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ هيرو کي به غير قانوني طرح شڪار ڪرڻ تي جيل ۾ اماڻي ڇڏيو. اسان وٽ ڇا ته اونڌو منظر
آهي... اسين ته انهن پکين جي مار مارا ڪريون ٿا، پر پنهنجي لئي رکڻ لاءِ، چمچا گيريءَ لاءِ
يا چند ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ، وتون ههڙن سهڻن مهمان پکين کي ٻين کان به مارائيندا ۽
ڊيڄاريندا. ٻيو ته ٺهيو پر ڌارين ملڪن جي امير عربن کي گهرائي انهن کي کُلي عام ڇوٽ ڇڏينداسين ته وتن ملڪ کي ڀيليندا. هو نه رڳو اسان جي
جهنگلي جيوت تباهه ڪن ٿا، پر
انساني حقن تي به ڌاڙو هڻن ٿا. ڪيترائي اهڙا واقعا اخبارن ۾ اچي چڪا آهن، جن ۾
عورتن جي وڪري ۽ زوريءَ زنا
لاءِ نشاندهي ڪئي وئي آهي.
گذريل
سال دبئي وڃڻ ٿيو، جتي
اُتي جي
مشهور ڊاڪٽر قادر سرڪي صاحب مون کي دبئي جي ٻهراڙي هلي ڏيکاري، جتي عربن جا پراڻي
زماني جا گهر به آهن. خير ٻهراڙيءَ مان منهنجو مطلب گهاٽو جهنگ يا ڪچو ڳوٺ نه هو، پر چوڌاري پڪا رستا ۽ اسٽريٽ
لائيٽون به هيون. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته پڪن رستن جي ڪنارن تي توڙي چوراهن تي،
انيڪ تتر ائين چُڳي رهيا هئا، جيئن سئيڊن
جي رستن ۽ بس اسٽاپن تي ڪيترن ئي قسمن جون بدڪون، هنجر ۽ رتنبا ماڻهن جي پيرن ۽
بيٺل بسين ۽ ٽئڪسين جي ڦيٿن وٽ بي ڊپا ٿي چُڳندا آهن. مون پنهنجي ميزبان کي چيو ته
عرب هيڏو خرچ ڪري اسان وٽ ٿا اچيو پکي مارين، هي ته هتي ئي هر گهٽيءَ اڳيان سوين
تتر ائين پيا هلن، جو
اسان وٽ ڪانگ ۽ ڪٻرون به نه هلن. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هو پنهنجي ملڪ جي پکين توڙي
پرديسي پکين جو خيال ڪن ٿا،
جيئن يورپ جا ماڻهو پکين جو خيال ڪن ٿا. هتي جي عرب قانون مطابق هنن پکين کي هُش هُش ڪري
ڊسٽرب ڪرڻ به ڏوهه جو ڪم آهي.
”۽
ڀلا هتي دبئي ۽
ابوظھبيءَ
۾ اسان جي پاسي جا هيترا سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، بنگالي ۽ تامل پيا ڦِرن، جيڪي پنهنجي
ملڪ ۾ ڪبوتر ۽ ڳيري کي به نٿا ڇڏين،
انهن کي ته هي تتر ڏسي وات ۾ پاڻي ايندو هوندو؟ مون پڇيو.
