پکين جهڙيون مسافتون ۽ منزلون طئه ڪندڙ ليکڪ الطاف شيخ
نواز ڪنڀر
موبائل
جي گهنٽي ته روز وڄي ٿي، پر
ڪي ڪي فون ئي يادگار هوندا آهن. اهڙن فونن مان هڪ فون ان ڏينهن آيو، جڏهن سنڌ جي ابنِ بطوطه
محترم الطاف شيخ صاحب فون ڪري پنهنجن پکين متعلق تازو عبرت اخبار ۾ ڇپيل ۽ هاڻ
ڪتابي شڪل ۾ ايندڙ مضمون تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو، نه صرف فون اهم هو بلڪه سندن
چيل ڳالهه به ان ڪري اهم هئي،
جو سندن جا ئي سفرناما پڙهي، ٻين وانگر مون کي به گهمڻ ۽ لکڻ جو شوق جاڳيو هو/
آهي. سندن لکيل هر سفرنامي گهمڻ ڦرڻ جي حوالي سان هڪ نئون اتساهه ۽ شوق پيدا ڪيو.
سندن سفرناما پڙهڻ بعد دل ڪيتريون نه سَٽون کائيندي هئي ته بئگ تيار ڪري، هينئر جو
هينئر نڪري وڃجي ڪنهن اڻ ڏٺي مقام ڏانهن. محدود وسيلن ڪري پري جا پنڌ ته نه ٿي
سگهيا، پر
گهٽ ۾ گهٽ سندن سفر نامن جي تعداد جيترا، ملڪ ۽ سنڌ جا سفر ضرور ٿي ويا. ان پس
منظر ۾ جتي لکڻ جي دعوت تي خوشي ٿي،
اتي نڀائي نه سگهڻ جو خوف به ٿيو. شيخ صاحب جي قربائتين فونن سبب نيٺ لکڻو پيو، نه ته ڪٿي اسان ۽ ڪٿي الطاف
شيخ صاحب!
شيخ
صاحب جا جيڪي مضمون منهنجي نظر مان گذريا، انهن کي پڙهي
لڳي ٿو ته پاڻ جهڙوڪر هئا پکين جي پنڌن جا پيرا کڻندڙ، جهازن ۽ مسافرن جا سفرناما
ته جهڙوڪر ”اضافي“ شئي هئي. شيخ صاحب پاران پکين تي لکڻ بظاهر نئين ڳالهه ته لڳي
ٿي، پر
انهن جي جهازن جي مسافرين ۽ پکين جي اڏامن ۾ ڏسجي ته ڪافي هڪجهڙايون هجڻ ڪري، اهڙي ڪا صفا نئين ڳالهه به
ڪونهي. پکي جي سمنڊ مٿان ۽ ڪنارن سان سفر ڪن ٿا ته سائين به سمنڊ ٿا جهاڳين. پکين
جا پنڌ به ڪٿي ڏينهن رات ته ڪٿي وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ. جيئن پکي سياري ۾ هڪڙي طرف
اڏامون ڪن ته گرميءَ ۾
ٻي طرف. ناکئا به هوا ۽ موسم جو رخ ڏسي سفر ڪن.
شيخ
صاحب جي مضمون ”بي چئي جهرڪ جي ڪهاڻي“ ۾ جنهن نموني سياري جي سويڊن ۾ M.Sc ڪرڻ
دوران پاڙي جي عورت کين پارڪ ۾ لنگهڻ دوران بيمار يا زخمي هئڻ ڪري ڏکڻ سفر ڪرڻ کان
رهجي ويل پکين کي ڏيڻ لاءِ بسڪوٽ ڏيندي هئي، اها پڙهي اهي وڏا ياد اچي ويا، جيڪي ماني کائڻ مهل هڪ ٻه
گرهه بچائي، پکي
پکڻ يا ڪيڙين ماڪوڙين لاءِ ڀور ڪندا هئا، اڄ جڏهن خود انسان هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان سبب ماني ڇا ٿو کائي! بس گرهه ٿو
اندر اڇلائي!! ان وٽ هاڻ ايترو وقت ڪٿي جو هو ماني کائڻ وقت ويٺو پکي پکڻ ياد ڪري.