”ڀلي
وات ۾ پاڻي اچين“، ٺُل، جيڪب آباد جي ڊاڪٽر سرڪيءَ کلندي چيو، ”پر ڪو هتي جي پکين کي هٿ به
ته لائي ڏيکاري، جيل
جي سزا بعد کيس هتي هڪ ڏينهن به رهڻ نه ڏنو ويندو.“
دل ۾
مون سوچيو ته پوءِ اسان وڏا جاهل آهيون ۽ اسان جو ملڪ، جيڪو ائين لڳي ٿو ته بنهه ڪو نڌڻڪو هجي ۽
جنهن کي هر ڌاريون ماڻهو پنهنجي پراپرٽي سمجهي ٿو، جو جنهن کي وڻي ٿو اهو هليو
اچي ٿو ۽ جيئن وڻي ٿو ائين ڪري ٿو. قاعدي قانون هوندي به هنن کي ڪا پرواهه نٿي
رهي! شايد اسان جي ملڪ جو هر قسم جو قانون ۽ پوليس سندن کيسي ۾ ٿي رهي! دبئيءَ ۾
تترن ۽ ٻين پکين کي ائين هلندو ڏسي اکين کي فرحت پئي آئي. دل ٿي چيو ته ڪاش اسان
جي ملڪ ۾ به قانون تي عمل هجي ها ۽ اسان جي ماڻهن خاص ڪري شڪارين کي ساڃهه هجي ها
ته هوند
اسان جي ڳوٺن جي گهٽين ۾ به قسمين قسمين رنگين پکي ائين نظر اچن ها جيئن هتي دبئي ۾ يا سئيڊن ناروي
۾ ڏسون ٿا، پر
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دنيا جا
سهڻي ۾ سهڻا پکي اسان جي ملڪ ۾ هوندي به گهٽين، روڊن رستن ۽ وڻن ٽڻن تي جيڪي ٿورا
پکي نظر اچن ٿا، اهي فقط ڪٻرون ۽ ڪانوَ وڃي بچيا آهن! شاهه لطيف جو هڪ بيت آهي:
جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چورن تڪيو،
سنئون
تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو.
يعني، جتي ماڻڪ موتي هوندا، اُتِ چورن جا به ٿاڪ هوندا. خوش
نصيب آهن اهي ماڻهو (قومون)، جن پنهنجا موتي ڦُرجڻ کان بچائي ورتا آهن.
سانگهڙ
جو انگريزي جو پروفيسر ۽ مشهور ليکڪ امر لغاري (سڄو نالو محمد يعقوب لغاري) هنن
پرديسي پکيئڙن جي سنڌ ۾ آمد گهٽجڻ جو سبب اهو ٻڌائي ٿو ته هنن کي اسان وٽ سُک جو
ساهه کڻڻ نٿو ڏنو وڃي-
بقول هن جي:
اسان
جي علائقي جي بدقسمتي اها آهي ته هتي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪي به اصول ڪونهن. جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي، سو
پنهنجي ليکي ئي شڪاري آهي. نه کيس ڪانيري جي تميز، نه وري کنڀي جي. همراهه جي
هٿ ۾ بندوق آهي ته پوءِ هن کي ٺڪاءُ ضرور ڪرڻو آهي. شڪار کاتو ڌڙا ڌڙ پرمٽون جاري
ڪندو رهي ٿو، جيڪو هزار روپيا کڻي اچي،
سو پرمٽ جو مالڪ آهي... پکين جي رَسڻ کان اڳ ئي همراهه ڍنڍن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، ان ڪري پکين جو هڪ تمام وڏو
تعداد نارو ڪينال يا مٺڙائو واهه ڏيئي بدين جي ساحلي علائقي وارين ڍنڍن ڏانهن
روانو ٿي وڃي ٿو. اتان پوءِ ڀارت جي راجستان ۽ گجرات وارن علائقن جي ڍنڍن تائين پڻ
پهچي ٿو، جتي کين مڪمل تحفظ ملي ٿو. هڪ سروي مطابق اسان وٽ هاڻ ستر واري ڏهاڪي جي
چوٿين حصي جيترا پکي به نٿا لهن. وڏو پکي ته ماڳهين جوءِ ئي ڇڏي ويو آهي، پر حڪومت ۽ مقامي ماڻهو
جيڪڏهن پنهنجين حدن وارين ڍنڍن ۽ آبي گاهن
تي سختيءَ سان رَک ڪن ۽ ياريون نه ملهائين ته مستقبل ۾ اسان جو نئون نسل هڪ دفعو
وري اهي خوبصورت پکي ڏسي سگهندو، جيڪي اسان جي روين ۽ عملن سبب روسامو ڪري هليا
ويا آهن.
No comments:
Post a Comment