ساڳئي مضمون ۾ جنهن نموني انهن ٿڌن ملڪن ۾ سياري ۾ پکين لاءِ ايندڙ ڏکين ڏينهن سبب
انهن جي ڏکڻ لڏ پلاڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ڪاش! ان جو اسان وارن شڪارين جي دل تي به
ڪجهه اثر ٿي پئي ۽ هو مجبوريءَ
۾ هتي ايندڙ پکين تي ڪجهه ته ڪهل ڪن! ڪاش ائين ٿي پئي! ”ولر ڪيو وتن“ ۾ جنهن نموني
شيخ صاحب دنيا جي ڪونجن جي سفر جا پيرا کڻي، هت پهچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو پڙهڻ
بعد به جي ڪو ڪونج ڪُهي
ته ان کي حيف کان سواءِ ٻيو چئي به ڇا ٿو سگهجي. ساڳي نموني انهن، جپانين وٽ ڪونجن
جي اهميت جو ذڪر ڪري، انهن اڌ پڙهيل ”اسڪالرن“ کي ڄڻ ته ماٺ ڪرائڻ جي ڪئي آهي، جيڪي اسان وٽ ڪَٻرن جي ٻولڻ
کي جهيڙو ٿيڻ، ڪانوَ جي لنوڻ کي مهمان اچڻ جي اطلاع ڏيڻ
برابر سمجهڻ کي جهالت جون ڳالهيون سمجهن ٿا. شيخ صاحب ”اسان کان پکي رسندا وڃن...“
واري مضمون ۾ جنهن نموني دبئي ۽ عربن جي ڳوٺن ۾ تترن جي آزاديءَ سان گهمڻ ۽ سويڊن جي رستن،
بس اسٽاپن تي بدڪن، هنجن، رتنبن جو ماڻهن جي پيرن، بيٺل بسن، ٽيڪسين ۽ ڦيٿن وٽ بي
ڊپو ٿي چڳڻ جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي ۽ عربن پاران هتي پکين ۽ انسانن سان ڪيل
ظلمن ۽ زيادتين جو ذڪر ڪيو آهي اهو پڙهي نه صرف پکين جي قتلام تي ڏک ٿئي ٿو، پر پنهنجين شين جي حفاظت نه
ڪرڻ سبب اجتماعي بيغيرتيءَ جو به احساس ٿئي ٿو.
ساڳئي
مضمون ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ پکين جي بي قدري ٿيڻ سبب انڊيا هليو وڃڻ واري
ڳالهه به،
اسان مسلمانن لاءِ ڪا چڱي ناهي. اهڙيءَ
طرح ”نر وڃي ٻي مادي تاڙيندو“ ۾ به تلورن بابت ڏاڍي ڪارائتي، پر اصل ۾ دکدائڪ ڄاڻ ڏني آهي. ٻين مضمونن وانگر مضمون ”امن جا
سفير، محبتن جي علامت“ ۾ شيخ صاحب يورپ واري پاسي جو ذڪر ڪندي لکن ٿا ته هتي روڊ
رستن تي به ڪيترن ئي فروٽن جا وڻ آهن، جن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي پکي پيا کائين. ان کان
علاوه هتي جا ماڻهو رستن جي ڪپرن، پارڪن ۽ بس اسٽاپن تي مختلف قسم جا ٻج ۽ Nuts پکين
کي ڏيندا رهن ٿا، پڙهي پاڻ واري پاسي ڪٿي اڙيو ٿڙيو بيٺل کجيءَ ۽ ٻير جا اهي وڻ ياد اچي ويا، جن مان پکي پکڻ کي ته ميوو
ڇا ملندو! ماڳهين انهن وڻن تي سڄو ڏينهن ٻارن پاران پٿرن جي مارو مار هوندي آهي.
ٻير ۽ کجي پڪي ٿيڻ کان اڳ ئي ڀترن جي نظر ٿي ويندا آهن. ”اخبارون پکين جي بچاءُ
لاءِ لکنديون رهن ٿيون“ ۾ هو لکن ٿا ته يورپ جا ننڍا وڏا پکين جي واپس ورڻ تي کين
ٻج ۽ اَن اهو سوچي کارائيندا آهن ته هو وڏي منزل طئي ڪرڻ سبب ٿڪجي پهتا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن ته
کاڌي جي ڳولا ۾ پريشان نه ٿين. اهو پڙهي ۽ اسان جو پکين ڏانهن رويو ڏسي، سچ ته ڪنڌ جهڪيو وڃي. ”اڄ
پکي وري نڌڻڪا آهن“ ۾ جتي شيخ صاحب منهنجي مضمون مان سانگهڙ واري پاسي جي گيم
وارڊن ڪريم داد جوڻيجو جو ذڪر حوالي طور پيش ڪيو آهي، اتي سائين عبدالقادر جوڻيجي
جي ڳوٺ جنهاڻ ڀرسان جي اڳوڻي مختيارڪار قادر داد رند جي پٽ محمد حيات رند زميندار
جي پکين سان پريت ۽ تحفظ جي حوالي سان لکي ڄڻ ته هتي جي پکي، جانور ۽ ماحول دوست
ماڻهن کي به ياد ڪيو اٿس.
پکين جي نڌڻڪائيءَ
واري ڳالهه ڪندي ”ڪانگ لنوي مٺي لات“ ۾ شيخ صاحب پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين
سان ٿيل ڪلورن تي به ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي مضمون ”ڪيڏو لُڙ مچايو اٿي،
او ٽٽيهر ٽرڙا...“ ۾ مقامي قديم ۽ جديد شاعرن جا پکين بابت شعر لکڻ ڪري سندن پکين بابت ڳوڙهي اڀياس
جو پتو پئي ٿو.
الطاف
صاحب پکين تي لکڻ مهل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا
گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نه صرف ايترو بلڪه انهن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ
جانچيو آهي. ڏسو سندن مضمون ”پکين ۾ Navigationجي
قوت“. جيئن ته انهن جا سامونڊي رستا ۽ منزلون به ذري گهٽ ساڳيا پکين وارا آهن، ان
ڪري ئي هن
پکين جي سفرن جي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کي سولي نموني سمجهي سگهڻ سبب ان حساب سان ئي
لکيو آهي.
وڏين عمارتن جي روشني ۾ پکين جو ۽ پنهنجي ڀلجڻ جو ساڳيو سبب لکي، هو پکين ۽ سامونڊي سفر جي
هڪجهڙاين جو ذڪر ڪندا محسوس ٿين ٿا. هو پکين متعلق معلومات ڏيندي وڏن ۽ مشهور پکين
سان گڏ ننڍي کان ننڍي پکيءَ کي
به نظرانداز نٿا ڪن ۽ ڪار ڪڇڻيءَ
جهڙي پکيءَ،
جنهن جو عام طور تي ڪوبه نوٽس نٿو وٺي،
ان باري ۾ به اها ڪارائتي ۽ دلچسپ ڄاڻ ڏين ٿا ته هي پکي نيو انگلينڊ کان نڪري يا
هڪ سئو ڏهه ڪلاڪ (يعني چار راتيون ۽ پنج ڏينهن) سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري، ڏکڻ آمريڪا جي سرزمين تي
پهچي ٿو. ان سفر ۾ هي هيٺ به نٿو لهي،
جو هيٺ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ڏسو سندن مضمون ”پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن؟“ سندن مضمون ”پکي
سٺا ناکئا آهن...“ پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ناکئن وانگر دنيا ۾ ٻي پاسي به
پکين کي موسمن جي پيشن گوئي ڪندڙ يا Weather Forecaster سمجهيو وڃي ٿو. سندن مضمون ”پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو پائليٽ ڪري ٿو“
۾ مالمو شهر جي ڊپارٽمينٽل
اسٽور تان ڇانهين جي ٻج جو پاڪيٽ وٺي کائڻ تي ڊئنمارڪ جي ڪئپٽن جو اهو چوڻ ته هي
ٻج پکين لاءِ هوندو آهي ۽ اهو ته سيارو شروع ٿيڻ تي شهر جي اسٽورن تي پکين لاءِ
ٻجن جا پئڪيٽ وڪري لاءِ اچڻ، جيڪي اتي جا نيڪ انسان، ڪن سببن جي ڪري اڏامڻ کان
رهجي ويل پکين کي کارائڻ لاءِ وٺندا آهن، پڙهي دل مان ٿڌو شوڪارو ٿو نڪري ته، ڪاش! هتي به ڪا اهڙي سوچ
پئدا ٿئي. ڀلي ٻج وٺي پکين کي نه به کارايون، رڳو کين تحفظ ۽ امان ڏيون ته
به لک کٽيوسين. هونئن سنڌ جي ذاتي رکن تي ايندڙ پکين لاءِ ٻج ڇٽڻ جي روايت خير
اسان وٽ اڄ به موجود آهي، پر
ان جي پٺيان نيت پکين کي کاڌي کارائڻ جي نه، بلڪه انهن کي هيرائي شڪار ڪري کائڻ جي وڌيڪ هوندي آهي.
سندن اهي مضمون پڙهي پکين جي لڏ پلاڻ جي سببن، وقت ۽ رستن
جي جهڙوڪر مڪمل ڄاڻ ملي ٿي ۽ مختلف پکين جو اصل وطن به معلوم ٿئي ٿو. ان سان گڏ
اها به خبر پوي ٿي ته هو ڪيترا هزار ميل پنڌ ڪري اسان وٽ موسمن ۽ بکن کان پناهه
لاءِ زندگي جي دان لاءِ اچن ٿا، پر
پوءِ به صوفين جي سڏجندڙ سرزمين سنڌ تي کين موت کان سواءِ ڪجهه به نصيب نٿو ٿئي.
شيخ صاحب پنهنجي مضمونن ۾ نه صرف مختلف ملڪن جي شاگردن ۽ پروفيسرن جي ڏنل ڄاڻ انهن
جي نالي سان ڏين ٿا، بلڪه سنڌ جي شاعرن، رپورٽرن ۽ ڪالم نويسن جي لکيل لکڻين
واري ڄاڻ به سندن نالي سان ڏين ٿا. ساڳئي وقت مختلف اخبارن پاران مختلف موضوعن تي
لکين ايڊيٽوريل جا حوالا به تاريخن ۽ اخبارن جي نالن سان ڏين ٿا، ان مان سندن پکين بابت مطالعي سان گڏ سندن قلمي ايمانداريءَ جو پتو به پوي ٿو، نه ته
هتي ته ٻين جا سڄي جا سڄا مضمون به ماڻهو پنهنجي نالي ڪيو ڇپايو ڇڏين، ڪير ٿو پڇي!
ها البته ڪجهه جاين تي پڙهندي ورجاءَ جو شدت
سان احساس ٿئي ٿو، جيڪو ان پاسي ڌيان ڏجي
ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
بهرحال سندن هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ،
پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو
درجو به حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ پکين
متعلق ڪتابن جي سفر کي هن ڪتاب نه صرف اڳتي وڌايو آهي، پر ان سفر کي جهڙوڪر وقت ۽ حالتن مطابق Update به ڪيو آهي.
28 ڊسمبر 2009ع
سانگهڙ
(الطاف شيخ جي تازو ڇپيل ڪتاب پکين جي ديس جو مھاڳ)
No comments:
Post a Comment